شاهه جو رسالو

Monday, 2 February 2015

شاهه جي سُر پورب ۾ اُڪير جي ڪيفيت ــ نظير حيات سيوهاڻي

نظير حيات سيوهاڻي

شاهه جي سُر پورب ۾ اُڪير جي ڪيفيت


سنڌ جي عظيم شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام ۽ شخصيت تي هن وقت تائين ڪافي لکيو ويو آهي. لکڻ واري ۽ ٻڌائڻ واري هر نقاد پنهنجي پنهنجي سمجهه ۽ اندر جي آئيني ۾ شاهه کي پسڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. شاهه کي ڪنهن تاريخدان ته ڪنهن سنڌ جي تهذيب ۽ تمدن جو آئينو لکيو، ڪنهن هڪ آدرشي الله لوڪ انسان ڪنهن صوفي ۽ سنت سڏيو، ڪنهن شاعرن جو سرتاج ته ڪنهن وري کيس هڪ وڏو روحاني رهبر مڃيو آهي، ڪنهن سيلاني ته ڪنهن موسيقيءَ جو ماهر تسليم ڪيو. مٿان سڀ خيال هر نقاد سندس ڪلام جي روشنيءَ مان حاصل ڪيا. سندس ڪلام کي ”شاهه جو رسالو“ سڏيو وڃي ٿو جنهن کي ڪيترن ئي سرن ۾ ورهايو ويو آهي. انهن سُرن مان سرُ پورب ۾ شاهه سائين اڪير جي ڪيفيت کي تمام گهرائي واري انداز سان بيان ڪيو آهي.
شاهه وطن جي اڪير کي بيان ڪندي سنڌ جي لوڪ داستان عمر مارئي جو سهارو ورتو آهي. ليڪن سُر پورب ۾ روحاني اُڪير ۽ روحاني منزل جي حوالي سان پنهنجي ڪلام ۾ جيڪي نقش پيش ڪيا آهن انهن جي مطالعي سان هر انسان جي قلب جا بند ٿيل دروازا کلي پون ٿا. هن سُر ۾ شاهه اُڪير جي ڪيفيت کي نهايت باريڪ بيني ۽ عمده منظرنگاريءَ سان پيش ڪيو آهي. دراصل اها سِڪ ئي آهي جنهن مان ٻيون ڪيتريون ڪيفيتون جنم وٺن ٿيون. شاهه سائين پورب کي هڪ روحاني منزل سڏيو آهي. ان منزل جي حاصلات جي اُڪير هر آدرشي انسان کي هوندي آهي.
محترم ڪلياڻ آڏواڻي پنهنجي جوڙيل ”شاهه جي رسالي“ ۾ سُر پورب بابت لکي ٿو ته ”هنڊول راڳ جي اٺن پٽن مان هڪ جو نالو پوربي آهي. هن سُر ۾ شاهه ”پورب“ پرينءَ جي ديس ۽ اديسن جي ”اتمڪ منزل“ کي ٿو سڏي. شاهه جوڳين کي پوربيا سڏيو آهي، جن جو پنڌ پورب ڏانهن هوندو آهي. اهي بوربيا پورب جي اڪير ۾ هميشه پيا جلندا آهن. آڏواڻي وڌيڪ لکي ٿو ته هن سُر ۾ شاهه کي پورب جي ئي پچار لڳل آهي. شاهه پوربين کي ساري ڳچ پيو ڳاري، شايد ڪو جوڳي جنهن سان روح جڪڙيل هئس، سو ڪنهن پرانهين پنڌ هليو ويو هو ۽ کيس ورهه ۾ ماندو ئي ڇڏي ويو هو. تڏهن ته چوي پيو:
پورب پورب تب ڪرون جب هينئڙي آوَن پوُر،
سڪندي کي سڄڻين، نڪون لايون نور،
ماريس تنهن سور، جئن ساڄن سڄي نه ملي.
هن وقت اسان وٽ جيڪي راڳڻيون سنڌي سر طور ڳايون وڃن ٿيون انهن ۾ ”پوربي“ شامل آهي. عبدالعزيز شيخ جو اهو رايو آهي ته سنڌي موسيقيءَ ۾ ڀٽائي جي قائم ڪيل نظام موسيقي ڏانهن توجهه ڏجي ٿي ته هي معلوم ٿئي ٿو ته ڀٽائي امير خسرو وانگر عربي ۽ ايراني موسيقيءَ کي برقرار رکڻ لاءِ پنهنجي ڪلام جي ٽيٽيهن راڳڻين مان ”يمن“ ۽ ”حسيني“ ٻن راڳڻين کي آندو ۽ باقي ايڪٽيهه سرن مان سورهن راڳڻيون ڪلياڻ، يمن، ڪاموڏ، سُر سريراڳ، سهڻي، ديسي، سورٺ، ڪيڏارو، آسا، پورب، پرڀاتي، بلاول، کنڀات، بروو، رامڪلي، بسنت، ۽ تلنگ ڪلاسيڪي سنگيت مان مقرر ڪيون ۽ پندرهن سُرن سامونڊي، ڪوهياري، ليلان چنيسر، راڻو، مارئي، گهاتو، رِپ، کاهوڙي، ڪاپائتي، ڪارايل، پرڀاتي، ڏهر، مارئي، ڍول مارو، هير رانجهو کي سنڌي موسيقي جي ڌنن ۾ ڍاليو.
لفظ پورب بابت ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ مرحوم پنهنجي هڪ مقالي ۾ لکيو آهي ته ”پورب معني اوڀر، سنڌ ۾ پورب پاسي (ڪانپور کان بهار تائين) علائقي کان هندو فقير ايندا هئا، جن مان ڪي سنڌ مان ٿي هنگلاج ويندا هئا. شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ پنهنجي لغات لطيفي ۾ پوربيا جي معنيٰ پورب جا رهاڪو لکي آهي. اهڙي نموني اوڀر طرف جي نشاندهي جي حوالي سان سائين غلام علي الانا پنهنجي هڪ مقالي ”گنجي ۾ گڻ گهڻا“ ۾ هڪ جاءِ تي لکي ٿو: ”پاڪستان جي قائم ٿيڻ کان اڳ ناٿ پنتي جوڳين جا ٽولا ۽ قافلا ڀارت جي گجرات رياست جي هردوار شهرن جي مندرن وٽان پنهنجي سفر جي شروعات ڪندا هئا. اهي جوڳي فقير سنڌ ۾ ٻن ٽولين ۾ ورهائجي ويندا هئا. هڪڙي ٽولي مڪلي طرف رخ رکندي هئي ۽ ٻي ٽولي سيوهڻ شريف جو رخ ڪندي هئي پر سڀ جوڳي پهرين ڪالي ديوي جي آستان تي (گنجو ٽڪر وٽ) پهچي اتي پنهنجو مٿو ٽيڪي ٻيون رسمون ادا ڪري ٻن ٽولين ۾ ورهائجي ويندا هئا. هڪ ٽولي مڪلي ٽڪري طرف رخ ڪندي هئي ۽ ٻي ٽولي سيوهڻ شريف طرف رواني ٿيندي هئي. سيوهڻ ويندڙ جوڳين جي ٽولي اول لال باغ ۾ ترسندي هئي، اتي ڪريا ڪرم ادا ڪرڻ لاءِ هڪ ٻه راتيون ترسندي هئي، يڪ ٿنڀي ۽ لال سائين جي درٻار تي حاضري ڏيئي، نئنگ وارن چشمن تي حاضري ڀريندا يا علي يا علي جا هوڪرا هڻندا پوءِ اڳتي اوڀر طرف شاهه بلاول نوراني جي درٻار جي زيارت ۽ حاضري لاءِ اُسهندا هئا. اهو پنڌ اڄ به اڻانگو آهي، اتي ڪجهه ڏينهن رهي نوراني جي درٻار تي پنهنجون منتون لاهيندا، اڳتي هنگلاج جي ياترا لاءِ انهيءَ شيءِ جي وجود يا نقل و حرڪت جو عام طور ايترو اثر انسان جي دل تي نه ٿو پئجي سگهي. جيترو شاهه صاحب پنهنجي خداداد تخليقي قوت جي زور سان هنن کي پيش ڪري ٿو. ڄڻ زندگيءَ جي چهري تان حجاب جو نقاب لاهي ڦٽو ڪيو ڇڏي. مثال طور ڪانءُ هڪ قبيح قسم جو پکي آهي پر سر پورب ۾ شاهه صاحب هن پکيءَ کي پروان چاڙهي ڇڏيو آهي.
ڪرکڻيو ڪانگ لنئي، منيءَ تي مضبوط
آڻيو ڏي آتڻ ۾، سنيها ثابوت
ڪانگل اٿئون قوت، پيغام تن پرين جا.


No comments:

Post a Comment