شاهه جو رسالو

Friday, 2 October 2020

ڀٽائي جي انقلابي عمرانيات ــ خادم بالادي (Khadim Baladi)

 

خادم بالادي


 

ڀٽائي جي انقلابي عمرانيات 

 

انساني تاريخ م عمل هڪ اهڙي وٿ رهيو آهي ،جنهن  ذريعي ڌرتي جي گولي تي وسندڙ انسان، فطري جبريت، کان وٺي ،سماجي جبريت تائين پنهنجي اختيار کي استعمال ڪري خود مختيار حثيت م زندگي گذارڻ جي تمنا پئي ڪئي آهي.

حقيقت ۾ انساني تاريخ ،جتي طبقاتي ڪشمڪش جي تاريخ آهي ساڳي وقت اها عمل ذريعي تحرڪ ۽ تغير جي تاريخ پڻ رهي آهي ، انساني تاريخ جي ارتقا، ان جو اوج،ان جي انتها،هڪ تسلسل ۾ ٿيندڙ واقعن جي ڪڙي آهي ،انهن واقعن جو ٿيڻ .ڪو امڪاني لقاء نه پر انساني عمل جي مادي تعبير آهي ،حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته انسان  ڪره ارض تي پنهنجي جياپي کي آسان ۽ فطري حالتن مطابق سازگار بنائڻ لاءمسلسل فڪري ۽ نظرياتي ۽ عملي ويڙه وڙهندو پيو اچي .جنهن جو ڦل انسان کي ملندو پيو اچي ، موجوده دور جا اسريل معاشره انسان جي اهڙي فڪري ، نظرياتي، ۽ عملي جستجو جو ڦلدائڪ نتيجو آهن .انسان جو عمل ۽ ادراڪ جي بنيا د تي اڳتي وڌڻ معاشري جي بهتري ، سٺائي لاء پاڻ پتوڙڻ نا انصافي، استحصال، ڦرلٽ ،پرماريت خلاف مسلسل عمل ۾ رهڻ جو بنياد اهي علمي ۽ فڪري جنگيون آهن ،جيڪي انسان پنهنجي ابتدائي معاشرتي حالتن ۾وڙهيون ،

انسان جي جنگ فطرت خلاف........ زرعي انقلاب تائين انسان جي سامهون صرف هڪ ئي جنگ هئي فطرت خلاف جنگ ،ان وقت جو انسان پنهنجي ذات جي تحفظ لاء فطرت جي ڪهري قوتن آڏو نبرد آزما ٿيندو رهيو فطرت خلاف مسلسل ويڙه ۾ انسان کي جيڪو شعور فطرت مليو انهي انسان کي فطرت تي فتح ڏياري . شعور فطرت انسان جي فطرت خلاف ويڙه ۾عظيم فتح هئي

ڀٽائيءَ جي نشانين کي صدين کان سانڍي رکندڙ ڳوٺاڻا ــ نواز ڪنڀر (Nawaz Kunbhar)

نواز ڪنڀر

 ڀٽائيءَ جي نشانين کي صدين کان سانڍي رکندڙ ڳوٺاڻا

 

 

ڀٽائي سرڪار جا جتي جتي به تڪيا آهن، انهن ۾ تعلقي ٽنڊي آدم جي يوسي ماڻڪ ٿهيم، ديهه وداداڻي، تپو ڀٽ ڏنو ۾ ڳوٺ غلام علي نظاماڻي وارا يقيناً خوش نصيب مريد چئبا جو وٽن ڀٽائي سرڪار جي ڪرڙ کان علاه جُتي ۽ ٽوپي پڻ موجود آهن، جيڪي هو پيڙهين کان ساهه ۾ سانڍيو اچن. لانڍي-ٽنڊو آدم روڊ تي لانڍي کان چار پنج ڪلوميٽرن تي ۽ روڊ کان ميل کن الهندي گهاٽن کٻڙن ۾ گهيريل هن ڳوٺ ۾ ڀٽائي جو ڪرڙ به هو، جنهن هيٺ ڀٽائي ايندي ويندي ويهندو هو، جنهن جي ڪري ڳوٺ غلام علي نظاماڻي وارا نظاماڻي، مشهور ئي ڪرڙائي نظاماڻي طور ٿيا.

ڀٽائي جي جُتي ۽ ٽوپي جي هتي هجڻ جي حقيقت هن ريت آهي ته هتي جي مريدن ڀٽائي سرڪار جي ٽوپي ۽ جُتي کي پراڻو محسوس ڪندي کين جڏهن نئين ٽوپي ۽ جُتي پيش ڪئي ته ڀٽائي سرڪار پنهنجي پراڻي جُتي ۽ ٽوپي هنن کي ڏئي ڇڏي. اها ٽوپي هيٺيان کان گول، مٿان سوڙهي ٿيندڙ، محراب وانگر، سائي ڪپڙي مٿان ڦڪن ڌاڳن جي خوبصورت ڀرت سان ڀريل آهي. ٽوپي ايڏي وڏي نه پر درمياني آهي، جنهن مان مٿي جي ماپ جو اندازو ۽ ڀٽائي جي جُتي ڏسي سندس ننڍي ۽ سنهي پير جو اندازو به آساني سان ڪري سگهجي ٿو. اها ڳالهه ڀٽائي جي تصوير پورٽريٽ ٺاهيندڙن کي ضرور ڌيان ۾ رکڻ گهرجي. ڀٽائي جي جُتي انتهائي نفيس ۽ خوبصورت ٽوپَي سان ڏاڍي زبردست ٺهيل آهي. حالانڪه سنڌ ۾ ان وقت کان ويجهي ماضي تائين اڪثريت گهيتلي (جتي جو هڪ قسم) کان ئي ڪم هلائيندي رهي آهي، پر هيءَ جُتي گهيتلي کان گهڻو مٿي آهي. ٽي سئو سال کن اڳ ڏنل پراڻي ٽوپي جي مختلف قسمن کي ڏسي ڏسندو ئي رهجي وڃڻ تي دل چوي ٿي. جُتي مٿي ڊزائين لاءِ ڳاڙهي رنگ واري ٽوپَي کي ڏسي هر ڪو دنگ رهجيو وڃي. ساڳي نموني جُتي جي اڳئين توڙي پٺين حصي جي بناوت ڏسي جُتي ٺاهڻ واري کي دل سان داد ڏيڻ تي دل چوي ٿي ته ڀٽائي جي ذوق کي به داد ڏيڻ کانسواءِ رهي نٿو سگهجي.