ڊاڪٽر احسان دانش
شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ انساني ڪيفيتن جو مانڊاڻ
انساني تاريخ ۾ اهڙا ڪي ٿورا ماڻهو هوندا آهن، جن کي صدين تائين ياد رکيو ويو ويندو آهي. سنڌ جو شاهه اهڙن عظيم انسانن مان هڪ آهي. شاهه لطيف جي شاعريءَ جا ايڏا ته گهڻا رُخَ ۽ رنگ آهن، جو ڪنهن هڪ جي چونڊ ڪرڻ لطيف سائين جي فڪر ۽ فلسفي کي محدود نظر سان ڏسڻ وانگر آهي، ڇوته شاهه لطيف جي شاعري اهڙي پلزم وانگر آهي، جنهن جي هر ڪنڊ مان نئين روشني ۽ نئون رنگ ڦٽي ٿو، ان ڪري پرک جي نگاهه جي هڪ زاويي جي بنياد تي ڀٽائيءَ جي شاعريءَ بابت ڪُلي راءِ قائم ڪرڻ ڪنهن به ريت مناسب ناهي، مگر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته اڄ تائين ڀٽائي جي شاعريءَ سان اڪثر ائين ئي ٿيو آهي، يعني ان کي هر ڪنهن پنهنجي پنهنجي لينس ۾ ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ ائين شاهه جي عالمگير فڪر ۽ فلسفي کي محدود ڪيو ويو آهي. سچ اهو آهي ته مونکي شاهه جون وايون ۽ بيتَ ان موزيڪ آرٽ وانگر ڀاسندا آهن جنهن ۾ ننڍڙن ننڍڙن رنگا رنگ شيشن جي ٽڪرن سان تصويرون ۽ نقش ٺاهيا ويندا آهن. ڀٽائي جي شاعريءَ جي موزيڪ جي هر شيشي ۾ پنهنجي الڳ ڪائنات آهي. ان ۾ زندگيءَ جا انيڪ رنگ ۽ آهنگ آهن. شاهه لطيف انساني جذبن، احساسن ۽ ڪيفيتن کي پنهنجي شاعريءَ ۾ جنهن طرح پينٽ ڪيو آهي، ان جو مثال ملڻ مشڪل آهي. شاهه سائين پنهنجي شاعريءَ ۾ خاص طور عورت جي اندروني احساسن ۽ نفسياتي ڪيفيتن کي ڪمال حسناڪيءَ سان چٽيو آهي. هڪ پاسي مومل جي تڙپ ۽ انتظار جون ڪيفيتون آهن ته ٻئي پاسي سهڻيءَ جي لُڇ ۽ تڙپَ جا احساس. هڪ طرف وڻجارن جي ونين جي اندر ۾ وهمن، وسوسن ۽ خوف جون ڪيفيتون سمنڊ جيان ڇلندي محسوس ٿين ٿيون ته ٻئي پاسي سورن ۾ سامايل سسئي درد جي پاهڻن تي پنڌ ڪري پنهنجا پير پٿون ڪري ٿي ۽ پل پل سندس من ۾ انيڪ احساس ۽ ڪيفيتون ڪَرُ کڻي جاڳن ٿيون. ائين مڻي تي موهيل ليلا جي لالچ کان پوءِ سندس من ۾ پيدا ٿيندڙ احساسِ ندامت، پڇتاءُ ۽ آزيون نيزاريون ڪرڻ توڙي نوريءَ جي نماڻائي ۽ نئڙت مان ڪيئي انساني ڪيفيتون اڀري اچن ٿيون جن کي شاهه سائين پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪمال هنر سان پيش ڪيو آهي. مارئي جڏهن عمر جي ڪوٽ ۾ باندياڻي بڻجي ٿي ته هر وقت سندس مَنُ مارن لاءِ ملول رهي ٿو. هوءَ پنهنجي اندر کي وطن جي ڪکن ۽ مارن جي سارَ کان ڌار نه ٿي ڪري سگهي. ڀٽائي هن جي اندر جي ڪيفيتن ۾ جهاتي پائي چوي ٿو:
بَندي ٻِيا قرارِ، اسِين لوچُون لوهَ ۾؛
مٿي تَنَ ترارَ، سدا سانڀِيڙَنِ جي.