شاهه جو رسالو

Monday, 10 August 2015

شاهه جي رسالي ۾ گرامر ۽ اعرابن جو جائزو ــ استاد لغاري (Ustad Lighari)

استاد لغاري


ڪافي سالن کان، اها ڳالهه محسوس ٿيندي پيئي اچي، ته هڪ اهڙو ”شاهه جو رسالو“ ترتيب ڏيڻ گهرجي، جنهن ۾ زيرن - زبرن سان گڏ، گرامر جي نشانين جو مڪمل طور استعمال ٿيل هجي، ته جيئن شاهه جي ڪنهن به شعر، ان جي سٽ يا لفظن جي صحيح معنيٰ کي سمجهڻ ۾ وڌيڪ آساني ٿئي.
        ٻوليءَ جي اچارڻ، ڳالهائڻ، لکڻ، پڙهڻ ۽ ان کي صحيح طور سمجهڻ لاءِ، گرامر جي نشانين جو هجڻ نهايت لازمي هوندو آهي. دنيا جي هر ٻوليءَ وانگر، سنڌي ٻوليءَ جو گرامر به ان وقت کان ئي موجود آهي، جڏهن کان هيءَ ٻولي وجود ۾ آئي آهي. ٻوليءَ ۾ گرامر جو استعمال ايئن هوندو آهي، جيئن کاڌي ۾ لوڻ. اگر کاڌي (طعام) ۾ لوڻ گهٽ وڌ هوندو يا بنهه هوندو ئي ڪونه، ته کائڻ - پيئڻ جو ذائقو ئي ختم ٿي ويندو. اهڙيءَ طرح ٻوليءَ جو مقصد ۽ مفهوم به، ان وقت ئي پوري طرح سمجهه ۾ اچي سگهندو، جڏهن گفتگوءَ ۾، يا لکيل عبارت ۾، گرامر جو پورو پورو استعمال ٿيل هوندو. سنڌي ٻوليءَ جي، ان گرامري قاعدي کي، سنڌي اصطلاح ۾ ”وياڪرڻ“ چئجي ٿو.
گرامر جون ڪجهه مشهور نشانيون هيٺين ريت آهن.
(  ،   )         ٿورو دم  . (هن کي ڪامان پڻ چئبو آهي)
(   ؛   )               اڌ دم (سيمي ڪولن)
(   .   )               پورو دم . (انگريزي ۾ فل اسٽاپ)
(   :   )               دم (ڪولن يا وقف شارح.)
(   !   )               عجب جي نشاني. (حرف ندا)
(   ؟    )              سواليه نشاني. (استفهام)
(     )              واڪ جون نشانيون (ايڪوڻيون)
(   )                واڪ جون نشانيون. (ٻٽيون)
( : -  )                ٻه ٻڙيون ليڪ
(   -  )                هائفن . (ڳنڍيل لفظ ڏيکارڻ)
( ..... )                ڊيش. (جاري ڏيکارڻ يا هلندڙ)
(    /   )              آبليڪ
(         )             ننڍيون ڏنگيون.
}      {               وچيون ڏنگيون.
]       [               وڏيون ڏنگيون.
        اهڙي طرح اعرابن جون جيڪي نشانيون آهن، اهي به هيٺ ڏيکارجن ٿيون :
(    بَ     )   زبر
(    بِ     )   زير
(    بُ     )   پيش
( بّ        )   شد
(      آ      )         مد
         (    ۡ   )              جزم
(      ٰ      )  کڙي زبر (ڪنهن به اکر جي مٿان ايندي.  مثال:  اعليٰ ، ادنيٰ وغيره )
(      ٰ      )  کڙي زير (ڪنهن به اکر جي هيٺيان ايندي.  مثال:   اُهي، جيڪي وغيره)
(     =    )   دو زبر (مثال :  غالباً،  ايضاً)
(     =    )   دو زير (مثال:  پاڻ، مان)
(     اا    )    دو کڙي زير ( مثال :   ۽ ،  ۾)
(   ُ‘       )   دو پيش (مثال:  آءٌ‘، آڱرِي ُ‘)
       
        هتي هڪ فرضي جملو ڏيکارجي ٿو،  جيڪو فقط ٿوري دم ( ، ) جي هڪ ننڍڙي نشانيءَ جي، اڳتي - پوئتي ٿيڻ سان، هاڪاري مان ناڪاري، يا ناڪاري مان وري هاڪاري صورت ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو. جملو هيءُ آهي:
] کيس روڪيو نه ڇڏيو[
هاڪاري صورت (کيس روڪيو نه، ڇڏيو.)
ناڪاري صورت (کيس روڪيو، نه ڇڏيو.)
        هن جملي ۾ ”نه“ کان پوءِ ڪامان (،) ڏجي ته جملو اجازت ڏئي ٿو، ۽ چوي ٿو ”هن کي اجازت آهي، کيس ڇڏي ڏيو“. پر جيڪڏهن هن جملي ۾ ”روڪيو“  کان پوءِ ڪامان (،) ڏجي ته جملو منع ڪر ي ٿو، ۽ چوي ٿو ”هن کي نه ڇڏيو، کيس روڪيو.“
        اهڙيءَ طرح شاهه جي رسالي جي، ڪنهن به شعر يا ان جي سٽ ۾، گهربل جاءِ تي، مناسب گرامر جي نشاني نه ڏيڻ سان، شعر توڙي ان سٽ جي معنيٰ ئي مبهم ٿي ويندي، يا ايئن کڻي چئجي ته معنيٰ ئي فوت ٿي ويندي.
        شاهه جا رسالا، شاهه جي زماني کان وٺي، اڄ تائين لکبا ۽ شايع ٿيندا پيا اچن، پر آڳاٽي زماني ۾، سنڌي ٻوليءَ جي الفابيٽ (سنڌي لپي) ڪا واضح ڪانه هوندي هئي. ج، ڄ، ڃ، چ، ڇ، ک، گ، ڳ، گهه ۽ ڱ وغيره جي سڃاڻ سٽ، جملي، يا عبارت مان ٿيندي هئي. انڪري اوائلي دور وارا لکيل شاهه جا رسالا، پڙهڻ ۽ سمجهڻ، اسان لاءِ ڏاڍا مشڪل ثابت ٿين ٿا. ٻيو هيءُ ته اوائلي دور وارا لکيل شاهه جا رسالا، انهن ۾ گرامر جي نشانين جو استعمال بنهه ئي گهٽ، بلڪه نه هئڻ جي برابر هوندو هو. توڙي جو اوائلي دور جا استاد ۽ عالم سڳورا، پنهنجي درسگاهن ۾، طالب علمن کي، سهڻن اکرن لکڻ ۽ گرامر (صرف ونحو) جي ڄاڻ ڏيڻ تي، وڌيڪ ڌيان ۽ زور ڏيندا هئا.
        اوائلي يا وچين دور وارا لکيل شاهه جا رسالا، جيڪي گهڻو ڪري ”گنج“ يا ”قلمي نسخا“ سڏجن ٿا، انهن ۾ گرامري نشانيون ۽ اعرابون هجڻ يا نه هجڻ بابت، هتي بحث نه ڪيو ويندو، هتي فقط وچين ۽ هاڻوڪي دور جي ڇاپي رسالن کي ئي، تقابلي جائزي ۾ بحث هيٺ آڻجي ٿو، جيڪي سن 1900ع يا ان کان پوءِ پرنٽنگ پريسز تي شايع ٿيل آهن.
        1866ع واري، ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ صاحب جي ڇاپي نسخي يا بمبئي ڇاپن کي، انڪري هتي شامل نه ڪيو ويو آهي، جو اهي رسالا گرامر جي نشانين کان آزاد شايع ٿيل آهن. هتي، رسالي جي جن ڏهن ڇاپي نسخن کي، گرامر جي نشانين ۽ اعرابن بابت تقابلي جائزي لاءِ منتخب ڪيو ويو آهي، انهن جا نالا، سن ۽ تخفيفون هيٺين ريت آهن:

نمبر

تخفيف

نسخي جو نالو / ڪنهن وارو نسخو؟
ڇپجڻ جو سال
1.
شوڪيرام
تاراچند شوڪيرام
1900ع
2.
قليچ
مرزا قليچ بيگ
1913ع
3.
گربخشاڻي
هوتچند مولچند گربخشاڻي
1923ع
4.
شاهواڻي
غلام محمد شاهواڻي
1950ع
5.
قاسمي
علامه غلام مصطفيٰ قاسمي
1951ع
6.
ڏيپلائي
محمد عثمان ڏيپلائي
1951ع
7.
آڏواڻي
پروفيسر ڪلياڻ آڏواڻي
1958ع
8.
آءِ آءِ
علامه آءِ آءِ قاضي
1961ع
9.
جنجهي
سگهڙ حاجي الهداد جنجهي
2008ع
10.
بلوچ
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
2009ع
        هن مقالي ۾، رسالي جي، جن ڏهن سٽن کي، گرامر ۽ اعرابن جي  تقابلي جائزي ۾ شامل ڪيو ويو آهي، اهي هن ريت آهن:
        1.      اَوّلُ، اَللهُ، عَلِيمُ، اَعليٰ ، عالَمَ جو ڌَڻِي،                         (سـُـرڪلياڻ)
        2.      هَئي! هَئي! وَهي هاءِ ! مَنَ ۾ مَحبـُـوبَنِ جِي،                  (سـُـر يمن)
        3.      وَڃِين ڇو وَڻِڪارِ؟ هِتِ نَه ڳولِيين هوتَ کي؟                   (سـُـر آبري)
        4.      آءُ لانگوٽِيا لالَ! ڪِنهِه پَرِ ڏِٺِيـُـئِي گـُـجَرِيـُـون؟                  (سـُـر راڻو)
        5.      ڍولا ! ڍيلِ مَ مـُـون، ڪانڌَ! ڪَمِيڻِي آهِيان،                   (سـُـر لِيلا)
        6.      پَکَنِ پوءِ پَچارَ  ”اَڄُ تَماچِي آئِيو“،                             (سـُـر ڪاموڏ)
        7.      اَلوِداعُ! وو! اَلوِداع! جانِئان ڪِئڙَئِي جـُـدا.                      (سـُـر سورٺ)
        8.      ويٺِي چوءِ :  ” اَللهُ ! مـُـون تي مِٽَر نَه موٽِئا“.                  (سـُـر مارئي)
        9.      ” ڪَڙِ! ڪَڙِ! “ ڪـُـنَ! مَ وَڄُ ، ٻانڌِي ٻوڙِ مَ ٻارِ ۾،           (سـُـر سهڻي)
        10.    دوستَ! تـُـون دِلدارَ! عالَمُ سَڀُ آبادُ ڪَرِين.                    (سـُـر سارنگ)
تـــقــــابــلي جــــائزو:


نمبر

تخفيف

سٽ
صفحو نمبر
1.
شوڪيرام
(دستياب رسالي جي متن جو پهريون ورق ضايع ٿيل آهي)
-
2.
قليچ
اول الله  عليم ، اعليٰ ، عالم جو ڌڻي،
1
3.
گربخشاڻي
اَوَلِ ، اَللهُ ، عَلِيم ، اَعليٰ ، عالَم جو ڌڻِي،
97
4.
شاهواڻي
اَوَلِ ، اَللهُ ، عَلِيمُ ، اَعليٰ ، عالَمَ جو ڌَڻِي،
45
5.
قاسمي
اَول ، اَلله عليم ، اعليٰ ، عالم جو ڌڻي،
33
6.
ڏيپلائي
اول الله عليم ، اعليٰ ، عالم جو ڌڻي ،
1
7.
آڏواڻي
اَول الله عَلِيمُ ، اعليٰ ، عالَمَ جو ڌڻي،
1
8.
آءِ آءِ
اَولِ اَ لله ، عَليم ، اَعلي ، عالَمَ جو ڌڻِي،
1
9.
جنجهي
اَول ، الله ، عَلِيمُ ، اَعليٰ عالم جو ڌڻي،
33
10.
بلوچ
اوَلِ اَللهُ عَلِيمُ ، اَعليٰ عالَمَ جو ڌَڻِي
47

1.
شوڪيرام
هَي هَي وَهي هاءِ، مَنَ ۾ محبوبن جِي ،
23
2.
قليچ
هَي هَي وَهي هاءِ، مَنَ ۾ محبوبن جي،
27
3.
گربخشاڻي
هَيءِ هَيءِ ! وَهي هاءِ، مَنَ ۾ محبوبنِ جِي!
109
4.
شاهواڻي
هَيءِ هَيءِ ! وَهي هَاءِ، مَنَ ۾ محبوبَنِ جِي !
85
5.
قاسمي
هَي هَي وَهي هاءِ، مَنَ ۾ محبوبن جي،
58
6.
ڏيپلائي
هيءِ هيءِ وهي هاءِ، من ۾ محبوبن جي،
09
7.
آڏواڻي
هَيءِ هَيءِ ! وَهي هاءِ ، مَنَ ۾ محبوبنِ جِي !
16
8.
آءِ آءِ
هَئي هَئي ! وَهي هاءِ، مَنَ ۾ محبوبن جِي،
28
9.
جنجهي
هَي هَي وَهي هاءِ، مَن ۾ محبوبن جي،
43
10.
بلوچ
هَي هَي وَهي هاءِ، مَنَ ۾ مَحبوبنِ جي
70

1.
شوڪيرام
وڃين ڇو وڻڪارِ، هت نه ڳولئين هوت کي،
189
2.
قليچ
وڃين ڇو وڻڪار، هت نه ڳولئين هوت کي ،
252
3.
گربخشاڻي
وڃين ڇو وڻڪارِ؟ هِتِ نه ڳولِيين هوتَ کي؟
194
4.
شاهواڻي
وڃين ڇو وَڻِڪارِ؟ هِتِ نه ڳولِيين هوتَ کي؟
357
5.
قاسمي
وڃين ڇو وَڻڪار؟ هت نه ڳولئين هوت کي؟
265
6.
ڏيپلائي
وڃين ڇو وڻڪار، هت نه ڳولين هوت کي؟
77
7.
آڏواڻي
وَڃِين ڇو وَڻِڪارِ؟ هِتِ نه ڳولِئين هوتَ کي،
121
8.
آءِ آءِ
وڃين ڇو وَڻڪارِ، هِتِ نهَ ڳولِيين هوتَ کي،
401
9.
جنجهي
وَڃين ڇو وَڻڪار، هِت نه ڳَولِين هُوت کي،
146
10.
بلوچ
وَڃين ڇو وَڻڪارِ، هِتِ نه ڳولِين هوتَ کي
178
1.
شوڪيرام
آءُ لانگوٽيا لعلَ ، ڪنهنپر ڏٺَئي گــُجَرِيــُون،
393
2.
قليچ
آءُ لانگوٽيا لعلَ، ڪنهنپر ڏٺئي گــُـجـُـريــُون،
524
3.
گربخشاڻي
آءُ لانگوٽِيا لالَ ! ڪِهِه پَرِ ڏِٺِــُيءِ گــُجَرِيــُون ؟
299
4.
شاهواڻي
آءُ لانگوٽِيا لالَ ، ڪِهِه پَرِ ڏِٺِــُيءِ گــُجَرِيــُون ؟
659
5.
قاسمي
آءُ لانگوٽِيا لعلَ ! ڪنهنپر ڏٺئي گـُـجرِيـُـون
514
6.
ڏيپلائي
آءُ لانگوٽيا لعل ، ڪنهنپر ڏٺئي گجرين،
172
7.
آڏواڻي
آءُ ، لانگوٽِيا لالَ ! ڪَنهن پَرِ ڏِٺِــُيءِ گـُـجَرِيـون؟
247
8.
آءِ آءِ
آءُ، لانگوٽِيا لالَ ! ڪِنهن پَرِ ڏٺـُئِي گـُـجَرِيـُـون،
591
9.
جنجهي
آءٌ لانگوٽيا لعل ، ڪنهن پر ڏِٺئي گـُـجِريون،
297
10.
بلوچ
آءُ لانگوٽِيا لالَ ، ڪِنهِه پَرِ ڏٺِيـَـهءِ گـُـجَريون
253

1.
شوڪيرام
ڍولا ڍيلِ مَ مون، ڪانڌَ ڪميني آهيان،
486
2.
قليچ
ڍولا ڍيل مَ مون ، ڪانڌ ڪميني آهيان،
660
3.
گربخشاڻي
ڍولا !ڍيلِ مَ مون ، ڪانڌَ ! ڪميڻِي آهيان،
297
4.
شاهواڻي
ڍولا ! ڍيلِ مَ مـُـون ، ڪانڌَ ! ڪمِيڻِي آهِيان ،
644
5.
قاسمي
ڍولا ڍيل مَ مون ، ڪانڌَ ڪميني آهيان،
631
6.
ڏيپلائي
ڍولا ڍيل م مون، ڪانڌ ڪميني آهيان،
218
7.
آڏواڻي
ڍولا ! ڍيلِ مَ مـُـون، ڪانڌَ ! ڪَمِيڻِي آهِيان،
242
8.
آءِ آءِ
ڍولا ! ڍيلِ مَ مـُـون، ڪانڌَ ! ڪَمِيڻي آهِيان،
585
9.
جنجهي
ڍولا ڍَيل مـُـون ، ڪانڌ ڪَمِيني آهيان،
379
10.
بلوچ
ڍولا ڍيل مَ مـُـون، ڪانڌَ ڪَميڻِي آهِيان
276




1.
شوڪيرام
پَکـَـنِ پوءِ پـَـچارَ ، اَڄ تماچي آئِيو ،
646
2.
قليچ
پَکن پوءِ پَچارَ ، اَڄ تماچي آئيو ،
906
3.
گربخشاڻي
پَکَنِ پوءِ پچارَ : ” اَڄُ تَماچِي آئِيو“ ،
352
4.
شاهواڻي
پَکنِ پوءِ پَچارَ : ” اَڄُ تَماچِي آئِيو“ ،
814
5.
قاسمي
پَکنَ پوءِ پَچارَ  ” اَڄ تماچِي آئِيو“ ،
850
6.
ڏيپلائي
پکن پوءِ پچار ، اَڄ تماچي آئيو ،
301
7.
آڏواڻي
پَکَنِ پوءِ پَچارَ :   اَڄُ تَماچِي آئِيو“ ،
310
8.
آءِ آءِ
پَکَنِ پوءِ پَچارَ :   اَڄُ تَماچِي آئِيو“،
350
9.
جنجهي
تڙ تماچي آئيو، پَکن پَئِي پَچَار ،
522
10.
بلوچ
پَکَنِ پوءِ پَچَارَ ، اَڄُ تَماچِي آئِيو
284




1.
شوڪيرام
اَلوداعُ ، وو الوداع ، جانيان ڪِيَڙُئي جـُــدا ،
343
2.
قليچ
الوداعُ ، وو الوداع ، جانيان ڪِيڙئي جـُــدا،
451
3.
گربخشاڻي
اَلــۡـوِداع  ! وو ! اَلوِداع ! وو ! اَلوِداع ! جانِي ڪِئوءِ جـُـدا،
365
4.
شاهواڻي
اَلۡوِداع  ! وو ! اَلۡوِداع ! وو ! اَلۡوِداع ! جانِي ڪِئوءِ جـُــدا،
853
5.
قاسمي
اَلوداعُ ! وو الوداع ! جانيان ڪِيَڙُئي جـُــدا،
445
6.
ڏيپلائي
الوداع، وو الوداع، جانيان ڪيڙئي جدا،
144
7.
آڏواڻي
اَلۡوِداعُ، وو ! اَلۡوِداعُ، جانِي ڪَيوءِ جـُــدا،
324
8.
آءِ آءِ
اَلۡوِداع ! وو ! اَلۡوِداع ! وو ! الوداع! جانِي ڪِيوءِ جُدا،
107
9.
جنجهي
اَلوَداعَ اَلوِدَاعَ ، هَي اَلوِدَاع، جاني ٿيڙو جدا،
269
10.
بلوچ
اَلوداع وو اَلوداع ! جانئان ڪِئڙَئِي جــُـدا
293




1.
شوڪيرام
ويٺي چوءِ الله ، مونتي مِٽَ نه موٽيا.
579
2.
قليچ
ويٺي چوءِ الله ، مونتي مٽ نه موٽيا .
804
3.
گربخشاڻي
ويٺِي چوءِ  :   اللهُ ، مون تي مِٽَ نه موٽيا! “
325
4.
شاهواڻي
ويٺِي چوءِ :  ” الله ، مـُـون تي مِٽَ نهَ موٽِيا ! “
736
5.
قاسمي
ويٺِي چوءِ ، الله ، مـُـون تي مِٽَ نه موٽِيا .
758
6.
ڏيپلائي
ويٺي چوءِ الله ، مون تي مٽ نه موٽيا .
269
7.
آڏواڻي
ويٺِي چوءِ الله ، ” مـُـون تي مِٽَ نَه موٽِيا! “
277
8.
آءِ آءِ
ويٺِي چوءِ : ” اللهُ ، مون تي مِٽَ نَه موٽِيا ! “
717
9.
جنجهي
ويٺي چوءِ الله ، مون تي مِٽ نه موٽيا .
446
10.
بلوچ
ويٺِي چوءِ الله َ، مون تي مِٽَر نه موٽِئا.
355




1.
شوڪيرام
ڪَڙِ ڪَڙِ ڪـُـن م وَڄُ، ٻانڌي ٻوڙ م ٻارِ ۾،
119
2.
قليچ
ڪَڙِ ڪَڙِ ڪـُـن مَ وَڄُ، ٻانڌي ٻوڙ م ٻارِ ۾،
154
3.
گربخشاڻي
ڪَڙِ ڪَڙِ ، ڪـُـنَ ! مَ وَڄُ ، ٻانڊِي ٻوڙِ مَ ٻارِ ۾ ،
169
4.
شاهواڻي
ڪَڙِ ڪَڙِ ، ڪـُـنَ ! مَ وَڄُ ، ٻانڊِي ٻوڙِ مَ ٻارِ ۾،
275
5.
قاسمي
ڪَڙِ ڪَڙِ ڪـُـنَ ! مَ وَڄُ، ٻانڌي ٻوڙ م ٻارِ ۾،
178
6.
ڏيپلائي
ڪڙ ڪڙ ڪن م وڄ، ٻانڌي ٻوڙ م ٻار ۾.
46
7.
آڏواڻي
ڪَڙِ ڪَڙِ ، ڪـُنَ ! مَ وَڄُ، ٻانڌِي ٻوڙِ مَ ٻارِ ۾،
88
8.
آءِ آءِ
ڪَڙِ ڪَڙِ ، ڪـُـنَ ! مَ وَڄُ، ٻانڊِي ٻوڙِ مَ ٻارِ ۾،
776
9.
جنجهي
ڪَڙَ ڪَڙ ڪـُـنَ مَ وَڄ، ٻانڊي ٻَوڙَ م ٻَار ۾،
105
10.
بلوچ
ڪَڙِ ڪَڙِ ڪـُنَ مَ وَڄُ ، ٻانڌي ٻوڙ مَ ٻارِ ۾
387




1.
شوڪيرام
دوستَ تون دلدارَ ، عالم سڀ آباد ڪرين.
164
2.
قليچ
دوستَ تون دلدارَ ، عالم سڀ آباد ڪرين.
219
3.
گربخشاڻي
(نسخي ۾ هي سـُـر شامل ناهي)
-
4.
شاهواڻي
دوس ! مِٺا دِلدارَ ! عالَــُم سَــُڀ آبادُ ڪَرِين.
914
5.
قاسمي
دوستَ تون دلدارَ، عالم سڀ آباد ڪرين.
232
6.
ڏيپلائي
دوست تون دلدار ، عالم سڀ آباد ڪرين .
66
7.
آڏواڻي
دوسَ ! مِٺا دِلدارَ ! عالَـــُم سَڀِ آبادِ ڪَرين .
351
8.
آءِ آءِ
دوسِتَ ! مٺا دِلدارَ ! عالَـــُم سَڀِ آبادُ ڪَرِين.
275
9.
جنجهي
دوست تون دلدار ، عالم سَڀ آباد ڪرين .
133
10.
بلوچ
دوستَ مِٺاَ دلِدارَ ، عالَـــُم سَڀُ آبادُ ڪَرِين .
412

مٿي ڏيکاريل گرامري نشانين ۽ اعرابن جي تقابلي جائزي مان، هيٺيون نتيجو اخذ ڪري سگهجي ٿو:
1.      ”شوڪيرام“ ۽ ”قليچ“ نسخا، سڀ کان آڳاٽا، اهڙا ڇاپي رسالا آهن، جڏهن سنڌي پرنٽنگ پريسز جو دور، شروعاتي مرحلن ۾ هو. انهن ٻنهي محققن / مرتب نگارن، ان شروعاتي دور ۾، وڏي محنت ۽ جاکوڙ ذريعي شاهه جا رسالا ترتيب ڏنا. جن ۾ گرامري نشانين ۽ اعرابن جو گهٽ وڌ ٿيڻ يا ڪٿي ڪٿي نه اچي سگهڻ، سڀاويڪ هو. جيئن ته انهن ٻنهي نسخن ۾ عجب (!) ۽ سواليه (؟) نشانيون بنهه ئي ٿورڙيون، بلڪه نه هئڻ جي برابر ملن ٿيون، پر تڏهن به ٿوري دم (،) ۽ پوري دم (.) جي نشانين جو، گهڻي کان گهڻو استعمال ڪري، نسخن جي ڪم کي، اعليٰ درجي تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي.
2.     ”گربخشاڻي“، ”شاهواڻي“، ” آڏواڻي“ ۽ ”آءِ آءِ“ نسخا، شاهه جي رسالن جي تاريخ جا، اهي اعليٰ ترين ۽ بي مثال ڇاپي رسالا آهن، جن ۾ گرامري نشانين ۽ اعرابن جي استعمال جو پورو پورو حق ادا ڪيو ويو. توڙي جو انهن چئني نسخن ۾، ڪٿي ڪٿي ڪمزوريون به نظر اچن ٿيون، پر مذڪوره چارئي نسخا، گرامري حساب  ۽ درجه بندي جي لحاظ کان ڇاپي رسالن جي دور جا سونهري رسالا چئي سگهجن ٿا. اهو دور شاهه جي رسالن ۾، گرامر ۽ اعرابن  جي صحيح استعمال جي عروج وارو زمانو هو.  محقق ۽ مرتب نگار، وڏي جاکوڙ ۽ محنت ڪندا هئا. رسالن جا پروف بار بار پڙهندا هئا. نه فقط ايترو پر زير، زبر، پيش، شد ، مد، جزم، کڙي زير، کڙي زبر، ٽٻڪي (نقطي) ۽ ٻين هلڪي ڦلڪي ڪمزورين تي به ذميوارنه نظر رکندا هئا.
3.  سنڌي پرنٽنگ پريس تي شايع ٿيندڙ ”ڏيپلائي“ نسخو، انهن ”گنج“ رسالن جي سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي، جيڪي وچين ڇاپي دور ۾ شايع ٿيا. ”ڏيپلائي“  نسخو، ”شوڪيرام“، ”قليچ“،”شاهواڻي“ ۽ ”قاسمي“ نسخن جو تسلسل نظر اچي ٿو. البت، ”شوڪيرام“،”قليچ“۽ ”قاسمي“  نسخن ۾، زيرن- زبرن (اعرابن) ۽ گرامر جي نشانين جو گهڻي حد تائين خيال رکيو ويو. ليڪن ”ڏيپلائي“  نسخو نه فقط گرامري نشانين ۾ ڪمزور رهجي ويو، پر اعرابن جي حوالي سان به، ٻين نسخن جي قطار ۾ شامل ٿي نه سگهيو. هن نسخي شايع ٿيڻ سان، ايترو ضرور ٿيو، جو سنڌ ۾ شاهه جي رسالي جي کوٽ ختم ٿيڻ  ۾، ڪافي حد تائين مدد ملي.
4.  ” قاسمي“ نسخي ۾ به گرامر جي نشانين جو، گهڻي حد تائين خيال رکيو ويو. هي نسخو به شاهه جي رسالن جي تاريخ جو، هڪ بهترين نسخو شمار ٿئي ٿو. 36 سرن تي آڌاريل هجڻ سبب، هن رسالي کي به ” گنج“ رسالن واري فهرست ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو.
5.  ” جنجهي“ نسخو، مواد جي لحاظ سان، تمام گهڻو شاهوڪار  رسالو  آهي.  جيڪو گذريل  سڀني ”گنج“ نسخن کان بازي کڻي ويو آهي. ” گنج“ جي عنوان سان، ”هرگنج“ شامل اٿس. هن نسخي جو حقيقي ۽ سچو-پچو تنقيدي پهلو هي آهي ته، هن رسالي کي، ڪنهن سيکڙاٽ آپريٽر ڪمپوز ڪيو. مٿان وري رسالي جا پروف ئي نه پڙهيا ويا. ايتريقدر جو ”سرمارئي“ جون ”ٽريهه راتيون“، ٽي دفعا، الڳ الڳ ڪمپوز ڪري، رسالي جي سرمارئي ۾ (ص: 473، 490 ۽ 495 ) ٽن جاين تي، وري وري شامل ڪيل آهن. اهڙي ڏک جو اظهار، خود سگهڙ حاجي الهه داد جنجهي صاحب پاڻ ڪيو آهي. رهيو سوال گرامر جي نشانين ۽ اعرابن جو ته، نسخي ۾ پروف جي ڪمزورين کان پوءِ، گرامر جي نشانين ۽ اعرابن بابت راءِ، پڙهندڙ پاڻ ئي قائم ڪري سگهن ٿا.
        ”بلوچ“ نسخي جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته هن رسالي جا پروف به نه پڙهيا ويا آهن. جيڪا ڪمزوري، پڙهندڙ سالن تائين محسوس ڪندا رهندا.
فائينل نتيجو
        ڏهن ئي ڇاپي نسخن جي تقابلي جائزي کان پوءِ، اها ڳالهه واضح ٿي بيهي ٿي، ته شاهه جي رسالن ۾، گرامر جي نشانين جو باقاعدي استعمال، سن 1900ع واري ”تارا چند شوڪيرام“ جي سرڪاري ڇاپي نسخي کان شروع ٿي چڪو هو. ”مرزا قليچ بيگ“، پنهنجي نسخي ۾، اڃان وڌيڪ محنت ڪئي. ليڪن گرامري نشانين ۽ اعرابن جي پوري پوري استعمال ۽ عروج جو زمانو، ”ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي“ واري نسخي کان شروع ٿي، ”علامه آءِ. آءِ. قاضي“ واري نسخي تائين پهتو.  انهيءَ وچ ۾، جيڪي به شاهه جا رسالا شايع ٿيندا رهيا،  انهن ۾ گرامر جي قانون ۽ اعرابن جو ڀرپور استعمال عمل ۾ ايندو رهيو. البت ”محمد عثمان ڏيپلائي“ وارو نسخو، جيڪو 1951ع ۾ شايع ٿيو، گرامر توڙي اعرابن جي عمل ۾، ڪمزور رهجي ويو.
        سال 1961ع کان پوءِ، يعني ”علامه آءِ. آءِ. قاضي“ واري نسخي کان بعد ۾، ضرورت ان ڳالهه جي هئي ته، مستقبل ۾ به شايع ٿيندڙ شاهه جا رسالا، گرامر جو قانون ۽ اعرابن جو استعمال، باقاعده مضبوط ۽ مربوط انداز ۾ برقرار رکندا، پر ايئن ٿي نه سگهيو. بلڪه اهو رواج آهستي آهستي وري زوال پذير ٿيندو ويو ۽ اڃا وڌيڪ زوال پذير ٿي رهيو آهي.
ڏسو هيٺيان ٻه مثال:
1.      I.      کـُـوءِ هــاڙهــو ٻَنِ هوتُ، کــوءِ پـنـهون ٻـن پـريـتـڻـو               بلوچ ص 233
        II.    کُــهه هــاڙهــو ، ٻِــن هـوت ، کُـهه پـُـنهون ٻَن پرِيتڻون           جنجهي ص 244
        III.    کــوءِ هـــاڙو ! ٻــن هــوتُ ! کــوءِ پــنهو ! ٻَــنِ پـريتڻو !           گربخشاڻي ص260
        IV.    کـُوءِ ! هاڙهو ، ٻَنِ ! هوتُ ، کـُـوءِ ! پـُـنهون، ٻَنِ! پِـرِيتـَڻو،       لغاري ص 148

2.      I.      ســـامِي چَــئِـجُ سَــچُ ، ڪِـــٿــان اَچِـــيـن ڪــا پَــڙِي                بلوچ ص 254
        II .    ســـامـي چَـــئـــج سَــچ ، ڪِـٿــان آئــيــن ڪــا پَــڙي               جنجهي ص 309
        III.    (هي بيت نسخي ۾ شامل ناهي)                             گربخشاڻي ... ص
        IV.   ســـامِــي ! چَــئِــجُ سَــچُ ، ” ڪِــٿان اَچِين ڪاپَڙِي !؟ “           لغاري ص. 163
         سمجهجي ٿو ته جيئن جيئن ڪمپيوٽر ۽ سائنس جو علم ترقي ڪندو پيو وڃي، تيئن تيئن علم و ادب، ٻوليءَ ۽ لکت (ڪمپوزنگ) جي ميدان ۾، اسان اعرابن ۽ گرامري نشانين جي ڄاڻ ۽ ان جي استعمال کان پري ٿيندا پيا وڃون. جيڪو اسان لئي لمحه ءِ فڪر هئڻ گهرجي.
تجويزون:
1. گرامر جي ڄاڻو ميمبرن تي مشتمل هڪ ”گرامر ڪاميٽي“ جوڙي وڃي، جنهن جو چيئرمين / چيئرپرسن سنڌي لئنگئيج اٿارٽي جو چيئرمين / چيئرپرسن هجي.
2.  سنڌي لئنگئيج اٿارٽي پاران، گرامر ۽ اعرابن جي بنيادي ڄاڻ ڏيڻ خاطر، ننڍا ننڍا گرامري ڪتابڙا ڇپائي، پرائمري / سيڪنڊري اسڪولن ۾ مفت تقسيم ڪيا وڃن.
3.  سنڌي لئنگئيج اٿارٽي جي توسط سان، وقت بوقت، مختلف اسڪولن ۾، گرامر جي ڄاڻ وڌائڻ خاطر، سيمينار ۽ مذاڪرا ڪرايا وڃن، ته جيئن گرامر جي اهميت اجاگر ٿئي.
4.  سيڪنڊري توڙي هائر سيڪنڊري امتحاني پرچن ۾،  گرامر جي سوال ۾، وڌيڪ مارڪون رکيون وڃن، ته جيئن گرامر جي سوال حل ڪرڻ ۽ گرامر سکڻ لاءِ ، طالب علمن ۾ وڌيڪ دلچسپي پيدا ٿئي.
5.  شاهه جي رسالي ۾، اعرابن سان گڏوگڏ، گرامر جي نشانين جو استعمال لازمي قرار ڏنو وڃي.
6. شاهه جي رسالي جو مرتب نگار، ان ڳالهه جو پابند هجڻ گهرجي ته، پنهنجو ترتيب ڏنل نسخو ”گرامر ڪاميٽي“ کان پاس ڪرائيندو.
اهڙي طرح، مستقبل ۾ شايع ٿيندڙ، ڪنهن به شاهه جي رسالي ۾، گرامري قاعدن ۽ اصولن جي پاسداري قائم ٿيندي ۽ شاهه جي رسالي جو حقيقي مقصد، مفهوم ۽ پيغام پوري طرح سمجهه ۾ ايندو.
حوالا
] نوٽ: مقالي جي تياري ۾، هيٺيان نسخا آڏو رکيا ويا. [
1.  شوڪيرام، تاراچند. شاهه جو رسالو. ڇپائيندڙ هند سرڪار تعليم کاتو بمبئي. ڇپيو مرڪنٽائل اسٽيم پريس ڪراچي  ۾. ڇاپو پهريون، سال 1900 ع.
2.  مرزا، قليچ بيگ. شاهه جو رسالو. ڇپائيندڙ سنڌي لئنگئيج اٿارٽي حيدرآباد. ڇاپو چوٿون، سال 1994ع .
3.  گربخشاڻي، هوتچند مولچند پروفيسر. شاهه جو رسالو. ڇپائيندڙ سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي. ڇاپو نئون، سال 2008 ع.
4.  شاهواڻي، غلام محمد. شاهه جو رسالو. ڇپائيندڙ سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي. ڇاپو ٻيو، سال 2005ع .
5.  قاسمي، غلام مصطفيٰ علامه. شاهه جو رسالو  ڇپائيندڙ مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور. ڇاپو ٽيون، سال 2008ع.
6.  ڏيپلائي، محمد عثمان. شاهه جو رسالو. ڇپائيندڙ دفتر لطيفي حيدرآباد. ڇاپو پهريون، سال 1951ع.
7.  آڏواڻي، ڪلياڻ. شاهه جو رسالو. ڇپائيندڙ روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو. ڇاپو پنجون، سال 1993ع.
8.  قاضي، آءِ.آءِ.علامه. شاهه جو رسالو. ڇپائيندڙ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو. ڇاپو ٽيون، سال 1993ع.
9.  جنجهي، حاجي الهه داد سگھڙ. شاهه جو گنج. ڇپائيندڙ ڪويتا پبليڪيشن حيدرآباد .ڇاپو ٻيو، سال 2008ع.
10. بلوچ، نبي بخش خان ڊاڪٽر. شاهه جو رسالو. ڇپائيندڙ ثقافت ۽ سياحت کاتو حڪومت سنڌ. ڇاپو پهريون، سال 2009 ع، ڇاپو ٻيو، سال 2012ع، ڇاپو ٽيون )سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي( سال 2012ع
11. لغاري، استاد. شاهه جو رسالو. ڇپائيندڙ مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور. ڇاپو پهريون، سال 2013ع.

1 comment:

  1. استاد لغاري صاحب جي سفارشن تي ‌” سنڌي ٻولي اٿارٽي“ جي وس وارن کي ڌيان ڌرڻ گهرجي تہ جيئن مستقبل ۾ ٻوليءَ جي بنيادي معيار تي پوري لھندڙ پورهيو منظر عام تي اچي ۽ شاھ جي شاعري تي اجائي طبع آزمائي بہ بند ٿي وڃي.

    ReplyDelete