شاهه جو رسالو

Friday, 8 August 2025

شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ انساني ڪيفيتن جو مانڊاڻ ــ ڊاڪٽر احسان دانش (Dr. Ahsan Danish)

ڊاڪٽر احسان دانش

شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ انساني ڪيفيتن جو مانڊاڻ



انساني تاريخ ۾ اهڙا ڪي ٿورا ماڻهو هوندا آهن، جن کي صدين تائين ياد رکيو ويو ويندو آهي. سنڌ جو شاهه اهڙن عظيم انسانن مان هڪ آهي. شاهه لطيف جي شاعريءَ جا ايڏا ته گهڻا رُخَ ۽ رنگ آهن، جو ڪنهن هڪ جي چونڊ ڪرڻ لطيف سائين جي فڪر ۽ فلسفي کي محدود نظر سان ڏسڻ وانگر آهي، ڇوته شاهه لطيف جي شاعري اهڙي پلزم وانگر آهي، جنهن جي هر ڪنڊ مان نئين روشني ۽ نئون رنگ ڦٽي ٿو، ان ڪري پرک جي نگاهه جي هڪ زاويي جي بنياد تي ڀٽائيءَ جي شاعريءَ بابت ڪُلي راءِ قائم ڪرڻ ڪنهن به ريت مناسب ناهي، مگر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته اڄ تائين ڀٽائي جي شاعريءَ سان اڪثر ائين ئي ٿيو آهي، يعني ان کي هر ڪنهن پنهنجي پنهنجي لينس ۾ ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ ائين شاهه جي عالمگير فڪر ۽ فلسفي کي محدود ڪيو ويو آهي. سچ اهو آهي ته مونکي شاهه جون  وايون ۽ بيتَ ان موزيڪ آرٽ وانگر ڀاسندا آهن جنهن ۾ ننڍڙن ننڍڙن رنگا رنگ شيشن جي ٽڪرن سان تصويرون ۽ نقش ٺاهيا ويندا آهن. ڀٽائي جي شاعريءَ جي موزيڪ جي هر شيشي ۾ پنهنجي الڳ ڪائنات آهي. ان ۾ زندگيءَ جا انيڪ رنگ ۽ آهنگ آهن. شاهه لطيف انساني جذبن، احساسن ۽ ڪيفيتن کي پنهنجي شاعريءَ ۾ جنهن طرح پينٽ ڪيو آهي، ان جو مثال ملڻ مشڪل آهي. شاهه سائين پنهنجي شاعريءَ ۾ خاص طور عورت جي اندروني احساسن ۽ نفسياتي ڪيفيتن کي ڪمال حسناڪيءَ سان چٽيو آهي. هڪ پاسي مومل جي تڙپ ۽ انتظار جون ڪيفيتون آهن ته ٻئي پاسي سهڻيءَ جي لُڇ ۽ تڙپَ جا احساس. هڪ طرف وڻجارن جي ونين جي اندر ۾ وهمن، وسوسن ۽ خوف جون ڪيفيتون سمنڊ جيان ڇلندي محسوس ٿين ٿيون ته ٻئي پاسي سورن ۾ سامايل سسئي درد جي پاهڻن تي پنڌ ڪري پنهنجا پير پٿون ڪري ٿي ۽ پل پل سندس من ۾ انيڪ احساس ۽ ڪيفيتون ڪَرُ کڻي جاڳن ٿيون. ائين مڻي تي موهيل ليلا جي لالچ کان پوءِ سندس من ۾ پيدا ٿيندڙ احساسِ ندامت، پڇتاءُ ۽ آزيون نيزاريون ڪرڻ توڙي نوريءَ جي نماڻائي ۽ نئڙت مان ڪيئي انساني ڪيفيتون اڀري اچن ٿيون جن کي شاهه سائين پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪمال هنر سان پيش ڪيو آهي. مارئي جڏهن عمر جي ڪوٽ ۾ باندياڻي بڻجي ٿي ته هر وقت سندس مَنُ مارن لاءِ ملول رهي ٿو. هوءَ پنهنجي اندر کي وطن جي ڪکن ۽ مارن جي سارَ کان ڌار نه ٿي ڪري سگهي. ڀٽائي هن جي اندر جي ڪيفيتن ۾ جهاتي پائي چوي ٿو:

بَندي ٻِيا قرارِ، اسِين لوچُون لوهَ ۾؛

مٿي تَنَ ترارَ، سدا سانڀِيڙَنِ جي.

شاهه لطيف جي اڄ جي دور ۾ اهميت ــ ڊاڪٽر احسان دانش (Dr. Ahsan Danish)

 

ڊاڪٽر احسان دانش


شاهه لطيف جي اڄ جي دور ۾ اهميت

 

شاهه لطيف عظمت جي حقيقي معنا ۾ سنڌ جو اڪيلو عظيم انسان آهي. ان دعوا جا انيڪ دليل آهن. هو سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جو محسن آهي. شاهه سائين ماضي، حال ۽ مستقبل جو شاعر آهي، تنهن ڪري اسان چوندا آهيون ته شاهه لطيف هر دور جو شاعر آهي. ڀٽائيءَ جو ڪلام اهڙو وکر آهي، جيڪو ڪڏهن پئي پراڻو نه ٿيڻو آهي، ڇوته لطيف سائين جو فڪر زمان ۽ مڪان جي حدن کان ماورا آهي. هن جي شاعريءَ جون جاگرافيائي حدون گهڻو ڪري سنڌ تائين محدود آهن ۽ هن جا اڪثر ڪردار به سنڌ ڌرتيءَ جي ڪُک مان ڄايل آهن پر هن جي تخيل جي ڪائنات نهايت وسيع آهي. شاهه لطيف کي ڪو وڏو ادبي ورثو نه مليو پر تنهن جي با وجود هن سنڌي شاعريءَ جي جهان ۾ نئين جوت پيدا ڪئي، ڪجهه نيم ڪلاسيڪي داستانن جي بنياد تي هن جنهن طرح پنهنجي ڪلام جي پيڙه رکي، ان کي اڄ تائين وقت جو ڪو طوفان ميٽي نه سگهيو آهي.



شاهه لطيف جي شاعريءَ جي خيال، تصور ۽ تفڪر جي زمين نهايت زرخيز آهي. "ڀٽائي سائين جي شاعري اڄ به ڇو اھم آھي؟" يا "موجوده وقت ۾ سندس ڪلام جو ڪارج ڪهڙي آهي؟" جهڙا سوال ڏاڍا اهم آهن. منهنجي اها دعوا ٺلهي دعوا ناهي ته ڀٽائي جو ڪلام ڪڏهن پئي پراڻو ٿيڻو ناهي. منهنجي دعوا پٺيان دليلن جي قطار آهي. پر سڀ کان اهم ڳالهه هي آهي ته لطيف سائين ’سماج جي زنده قدرن جو شاعر آهي.‘ اهي قدر جيڪي ٽي سو سالن بلڪه صدين کان سنڌي سماج جو ورثو رهيا آهن. اهي قدر جيڪي سماجي تبديلي(Social Change) جو بنياد آهن، جن وسيلي سماجَ اڳتي وڌندا آهن. اهڙن قدرن ۾ پورهيو (محنت)، انسان دوستي، سجاڳي، جستجو، رواداري وغيره شامل آهن. لطيف سائين پنهنجي لطيف ڪلام ۾ سماجي ترقيءَ لاءِ  انهن ۽ اهڙن انيڪ  قدرن جو ڪارج بيان ڪندي پنهنجي شاعريءَ کي امر بڻايو آهي. لطيف سائين امن ۽ انسانيت جو شاعر آهي ۽ هن وقت دنيا جي سمورن خلفشارن جو حل ‘امن’ آهي. لطيف سائين ٽي سو سال اڳي "دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين" چئي نه رڳو  پنهنجي فڪر جو جوهر پيش ڪيو، پر عالمي امن ۽ سلامتي جي خواهش به ڏيکاري. ڀٽائي جي ڳالھه اتي پوري نه ٿي ٿئي پر هو اڄ جي انسان کي امن، خوشحالي ۽ ترقي لاءِ رستا به ٻڌائي ٿو. لطيف سائين جي شاعري رڳو "واٽون ويهه ٿيام... " ناهي هن وٽ "هو چوني تون مَ چئه..." واري حڪمت عملي به آهي ته "هڻ ڀالا وڙهه ڀاڪرين" واري مزاحمت به آهي.