شاهه جو رسالو

Monday 2 February 2015

ڀٽائيءَ جو مشاهدو ۽ ”پرين پسڻ“ وارو فهم ـــ الطاف اثيم (Altaf Aseem)

الطاف اثيم

ڀٽائيءَ جو مشاهدو ۽ ”پرين پسڻ“ وارو فهم

 سنڌ جي عظيم سدا حيات صوفي شاعر ۽ دانشور شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ چيو هو ته، ”پسڻ ڪارڻ پرينءَ جي، ڪيا آگم اکڙين“. سيني ۾ سڄڻن لاءِ سِڪ سوائي ٿي ويس ته سندس نماڻا نيڻ ڀرجي آيا پر وصل سندس وس ۾ نه هو، تنهنڪري پاڻ کي سمجهائيندي چيو هئاسين ته، ”اهو ڪو ٻيو فهم، جنهن سان پسجي پرينءَ کي“. سو جانب جو جمال پسڻ خاطر پنهنجي شعور جو شهباز لامڪاني اڏائيندو رهيو. هڪ ڏينهن کيس اندر مان آواز آيو ته، ”پهرئين وڃائڻ پاڻ، پسڻ پوءِ پرينءَ جو.“ نفيس جذبن ۽ ڪومل دل جي مالڪ مها ڪوي پنهنجي حياتيءَ جا سڄا سارا ۶۳ سال انهيءَ ڳُجهه جي ڳولا ۾ ٿر، بر، بحر، واهڻ وستيون، جهنگ ۽ جبل جهاڳيندو، قدرت جي ڪارسازيءَ کي باريڪ نگاهن سان نهاريندو ۽ مشاهدو ماڻيندو رهيو ۽ ان نتيجي تي رسيو ته:
آگم اِيءُ نه انگ، جهڙو پسڻ پرينءَ جو،
سيڻن رَيءَ سيد چئي، روح نه رچن رنگ.

شاهه جي سُر پورب ۾ اُڪير جي ڪيفيت ــ نظير حيات سيوهاڻي

نظير حيات سيوهاڻي

شاهه جي سُر پورب ۾ اُڪير جي ڪيفيت


سنڌ جي عظيم شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام ۽ شخصيت تي هن وقت تائين ڪافي لکيو ويو آهي. لکڻ واري ۽ ٻڌائڻ واري هر نقاد پنهنجي پنهنجي سمجهه ۽ اندر جي آئيني ۾ شاهه کي پسڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. شاهه کي ڪنهن تاريخدان ته ڪنهن سنڌ جي تهذيب ۽ تمدن جو آئينو لکيو، ڪنهن هڪ آدرشي الله لوڪ انسان ڪنهن صوفي ۽ سنت سڏيو، ڪنهن شاعرن جو سرتاج ته ڪنهن وري کيس هڪ وڏو روحاني رهبر مڃيو آهي، ڪنهن سيلاني ته ڪنهن موسيقيءَ جو ماهر تسليم ڪيو. مٿان سڀ خيال هر نقاد سندس ڪلام جي روشنيءَ مان حاصل ڪيا. سندس ڪلام کي ”شاهه جو رسالو“ سڏيو وڃي ٿو جنهن کي ڪيترن ئي سرن ۾ ورهايو ويو آهي. انهن سُرن مان سرُ پورب ۾ شاهه سائين اڪير جي ڪيفيت کي تمام گهرائي واري انداز سان بيان ڪيو آهي.

شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ زمان ۽ مڪان جو فلسفو ــ ڊاڪٽر غفور ميمڻ (Dr. Ghafoor Memon)

ڊاڪٽر غفور ميمڻ

شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ زمان ۽ مڪان جو فلسفو

والعصر. ان الانسان لفي خسر. الا الذين آمنوا وعملوا الصٰلِحٰت وتواصوا بالحق وتواصوا بالصبر.
ترجمو: “وقت جو قسم، بيشڪ انسان خساري ۾ آهي سواءِ انهن ماڻهن جي جن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيا ۽ پاڻ ۾ حق جي وصيت ڪئي ۽ هڪ ٻئي کي صبر جي نصيحت ڪئي”. (1) توهان ڪڏهن سوچيو آهي ته خدا وقت جو قسم ڇو کنيو آهي؟ قسم هميشه انهيءَ شيءِ جو قسم کڻبو آهي جيڪا قيمتي، پياري، اهم ۽ افضل هوندي آهي. اسان الله جو قسم کڻندا آهيون پر الله وقت جو قسم کنيو آهي. انهي جو جواب مٿئين سوره ۾ ئي موجود آهي. پهرين ڳالهه ته انسان خساري ۾ آهي، وقت سان گڏ انسان فنا ٿيندو وڃي پر جيڪڏهن خساري کان زندگي جو تصور آهي ۽ اهي ماڻهو جن وقت جي اهميت جو احساس ڪيو ۽ وقت مان صحيح فائدو ورتو، يعني ايمان آندائون. نيڪ عمل، حق جي وصيت ۽ صبر جي تلقين ڪئي، اهي سجايا ٿي ويا. وقت جي وٿي ۾ امر ٿي ويا. جن وقت جو قدر نه ڪيو اهي نقصان ۾ رهيا. ننڍي هوندي درسي ڪتاب ۾ پڙهندا هئاسين. “وقت چئي آئون بادشاهه” اها ڳالهه هاڻي سمجهه ۾ اچي ٿي ته هن مادي دنيا تي حڪمراني وقت جي آهي ۽ اسان وقت جي وسعت ۾ هڪ رخ ۾ سفر ڪري رهيا آهيون. اسان وقت ۾ ڦاٿل آهيون، اسان وقت کان ٻاهر نٿا نڪري سگهون.وقت ڇا آهي؟ ڇا وقت قطعي (absolute) آهي. وقت خيالي آهي؟ ڪجهه سائنسدانن جو خيال آهي ته وقت ٻن واقعن جي وچ واري عرصي جو نالو آهي ۽ سڀک کان پهريون واقعو بگ بئنگ (Big Bang) وارو آهي. وقت اتان شروع ٿيو آهي. سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته “بگ بئنگ” کان اڳ ڇا هو؟ ڇا وقت جو ڪو به تصور نه هو؟ ڇا ڪا ڪائنات هئي.