شاهه جو رسالو

Wednesday, 16 April 2014

شاهه جي زبان - الهه بخش سرشار عقيلي (Allah Bax Sarshar Uqeli)



الهه بخش سرشار عقيلي


شاهه جي رسالي کي سنڌي ٻوليءَ جو ”ڪلاسڪ“ مڃيو ويو آهي ۽ ”ڪلاسڪ“ لفظ جي لغت موجب اها معنيٰ آهي ته ”جا شئي ان ٻوليءَ جي ادب ۾ اول درجي جي هجي يا جنهن ۾ مڃيل خوبيون سڀ موجود هجن.“
انهن مڃيل خوبين ۾ سڀ کان پهرين خوبي خود زبان جي خوبي آهي. ڪا ادبي شيءِ ڪنهن خاص ٻوليءَ جو ”ڪلاسڪ“ تڏهن مڃي ويندي جڏهين پهريائين ته ان ۾ خاص ان ٻوليءَ جون مڃيل خوبيون موجود پاتيون وڃن.
ڊاڪٽر سورلي، شاهه لطيف تي لکيل پنهنجي محققانه ڪتاب جي جلد ٻئي ۾ هڪ خاص باب قائم ڪيو آهي، جنهن جو عنوان لکيو اٿس ”هڪ ڪلاسڪ جو جنم“ ڊاڪٽر سورلي جي نظر ۾ سنڌي ٻوليءَ جو ”ڪلاسڪ“ خود ڄائوئي ان وقت جڏهين شاهه جو رسالو وجود ۾ آيو.
اگرچ سنڌي ٻوليءَ ۾ گهڻيون شيون ان کان اڳ به پيش ٿي چڪيون هيون ۽ بيشمار ادب ان کانپوءِ به پيش ٿيندو آيو آهي، پر ان کان اڳ پيش ٿيل شيون هن معنيٰ ۾ ”ڪلاسڪ“ جي درجي تائين پهچي نه سگهيون هيون ۽ ان کانپوءِ جو ڪجهه پيش ٿيو سو خود انهي ”ڪلاسڪ“ جي ڄمڻ جو نتيجو هو. ”ڪلاسڪ“ هڪ دفعو ڄمڻ کانپوءِ ان ٻوليءَ جو مخصوص رنگ ٻهاري ۽ قائم ڪري ٿو ۽ پٺيان ايندڙن لاءِ هڪ اهڙي واٽ گهڙي ٿو جا پنهنجي ليکي مستقل هجڻ سان گڏ صحيح ڏس ۾ ان ٻوليءَ جي واڌاري جو سبب بنجي ٿي.
شاهه جي زبان انهيءَ لحاظ کان سنڌي ٻوليءَ جي ”ڪلاسيڪل“ شڪل آهي. هي اها شڪل آهي جا ڪنهن به ٻوليءَ جي سلامتي جو سبب بنجي ٿي. زمانه جي گذرڻ بعد ڌارين ٻولين ڳالهائيندڙن سان لهه وچڙ ۾ اچڻ سبب يا ملڪ تي ڌارين قومن جي تسلط هجڻ سبب ملڪي ٻوليون ڌاريان اثر قبول ڪري وٺن ٿيون.
اهڙين حالتن ۾ اها ڪلاسيڪل شڪل ئي آهي جا ڪنهن خاص ٻوليءَ جي بچاءُ ڪري ٿي ۽ انکي ڌارين لهر ۾ لڙهي وڃڻ سان پنهنجي اصليت گم ڪرڻ کان بچائي ٿي، ٻولي جي لغت کي پاڻ ۾ سميٽي محفوظ رکي ٿي، ٻوليءَ جا اصلي ڌاتو يا اشتقاق ۽ اصلي لهجا ۽ اُچار ۽ اصلي ورجيسيون يا نحوي ترڪيبون سلامت رکي ٿي جن تي خود ٻوليءَ جي انفرادي وجود جو مدار آهي.
هاڻوڪي زماني جا ڪيترا پڙهيل سڄڻ اها شڪايت ڪندا آهن ته اسان کي شاهه جي زبان سمجهڻ ۾ دقت ٿئي ٿي اگرچه هنن جي پنهنجي مادري زبان سنڌي هوندي آهي. اهي پاڻ جيڪڏهن غور سان ڏسندا ته کين معلوم ٿيندو ته هنن پاڻ ئي ڌارين ٻولين جا ايترا غلاف پنهنجي ڳالهائڻ ٻولهائڻ تي چاڙهي ڇڏيا آهن جو مادري ٻولي يعني ماءُ جي هنج ۾ حاصل ڪيل ٻوليءَ کان هو پاڻ گهڻو پري نڪري ويا آهن ۽ انهيءَ ڪري پاڻهي پاڻ لاءِ هڪ مونجهارو پيدا ڪري ويٺا آهن. انهي شڪايت جو علاج ئي اهو آهي ته ڪجهه عرصو هو پنهنجي گهرو ٻوليءَ ڏانهن رغبت رکن ۽ پوءِ ڏسن ته شاهه جي زبان سمجهڻ ۾ هنن کي ڪيتري نه آساني ٿي ٿئي. هاڻي اسانکي ڏسڻو آهي ته شاهه صاحب ڪيئن پنهنجي ڪلام جي ذريعي سنڌي ٻوليءَ جي لغت کي وڏي ڀاڱي پاڻ ۾ سميٽي محفوظ رکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ڪيئن ٻوليءَ جي لفظن جا اصلي ڌاتو، اصلي لهجا، ۽ اچار ۽ اصلي ورجيسيون، پهاڪا ۽ اصطلاح سلامت رکيا آهن، ڪيئن شاهه سنڌي ٻوليءَ جي سڀني رائج ٿيل شاخن کي نمائندگي ڏني آهي ۽ ڪيئن هنن بنهه ڌارين ٻولين جا اهڙا لفظ سندن سنڌي چولي ۾ پيش ڪيا آهن جي عام استعمال ۾ اچڻ سبب ٻوليءَ ۾ سمائجي ۽ کپي ويا هئا. بلڪه اسانکي اهو به ڏسڻو آهي ته ڪنهن خاص خيال جي ادائگي مجموعي طور شاهه ڪنهن ڌارين ٻولي جي مقابله ۾ پنهنجي ٻوليءَ ۾ ڪئن اهڙي تڪي توري بهاري آهي جو اها ادائگي خود ان قوم جي طول طريقه جي به آئينه دار ٿئي جا قوم ان ٻوليءَ کي ڳالهائي ٿي. زبان جي لحاظ کان اهي ڳالهيون آهن جن کي اسين پنهنجي هن متبرڪ ”ڪلاسڪ“ مان حاصل ڪري انهن کي پنهنجي ادب جي آئنده لاءِ رهبر طور اختيار ڪري سگهون ٿا جئن هر ڪنهن ٻوليءَ جا گهڻگهرا پنهنجي ٻوليءَ لاءِ ڪندا آهن.
جيتري قدر پنهنجي ٻوليءَ جي لغت کي پنهنجي ڪلام ۾ سميٽي محفوظ رکڻ جو تعلق آهي، شاهه جو رسالو مجموعي طور هن ڳالهه جي ثبوت لاءِ پنهنجو پاڻ هڪ اهڙو دستاويز آهي جنهن جي باري ۾ نه فقط پنهنجن ٻوليءَ جي ماهرن کي مڃايو آهي پر ڌار ڌار ٻولين جي کوجنائن ڪندڙن جي واتان به هن ڳالهه جو تعجب سان اقرار ڪرايو آهي.
پنهنجن مان هڪ ٻوليءَ جو ماهر جنهن کي دنيا جي ٻين ڪيترين مکيه ٻولين ۾ به مهارت حاصل آهي سو اجهو هنن لفظن ۾ ان ڳالهه جو اظهار ڪري ٿو:
”ملٽن پنهنجي جمله ڪلام ۾ انگريزي زبان جا ڪل اٺ هزار لفظ سميٽيا آهن ۽ شيڪسپيئر ڪل اٽڪل سورهن هزار لفظن تائين ويو آهي. شيڪسپيئر سورهن صدي عيسوي جي ايلزبيٿ دور جي انگريزيءَ جو نمائندو آهي.“
شاهه لطيف ارڙهين صدي عيسوي جي سنڌي زبان جي لفظن جي ذخيره کي نباهيون ويجهاهيو ۽ وڌايو آهي. ٻوليءَ جي لفظن جي ڳاڻيٽي جي لحاظ کان شاهه لطيف جي ڪلام جو ذخيرو دنيا جي ٻين ٻولين جي اڪثر وڏن شاعرن جي ڪلام ۾ پيش ٿيل لفظن جي ذخيرن جي ڀيٽ ۾ ڪافي وڌيڪ آهي. رساله ۾ سنڌي ڪلام جا 36 عنوان آهن جن کي ”سر“ سڏيو ويندو آهي. (انهن ۾ هڪ سرائڪي ۽ هڪ ڍاٽڪي سر به شامل آهن جن کي ٻولين جي عام اصول موجب اسين سنڌي ٻوليءَ جون شاخون ٿا سمجهون).
انهن 36 سرن ۾ وري ڌار ڌار عدد ۾ داستان آهن، جن جو تعداد هر هڪ ۾ هڪ کان وٺي ٻارهن داستانن جي وچ۾ آهي. جمله تعداد داستانن جو هڪ سئو ٻاونجاهه آهي. لغت جي لحاظ کان سنڌي ٻولي جا جيڪي ڌار ڌار لفظ آهن انهن داستانن ۾ سمايل آهن، تن جو ڳاڻيٽو ڪبو ته سواءِ شيڪسپيئر ۽ گوئٽي جي، ٻين ڪن ٿورن دنيا جي ٻين ٻولين جي شاعرن جو ذخيرو، شاهه جي سميٽيل ذخيره جي ڀيٽ ۾ پيش ڪري سگهبو. پر رڳو لفظن جو ڳاڻيٽو به ڪو اهڙي پرک ڪرڻ لاءِ ڪافي نه آهي. ڪنهن ٻولي ۾ وڌ کان وڌ خيالن ادا ڪرڻ لاءِ شاعر جا وسعت پيدا ڪري ٿو تنهن کي به جيڪڏهن نظر ۾ رکيو وڃي ته مڃڻو پوندو ته شاهه لطيف فقط هڪ صوبائي ٻولي کي جنهن اوج تي پهچايو تنهن تي ٻين گهڻن صوبن ۾ ڪتب ايندڙ ٻولين مان ڪنهن هڪ ٻوليءَ جو فقط هڪ شاعر نه پهچائي سگهيو. چيو وڃي ٿو ته شاهه جي رسالي جا ڪي بيت، بلڪ ڪن سرن جا ڀاڱا يا مورڳو ڪي ننڍا سڄا سر شاهه جا چيل نه آهن. پر انهي دليل جو به اسانجي هن حجت تي ڪو اثر نٿو پوي ڇو ته انهن بيتن يا سرن جي ڀاڱن کي به هن طرح هڪ هنڌ سميٽي ڇڏڻ لاءِ به اسين خود شاهه جا ٿورائتا آهيون. انهن مان گهڻا اهڙا آهن جي شاهه جي اڳيان چيا يا ڳايا ويندا هئا ۽ انهي ڪري رساله ۾ جمع ٿي ويا آهن. پر اسانجي دليل مان ظاهر آهي ته خود انهن جو به اهڙي طرح جمع ٿي وڃڻ فائده کان خالي نه آهي. تڏهين چئبو ته جيڪي سڄڻ باريڪ کوجنائون ڪري اهڙي مواد کي رساله مان ڪڍي مورڳو ڦٽو ڪرڻ جي پويان پيل آهن سي ته اسان جي ادب کي انهي فائده کان محروم ڪرڻ ٿا گهرن جو ان کي شاهه جي ذوق سليم جي صدقي نصيب ٿيو آهي. اهڙي ڇنڊ ڇاڻ ڪن حالتن ۾ هن جذبه هيٺ به ڪرڻ ۾ پيئي اچي ته ڀلا ٻين جي موڙي تي رڳو شاهه جو نالو ڇو چمڪي. پر جن ۾ ڪن جا نالا موجود آهن تن جا نالا ته شاه به جئن جو تئن رهڻ ڏنا آهن ۽ جي نالي چمڪڻ سان ئي مقصد هجي ها ته جيڪر شاهه پنهنجي وقت جي دربارن جي ذريعي اهو ڪم بهتر نمونه ڪري سگهي ها ۽ هوند هڪ سڃي ڀٽ ڪين وڃي وسائي ها. مطلب ته شاهه صاحب جو سڀڪو لايو سجايو آهي ڇو ته اهو خلوص تي ٻڌل آهي.
هاڻي هن پهلو کي ڇڏي، اچو ته ”ڪلاسڪ“ جي ٻين بيان ڪيل پهلوئن جي روشنيءَ ۾ شاهه جي رسالي جي زبان کي جانچيون.
عربن جي فتح ڪيل سنڌ جي حدن ۾ جيڪي به مڪاني ٻولي جا قسم هن خطه ۾ ڳالهايا ويندا هئا تن سڀن جي ڀاڱي پتيءَ پٽاندر شاهه جي رسالي ۾ نمائندگي ٿيل آهي. رسالي جي عام ٻولي وچولي ۽ لاڙ جي ٻولي آهي جي سماٽ قومن جا اصلي مرڪز هئا ۽ انهي ڪري اُچارن، لهجن ۽ پڻ گرامر جي قاعدن ۽ نحوي ترڪيبن ۾ انهي کي ئي اختيار ڪيو ويو آهي ۽ شاهه صاحب جي ئي دڳ لائڻ جي آڌار تي اهيئي نمونا اسانجي ڄاڻو تعليمي ماهرن درسي ڪتابن ذريعي رائج ڪيا ۽ اهڙيءَ طرح اسانجو وڌندڙ ادبي ذخيرو صحيح ڏس ۾ هلڻ لڳو. اڃان ئي ڪجهه ٺيٺ لاڙي لفظ ۽ لفظن جون اڳاڙيون، ڪي سندن اصلي ميٺاج سبب ۽ ڪي گرامر جي جزي هجڻ سبب شاهه صاحب جئريون رکيون جن کي پوءِ جي تعليمي نصاب وارن نامعلوم سببن ڪري ترڪ ڪري ڇڏيو. جئن ته: ڇا جي بدران ڪڄاڙو، نه ڇڏ جي بدران م ڇڏ وغيره.
پر اسانجي ٻوليءَ جالاسي، سرائڪي، ٿري، ڪڇي بلڪه بروهي ۽ بلوچي جزا به شاهه حصي پٽاندر محفوظ ڪيا آهن ۽ ڪيترن سڄڻن شاهه صاحب جي خالص اهڙن ڪتب آندل لفظن جو ڌار فهرستون سمجهاڻين سان مرتب ڪيون آهن جن مان معلوم ٿو ٿئي ته انهن قسمن جي ٻوليءَ جو به ڪافي حصو شاهه سميٽيو آهي.
اهڙي طرح ڪن سڄڻن رڳو شاهه جي ڪتب آندل پهاڪن کي ئي ويهي جمع ڪيو آهي ته چڱا موچارا ڪتاب لکجي پيا آهن. ڪڙمين، ڪاسبين ۽ وڻجارن جي مخصوص اصطلاحن جو ته رسالي ۾ ڪاٿو ئي ڪونهي، اهي پنهنجي ليکي لغت جو هڪ چڱو حصو والارين ٿا ۽ اسانجي ٻوليءَ جي هڪ نهايت امتيازي خاصيت جا عام نظرن کان اوجهل آهي سا پڌري ڪن ٿا، اهڙي طرح ٻوليءَ جي هڪ ٻي امتيازي خاصيت جنهن موجب ساڳي شئي جا ٿوري ٿوري فرق سان نالا بدلندا رهن ٿا تنهن کي به شاهه صاحب اهڙو نڀايو آهي جو پوري موقعي سان ڌار ڌار نالو ڪتب آڻيندو ويو آهي، جئن خود سندس شعر ئي لفظ جي سمجهاڻي بنجي پوي ٿو.
اهڙي طرح لفظي محاورا جن موجب هڪ لفظ ئي پنهنجي عام لغوي معنيٰ کان سواءِ ٻي معنيٰ به ڏئي ٿو تن جو اهڙو استعمال به شاهه صاحب محفوظ ڪيو آهي. مثلاَ لفظ ”گهوڙا.“
دانهن يا زور ڀريل آوازن جي معنيٰ ۾:-
ڪ تو ڪنين نه سئا، جي گهٽ اندر گهوڙا.
آفت يا مصيبت جي معنيٰ ۾:-
گهوڙن هنئي سڀڪا، اٺن هنئي آنءُ،
جا نينهن ڳنڍي نانءُ، سا مون جئن پوندي مامري.

شاهه جي ڪتب آندل زبان انهي ڳالهه جي به آئينه دار آهي ته ڪنهن ڌاري ٻوليءَ ۾ ادا ٿيل ڪنهن خاص خيال کي پنهنجي ٻوليءَ ۾ چيدن لفظن ۾ ڪئن تڪي توري بهارجي، جئن اصلوڪو خيال پنهنجي ٻوليءَ ۾ نه فقط پورو ادا ٿي وڃي بلڪ ڌارين ٻولين جي مقابله ۾ پنهنجي ٻولي ۾ ادا ڪرڻ سان خيال جي بلنديءَ سان گڏ پنهنجو مخصوص فطري لاڙو به واضح ٿئي، ڇو ته ٻولي ان قوم جي طور طريقه جي آئينه دار هجڻ گهرجي جا انکي ڳالهائي ٿي مثلاَ گرنٿ ۾ هڪ وائي آهي ته:-
جي سئو چندرا اُگهي، سورج چڙهن هزار،
اتني چاندن هونديان، گرين گهور انڌيار.
ساڳئي خيال جي سنڌيءَ ۾ شاهه جي ڪيل ادائگي هن ريت آهي ته:-
سهسين سجن اڀري، چوراسي چندن،
بالله ري پرين، سڀ اونداهي ڀانئيان.
”بالله“ جي لفظ آڻڻ سان شاهه صاحب جي شعر ۾ ايترو زور ۽ تاڪيد پيدا ٿي پيو آهي جو لفظ ٻڌائي ٿو ته چوڻ وارو ايمان جي پختگي ۽ قلب جي تصديق سان اها ڳالهه چئي رهيو آهي ته جڳ لاءِ ڪيترا به کڻي سج چنڊ اڀرن پر محبوب جي هجڻ کانسواءِ جيتريقدر منهنجي جند جو تعلق آهي آءٌ پاڻ لاءِ اونداهي ئي اونداهي سمجهانٿو. ساڳي طرح حافظ شيرازي جي هڪ غزل جو شعر آهي ته:-
درميان قعر دريا تخته بندم کرده،
بازمي گوئي که دامن تر مکن هشيار باش.
 حافظ خود محبوب کي ٿو ڏوراپو ڏئي ته مونکي وچ درياه ۾ تخته سان ٻڌي کڻي ڦٽو ڪيو اٿئي پوءِ ٿو چوين ته پلاند نه پساءِ؟ پر شاهه صاحب ساڳيو خيال نماڻن لفظن ۾ پنهنجو پاڻ ادا ٿو ڪري. نڪي محبوب کي مخاطب ٿو ڪري نڪي انکي ڏوراپو ٿو ڏئي بلڪ اٽلندو هڪ مٺڙي ۽ دل وڻندڙ حقيقت ٿو بيان ڪري:-
مونکي مون پرين، ٻڌي وڌو نار ۾، 
اڀا ائين چون، مڇڻ پاند پسائين.

No comments:

Post a Comment