شاهه جو رسالو

Thursday 2 November 2017

لطيف انسانيت جو شاعر ـــ واحد پارس هيسباڻي (WAHID PARAS HEESBANI)

واحد پارس هيسباڻي

 لطيف انسانيت جو شاعر

هن تنگ نظري، مفادپرستي، نفسانفسي واري دور ۾ اسين جڏهن لطيف سائين جي شاعري پڙهون ٿا ته ان ۾ انهن سمورين خرابين ۽ منافقتن جو رد ملي ٿو. لطيف اسان جي اڳيان انسانيت جي شاعر جي صورت ۾ سامهون اچي ٿو، جنهن وٽ صرف ۽ صرف پيار جي ٻولي آهي، هن وٽ صرف ۽ صرف ڳنڍڻ جي ڳالهه آهي، ڪٿي به ڇنڻ جي ڳالهه نه ٿو ڪري:
هلو هلو ڪورئين، نازڪ جنين جو نينهن،
ڳنڍين سارو ڏينهن ڇنڻ مور نه سکيا.
هو نهائين کان نينهن سکڻ جي ڳالهه ڪري ٿو:
نهائينءَ کان نينهن سک منجهان سپرين،
سڙي سارو ڏينهن ٻاهر ٻاڦ نه نڪري.
ڀٽائي پوري رسالي ۾ انسانيت سان پيار جي ڳالهه ڪري ٿو. هي جڏهن دعا لاءِ هٿ کڻي ٿو ته سنڌ سان گڏ پوري عالم لاءِ دعا ڪري ٿو، جيڪا ڳالهه کيس عالمي سطح جي شاعر واري صورت ۾ سامهون آڻي ٿي.
سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار،
دوست تون دلدار عالم سڀ آباد ڪرين.
لطيف جي شاعري ۾ ڪٿي به تنگ نظري جو هڪ اکر به نظر نه ٿو اچي بلڪه هن جي سٽ سٽ تنگ نظري کي نندي ٿي. ان کان وڌيڪ سندس ڪشاده دلي جو ٻيو ڪهڙو مثال ٿي سگهي ٿو ته سهڻي سندس سورمي آهي، جنهن کي هن دل کولي داد ڏنو آهي، اها سورمي جيڪا پاڻ واري سماج جي ريتن رسمن کي ٽوڙي درياهه پار ڪري پنهنجي محبوب سان ملي ٿي.
سياري سه رات ۾ جا گهڙي وسندي مينهن،
هلون ته پڇون سهڻي، جا ڪر ڄاڻي نينهن،
جنهن کي راتو ڏينهن، ميهار ئي من ۾.
هو نه رڳو سهڻي جي جرئت ۽ همت کي ڳائي ٿو، سندس سچي پيار کي سلام پيش ڪري ٿو، پر ان درياهه تي قيامت جي ڏينهن دانهڻ جي ڳالهه پڻ ڪري ٿو، جنهن سهڻي کي ٻوڙيو.
ڪنڌي جهليو ڪانهن، عاشق اڀو آهون ڪري،
تو ڪئين ٻوڙي سهڻي؟ ٻيلي منهنجي ٻانهن،
درياهه توتي دانهن، ڏيندس ڏينهن قيام جي

ڀٽائي جي تصوراتي سگهه! ـــ شبنم گل (SHABNAM GUL)

شبنم گل

ڀٽائي جي تصوراتي سگهه!
 
           شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعريءَ ۾ حواس خمسه جي بهترين مشاهدن تي مشتمل زندگي ۽ سنسار جو ڳوڙهو اظهار آهي، فن ۽ فڪر جون مختلف صورتون لاشعور جي وسيع دنيا جو عڪس آهن. اها دنيا مخفي، پراسرار ۽ حيرت ۾ مبتلا ڪندڙ آهي. تصوف جي حوالي سان روحانيت جو مظهر پڻ، شعوري سطح تي ٿيندڙ ڄاڻ، مشاهدو ۽ تجربو آهي. اهڙي مشاهدي لاءِ ضروري آهي ته جسم، ذهن ۽ روح ۾ ويجهڙائي هجي. ان خيال کي ڀٽائي پنهنجي مختلف شعرن ۾ ورجائي ٿو. اخلاقي فلسفي جا ماهر جوزف بٽلر ۽ جي اي مور جي خيال مطابق سوچ جو صحيح رخ، خاص انساني اخلاقي صلاحيت تي دارومدار رکي ٿو. سندن خيال آهي ته مشاهداتي سگهه ئي وجداني ۽ منطقي اصولن جو مجموعو آهي، جنهن لاءِ ذاتي تجزيو ۽ خالص پرک جو معيار گهربل آهي. ساڳئي نموني ڪانٽ مطابق ڄاڻ کي وجداني ڪيفيت وسيلي سمجهي سگهجي ٿو. ان خيال جي ڀرپور ترجماني شاهه سائين جي هن شعر ۾ بيان ٿيل آهي.
اکر پڙهه الف جو، ورق سڀ وسار،
اندر تون اجار، پنا پڙهندين ڪيترا.

اندر جو اجارڻ هڪ واجداني ڪيفيت آهي. وجدان جو مطلب اهو آهي ته اڳواٽ شين جي حقيقت جي پروڙ پئجي وڃي، يا ماڻهوءَ کي اڳواٽ مستقبل ۾ ٿيندڙ واقعن جو علم ٿئي. اها علم ۽ عمل جي هڪجڙائي آهي. علم کي عمل جي پهچ گهرجي، جنهن لاءِ علم کي صحيح نموني سمجهڻ جي ضرورت آهي. جديد نفسيات ۽ مابعداز نفسيات جو بنياد پڻ ان سوچ تي ٻڌل آهي. Intuition يا وجدان خوابن جو هڪ اهم حصو ٿئي ٿو، انهن خوابن جي ترجماني جديد نفسيات بخوبي ڪئي آهي. مثال البرٽ آئنسٽائن پنهنجي جڳ مشهور ٿيوري آف ريليٽوٽي کي ننڍپڻ جي خواب سان منسوب ڪري ٿو. اها ان وقت جي ڳالهه آهي جڏهن هو رياضيءَ جي مضمون ۾ فيل ٿيو هو، ۽ سندس والدين کيس پلمبر جو ڪم سکڻ لاءِ زور ڀرڻ لڳا. اهو دور آئنسٽائن لاءِ ڏکيو هو، انهن ڏينهن ۾ هن خواب ڏٺو ته هو ۽ سندس دوست رات جو برف سان ڍڪيل پهاڙ تي ترڪي رهيا هئا، وري مٿي چڙهي هيٺ لهڻ لڳا. ان مهل کيس اندازو ٿيو ته سندن رفتار روشنيءَ جي رفتار کان تيز ٿيندي پئي وڃي. ان گهڙيءَ هن مٿي نهاريو، جتي ستارا مختلف رنگن ۾ ويڙهيل هئا، جيڪي کيس اڳي ڪڏهن به نظر نه آيا. آئنسٽائن جو چوڻ آهي ته ”منهنجو سمورو سائنسي ڪيريئر ان خواب جو ثمر آهي، جنهن تي مان مستقل غور و فڪر ڪندو رهيس.“ جديد نفسيات جي باني ماهرن فرائڊ، ڪارل يونگ، جيمز هلمين ۽ ميڊراڊ باس ان ڏس ۾ وجداني خوابن تي اهم ڪم ڪيو آهي. مثال طور ڀٽائيءَ جي شاعريءَ ۾ پاڻيءَ جو ذڪر جابجا ٿيل آهي، اهي درياهه يا سمنڊ پنهنجي وسعت ۾ گهري تمثيلي معنيٰ رکن ٿا.

Tuesday 31 October 2017

شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ هڪ اهم سماجي قدر ـــ سُجاڳي ..... ڊاڪٽر احسان دانش (DR. Ahsan Danish)

ڊاڪٽر احسان دانش
شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ هڪ اهم سماجي قدر 
سُجاڳي
قدرن جو تعلق انسان جي ذاتي عمل، احساس ۽ اخلاق سان به آهي ته سماجي ۽ ثقافتي سرگرمين، ريتن، رسمن ۽ رواجن سان پڻ. ڪجھ قدرَ مذهب، عقيدي، تهذيب ۽ تمدن جي دائري ۾ اچن ٿا ته ڪي وري ادب ۽ اخلاق جو احاطو ڪن ٿا. مجموعي طور سمورن قدرن جو تعلق فردَ سان ئي هوندو آهي. انهن قدرن ۾ انسان جي سوچ، فڪر، عمل، جذبو، احساس، تصور، تخيل، خواهش وغيره شامل آهن. سماج پنهنجي سماجي قدرن جي پاسباني ان ڪري ڪندو آهي جو سماج جي بقا جو دارو مدار گھڻي حد تائين انهن ئي قدرن جي تحفظ تي هوندو آهي.“(1) ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته هڪ شاعر جنهن سماج ۾ پيدا ٿئي ٿو، ان سماج ۾ مروج قدرن کان ضرور متاثر ٿئي ٿو پر هو پنهنجي سوسائٽي جي خراب قدرن کي وڏي واڪي خراب چوي ٿو ۽ انهن کي اکيون ٻوٽي قبول نه ٿو ڪري، نه رڳو ايترو پر هو پنهنجي سماج جي اعلى قدرن کي ٽٽندو ۽ ڀرندو ڏسي انهن کي نئين سر جيئارڻ جا جتن به ڪندو آهي. تنهن ڪري شيلي (Shelley) بلڪل صحيح چيو آهي ته ”شاعري هڪ اهڙو آئينو آهي، جيڪو مسخ ٿيل شين ۾ نئين سر حسن پيدا ڪندو آهي.“ (2) شاعر جي انهي تخليقي قوت سبب ڪنهن به سماج ۾ پنهنجي وڃايل قدرن کي نئين سِر ڳولڻ جي آرزو پيدا ٿيندي آهي. پر جڏهن اسين عالمي قدرن جي ڳالھه ڪندا سين ته هڪ شاعر کي پنهنجي سماج ۾ مروج قدرن کان مٿاهون ٿي سوچڻو پوندو. شيلي (Shelley) پنهنجي مضمون Defence of Poetry ۾ صحيح لکيو آهي ته ”هڪ شاعر لاءِ اهو واجب ناهي ته هو پنهنجا ذاتي تصور نيڪي ۽ بدي کي، جيڪي عام طور سندس ملڪ ۽ زماني جا تصور هوندا آهن، پنهنجين تخليقن ۾ سمائي ڇڏي، ڇو ته سندس تخليقون سندس ملڪ ۽ زماني کان ماورا هونديون آهن.“ (3) يعني شاعر پنهنجي شاعريءَ ۾ پنهنجا تصور مڙهڻ بدران اهڙو خيال پيش ڪري جيڪو سڀني کي پنهنجو لڳي ۽ زمان ۽ مڪان جي حدن کي اورانڱي سگھڻ جي سگھ رکندو هجي ۽ اهڙن سماجي قدرن کي پنهنجي شاعريءَ جو حاصل بڻائي جن کي سڄي دنيا اهميت جي نگاھ سان ڏسندي هجي. ان حوالي سان اسان کي سنڌي زبان ۾ جيڪي شاعر نظر اچن ٿا انهن ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو مقام سڀني کان مٿاهون آهي.
ڀٽائي پنهنجي شاعريءَ ۾ اعلى مثبت سماجي قدرن کي جيئارڻ جا جتن ڪيا آهن ۽ منفي سماجي قدرن کي ننديو آهي. هن پنهنجي شاعريءَ لاءِ جيڪي داستان چونڊيا آهن، سي سمورا سنڌي سماج سان تعلق رکن ٿا، انهن داستانن جا ڪي ڪردار هيڻا آهن ته ڪي سگهارا ۽ انهن سمورن ڪردارن وسيلي شاھ سائين طبقاتي نظام توڙي سماجي ۽ اخلاقي قدرن کي واضح ڪيو آهي.
سُجاڳي هڪ مثبت سماجي قدر آهي. جن سماجن ۾ اهو قدر رائج هوندو آهي انهن تي ڪي ڌاريون ۽ غاصب قومون حمله آور ۽ حاوي ٿي نه سگھنديون آهن. بيدار قوم هميشه دشمن جي وارَ کان بچيل رهندي آهي. ان سُجاڳي ۽ بيداري سبب سماج ۾ شعور جون ڏياٽيون روشن ٿينديون آهن. غفلت، سستي ۽ ڪاهلي سماج کي اڏوهي وانگر انداران ئي اندران کائي کوکلو ڪري ڇڏيندي آهي ۽ بيداري، حوصلي ۽ ولولي جو نالو آهي. سماجي تبديليءَ لاءِ سُجاڳي هڪ اهم قدر آهي. ڀٽائي جي شاعري ان اعلى قدر سان ڀريل آهي. شاهه سائين پنهنجي رسالي جي ڪيترن ئي سُرن ۾ ان قدر کي ڪٿي انفرادي طور ته ڪٿي وري اجتماعي حوالي سان اجاگر ڪيو آهي. شاهه پنهنجي دور جي سماجي حالتن کي ڏسندي ان قدر کي پنهنجي شاعريءَ ۾ اڀاريو آهي. اهو ستل قوم کي ڌونڌاڙي اٿارڻ جو وقت هيو، نڀاڳي ننڊ کي نيڻن مان اکيڙڻ جي ويل هئي ۽ سستي ۽ ڪاهلي کي پاڙان پٽڻ جا پل هيا. اهي غفلت جو گھيرو ٽوڙڻ جا لمحا هيا. تنهن ڪري لطيف پنهنجي سڄي رسالي ۾ سجاڳي ۽ بيداري جو درس ڏئي ٿو. اهوئي درس ۽ اهو ئي پيغام ڀٽائيءَ جي شاعريءَ جي سماجي ڪارج کي ظاهر ڪري ٿو. ”لطيف ستلن کي جھنجھوڙي جاڳائي ٿو ۽ ڪانئرن، سُستن، ٿڪلن ۽ ننڊ ــ نهوڙيلن کي ڌونڌاڙي اٿاري ٿو. کين پنهنجي مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ اتساهي ٿو ۽ منزل ماڻڻ لاءِ مسلسل محنت ۽ جدوجهد کي جاري رکڻ جو تاڪيد ٿو ڪري، جنهن ۾ رتيءَ ماتر به غفلت برداشت نٿو ڪري.“ (4) ”شاهه لطيف وٽ سُجاڳيءَ جو وڏو درجو آهي. سماجي تبديلين آڻڻ ۽ تاريخ کي اڳتي وڌائڻ جو پهريون ڏاڪو سُجاڳي آهي. شاهه لطيف فقط انهن کي ئي دوست ٿو سمجھي، جيڪي جوانيءَ جون راتيون به جاڳي گذارين ٿا.“ (5) سجاڳي جي سنيهي جي حوالي سان شاهه جو سُر سريراڳ، سُر ڪوهياري، سُر کاهوڙي، سُر رامڪلي ۽ سُر ڏهر خاص اهميت جا حامل آهن.
سُر سريراڳ شاهه جو پاڻيءَ وارو سُر آهي، جنهن ۾ سمنڊ ۽ سامونڊي سفر جا احوال آهن. وڻجارن جي مصيبتن جو مذڪور آهي. ڀٽائي هن سُرَ جي پس منظر ۾ سماج جي ان طبقي کي بيدار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جيڪو پنهنجي مٿان سُستي ۽ ڪاهليءَ جي چادر تاڻي پنهنجي آس پاس جي سمورن خطرن کان بي خبر بڻجي سُتو پيو آهي. اهو طبقو يا ته ڊنل آهي يا وري ڪمزور. اهڙا ڪاهل ۽ ڪمزور انسان سماج جي خرابين کي ختم نه ٿا ڪري سگھن.

شاهه لطيف بحيثيت قومي اڳواڻ ـــ طارق عزيز شيخ (Tariq Aziz Shaikh)

طارق عزيز شيخ

شاهه لطيف بحيثيت قومي اڳواڻ

هڪ سچي شاعر جو ڪلام پنهنجي دور جي آرسي هوندو آهي. شاعر پنهنجي دل جي گُهر ۽ پنهنجي ذاتي مشاهدي تي فطري طرح پنهنجي ماحول جي حالتن، حق ۽ ناحق ۽ ريتن رسمن کان متاثر ٿي ڪلام ۾ اُهي واقعات شعوري ۽ غير شعوري طور آڻي ڇڏيندو آهي جي سچ پچ ان دور جي سچي تصوير هوندا آهن. جڏهن به ڪنهن ملڪ ڪنهن خاص دور جي صحيح صورتحال لاءِ مواد ڏسڻو پوندو آهي ته ان وقت نثري مجموعن سان گڏ نظم جو ذخيرو پڻ نظر مان ڪڍڻ ضروري ٿيو پوي ٿو.
ٻارهين صديءَ ۾ سياسي طرح سنڌ وڏي ڪوپ ۽ ڪشمڪش ۾ گرفتار هئي، جو مٿان نادر اچي نمودار ٿيو. ان کان اجل آجو ڪيو ته قنڌارين اچي مٿان ڪڙڪو ڪيو. هڪ دفعو نه پر بار بار گهران رسن ته سڌو سنڌ ۾. ان ڪري سنڌ ۾ ان چوڻي جنم ورتو ته ”جڏهن تڏهن سنڌڙي توکي قنڌالِن جوکو“.
شاهه صاحب اورنگزيب جي وفات وقت سورنهن سالن جو هو. مغلن جو اثر گهٽجي ويو هو. حڪومت نور محمد ڪلهوڙي جي حوالي ٿي چڪي هئي ۽ هن سڄي سنڌ سبيءَ تائين پنهنجي قبضي ۾ ڪري ورتي هئي. مغلن جي ڪمزوريءَ مان فائدو وٺندي ميان نور محمد پاڻ کي مضبوط ڪندو رهيو. مغلن جي ڪمزوري پرکي نادر شاهه ايرانيءَ دهليءَ تي حملو ڪيو ۽ اتان موٽندي سنڌ تي مارو ڪيائين.
1152هه (1739ع) ۾ ميان نور محمد کان 20 لک رپيا ساليانو ڏن مقرر ڪرائي سندس ٽن پٽن مرادياب، عطر خان ۽ غلام شاهه کي ايران وٺي پوءِ اٺن سالن بعد جڏهن نادر شاهه کي ماريو ويو تڏهن شهزادن جي جند ڇٽي ۽ ملڪ موٽيا.
نادر شاهه جي مرڻ بعد احمد شاهه ابدالي خراسان ۽ ايران جي حڪومتن تي قبضو ڪيو ۽ هن ڪلهوڙن کي دستوري ڏن ڏيڻ لاءِ لکيو جو نور محمد ڪلهوڙي ڏيڻ کان انڪار ڪيو، جنهن تي هو 1747ع ۾ سنڌ تي ڪاهي آيو. ميان نور محمد ٿرپارڪر ڀڄي ويو ۽ اتي ئي مري ويو. ابدالي اتي به اچي پهتو هئس.
انهن انقلابن طوفانن کان سواءِ سنڌ ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني پڻ ٺٽي ۾ پهريون ڀيرو 1735ع ۾ واپاري ڪوٺي کولي هئي، جا ستت کانئن کڻائي ويئي. 1757ع ۾ وري غلام شاهه جي زماني ۾ ٻيهر ٺٽي ۾ ڪوٺي کوليائون ان وچ ۾ انگريز واپاري، ڪلهوڙن جي درٻار ۾ ايندا رهيا. هوڏانهن عربي سمنڊ ۾ بورچو گيز ڌاڙيل به لامارا ڏيندا هئا ۽ ٻيڙا ڦريندا رهندا هئا.
شاهه لطيف غيرن جي ڏاڍاين کي به ڏٺو ته نين غلامتين جا ڄار پکڙجندي ڏٺا ۽ پنهنجي قوم کي هن طرح خبردار ڪيائين ته:
معلم ماڳ نه اڳئين، ڦلنگي منجهه ڦريا،
ملاح تنهنجي مڪڙيءَ اچي چور چڙهيا،
جتي ڍنگ ڍريا، تتي تاري تنهنجي!

شاهه جي سوانح جا ٻه اهم پهلو ــــ غلام محمد لاکو (Ghulam Muhammad Lakho)







شاهه جي سوانح جا ٻه اهم پهلو


        حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سنڌ جو سدا حيات سرواڻ شاعر آهي. حقيقت ۾ ان قسم جي شاعرن کي ”ٻولين جا ٺاهيندڙ“ {The Makers Of Language} سڏيو ويو آهي. بلاشيـﮣ ساهه کان اڳ توڙي پوءِ، ٻيا به ڪافي ناليوار شاعر ٿي گذريا آهن جن کي پڻ سنڌي ادبي تاريخ ۾ پنهجي مستقل ۽ جدا گانه حيثيت حاصل آهي، تاهم لطيف کي اسان جي تهذيبي ۽ ادبي اتهاس ۾، انتهائي مٿانهين حيثيت ۽ مان مرتبو حاصل آهي. شاهه جو ڄمڻ ۽ شاعري ڪرڻ، سنڌي زبان جي مڪمل ٿيڻ {Prefection} جي علامت آهي. شاهه صاحب سنڌي زبان، ادب سماج ۽ جيوت جو نمائنده اهڃاڻ آهي. حضرت شاهه صاحب جي قدآور شخصيت ئي اڄ متحده سنڌ جي روشن علامت ۽ واحد سهارو آهي!
        شاهه صاحب متعلق سندس پنهنجي دور کان ڪري اسان جي زماني تائين، سوين هزارين صفحا لکيا ويا آهن. سندن سوانح ۽ جيوت بابت ڪيئي اديبن ۽ عالمن، پنهنجي پنهنجي جاکوڙ پڌري پئي ڪئي آهي. حقيقت ته هيءَ آهي جو شاهه صاحب تي جيترو به ڪم ٿيندو، اهو گهٽ ئي ليکبو. سنڌي، انگريزي، اردو فارسي ۽ جرمن ٻولين ۾ شارحن ۽ سوانح نگارن شاهه بابت متعدد ڪتاب پڌرا ڪيا آهن. جيتوڻيڪ شاهه صاحب جي مستند سوانح جو ڪم اڃا پري آهي، تاهم ان متعلق بنيادي مواد گڏ ڪرڻ جون ڀرپور ڪوششون جاري آهن.
        شاهه صاحب بابت لکيل ڪتابن ۽ ٻئي مواد جو اڀياس ڪندي، ڪيئي خال سامهون آيا آهن ۽ متعد سوال ذهن ۾ اڀريا آهن. اهڙن مسئلن جو تنقيدي ۽ تحقيقي طرح، تسلي بخش جواب ڳولڻ کان سواءِ، اسين پنهجي هن عظيم شاعر جي مڪمل ۽ ٺوس سوانح حيات لکڻ جهڙا نه ٿينداسين. لطيف جي سوانح پڙهندي، منهنجي ذهن ۾ هونئن ته ڪيئي سوال اڀريا آهن، پر في الحال ٻن نقطن جو ذڪر ڪرڻ گهران ٿو.
        (1) ته، شاهه صاحب ڳوٺ ”ڀئي پور“ هالا حويليءَ ۾ پيدا ٿيو،
(2) ته، شاهه صاحب جي ڄم ۽ وفات جا، صحيح صحيح سال، مهينا ۽ تاريخون هجري ۽ عيسوي ڪئلينڊر موجب!

شاهه لطيف ـــــ سنڌو فيلسوف ــــ شيخ اياز (Shaikh Ayaz)




شيخ اياز

شاهه لطيف ـــــ سنڌو فيلسوف

ٿِيو لُطف لطيف چَئي، دوس آيو درِ پيهِي.

منهنجي لاءِ ان کان وڏو اعزاز ٻيو ڪهڙو ٿي سگهي ٿو، جو توهان فلسفه ڪانگريس جي ان ميڙ جي صدارت جو شرف مون کي بخشيو آهي، جيڪو منهنجي ديس جي عظيم صوفي شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي سڳوري نالي سان منسوب آهي.اها منهنجي خوش بختي آهي جو آءُ اڄ ان شخصيت آڏو پنهنجي عقيدت جو نذرانو پيش ڪري رهيو آهيان. جيڪو منهنجي روح جو استعارو آهي. جنهن جو فلسفو شعور جي روشني ۽ منهنجي دل جي ڌڙڪن بڻيل آهي، ۽ رڳو هڪ مان ئي نه، سنڌ ڌرتيءَ جو ذرو ذرو ان سج جي تاب سان ٻهڪي ۽ جڳ مڳ جرڪي رهيو آهي. لاکيڻي لطيف جو آواز مهد کان لحد تائين اسان جي وجود ۾ گونجندو رهي ٿو.
ان کان اول جو مان شاهه ڀٽائي جي فيلسوفيءَ ۽ فڪر جو ذڪر ڪريان، مان منهنجي ۽ اسان سڀني جي هڪ اهڙي ڪوتاهي ۽ ڪم- نظريءَ ڏانهن اشارو ڪرڻ ضروري ٿو ڀانيان، جيڪا اسان جي قومي بد نصيبي برابر آهي. اسين ماڻهو تيستائين پنهنجي عظمتن ۽ بلندين جو اعتراف ڪو نه ڪندا آهيون، جيستائين غير جي نگاهه اسان کي اهو احساس نه ڏياري. اها بيقدري ۽ ناشناسي رڳو اسان وٽ ئي نه آهي پر لڳ ڀڳ سموري اوڀر ۾ آهي. اسان عمر خيام جي عالمگير عظمت کي تڏهن سڃاتو. جڏهن Fitz Garald ان آڏو ڪنڌ نوايو ڪاليداس کي تڏهن مڃيوسين. جڏهن Max Muller سندس عظمت جو اعتراف ڪيو ۽ اهڙيءَ طرح شاهه لطيف ۽ ٽئگور جي اعليٰ مقام ڏانهن تڏهن اک کڻي نهاريوسين. جڏهن سورلي ۽ بيٽس (Yeats) انهن جي قدر ۽ قيمت جي جهلڪ ڏيکاري. خاص طرح شاهه لطيف کي ته ڪو عرصو مقامي حد بندين ۾ بند رکيو ويو، جڏهن ته هو جاگرافيائي حدن کان ٻاهر جو انسان هو. هن ميڙ ۾ مان اها ڳالهه ڪرڻ به ضروري ٿو سمجهان ته ٻولي رڳو فڪر ۽ سوچ جو ويس هوندي آهي، ۽ ويس وڳا مٽبا رهندا آهن.
شاهه لطيف جو فڪر ۽ سوچ جنهن به ٻوليءَ ۾ پيش ٿيندا، ان ٻوليءَ کي نيون بلنديون ۽ ڪشادگيون ڏيندا. سقراط کان وٺي آئن اسٽائن تائين، هومر کان وٺي ٽي ايس ايليٽ تائين جيترا به فيلسوف ۽ اديب ٿي گذريا آهن، انهن جي فڪر ۽ سوچ سان ئي اسان جي ٻولين جو معيار مٿانهون ٿيو آهي. جيڪڏهن اسان ٻولي جي دائرن کي ڪشادو نه ڪيون، ته جيڪر پنهنجو پاڻ ۾ ئي سسي سڪي وڃون، ۽ اهو تڏهن ئي ممڪن ٿيندو جڏهن اسين ٻين جي عظمت کي سڃاڻينداسين. اولهه (يورپ) کي اسان تي اها ئي برتري حاصل آهي.