شاهه جو رسالو

Saturday 26 April 2014

شاهه لطيف جي سر آسا جو مطالعو -- ڊاڪٽر بشير احمد شاد (Dr. Bashir Ahmed Shad)

ڊاڪٽر بشير احمد شاد
 
شاهه لطيف جي سر آسا جو مطالعو

شاھ لطيف جي رسالي جا سمورا سُر علم ۽ حڪمت ، شعور ۽ آگهي توڙي فن ۽ فڪر سان ٽمٽار آهن جن مان ڪي سُر هندستاني راڳڻين تي ٻڌل آهن جن ۾ ڪلياڻ، يمن ڪلياڻ، کنڀات، ڪاموڏ، سورٺ، ڪيڏارو، سارنگ، بروو، پرڀاتي ۽ آسا اچي وڃن ٿا.
رسالي جي ٻين سرن جيان ”سُر آسا“ پڻ روحاني رمزن ۽ الستي رازن جو ڀنڊار آهي . جنهن ۾ الله پاڪ جي وحدانيت جي واکاڻ ڪيل آهي. مشرڪن کي سنئين راھ سونهائڻ جو سبق سمايل آهي. خالص خدا ڪارڻ عبادت جا اصول ڏسيل آهن. حلم ۽ هيٺاهينءَ سان هلڻ جي تلقين ٿيل آهي. نفس کي نابود ڪرڻ جا گُر ٻڌايل آهن. انسان کي پاڻ سڃاڻڻ جو ڏس ڏنل آهي. اکين ۾ عجيبن جي ناتي ۽ نينهن جو ذڪر به ٿيل آهي ته اکين جون عجب جهڙيون عادتون به ٻڌايل آهن. وحدت الوجود جي نظريي جي پرچار به ڪيل آهي. ڀٽ جي گھوٽ ٻڌايو آهي ته دنيا حق جو پاڇو آهي ۽ ڪائنات ۾ جيڪي ڪجھ آهي سو سڀ خدا جي نور جو مظهر آهي.
متيون سڀ منجھاءِ ، پاڻُ ڇڏي اُو ڄاڻ تون
پهرين پاڻ پٿون ڪري ، پرين پوءِ پچاءِ
وحدت ساڻ وڃاءِ ، ڪثافت ڪثرت جي

ڀٽائيءَ وٽ محبت جو فلسفو -- شبنم گل (Shabnam Gul)

شبنم گل


ڀٽائيءَ وٽ محبت جو فلسفو

شاعري هڪ الهامي ڪيفيت آهي، جيڪا مستقل هڪ شاعر کي پنهنجي اندر محسوس ٿيندي رهي ٿي. شاعر جو انوکو تصور انسان، زندگي ۽ ڪائنات کي هڪ مختلف نقطئه نظر سان ڏسي ٿو. ڪائنات جي سونهن کي اسان لفظن ۽ ذهني تصويرن وسيلي ڏسون ۽ محسوس ڪيون ٿا.
شاهه عبداللطيف ڀٽائي دنيا جو اهو عظيم شاعر آهي، جنهن جي سوچ، خيال ۽ فڪر زمان و مڪان جي قيد کان آزاد آهي، جيڪو دنيا جي شاعرن جي مقابلي ۾ منفرد، مٿانهون ۽ گهڻ رخو آهي. انگريزي جي شاعرن سان جڏهن شاهه لطيف جي ڀيٽ ڪجي ته هو کانئن گهڻو اڳڀرو ۽ مٿانهون نظر اچي ٿو. شاهه سائين جي شاعريءَ جا مختلف رخ آهن، جن مان هڪ اهم رخ محبت آهي. هر ماڻهو وٽ محبت جي پنهنجي تشريح آهي. هڪ مڪتبه فڪر جا ماڻهو پنهنجي ذات کي خوش رکڻ لاءِ محبت ڪن ٿا.

Wednesday 23 April 2014

ڀٽائيءَ جا راڳي فقير ۽ سماعَ جي روحاني رمز​ - اياز عالم ابڙو (Ayaz Aalam Abro)

اياز عالم ابڙو
ڀٽائيءَ جا راڳي فقير ۽ سماعَ جي روحاني رمز

http://latifsain.blogspot.com/p/blog-page_4898.html

حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه پنهنجي حياتي جا آخري ڏهه ورهيه (سن 1742ع کان 1752ع دوران) پنهنجي نئين وسندي ”ڀٽ شاهه“ کي مستقل رهائش بڻايائون، ۽ انهن ئي ڏهن سالن جي عرصي دوران هڪ مستقل راڳ جو ادارو قائم ڪري تمر فقير جي سرواڻي ۾ ڏئي ڇڏيو. مريدن مان اهي فقير جيڪي سُر تال جي سرت رکندڙ هئا، تن جا جٿا جوڙي روزاني راڳ جو رهاڻيون رٿيائون ۽ اهو ئي راڳ اڳتي هلي روحاني رنگ ۽ وڄت جي ڍنگ سان سماع جي صورت اختيار ڪندو ويو. اهڙي طرح باقاعدي هڪ راڳداري جي اداري جو بنياد پئجي سماع جو هڪ سلسلو شروع ٿي چڪو. سماع جي اهڙين محفلن ۾ نه رڳو شاهه سائين جو ڪلام...پر ان دور جي آڳاٽن شاعرن کي پڻ تنبوري جي تندن سان تنواريو ويندو هو. ان ئي دور ۾ ڳاهن، گنانن، ڀاڳو ڀان، قاضي قادن، شاهه لطف الله قادري ۽ مئين شاهه عنات جون شاعراڻيون روايتون عام جام هيون. خود شاهه سائين پنهنجيسر سنگت جي مڪتب“ ۾ راڳ ۽ سماع دوران شاهه ڪريم بلڙي واري شاعري کي ڳاتو ۽ ڳارايو ۽ اها روايت هڪ عرصي تائين جاري رهي

Monday 21 April 2014

SHAH ABDUL LATIF OF BHIT - by L. H. Ajwani

SHAH ABDUL LATIF OF BHIT
A Chapter from
"History of Sindhi Literature"
by L. H. Ajwani 

SHAH ABDUL LATIF of Bhit, called simply' Shah' or 'Monarch’ is a unique figure in literature. He is not only the greatest of Sindhi writers, but he has been equated with the literature of his land, as if he were co-terminous with Sindhi literature. The first foreigners who explored the civilization and culture of Sind thought that Shah was the only Poet and Philosopher Sind had produced, and the universal vogue of Shah-Jo-Risalo, or Shah's Poetical Works, in the land of the Sindhu, inclined them to believe that the Risalo was the only literary work in the Sindhi language.
It has become clear now that, far from being the only poet of Sind, or the only singer of his time, Shah was only one-- albeit the greatest of a multitude of poets who formed a 'nest of singing birds' in the seventeenth and eighteenth centuries. Shah was the finest flower in a garden of poetry. His poetry is not that of a pioneer, it is the poetry of fulfillment; it is not the poetry of experimentation or innovation, it is the poetry of gracious benediction. Nor is it correct to call him the last of the traditional or medieval poets in Sindhi, as some have tried to make out; Shah is no Milton, the last of the Elizabethans'. It is well-known that Shah looked upon Sachal as his spiritual successor. And there were others besides Sachal to keep up the tradition of Shah. Shah did for Sindhi language and literature¬ and the Sindhi people-what other world poets have done for their own language and country in their own particular way¬ Hafiz for the Persian Lyric, Dante for the' illustrious vernacular' of Italy, and Tulsidas for Hindi language and literature.

Saturday 19 April 2014

شاهه جي رسالي تي هڪ نظر -- عبدالڪريم سنديلو (Dr. Abdul Karim Sandilo)



عبدالڪريم سنديلو

شاهه جي رسالي تي هڪ نظر

http://latifsain.blogspot.com/p/blog-page_22.html

سنڌ جي زنده جاويد شاعر، حضرت شاهه عبدالطيف ڀٽائي رحه جي وصال کي ڀريا 200 ورهيه گذري چڪا آهن. افسوس! هن مهل تائين ڪنهن به شاهه صاحب جي رسالي جي مڪمل شرح لکڻ جي تڪليف گوارا نه ڪئي آهي. جيڪڏهن هيءَ نعمت عظميٰ ولايت کي نصيب ٿئي ها، ته پوءِ هن مهل تائين هزارين ماڻهو پنهنجي عزيز جان، شاهه صاحب کي سمجهڻ ۾ صرف ڪري چڪن ها. نه رڳو ايترو، پر دنيا جي هر هڪ زبان ۾ ان جو ترجمو به ٿي وڃي ها. مگر اسان جي حالت ان جي برعڪس آهي، جنهن تي جيترو به ڏک ڪجي اوترو ٿورو آهي. عجب ته اهو آهي، جو اسان هن مهل تائين، شاهه صاحب جي خيال کي ته درڪنار، پر لفظن کي به پوريءَ معنيٰ ۾ ادا ڪري نه سگهيا آهيون، بس! ڪنهن مشهور اديب يا ڪنهن جهوني نسخي، ڪنهن لفظ جي معنيٰ ڪئي ته اسان لاءِ گويا سند ٿي چڪي، جنهنڪري وڌيڪ هوش هلائڻ ڇڏي ڏينداسين. جيڪڏهن هيءَ ڪمزور حالت اڃا به جاري رهي، ته اسان جا پويان، اسان کي هرگز معاف ڪري نه سگهندا.
اڄوڪيءَ صحبت ۾، شاهه رحه جا هڪ ٻه بيت، پنهنجيءَ سمجهه موجب، معنيٰ سميت عرض رکان ٿو، ۽ اميد اٿم ته اديب صاحب ان سلسلي ۾ پنهنجي روشن خيالات کان پڻ واقف ڪندا.
(1) پَرينده پاڻُ ويو، زلف ڪِيس زافُ،
سندو ڪاڪُل ڪافُ ماري معذورين کي.

Friday 18 April 2014

شاهه لطيف جي ڪلام ۾ لفظي ۽ معنوي ندرت - ڊاڪٽر بشير احمد شاد (Dr. Bashir Ahmed Shad)



ڊاڪٽر بشير احمد شاد
شاهه لطيف جي ڪلام ۾ لفظي ۽ معنوي ندرت

http://latifsain.blogspot.com/p/blog-page.htmlادبي ٻوليءَ جي بنيادي خوبين ۾ لفظي ۽ معنوي ندرت کي وڏي اهميت حاصل آهي. اها خوبي ٻوليءَ کي معياري ۽ خوبصورت بڻائي ٿي ۽ منجهس نواڻ ۽ مٺاس پيدا ڪري ٿي.
شاهه سائينءَ جو رسالو سنڌي ٻوليءَ کي دنيا جي معياري ۽ سڌريل ٻولين جي صف ۾ آڻي بيهاري ٿو. رسالي جو مطالعو ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته منجهس لفظي ۽ معنوي ندرت جو خزانو ڀريل آهي. هيٺ مختلف سرن مان اهڙا ڪجهه مثال پيش ڪجن ٿا.
سر يمن ڪلياڻ جو بيت آهي:
ويڄ مَ ٻڪي ڏي ، الا چڱي مَ ٿيان
سڄڻ مانَ اچي ، ڪر لاهو ٿي ڪڏهم

مٿيون بيت معنوي توڙي معنوي ندرت سان سينگاريل آهي. لفظي ندرت ۾ بيت جي ٻي سٽ ۾ لفظ ” ڪر لاهو “ تي غور ڪجي. ڪَرَ معنى خبر ، ”لاهو“ معنى لهندڙ يعني خبر لهندڙ. لطيف سائين خبرگيري ڪرڻ لاءِ هڪڙو ئي لفظ استعمال ڪري بيت ۾ ندرت پيدا ڪئي آهي. معنوي ندرت جي لحاظ کان پڻ ڏسبو ته هرڪو انسان ويڄ يا طبيب کان چڱ ڀلائيءَ وارو علاج طلبيندو آهي. پر هتي عاشق طبيب کان اهڙي ٻڪي ٿو طلبي جنهن سان چڱو ڀلو ٿي نه سگهي. هو ان بيماريءَ واري حالت کي سڄڻ جي ملاقات جو سبب بڻائڻ ٿو چاهي ته من منهنجي اگهائيءَ جي خبر سڻي محبوب مونکان پڇڻ لاءِ اچي نڪري.

ڀٽائي ۽ سنڌ - پروفيسر عبدالله ملاح (Prof. Abdullah Mallah)



پروفيسر عبدالله ملاح
  ڀٽائي ۽ سنڌ

http://latifsain.blogspot.com/p/bhit-shah-photo.htmlسنڌ جي تاريخ جو اهو پهر بابرڪت ۽ مبارڪ هو، جنهن پهر ۾ شاهه لطيف 1689ع ۾ شاهه حبيب جي گهر ۾ جنم ورتو. هي اهو زمانو هو، جڏهن هندوستان تي اورنگ زيب ڪاري رات جيان ڇانيل هو. سنڌ ۾ مذهب جي نالي ۾ سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن سان جيڪي بيواجبيون ٿيون آهن، جيڪي قهر ٿيا آهن، اورنگزيب ۽ فرخ سير جي بادشاهين جو زمانو ان قهر جو زمانو هو. اورنگزيب جي زماني ۾ جنهن ڳوٺ ۾ ساز وڄندو هو، ان سڄي ڳوٺ کي باهيون ڏئي ساڙي ڇڏيندا هئا. اڃان تائين رڌ پچاءُ دوران جيڪڏهن ديڳ جي ڪنيءَ تي ڪاٺو لڳي ويندو آهي ته ماڻهو چوندا آهن ته ديڳ حرام ٿي وئي. يا گهر ۾ ڪنجهي جو وٽو هٿ لڳڻ سان وڄندو آهي ته ڊوڙ ڪري ان تي وڃي عورتون هٿ رکنديون آهن، ته متان ان ڪنجھي جي وٽي جو آواز ڪير ٻڌي وٺي. اورنگزيب جي زماني ۾ موسيقيءَ جي خلاف سخت ترين جيڪي بندشون هيون، انهن بندشن جا خوف اڄ تائين ماڻهن جي لاشعور ۾ ويٺل آهن. اورنگ زيب جڏهن سموري هندستان جو بادشاهه ٿيو ته هن سنڌ وري پنهنجن وفادار نوابن کي ڏني. سنڌ جا ماڻهو سندس وفادارن ۽ درٻار ۾ ويهڻ جي آرزومند ڏيهي جاگيردارن جي لتن ۾ لتاڙبا رهيا

Thursday 17 April 2014

مارئي شاهه جي نظر ۾ - حافظ محمد احسن چنه (Hafiz Muhammad Ahsan Chana)



حافظ محمد احسن چنه
 

عام طرح هر هڪ سنڌ واسي ائين چوندو آهي ته مارئي جي بيان ۾ شاهه وطن جي حب جو نقشو چٽيو آهي. وطن ۽ وطن وارن جي محبت جو ثبوت پيش ڪيو آهي ۽ ٻين کي سبق سيکاري ٿو. اهو به برابر صحيح ۽ سچ آهي پر ٻيون به گهڻيون خوبيون ان ۾ آهن جيئن ته سيل ۽ ست بچائڻ، عصمت ۽ عزت جي حفاظت ڪرڻ، همت ۽ استقلال، بي باڪي ۽ جرائت جا غير معمولي مثال پيش ڪيا اٿس. مارئي کان زبان حال سان چورائي ٿو ته:-
”سهسي سيبا ڪنجري، لوئي سين ليڙن،
ههڙو حال وٺي ڪري، وڃان منجهه ٿرن،
مارو مان چون، ته هئي اسانجي آسري“

شاهه ۽ اقبال - ڊاڪٽر آصف جاه ڪارواني (Dr. Asif Jah)



ڊاڪٽر آصف جاه ڪارواني



شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ علامه اقبال دنياءِ فڪر و خيال ۾ درخشنده ستارن جي حيثيت رکن ٿا. کين محض شاعر تصور ڪرڻ يا صرف شعراءَ ڪرام جي زمري ۾ شامل ڪري اسانجي نزديڪ ساڻن زيادتي آهي. هنن وٽ شاعري مقصد بالذات نه آهي بلڪه مقصد تائين پهچڻ جو ذريعو آهي. هي صاحب اهڙن ماڻهن مان نه آهن جي شعر و شاعري دل خوش ڪرڻ لاءِ وندر طور يا معاش جي ذريعي طور اختيار ڪندا آهن، اهو ئي سبب آهي جو هنر جي ڪلام ۾ ٺلهي، خيال آرائي ۽ قافيه پيمائي نه آهي، نه وري فرضي حسن و عشق جي بنا تي گل و بلبل، شمع و پرانه، ليليٰ مجنون وغيره جا قصا آهن، بلڪ هو داراءِ نصب العين آهن ۽ سندن ڪلام سر تا سر پيغام جي حيثيت رکي ٿو. شاهه فرمائي ٿو:-
جي تو بيت ڀانئيا، سي آيتون آهين،
نيو من لائين، پريان سندي پار ڏي.
اکر پڙهه الف جو ورق سڀ وسار،
اندر تون اجار، پنا پڙهندين ڪيترا.

شاهه جي حضور ۾ - سرڳواسي، ساڌو ٽي. ايل . واسواڻي (Sadhu T.L Waswani)



سرڳواسي، ساڌو ٽي. ايل . واسواڻي
]سرڳواسي ساڌو ٽي. ايل. واسواڻيءَ جي عالمانه شخصيت ۽ بين الاقوامي شهرت کان ڪير واقف ناهي! سندس نالي ۽ پيغام کان، مشرق ۽ مغرب جا سڀئي علمي ۽ فڪري ادارا واقف ٿي چڪا آهن، سندس خيال ۽ عقيدا، امن ۽ صلح، عبادت ۽ پريم ڀڳتيءَ وارا هئا، ۽ تصوف ۽ ويدانت جو وڏو ڄاڻو هو. پاڻ پنهنجي عمل ۽ ڪردار لاءِ، ميران ٻائيءَ کي مثالي ۽ آدرشي آئينو بنائي، عمر گذاريائون، اها حقيقت آهي ته ساڌو واسواڻي، علم ۽ خيال ، فڪر ۽ فلاسافي، پريم ۽ شيوا جو سچو مثال هو.
سندس خيالن، مضمونن، تقريرن ۽ ٻولن جي اشاعت جي سلسلي ۾، ننڍڙو رسالو”سنت مالا“، اڄ تائين، پوني(ڀارت) مان هلندو رهي ٿو. ان ۾ سندس ڪلام ’نوري‘  ۽ ’نماڻي‘ تخلص سان شايع ٿيندو رهيو آهي. بيشڪ هڪ آدرشي مهاپرش هو، جنهن پنهنجي ساري حياتي، خلق جي خدمت ۾ گذاري ڇڏي. پاڻ ، 16  جنوري 1966ع تي پوني ۾ گذاري ويو، ”شاهه جي حضور ۾“، جا پاڻ عقيدت ۽ پيار جي ورکا ڪئي اٿائون، سا پيش ڪجي ٿي، اميد ته ”مهراڻ“ جي پڙهندڙن لاءِ ڪارائتي ثابت ٿيندي.                         ادارو.[
ڪافي زمانو گذر ٿي چڪو آهي، ورهيه لنگهي ويا آهن، صديون سميٽجي چڪيون آهن ليڪن، لطيف جي مزار تي، جمعي وارو هفتيوار اوجاڳو، انسانذات جي روح کي اڄ به روشني ڏئي رهيو آهي. لطيف، اڄ به انسانيت جي عجيب طرح سان رهبري ڪري رهيو آهي!

سر مارئي - مخدوم امير احمد (Makhdoom Ameer Ahmed)



مخدوم امير احمد

”نه خبر نه خواب، نڪو اوٺي آئيو“.
عنوان تي ڪجهه لکڻ کان اڳ تمهيد طور ڪجهه ڳالهيون بيان ڪرڻ تمام ضروري آهن؛ ڇاڪاڻ ته ان جو سمجهڻ، انهن ڳالهين تي مدار رکي ٿو. شاهه صاحب رحمت الله عليه پنهن جي زبان مبارڪ سان پنهنجن بيتن ۽ ڪلام جو تعارف هيٺين لفظن ۾ ڪرايو آهي ته:
جي تون بيت ڀائين، سي آيتون آهن،
نيو من لائين،  پريان سندي  پار ڏي.
شاهه صاحب ٻڌندڙن خواهه پڙهندڙن جو، هڪ خاص حقيقت ڏانهن ڌيان ڇڪائي رکيو آهي، ته ”اي ڀائرو! منهن جي ڪلام جي وڻندڙ زبان ۽ من موهيندڙ سر ۽ آواز ۾ محو ٿي اصل حقيقت کي وساري نه وهو پر هي بيت دراصل قرآني رازن ۽ اسرارن جي اپٽار آهن جي اوهان جي آڏو ڪڏهن سهڻي ميهار جي روپ ۾، ڪڏهن عمر مارئيءَ جي صورت ۾، ڪڏهن سسئي پنهون جي رنگ ۾، ڪڏهن مومل ۽ راڻي جي ڍنگ ۾، ڪڏهن راءِ ڏياچ ۽ سورٺ جي ساز ۾ ته ڪڏهن وري ڄام تماچي ۽ نوريءَ جي ناز ۾ پيش ڪئي پئي وڃي.“

لاکيڻو لعل - جهامنداس ڀاٽيه (Jhamandas Bhatia)



جهامنداس ڀاٽيه

لطيف لکه لاکيڻو لعل!
سدا سرهاڻ سندس معطر ڪندي پي رهي آهي وس کي جسم سندس جو جس ڳائي پيو ڳوٺاڻو خواهه شهري.
مگر هيءُ ته رنگ پور جو راڻو اوراڻو اوريندو ٿو رهي اُڀر ۽ اُسر جو، لکڻي سندس لاهوتي، اکر سندس آگ اٿارڻ وارا، تصويرون سندس نازيون، ناز واريون رمڻيون جي؛ هو نائڪائون بنائي ناٽڪ ٿو رچائي تن جي ڪلاڪاريءَ ڪري هو امر ۽ اجڙ رهندو.
وقت وٽ وت ڪٿي، ويڪر ڪٿي جو ههڙي ڪامل ڪاريگر کي ڪڇ ڪري زماني کي سڃو ڪري سگهي.

شاهه جي ڪلام ۾ فصاحت ۽ بلاغت - سيد منظور نقوي (Syad Manzoor Naqvi)



سيد منظور نقوي


شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو ڪلام خوبين جو هڪ اهڙو مجموعو آهي جنهن مان صنف شاعري جي هر صنف ملي سگهي ٿي. واديءَ سنڌ ۾ هي ئي هڪ اهڙو شاعر ٿي گذريو آهي جنهن شاعري جي هر خوبي کي نهايت خوش اسلوبيءَ سان نڀايو آهي. سندس ڪلام جي چمن ۾ استعارن جا شگوفا، اصطلاحن جا گل، تلميحات جون مکڙيون، ترڪيبن جا شعر سڀ موجود آهن پر هتي اسان کي شاهه جي ڪلام جي محاسبن مان فقط فصاحت ۽ بلاغت جو ذڪر ڪرڻو آهي انڪري اسين فصاحت ۽ بلاغت کي جدا جدا بيان ڪنداسين. فصاحت لفظ جي معنيٰ آهي خوش بياني، صاف، شسته ڪلام، غير مانوس لفظن کان ڪلام جو پاڪ هجڻ. يعني مطلب سٺي نموني ۾ سادن لفظن ۾ بنا غلطي جي بيان ڪرڻ. انهي مثال ۾ شاهه لطيف هڪ هنڌ مارن جي خوش حالي جو بيان هيئن ڪيو آهي ته:
ٿر وٺا، بر وٺا، وٺيون ترايون،
پره جا پٽن تي ڪن ولوڙا وايون،
مکڻ ڀرين هٿڙا سنگهاريون سايون،
ساري ڏهن سامهيون ٻولهايون رايون،
ٻانهيون ۽ ٻايون، پکي سونهن پانهنجي.

شاهه جي شاعري ۾ محبت جو مقام - راز ڀلڙائي (Raz Bhalrai)



راز ڀلڙائي


جڏهين اڃا انسان عالم وجود ۾ ئي نه آيو هو، جڏهين نه هي زمين هئي ۽ نه آسمان؛ جڏهين تارن جي روشني اونداهيءَ ۾ پوشيده هئي، ان وقت به ڪائنات کي جنبش ۾ آڻڻ لاءِ هڪ قوت موجود هئي، جنهن کي محبت جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو. شاهه انهي محبت جو ذڪر هنن لفظن ۾ ڪيو آهي:

نڪا ڪن فيڪون هئي نڪو لڱ لهم
بنيو هو نه بت ۾ اڃا ڪي آدم
مون توهين سين سڱ اها سا ڃاءِ سپرين.

سر مارئي جو مرڪزي خيال - عبدالقيوم صائب (Abdul Qayoom Saib)



عبدالقيوم صائب


زيب النساءِ مخفي چيو آهي:-
در سخن پنهان شدم مانند بو در برگ گل
هر که ديدن ميل دارد در سخن  بينند مرا
ساڳيءَ طرح پال ايلوئرڊ (Paul Eluard) پڻ لکيو آهي:
“My books will represent me there and they will tell you what I want to say.”
رومي جو به ساڳيو خيال هو ته متان ماڻهو سندس ڪلام جي اصلي روح کي ڇڏي، عروضي نڪتن ڳولهڻ ۾ محو ٿي وڃن ۽ هن جي تمام ڪاوش ۽ محنت جنهن پيغام پهچائڻ لاءِ ٿي هئي، سا ضايع نه ٿي وڃي، تنهن ڪري ان جي وضاحت ڪندي چئي ويو:
من نه دانم فاعلاتن فاعلاتن فاعلات.
حالانڪه اها شاعرانه تعلي آهي، ورنه سندس ڪلام عروضي پابندين کان پري ڪين آهي.
ان مان ڏسجي ٿو ته دنيا جي اعليٰ شخصيتن ۽ فوق البشر هستين پنهنجي ڪلام ۽ پيغام کي واضح ڪرڻ لاءِ ڪي نه ڪي پيش بنديون ڪيون آهن. ڀٽائي گهوٽ به اهڙين اعليٰ شخصيتن مان هو، جا سنڌ جي خطي کي نصيب ٿي، جنهن پڻ اهڙي پيش بندي ڪندي پنهنجي ڪلام لاءِ چيو:
بيت نه ڀانئجو ماڻهئا هي آيتون آهين،
نيو من لائين، پريان سندي پار ڏي.

Wednesday 16 April 2014

شاهه جا سر - نجف علي شاهه ڪمتر (Najaf Ali Shah Kamtar)



نجف علي شاهه ڪمتر

شاهه جي رساله ۾ استعمال ٿيل لفظ ”سر“ جي معنيٰ تي غور ڪبو ته ٻه معنائون نڪرنديون ”راڳ“ ۽ ”داستان.“
رسالي جو هر عنوان لفظ سر سان شروع ٿئي ٿو. جتي جتي به عنوان ڪنهن راڳ جي نالي سان منسوب ٿيل آهي ته اتي ان راڳ يا راڳڻيءَ جو نالو اچي ٿو مثلاَ سر سريراڳ، سر ڪلياڻ يا سر ڪيڏارو ۽ جنهن هنڌ به عنوان ڪنهن خاص افساني، واقعي يا تاثر سان لاڳاپو رکي ٿو اتي ان افساني يا واقعي جو نالو ڏنو ويو آهي، مثلاَ سر مارئي، سر سامونڊي يا سر ڪوهياري وغيره.

شاهه جي زبان - الهه بخش سرشار عقيلي (Allah Bax Sarshar Uqeli)



الهه بخش سرشار عقيلي


شاهه جي رسالي کي سنڌي ٻوليءَ جو ”ڪلاسڪ“ مڃيو ويو آهي ۽ ”ڪلاسڪ“ لفظ جي لغت موجب اها معنيٰ آهي ته ”جا شئي ان ٻوليءَ جي ادب ۾ اول درجي جي هجي يا جنهن ۾ مڃيل خوبيون سڀ موجود هجن.“
انهن مڃيل خوبين ۾ سڀ کان پهرين خوبي خود زبان جي خوبي آهي. ڪا ادبي شيءِ ڪنهن خاص ٻوليءَ جو ”ڪلاسڪ“ تڏهن مڃي ويندي جڏهين پهريائين ته ان ۾ خاص ان ٻوليءَ جون مڃيل خوبيون موجود پاتيون وڃن.
ڊاڪٽر سورلي، شاهه لطيف تي لکيل پنهنجي محققانه ڪتاب جي جلد ٻئي ۾ هڪ خاص باب قائم ڪيو آهي، جنهن جو عنوان لکيو اٿس ”هڪ ڪلاسڪ جو جنم“ ڊاڪٽر سورلي جي نظر ۾ سنڌي ٻوليءَ جو ”ڪلاسڪ“ خود ڄائوئي ان وقت جڏهين شاهه جو رسالو وجود ۾ آيو.
اگرچ سنڌي ٻوليءَ ۾ گهڻيون شيون ان کان اڳ به پيش ٿي چڪيون هيون ۽ بيشمار ادب ان کانپوءِ به پيش ٿيندو آيو آهي، پر ان کان اڳ پيش ٿيل شيون هن معنيٰ ۾ ”ڪلاسڪ“ جي درجي تائين پهچي نه سگهيون هيون ۽ ان کانپوءِ جو ڪجهه پيش ٿيو سو خود انهي ”ڪلاسڪ“ جي ڄمڻ جو نتيجو هو. ”ڪلاسڪ“ هڪ دفعو ڄمڻ کانپوءِ ان ٻوليءَ جو مخصوص رنگ ٻهاري ۽ قائم ڪري ٿو ۽ پٺيان ايندڙن لاءِ هڪ اهڙي واٽ گهڙي ٿو جا پنهنجي ليکي مستقل هجڻ سان گڏ صحيح ڏس ۾ ان ٻوليءَ جي واڌاري جو سبب بنجي ٿي.

شاهه جا همعصر اردو ۽ پنجابي شاعر - رشيد احمد لاشاري (Rasheed Ahmed Lashari)



 رشيد احمد لاشاري

انهيءَ ۾ ڪنهن به قسم جو مبالغو ڪونهي ته حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي نه رڳو سنڌي شاعرن جو سرتاج ڪري ليکيو وڃي ٿو پر سندن ڪلام کي اُن دور جي ٻين ٻولين جي شاعرن کان به هر حالت ۾ فوقيت حاصل آهي. خصوصاَ اردو شاعريءَ جو پهريون دور اسان جي سنڌي شاعري جو بلڪل وچون ۽ اوج وارو زمانو تسليم ڪيو ويو آهي. اهو دور سنه 1700ع مطابق 1112هه کان شروع ٿي سنه 1747ع مطابق 1160ع هجري تي وڃي پورو ٿئي ٿو. جيئن ته شاهه صاحب جن سنه 1680ع مطابق 1102هه ۾ تولد ٿيا ۽ سنه 1751ع مطابق 1165 هجريءَ ۾ وفات ڪيائون، تنهنڪري اهو يقين سان چئي سگهجي ٿو ته پاڻ اردو شاعريءَ جي پهرئين دور جي شاعرن ”ولي“ دکني (1668-1744ع)، شاهه مبارڪ ”آبرو“ (وفات 1750)، سراج الدين خان ”آرزو“ (1689-1756ع)، ظهورالدين ”حاتم“ (1699-1791ع)، شرف الدين ”مضمون“ (وفات 1745ع)، مرزا مظهر ”جانجا نان“ (1698_ 1781ع) ۽ اشرف علي خان ”فغان“ (وفات 1772ع) جا خاص همعصر هئا.

شاهه جي ڪلام ۾ سهپ، صبر ۽ نئڙت جو سبق - ڊاڪٽر بشير احمد شاد (Dr. Bashir Ahmed Shad)



ڊاڪٽر بشير احمد شاد
شاهه جي ڪلام ۾
سهپ، صبر ۽ نئڙت جو سبق


          دنيا ۾ هن وقت جنهن شيءِ جي تمام گھڻي ضرورت آهي سا صبر ۽ سهپ آهي. معاشي ۽ معاشرتي حالتون ان حد تي وڃي پهتيون آهن جو ڪوئي ڪنهن کي برداشت ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. هي جھيڙا جڳهڙا ۽ خون ريزيون سڀ مَ سهپ جو ئي نتيجو آهن. ٿوري ٿوري ڳالهه تي ماڻهو آپي کان نڪري ٿا وڃن. هڪ طرف چيو وڃي ٿو ته دنيا ترقي يافته ٿي چڪي آهي ته ٻي طرف عملي طور ڏسون ٿا ته ڳالهه ان جي ابتڙ آهي. ذاتي جھڳڙا، قبيلائي دنگا ۽ ملڪن جون هڪ ٻي تي هلان، اُن دور جي ياد تازي ٿيون ڪن جڏهن کوهه مان اڳواٽ ڏول ڀرڻ تي قبيلن جا قبيلا سالن تائين خوني راند کيڏندا هئا.