شاهه جو رسالو

Wednesday, 2 December 2015

شاهه لطيف جي ڪلام جي ادبي، فني ۽ لسانياتي پرک ـــ ڊاڪٽر احسان دانش (DR. Ahsan Danish)



ڊاڪٽر احسان دانش


شاهه لطيف جي ڪلام جي ادبي، فني ۽ لسانياتي پرک

شاهه لطيف جي حقيقي عظمت سمجڻ لاءِ سندس شاعريءَ جي فني، ادبي ۽ لسانياتي پرک ڪرڻ نهايت ضروري آهي. هن وقت تائين ڀٽائي جي ڪلام جي اهڙي پرک ٻن سطحن تي ٿي آهي. پهريون مقامي ۽ ٻيو بين الاقوامي. مقامي سطح تي شاهه کي سندس ٻوليءَ جي خاصيتن، علم البيان توڙي مروج شعري اصولن، موسيقيت ۽ ٻين خوبين جي بنياد تي پرکي اسان جي عالمن ۽ محققن کيس هڪ وڏي شاعر جي حيثيت ڏني آهي ۽ اهڙي ريت ٻين عالمن وري سندس شاعريءَ کي بين الاقوامي ادبي اصولن، معيارن ۽ قدرن تي پرکي عظمت جي بلندين تي بيهاريو آهي. هن مقالي ۾ مون ڀٽائي جي ڪلام جي مقامي سطح تي يا ننڊي کنڊ جي سنڌي عالمن ۽ محققن مطابق، مروج فني، ادبي ۽ لسانياتي اصولن کي سامهون رکندي  ڪيل تحقيق ۽ پرک جي حوالي سان مختصر تحقيقي جائزو پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

ڊاڪٽر گربخشاڻي پنهنجي ڪتاب ”مقدمه لطيفي“ ۾ لکيو آهي ته ”شاهه لطيف جهڙو هر وجه ڪامل ۽ هر دلعزيز شاعر، سنڌ ۾ اڃا ڪونه پيدا ٿيو آهي.... سندس شاعراڻيءَ ”خستوريءَ جي خوشبوءِ سڀ ولات واسي ڇڏي آهي. شاهه ئي آهي جنهن ۾ هڪ وڏي شاعر جون ڪُلي لياقتون موجود آهن. سندس خيالي قوت جو هڪ وڏو پرياڻ هي آهي، ته جيئن جيئن اسين سندس شعر تي اونهو غور ڪندا سين، تئين تئين اسان ۾ نئين حيرت اتپن ٿيندي.“ (1) ساڳي ڪتاب ۾ گربخشاڻي صاحب شاهه جي شاعريءَ جي جمالياتي پهلوءَ تي روشني وجھندي چيو آهي ته ”ڪنهن به شاعر جي بزرگي اوتري قدر قبول ڪئي ويندي، جيتري قدر منجھس جمال جي مشاهدي ماڻڻ جي قابليت آهي ۽ جيتري قدر ان مشاهدي جي ڪري سندس جيءَ ۾ جذبا ۽ امنگ اٿن ٿا. جمال جا پڻ ڪيترا ئي قسم آهن جهڙوڪه طبعي، جسماني، اخلاقي ۽ روحاني. مگر درحقيقت سڀ حسن جو مول هڪ ئي آهي ۽ جنهن جنهن ويس ۾ پاڻ کي پڌرو ڪري ٿو، تنهن تنهن ويس جي پسڻ سان نينهن کي نوان نوان نيش اچن ٿا.“ (2) جماليات بيشڪ شاعريءَ جو روح آهي ۽ دنيا جي سمورن وڏن شاعرن جي شاعري حسن ۽ جمال جي خوبي سان ڀريل آهي. جتي فارسي جي عظيم شاعرن رومي، سعدي، حافظ، فردوسي، جامي ۽ تبريزي جي ڪلام ۾ حسن ۽ جمال جي جوت جرڪي ٿي اُتي عربي جي سبعه معلقات وارن ستن قادرالڪلام شاعرن امرءُ القيس، زهير بن ابي سلمى، عمرو بن ڪلثوم التغلبي، طرفه ابن عبدالبڪري، عنتره بن شداد العبسي، لبيد بن ربيعه العامري ۽ حارث بن حِلزه اليشڪري ۾ پڻ جمال جا جلوى نظر اچن ٿا. ائين ئي هندي ڪوتاڪارن ۾ جئين رامانند، ڀرتري هري، ميران ٻائي، دادو ديال، سورداس، ڀڳت ڪبير، تلسيداس ۽ ڪاليداس جا شبد سونهن جا پُر پيالا آڇين ٿا تئين ئي انگريزي ۽ يورپي شاعرن شيڪسپيئر، ورڊس ورٿ، گوئٽي، ٽي ايس ايليٽ، والٽ وٽمن ۽ بادليئر جي نظمن ۾ به جماليات جھلڪندي محسوس ٿئي ٿي. ان جماليات شاهه جي شاعريءَ ۾ به انوکو نکار پيدا ڪيو آهي. ان ڳالهه جي عملي ثبوت ۽ تحقيقي نتيجي طور نوجوان محقق ڊاڪٽر شير مهراڻي جي پي ايڇ. ڊي ٿيسز ”شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ جماليات“ پڻ موجود آهي.
ڊاڪٽر گربخشاڻي جو چوڻ آهي ته ”شاعر ۾ نه فقط حسن جي مشاهدي ۽ حقيقت جي پروڙ جي قابليت هجڻ گھرجي، مگر ان سان گڏ هڪ ٻئي هنر جو هئڻ پڻ ضروري آهي، جنهن کي شعري صنعت چئجي ٿو......... ڪلام اهڙو هئڻ گھرجي جو ماڻهوءَ تي بجليءَ جهڙو اثر پيدا ڪري. انهيءَ لاءِ ڪن ٻين خاصيتن جو شاعر ۾ هئڻ پڻ واجب آهي، جن جي دواران شعر جو حسن هيڪاري نکريو نروار ٿيو پوي. اها ڪامل شاعر جي آخرين منزل آهي، اهي خاصيتون آهن: فصاحت، بلاغت، سلاست، جدت ۽ جوش........ شاهه لطيف ۾ مٿيون ڄاڻايل لياقتون هر طرح موجود هيون.“ (3) ان حوالي سان اسان جي عالمن ۽ محقق جيڪو ڪم ڪيو آهي ان تي اڳتي هلي روشني وجھندا سين.
شاهه لطيف پنهنجي ڪلام ۾ جيڪا سنڌي ٻولي استعمال ڪئي آهي، ان کي عالمن وچولي واري ٻولي ڪوٺيو آهي پر حقيقت ۾ اها نهايت ڪشادي ۽ گھڻ رخي آهي. ڀٽائي جي ٻوليءَ ۾ سنڌ جي مختلف طبعي ڀاڱن ۾ استعمال ٿيندڙ سنڌي ٻوليءَ جا لفظ، اچار ۽ لهجا موجود آهن. ڀٽائي پنهنجي سير سفر دوران سنڌ ۽ سنڌ کان ٻاهر هر خطي جي مقامي ٻولي ۽ لهجي کي اپنايو ۽ پنهنجي ڪلام ۾ جاءِ ڏني. ”شاهه صاحب سنڌ جي سڀني ڀاڱن وچولي، اتر، لاڙ، ٿر، ڪوهستان دريائي ڪچي، سامونڊي ڪناري ۽ کاري توڙي سنڌ کان ٻاهر لس ٻيلي ۽ ڪڇ طرف ويو، ۽ اتي جي عام ماڻهن سان گھڻو وقت گذاريائين. انهيءَ ڪري انهن سڀني ڀاڱن جا لفظ، اصطلاح ۽ محاورا سندس ذهن نشين ٿيا؛ ٻئي طرف قرآن شريف، مولانا رومي جي مثنوي ۽ ميين شاهه ڪريم جي بيان العارفين جا درس ۽ دور ٻڌائين.“ (4) ان کان علاوه جوڳين سان سنگت ۽ صحبت توڙي ڪبير ۽ تلسي جهڙن هنديءَ جي قادر الڪلام شاعرن جي شاعريءَ کان آگاهيءَ سبب سندس ڪلام تي عربي ۽ فارسيءَ سان گڏ هندي جو اثر پڻ نمايان ٿي پيو. انهن مختلف ٻوليائي اثرن جي ڪري ”شاهه جي بيتن ۽ واين ۾ سمايل بالغانه فڪر جو ’بياني انداز‘ هڪ وڏي معيار وارو آهي.“ (5) 
شاهه سائين جي ڪلام ۾ جيڪا وسعت ۽ گوناگونيت آهي ان جو وڏو ڪارڻ اهو آهي ته هن جو مڪمل ڪلام سنڌي ٻوليءَ جي ڪنهن هڪ لهجي تي آڌاريل نه آهي پر ان ۾ سنڌي ٻوليءَ جي مختلف لهجن جي آميزش موجود آهي. ”هن سنڌي ٻوليءَ جي ڌار ڌار لهجن، جهڙوڪه: اترادي، وچولي، لاڙي، ٿري، ڍاٽڪي، پارڪري، ماڃري، کارائي، منڇري، دريائي، ڪوهستان جي ڪاڇي واري لهجي کان سواءِ، لاسي، جدگالي ۽ فراقي لهجن کان سواءِ ميواڙي، مارواڙي، جيسلميري ۽ ڪڇي ٻولين جي لغوي خزاني کي به پنهنجي ڪلام ۾ استعمال ڪيو. شاهه صاحب انهيءَ ساري لغوي خزاني کي سنواريو، سڌاريو، ان ۾ نواڻ آندي ۽ سنڌي زبان کي هر لحاظ کان وسيع، مائيدار ۽ شاهوڪار بنايو.“ (6) اهڙي طرح شاهه سائين سنڌي ٻوليءَ جي متروڪ ٿيل لفظن کي پڻ پنهنجي ڪلام ۾ محفوظ ڪيو. شاهه جي ڪلام ۾ گھڻ معنائن وارن لفظن لاءِ هڪ هڪ لفظ ڪم آڻڻ، لفظن جي نئين وياڪرڻي صورتن جوڙڻ، سادن ۽ بنيادي لفظن جي پٺيان پڇاڙيون ملائي نوان لفظ ٺاهڻ، ٻٽن يا تڪراري لفظن جي استعمال، ابتڙ لفظن يا لفظن جي ضدن جي استعمال، هڪ لفظ لاءِ گھڻن هم معنى لفظن جي استعمال، سنڌي وياڪرڻ جي متصل ضميرن جي استعمال، ٻوليءَ ۾ حالتن جي گردانن جي استعمال، حرف جرن جي استعمال، اسم صغير جي استعمال، فعل متعدي مجهول جي استعمال، اسم مفعول جي استعمال، مخفف صورتن جي استعمال وارين خصوصيتن جي حوالي ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب جو تحقيقي اڀياس بي مثال آهي. ڊاڪٽر الانا صاحب شاهه لطيف جي ڪلام ۾ حسن بيانيءَ وارين خوبين کي بيان ڪندي لکيو آهي ”علم السان جي نقطه نگاهه کان، حسن بيانيءَ جي حوالي سان، شاهه صاحب پنهنجي ڪلام جي ٻوليءَ ۾ نوان تجربا ڪري، سنڌي ٻوليءَ جي عبارت ۽ اسلوب ۾ انقلابي تبديليون آڻي ڇڏيون.“  (7) شعر ۾ حسن بياني واري خوبي تشبيهن، استعارن، تجنيسن ۽ مختلف شعري صنعتن جي استعمال سبب پيدا ٿئي ٿي. جنهن ڏانهن مٿي ڊاڪٽر گربخشاڻي واري حوالي ۾ پڻ اشارو ڏنل آهي.
گربخشاڻي صاحب طرفان نشاندهي ڪيل شعري خوبين توڙي حسن بيانيءَ جي حوالي سان سنڌ جي اديبن ۽ محققن شاهه لطيف جي شاعريءَ جي عملي پرک به ڪئي آهي ۽ ثابت ڪيو آهي ته شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ مٿيون مڙيوئي خوبيون موجود آهن. انهي سلسلي ۾ حافظ محمد احسن چني، ڊاڪٽر غلام علي الانا ۽ ڊاڪٽر بشير احمد شاد جو ڪم نهايت ڪارائتو آهي. ڊاڪٽر شاد جو مقالو ’شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ صنعتن جو استعمال‘ ان سلسلي جو هڪ اهم مقالو آهي. جنهن ۾ هن صاحب شعري صنعتن ۽ تجنيسن جهڙوڪه فصاحت، بلاغت، سلاست، جدت، تشبيهه، استعارو، تجنيسِ حرفي، تجنيسِ ناقص، تجنيسِ تام، تجنيسِ زائد، صنعت تضاد، صنعت ابهام، صنعت ڪنايه، صنعت تجاهل عارفانه، صنعت مراعات النظير، صنعت مجاز مرسل، صنعت تضمين، صنعت حسنِ تعليل، صنعت تلميح، صنعت سوال و جواب، صنعت مبالغو، صنعت تفسير، صنعت ممتنع، صنعت مڪرر، صنعت سياقت الاعداد، صنعت ارسال المثل ۽ صنعت ترجمه کي شاهه جي ڪلام جي روشني ۾ بيان ڪيو آهي ۽ ثابت ڪيو آهي ته ڀٽائي جي شاعريءَ ۾ اهي سموريون صنعتون ۽ تجنيسون موجود آهن. ڊاڪٽر صاحب لکي ٿو ته ”لطيف سرڪار جي ڪلام جي مطالعي ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته سندس ڪلام مذڪوره صنعتن کان علاوه ٻين به ڪيترين ئي اهم صنعتن سان سينگاريو پيو آهي. اهڙين صنعتن جو انگ تمام گھڻو آهي.“ (8) شاهه لطيف جي ڪلام ۾ علم البيان واريون سموريون خوبيون پڻ موجود آهن. ان حوالي سان ڊاڪٽر غلام علي الانا جو مقالو ”علم البيان جي روشنيءَ ۾ شاهه لطيف جي ڪلام جو مطالعو“ نهايت اهم آهي. ڊاڪٽر الانا صاحب پنهنجي هڪ ٻئي مقالي ۾ لکيو آهي ته ”شاهه صاحب پنهنجي ڪلام جي ٻوليءَ کي حسنِ بياني ۽ معنوي خوبين، صنايع ۽ بدايع وارين  خصوصيتن سان مالا مال ڪيو. اهڙيءَ طرح هن، سنڌي ٻوليءَ جي ادبي توڙي لسانياتي نقطه نگاهه کان نئين سر تعمير ڪئي، ان کي سڌاريو ۽ سنواريو ۽ ان کي ان وقت جي حاڪمن جي زبان، فارسيءَ جي معيار تي پهچائي ڇڏيو.“ (9) 
شاهه جي ٻوليءَ ۾ تجنيسن جي خوبين تي ڳالهائيندي هيرو شيوڪاڻي لکي ٿو ته ”شاهه ڀٽائي جي ڪلام جي هڪ تمام وڏي فارميڪل خوبي آهي تجنيسِ حرفي ۽ تجنيسِ خطي يا انوپراس. جيڪا هن جي سموري ڪلام سان تاڃي پيٽي جُڙي پئي آهي..... تمام گھڻي قدر شبدن جو اهو انوپراس شاهه جي ڪلام ۾ سهج سڀاو ائين اڻيل آهي جو ان مان نه فقط، سندس ٻوليءَ جي تخليقي سگھ جو ڀرپور احساس ٿئي ٿو، بلڪه شعر جو فڪري ۽ ڀاوناتمڪ پهلو، ڄڻ ته پڙهندڙ جي ڄاڻ وڌائڻ عيوض، سونهن جي انڀوتي مان سپجي، هن جي حسن جو حصو بڻجي وڃي ٿو...... شاهه صاحب دنيا جي وڏن شاعرن ۾ اهڙو اڪيلو شاعر آهي، جنهن جي شبد رچنا ۾ تجنيسِ حرفي جي اها آوازي لئي بي مثل آهي.“ (10) شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ تجنيسِ حرفي جو اهو فن لئي، ترنم ۽ موسيقيت پيدا ڪري ٿو، اهڙو سڀ کان وڏو مثال شاهه جي رسالي جي پهرين سُر ڪلياڻ جو پهريون ئي بيت آهي، جنهن ۾ نه رڳو تجنيسِ حرفي جي خوبي موجود آهي پر گڏ و گڏ ’هم آواز سَر حرفي صنعت‘ (Alliteration) سبب اندروني ترنم ۽ لئي وارو حسن پڻ موجود آهي.
اول الله عليم، اعلى عالم جو ڌڻي،
قادر پنهنجي قدرت سين، قائم آه قديم،
والي واحد وحده، رازق رب رحيم،
سو ساراه سچو ڌڻي، چئي حمد حڪيم،
ڪري پاڻ ڪريم، جوڙون جوڙ جهان جي. (سُر ڪلياڻ، داستان پهريون)
شاهه لطيف پنهنجي ڪلام ۾ پنهنجي ٻاجھاري ٻوليءَ کي اهڙي ريت استعمال ڪيو آهي جو مٿي ذڪر ڪيل خاصيتن کان علاوه به سندس شاعريءَ ۾ ڪيئي لغوي ۽ لسانياتي خوبيون پيدا ٿي پيون آهن. تڏهن ئي ته علامه دائود پٽي چيو آهي ته ”شاهه جي بزرگي ۽ شهرت هن حقيقت ۾ سمايل آهي، جو هن پنهنجي ٻاجھاري ٻوليءَ جي وسيلي سنڌ جي خاص توڙي عام ماڻهن جي خيالن ۽ افڪار جي خاصي ترجماني ڪئي آهي. سندس زبان ۾ اها سلاست ۽ صفائي، اها شيريني ۽ شيوائي، اها رنگيني ۽ رعنائي، اها جاذبيت ۽ ارڏائي، اها فصاحت ۽ بلاغت، اها لطافت ۽ نزاڪت، اها اونهائي ۽ پنهائي رکي آهي، جو پڙهيلَ سواءِ دقت جي کيس پڙهي ۽ پُرجھي سگھن ٿا. جھانگي جھنگن ۾ جھڄندي، ڌنار ڌڻ چاريندي، هاري هر ڪاهيندي، زالون انَ پيهندي ۽ هنڌ سوريندي، پورهيت پورهيو ڪندي، غريب ۽ شاهوڪار، اعلى ۽ ادنى، هندو ۽ مسلمان، سندس بيت جھونگارين ٿا.“ (11)  ظاهر ٿيو ته ڀٽائي کي عوامي پزيرائي ملڻ جو هڪ وڏو ڪارڻ سندس ٻوليءَ جو خوبصورت ۽ فنڪاراڻو استعمال آهي، اها ٻولي جيڪا پنهنجي پوري جاذبيت ۽ سگھ سان قاري جي حواسن تي ڇانئجي وڃي ٿي. امداد حسيني صحيح لکيو آهي ته ”لطيف جيڪو سدا حيات شاعر جو پد ماڻيو آهي، ته ان ۾ خود لطيف جي خلقيل ٻوليءَ جو وڏو عمل دخل آهي ۽ ظاهر آهي ته اها ٻولي به امر آهي، جيڪا لطيف جي اظهار جو واحد وسيلو آهي. لطيف وٽ سٽ سٽاءُ ۾ جيڪو لفظن جو جڙاءُ آهي، ان جو جوهر اڄ تائين نه رڳو جھڪو نه ٿيو آهي، بلڪه اهو ڏينهون ڏينهن وڌيڪ جھرڪندو ٿو وڃي..... لطيف وٽ لفظُ هيري مثل آهي ۽ لطيف ان جي تراش خراش ڪري، سِٽَ سَريءَ ۾ پوئي ان جي معنى جا ست ئي رنگ جھرڪائي ڇڏيا آهن.“ (12) لطيف جي هيرن جهڙن لفظن نه رڳو ٻوليءَ جي سونهن ۽ سوڀيا وڌائي آهي پر ان سان سنڌي ٻوليءَ ۾ خوبصورت لفظي ذخيري جو به اضافو ٿيو آهي. ڀٽائي پنهنجي ڪلام ۾ جيڪا ٻولي ڪتب آندي آهي ان جي خوبين تي ڳالهائيندي ڊاڪٽر پرسو گدواڻي پنهنجي ڪتاب ”ڇپر ڇاٽون مڪيون“ ۾ لکي ٿو ته ”شاعر پنهنجي رچنائن ۽ ٻوليءَ کي الڳ الڳ روپن ۾ ڪم آڻيندو آهي. اهڙي حالت ۾ ٻوليءَ جو ڪردارن موجب هجڻ ضروري آهي ۽ ان ڪري ٻوليءَ ۾ اصليت ۽ سڀاويڪ جا ڳُڻَ اچي ويندا آهن...... شاهه صاحب جي شعر ۾ هي گڻ تاڃي پيٽي سمايل آهي. ڇا ويهي پنهنجي سورمين جي واتان دک داستان ۽ برهه جي باهه جا ورڻ سندن ئي سليس، مٺڙي ۽ چڀندڙ ٻوليءَ ۾ چوايا اٿس.“ (13) گدواڻي صاحب شاهه جي ٻوليءَ جي حوالي سان وڌيڪ لکي ٿو ته ”هر ڪنهن ويچار يا ڀاو کي ظاهر ڪرڻ لاءِ ليکڪ يا شاعر کي لفظن جي چونڊ ڪندي ڪافي سُجاڳ ۽ هوشيار رهڻو آهي. ظاهر ڪيل ويچار يا ڀاو لاءِ صحيح لفظ جو استعمال ئي ڀاو ۽ ويچار جي اظهار جو ڪامياب ماپو آهي....... شاهه جو شعر ان گڻ سان ڀريو پيو آهي. سندس رسالي ۾ ڪو اهڙو اکر نه آهي جو گھرگھلو هجي.“ (14). شاهه  جو هر لفظ منڊيءَ ۾ ٽڪ وانگر آهي، اهو ئي سبب آهي جو ڀٽائي جي شاعريءَ مان اڄ تائين ڪنهن لفظ جي ڦير گھير جي ضرورت محسوس نه ٿي آهي. حقيقت ۾ اها هڪ ڪامل شاعر جي نشاني آهي.
ڊاڪٽر بشير احمد شاد پنهنجي ڪتاب ’شاهه لطيف هر دور جو شاعر‘ ۾ شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ ٻوليءَ جي حوالي سان لفظي ۽ معنوي ندرتن تي ڀرپور روشني وڌي آهي. هو لکي ٿو ته ”ادبي ٻوليءَ جي بنيادي خوبين ۾ لفظي ۽ معنوي ندرت کي وڏي اهميت حاصل آهي. اها خوبي ٻوليءَ کي معياري ۽ خوبصورت بڻائي ٿي ۽ منجھس نواڻ ۽ مٺاس پيدا ڪري ٿي. شاهه سائين جو رسالو سنڌي ٻوليءَ جو شاهڪار آهي. جيڪو سنڌي ٻوليءَ کي دنيا جي معياري ۽ سڌريل ٻولين جي صف ۾ آڻي بيهاري ٿو. رسالي جو مطالعو ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته منجھس لفظي ۽ معنوي ندرتن جو خزانو ڀريل آهي.“ (15) ڊاڪٽر صاحب پنهنجي مذڪوره مقالي ۾ شاهه جي ڪلام مان انهن خوبين کي نروار ڪيو آهي.
شاهه جي شاعريءَ ۾ ادبي، لسانياتي ۽ لغوي خوبين جهڙوڪ اصطلاح، محاورن، پهاڪن، تجنيسن، تلميحن، علامتن، تشبيهن توڙي شعري صنعتن يا مجموعي طور حسن بيانيءَ ۽ علم البيان جي حوالي سان سنڌ جي ڪيترن ئي عالمن تحقيق ڪئي آهي. جن ۾ ڊاڪٽر گربخشاڻي، ڪلياڻ آڏواڻي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر غلام علي الانا، ڊاڪٽر موتي لال جوتواڻي، ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي، رشيد احمد لاشاري، سيد نجف علي شاهه، ڊاڪٽر تنوير عباسي، ڊاڪٽر اياز قادري، ڊاڪٽر پرسو گدواڻي، سيد اظهر گيلاني، حافظ محمد احسن چنو، سيد منظور نقوي، شيخ عبدالحليم جوش، ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر، ڊاڪٽر فهميده حسين، ڊاڪٽر بشير احمد شاد، ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو، امداد حسيني، آصف مصراڻي، آفتاب ابڙو، ڊاڪٽر اسد جمال پلي، ڊاڪٽر ام ڪلثوم شاهه، ج. ع منگھاڻي، تاج جويو، پريتم پياسي ۽ ٻيا شامل آهن. پر خاص طور محاورن ۽ پهاڪن تي سيد اظهر گيلاني جو ڪتاب ’شاهه جي ڪلام ۾ پهاڪا ۽ محاورا‘هڪ ڪارائتو ڪم آهي. جنهن ۾ هن صاحب ڀٽائي جي رسالي جي سُرن مان اهي بيت چونڊي ڌار ڪيا آهن، جن ۾ پهاڪا ۽ محاورا ڏنل آهن. گيلاني صاحب پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو آهي ته ”مون شاهه صاحب جا اهي بيت چونڊيا آهن، جن ۾ پهاڪا ملن ٿا. انهن محاورن کي به منتخب ڪيو ويو آهي، جيڪي پهاڪي سان گھرو لاڳاپو رکندڙ آهن. جيڪڏهن شاهه صاحب جي ڪلام جو مطالعو دل جي اکين سان ڪيو ويندو، ته روح کي راحت ۽ تازگي حاصل ٿيندي. شاهه صاحب جي هر بيت جو آخري مصرع نهايت زوردار ۽ وزنائتو، گويا بيت جو نچوڙ ۽ مڪمل شرح هوندي آهي. اڪثر ڪري پهاڪو به ان ۾ چرڪندي نظر اچي ٿو. غور ڪبو ته ٻيون مصراعون به محاوري ۽ پهاڪي کان خالي نه آهن.“ (16) اهڙي ريت شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ اصطلاحن، استعارن ۽ تشبيهن تي پڻ سنڌ ۽ هند جي عالمن ۽ ڏاهن ڀرپور نموني لکيو آهي. جن ۾ ڊاڪٽر ام ڪلثوم شاهه جي پي ايڇ. ڊي ٿيسز ”شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ استعاري ۽ تشبيهه نگاريءَ جو تحقيقي جائزو“ وڏي اهميت رکي ٿي. شاهه جي ٻولي ۾ جتي مٿيون سموريون خوبيون نظر اچن ٿيون اتي اچارن جي ادغام، اچارن جي سميٽ توڙي ’وراڻ ۽ تڪرار‘ جون خوبيون به اتم درجي تي موجود آهي.
شاهه سائين جي ٻوليءَ جي خوبين کي نروار ڪرڻ جي سلسلي ۾ سليم ڀٽو لطيفي جو ڪم به ساراهه جوڳو آهي. جنهن صاحب لطيف جي شاعريءَ جي ٻولي جي نحوي بناوتن تي چڱي روشني وڌي آهي. هو پنهنجي ڪتاب ”قدر ڪيميا ان جو“ ۾ لکي ٿو ”شاعريءَ ۾ نحوي بناوتن تحت فعل، ضمير ۽ اسم جي حالت بدلجڻ، زمان جو بدلجڻ ۽ واحد جمع ۽ ضمير يا اسم جي مٽا سٽا ۽ جنس جي مَٽ وغيره به معنى ۽ مفهوم کي هٿي ڏئي ٿي. هي تبديليون اندازِ بيان ۾ گھرو تاثر پيدا ڪري پڙهندڙن کي متوجه ڪرڻ جو ڪامياب حربو آهن، جيڪي اظهار کي وضاحت ۾ آڻين ٿيون ۽ شاعريءَ ۾ خوبصورتي، اڀار ۽ نواڻ ڏين ٿيون.“ (17) اڳتي هلي هن شاهه جي شاعريءَ جا مثال ڏئي انهن خوبين کي واضح ڪيو آهي. اهڙي طرح لطيفي پنهنجي ساڳي ڪتاب ۾ شاهه جي ٻوليءَ جي لهجي ۽ لفظن جي چونڊ ۽ استعمال بابت به پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو آهي. هو لکي ٿو ”ٻوليءَ جو لهجو ۽ لفظن جي چونڊ شاعريءَ جي سونهن ۽ سُندرتا آهي. شاعريءَ ۾ ٻوليءَ جو لهجو ۽ لفظ ئي آهن جيڪي پڙهندڙ ۽ ٻڌندڙ تي سڌو اثر ڪندا آهن ۽ شاعريءَ ۾ شاعر جي شخصي موجودگيءَ کي به محسوس ڪرائيندا آهن. اڻ ڏٺل نظارا به ڏسڻ جي لائق ٿيو پون، مرده ۽ بي جان شيون به لفظن جي سهاري زنده ٿي پونديون آهن.“ (18) شاهه لطيف بيشڪ هڪ اهڙو آرٽسٽ آهي، جنهن کي لفظن کي جيئارڻ جو هنر اچي ٿو ۽ زنده  لفظن وسيلي ئي هو بي جان شين کي به جان ڏئي ٿو.
جهمٽ مل خوبچند ڀاوناڻي پنهنجي مضمون ”شاهه جي شعر جي بناوت“ ۾ ماضيءَ ۾ سنڌي عالمن پاران شاهه جي شاعريءَ بابت ڪيل اعتراضن جي تاريخ بيان ڪندي لکيو آهي ته1914ع ۾ مرزا قليچ بيگ پنهنجي ڪتاب ”سنڌي شعر“ ۾، سنه 1923ع ۾ ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ پنهنجي شاهڪار ”شاهه جي رسالي“ جي پهرئين جلد ۾، سنه 1937ع ۾ محمد صديق ميمڻ ”سنڌ جي ادبي تاريخ“ ۾، سنه 1958ع ۾ ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم ”خليل“ پنهنجي تصنيف ”شعر و شاعري“ جي ٽئين ڀاڱي ۾ ۽ ڊاڪٽر داؤد پوٽه مرحوم پنهنجي هڪ مضمون ”شاهه شاعر هو يا سگهڙ“ ۾ شاهه صاحب جي ڪلام کي پنهنجي پنهنجي خيال موجب جهنگلي شعر جو نمونو يا علم عروض جي خلاف يا ناموزون شاعري يا دهقاني تڪ بندي وغيره وغيره چيو آهي. مگر شاه جو نظم، هڪ خاص وزن ۽ قافيه جي پٽاندڙ جڙيل آهي. انهيءَ علم جو مٿاڇرو اڀياس ئي ڪبو ته معلوم ٿيندو ته اهو هڪ مڪمل علم آهي. ان علم جو نالو ”ڇند و ديا“ يا ”ڇند شاستر“ آهي.“ (19) تنهن ڪري ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته فني لحاظ کان شاهه لطيف جو ڪلام ڇند وديا تي آڌاريل آهي. ڇند شاعريءَ جي فني پرک جو علم آهي، اهو علم هندي شاعريءَ جي دفترن مان سنڌي شاعريءَ کي مليو. هندي ۾ ڇند وديا کي پنگل شاستر پڻ سڏيو ويندو آهي.
ڪن عالمن مطابق شاهه لطيف پنهنجو ڪلام ارادي سان ڇند وديا ۾ نه چيو آهي لحاظه ڇند وديا سان لاڳاپيل قاعدا ۽ اصول سندس شاعريءَ تي لاڳو نه ڪرڻ کپن. ان سلسلي ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب لکي ٿو ”شاهه صاحب جي بيتن ۽ واين جو وزن فطري ۽’غير شعوري‘ آهي ۽ نه ارادي طور ’صنعتي‘. اهو وزن ۽ ماڻ، شاهه جي پنهنجي شاعرانه شعور، پنهنجي مادري سنڌي ٻولي جي مزاج، توڙي سنڌي شاعريءَ جي صدين واري روايت جي ڄاڻ جو نتيجو آهي. شاهه علم عروض يا ڇند وديا جي قاعدن قانونن کي سامهون رکي، لفظي يا حرفي ڪَڇَ وهٽ ڪري بيت ۽ وايون ڪين جوڙيون. شاهه جو دور جيتوڻيڪ علم عروض جي ڄاڻ ۽ عروضي شاعري جي ذوق وارو دؤر هو، پر اها ڄاڻ ۽ اهو ذوق فارسي شاعري تائين محدود هئا. ڇند وديا جو ته هت نالو نشان ئي ڪونه هو. انهيءَ ڪري شاهه جا بيت ۽ وايون توڙي ٻي نج سنڌي شاعري، انهن ٻاهرين ماپن ۽ ماڻن جي قيد و بند کان آجا رهيا.“ (20) اڳتي هلي ڊاڪٽر صاحب شاهه سائين جي ڪلام جي شاعراڻي لطافت، فطري حسن، فن، سٽاءَ ۽ وزن بابت لکي ٿو ته ”شاهه جا بيت، شاعرانه لطافت، سنڌي بيت جي تاريخي روايت، توڙي اندروني سٽاء ۽ بيهڪ جي لحاظ سان پوري وزن ۾ آهن. ٻئي طرف سندس وايون خاص طرح آلاپ ۽ الحان جي ماڻن ۾ تُريل آهن...... ’اعليٰ شعر‘ جو معيار مٿاهون آهي، پر ’اعلى نظم‘ لاءِ به ايترو ضروري آهي ته اهو ڪم از ڪم ’وزن‘ ۽ ’قافيي‘ ۾ پورو هجي. اهي ٻه اهڙا عام فهم معيار آهن، جن تي اعلى نظم جي لحاظ سان، ڪنهن به بيت کي پرکي سگهجي ٿو ته اهو شاهه صاحب جو آهي يا نه.“ (21) شاهه لطيف جي شاعريءَ جي حوالي سان خاص طور جڏهن وزن جي ڳالهه اچي ٿي ته يقيني طور سندس ڪلام کي ڪنهن نه ڪنهن شعري علم جي ماپي ۾ ماپائڻ لازم ٿي پوي ٿو. شاهه جو پنهنجي ڪلام جي فن ڏانهن ڪيترو شعوري لاڙو هيو ان جو سڌو سنئون جواب خود سندس ڪلام آهي. جڏهن اسين ڀٽائي جي ڪلام جو فني مطالعو ڪندا سين ته اها ڳالهه چٽي ڏينهن وانگر محسوس ٿيندي ته سندس بيت ۽ وايون ڇند وديا تي پوريون رچيل آهن. ڇندُ ماترائن، ورنن ۽ ورتن کي گُنن، پدن مطابق شعر ۾ سلسليوار آڻڻ واري فن جو نالو آهي. ڇند جا ڪيترائي قسم آهن جهڙوڪه ماترڪ ڇند، دنڊڪ ڇند، ورنڪ ڇند، راڌا ڇند، وڌاتا ڇند، راس ڇند وغيره ۽ ڀٽائيءَ جي شاعريءَ ۾ انهن مان ڪافي مثال ملن ٿا. انهيءَ سلسلي ۾ محمد سومار شيخ جو ترتيب ڏنل ”شاهه جو رسالو“ نهايت اهميت وارو آهي، جنهن ۾ هن صاحب شاهه لطيف جي رسالي جي سمورن سرن ۾ موجود بيتن کي شاعري جي ”ڇند وديا“ جي اصولن تحت پرکي رسالو ترتيب ڏنو آهي، پر افسوس جو اهو هن وقت تائين قلمي صورت ۾ موجود آهي. انهي سلسلي ۾ هند جي ناليواري عالم ڊاڪٽر موتيلال جوتواڻي جي ٿيسز “Shah Latif _ his Life & works” ۾ پڻ مواد موجود آهي.
شاهه سائين جي وائي ڇند جي اصولن تي پوري آهي ۽ ان کي سندس درگاهه تي اڄ تائين ”ڌرپد“ جي انداز ۾ ڳايو وڃي ٿو. شاهه لطيف جي ڪلام ۾ دوهي جا مقرر چارئي قسم يعني دوهو، سورٺو، بُڙو دوهو ۽ تونويري دوهو پڻ موجود آهن. ”دوهي ۽ دوهي جي سڀني قسمن جي ڇندن ۾24 ماترائون ۽ چار چرڻ ٿين. پر جهڙي ريت دوهو سورٺي جي ابتڙ ڇند آهي. بڙو دوهو وري تونويري دوهي جي ابتڙ آهي. بڙو دوهو جي پهرين ۽ چوٿين چرڻ ۾ 11 ــ 11 ماترائون ٿين، ۽ جيئن دوها ڇند ۾ ٿيندو آهي، 13 ــ 13 ماترائن وارا نه. شاهه لطيف جي ڪوتا ۾ ڪٿي به (وڏن بيتن ۾ به) ان نيم جي ڀڃڪڙي نه ٿي آهي. هيٺ ڏنل بيت جي مثال ۾ بڙو دوهو ۽ تونويري دوهو گڏ و گڏ آيا آهن:
لهرن لک لباسَ، پاڻيءَ پسڻُ هيڪڙو،
اونهي تنهن عميق جي، واري ڇڏ وماسَ،
جت نانهه نهايت نيهن جي، کوءِ اُت پنهنجي کاسَ،
تڙن جي تلاسَ، لاهه ته لالن لڳ ٿيئين. (22) (سُر سهڻي، داستان نائون)
دوهن ۽ سورٺن جو ٻن سٽن کان وڌائي 5 ــ 7 يا وڌيڪ سٽن تائين استعمال ڪرڻ جي شاهه صاحب جي سنڌي ادب کي نئين ۽ شخصي دين آهي. ان کان سواءِ هن هڪ دوهي ۽ اڌ سورٺي جي ميلاپ جا پڻ نوان آزمودا ڪيا آهن. (23) هيٺ ان جو مثال پيش آهي:
ايڪ پيالو ٻه ڄڻا، عشق نه ڪري ايئنءَ،
ليکيا جي لکڻ ۾، سي قربَ رسندا ڪيئن؟
هئڻ ڪيا هيئنءَ، وانجھا پس! وصال کان. (سُر يمن ڪلياڻ، داستان چوٿون)
شاعريءَ جو غنا ۽ ترنم سان پڻ نهايت گھرو تعلق آهي، شاعريءَ ۽ موسيقيءَ جو ساٿ ۽ سٻنڌ جڳن کان جاري آهي، ان جو هڪڙو ڪارڻ ته اهو ئي آهي ته هڪ سٺي شاعر جي شعرن منجھ ئي موسيقي سمايل هوندي آهي. جنهن کي جڏهن سُرن ۽ آوازن جو سنگم ملندو آهي ته سندس نکار هيڪاري وڌي ويندو آهي. ڪلياڻ آڏواڻي به شاعريءَ ۾ موسيقت کي وڏي اهميت ڏئي ٿو ۽ شاهه جي شاعريءَ جي موسيقيءَ کي پڻ سندس ڪلام جي هڪ وڏي خوبي ڄاڻائي ٿو. هو لکي ٿو ته” شعر، چترڪاري ۽ سنگتراشيءَ جي وچ جو سٻنڌ آهي، تنهن کان وڌيڪ گھاٽو ناتو، قديم يونانين، گائن وديا، نرت ڪلا ۽ شعر جي وچ ۾ ڏٺو. شاعر کي هو ’ٺاهيندڙ‘ سڏيندا هئا، پر ’ٺاهيندڙ‘ کان اڳي کيس ’ڳائيندڙ‘ ٿي سڏيائون. سچ پچ ته ڳائڻ ۽ شاعريءَ جا فن ٻئي گڏ اتپن ٿيا ۽ رقص ۽ ناچ سندن همساز ۽ دمساز رهندو آيو آهي. اها ڪهڙي مرده دل آهي، جا شعر کي آلاپڻ سان وجد ۾ نه ٿي اچي!....... شاعر جي رڳن جون تندون هر وقت پيون تنوارين ’رڳون ٿيون رباب، وڄن ويل سڀ ڪهم‘ شعر رڳن جي رباب جو وڄڻ آهي. شاهه  هڪ اهڙي سرود تي هٿ ٿو هڻي، جو سڻندڙ وجد ۽ حال ۾ اچي ڦتڪي ٿو.“ (24) ٻين لفظن ۾ ڀٽائيءَ جو ڪلام پنهنجي غنائيت ۽ موسيقي سبب نهايت اثرائتو ۽ ڀرپور آهي، ان ۾ موجود اندروني قافيو ”جدا جدا سٽن ۽ مصرعن وارين عبارتن جي اچارن ۽ آوازن ۾ صوتي ميٺاج، ترنم ۽ لئي سمايل آهن.“ (25)  ان کان علاوه ڀٽائي جي شاعريءَ ۾ لفظي ورجاءَ پڻ انوکي موسيقي پيدا ڪئي آهي. ”رسالي ۾ ڪن سُرن جي داستانن هيٺ، ڪافي بيت اهڙا آهن جو انهن مان پهرين بيت جي پهرين سٽ جي پهرين اڌ واري ٻولَ يا فقري کي، پوءِ هڪ يا ٻن يا وڌيڪ بيتن ۾ وري وري آندو ويو آهي. هيءَ ’وري وري ورجائڻ‘ واري سهڻي ورجيس شاهه کان اڳ واري ’ڪلاسيڪي شاعري‘ ۾ جزوي طور تي موجود آهي پر شاهه ان کي وڌيڪ نمايان ڪيو آهي. ساڳين فقرن کي ورجائڻ سان نه فقط ’معنوي تاڪيد‘ توڙي ’نفسياتي ڪيفيت جي تصديق‘ ٿئي ٿي پر انهن مقصدن سان گڏ و گڏ ’ساڳئي مسلسل آواز واري گونج‘ پڻ پيدا ٿئي ٿي.“ (26) بيتن ۾ سلسليوار ان لفظي ورجاءَ جي حوالي سان رسالي جي مختلف سُرن مان ڪيئي مثال پيش ڪري سگھجن ٿا. جيئن:
·        محبت جي ميدان ۾، عاشقَ ٿيءُ اچامُ.
.........................
محبت جي ميدان ۾، اچي پيرَ پيان.
.........................
محبت جي ميدان ۾، ڪر پڙاڏو پَٽُ.
.........................
محبت جي ميدان ۾، سِرَ جو سانگ مَ ڪرِ.
.........................
محبت جي ميدان ۾، سرَ جو ڪر مَ سانگُ
                (سُر يمن ڪلياڻ)
·        تون سمون آئون گندري، مون ۾ عيبن جوءِ.
.........................
تون سمون آئون گندري، مون ۾ عيب اپارَ.
.........................
تون سمون آئون گندري، مون ۾ عيبن ڪوڙ.
.........................
تون سمون آئون گندري، مون ۾ عيبن ويههَ.
.........................
تون سمون آئون گندري، مون ۾ عيبن لک.
                (سُر ڪاموڏ)
·        نانگا نانيءَ هليا، سامي سڀيئي.
.........................
نانگا نانيءَ هليا، ويچارا ويا.
.........................
نانگا نانيءَ هليا، چيلها چيلهه ٻڌن.
.........................
نانگا نانيءَ هليا، هنگلاجان هلي.
·        ڪن ڪَٽ، ڪاپٽ، ڪاپڙي، ڪنوٽيا ڪنَ چيرَ.
.........................
ڪن ڪَٽ، ڪاپٽ، ڪاپڙي، ڪن جي ڪٽائين.
.........................
ڪن ڪَٽ، ڪاپٽ، ڪاپڙي، ڪنوٽيا ڪن ڪٽَ.
.........................
ڪن ڪَٽ، ڪاپٽ، ڪاپڙي، لانگوٽيا لالَ.
                (سُر رامڪلي)
شاهه لطيف جي شاعريءَ جي موسيقي جي حوالي سان تنوير عباسي اعلى درجي جو ڪم ڪيو آهي. هن پنهنجي ڪتاب ”شاهه لطيف جي شاعريءَ“ ۾ لکيو آهي ته ”شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ موسيقي جو عنصر ڏاڍو نمايان آهي. هن نه فقط تجنيسِ حرفيءَ کان ڪم ورتو آهي، پر ڪيتريون ئي گوناگون ترڪيبون استعمال ڪري پنهنجي شاعريءَ ۾ نغمگيءَ جو اثر پيدا ڪيو اٿس. انهن ۾ ٻٽو قافيو، اندروني قافيو، حرف صحيح جو ورجاءُ، حرف علت جو ورجاءُ، آواز سان، معنى سان هم آهنگي ۽ خالص معنوي موسيقي ــ اهي سڀ ڳالهيون آهن آهن جيڪي شاهه لطيف کي عظيم غنائي شاعر بڻائين ٿيون.“ (27)
مٿي مختصر طور سنڌي عالمن ۽ محققن جي علمي پورهيي ۽ تحقيق مطابق شاهه جي ڪلام جي جنهن فني، ادبي ۽ لسانياتي پرک جي جھلڪ پيش ڪئي وئي آهي، ان موجب شاهه لطيف جي شاعري، ادبي معيارن، شعري هنرن، ٻوليءَ جي حسناڪين، لغوي ۽ لسانياتي نزاڪتن توڙي شاعراڻي موسيقيت جي خوبين سان مالا مال آهي. هڪ ئي وقت اهي سموريون ادبي، شعري ۽ لسانياتي خوبيون تمام ٿورن شاعرن جي ڪلام ۾ ملنديون آهن. ڀٽائي جي ڪلام ۾ نه رڳو مٿيون خوبيون ملن ٿيون پر سندس شاعري ٻين به ڪيترن ئي گڻن سان ڀرپور آهي.


حوالا

1.        گربخشاڻي هوتچند ڊاڪٽر  ”مقدمه لطيفي“ سنڌي ساهت گھر حيدرآباد ڇاپو ٽيون جولاءِ 2006ع  ص 51، 52
2.        ساڳيو ص 52
3.        ساڳيو ص 54 ۽ 55
4.        بلوچ نبي بخش خان ڊاڪٽر ”شاهه عبداللطيف ڀٽائي ــ مقالا ۽ مضمون“ (مرتب: ڊاڪٽر محمد علي مانجھي) ثقافت کاتو حڪومتِ سنڌ 2012ع ص 291
5.        حوالو ساڳيو ص 292
6.        الانا غلام علي ڊاڪٽر ”انساني نفسياتي ڪيفيتن، جذبن ۽ احساسن جو ترجمان شاعر ــ شاهه عبداللطيف ڀٽائي“ ، شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽي، ڪراچي 2014ع، ص 212
7.        حوالو ساڳيو ص 21 ــ 220
8.        شاد بشير احمد ڊاڪٽر ”شاهه لطيف ــ هر دور جو شاعر“ سنڌيڪا اڪيڊمي 2008ع  ص 163
9.        الانا غلام علي ڊاڪٽر، حوالو ساڳيو ص 220
10.     مٽلاڻي منوهر بختراءِ ڊاڪٽر ”اساسي سنڌي شاعري“ ــــ مقالو ”شاهه، سچل ۽ سامي جي ڪلاسيڪي شاعريءَ تي هڪ نظر“ هيرو شوڪاڻي  ــ ڊپارٽمنٽ آف سنڌي، يونيورسٽي آف ممبئي وديانگر ڪيمپس ڊسمبر 2000ع ص 76
11.     شاد بشير احمد ڊاڪٽر (مرتب) ”پيهي منجھ پاتال“ مقالو ”شاهه جي عظمت جا اسباب“ علامه دائود پوٽو مهراڻ اڪيڊمي 1992ع ص 34
12.     فهميده حسين ڊاڪٽر (ايڊيٽر) ”ڪلاچي“ تحقيقي جرنل ـ جون 2003 ــ مقالو ”لطيف ــ سنڌي ٻوليءَ جو محافظ“ ص 90 ۽ 91
13.     گدواڻي پرسو ڊاڪٽر ”ڇپر ڇاٽون مڪيون“ (شاهه جي شاعريءَ جو ادبي اڀياس) باک ادبي اڪيڊمي، حيدرآباد 1997ع ص 38
14.     حوالو ساڳيو ص 41
15.     شاد بشير احمد ڊاڪٽر ”شاهه لطيف ــ هر دور جو شاعر“ سنڌيڪا اڪيڊمي 2008ع  ص 9
16.     سيد اظهر گيلاني ”شاهه جي ڪلام ۾ پهاڪا ۽ محاورا“   مهراڻ اڪيڊمي مئي 2004ع ص 13
17.     لطيفي سليم ڀٽو ” قدر ڪيميا ان جو“ Bless ۽ گلڙا پبليڪيشن ٽنڊوڄام 2004ع  ص 123
18.     حوالو ساڳيو ص 123
19.     خالد ڪريم بخش ”گلستانِ لطيف“ محڪمه اطلاعات، مغربي پاڪستان، حيدرآباد، 1962ع ص 44
20.     بلوچ نبي بخش خان ڊاڪٽر، حوالو ساڳيو ص 299
21.     حوالو ساڳيو ص 99 ــ 298
22.     فهميده حسين ڊاڪٽر، (ايڊيٽر) ”سنڌ ــ ماضي، حال ۽ مستقبل“ (مقالو: ’سنڌ ۽ هند ۾ شاهه لطيف جي فڪر و فن تي ٿيل کوجنا‘ ــ ڊاڪٽر موتيلال جوتواڻي) شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽي، ڪراچي، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽي،  ص 48
23.     گدواڻي پرسو ڊاڪٽر ص 56
24.     آڏواڻي ڪلياڻ ”شاهه سچل سامي“ سنڌي ساهت گھر حيدرآباد ڇاپو پهريون آگسٽ 2010 ص 48
25.     بلوچ نبي بخش خان ڊاڪٽر، حوالو ساڳيو ص 295
26.     حوالو ساڳيو ص 296 ــ 97
27.     عباسي تنوير  ”شاهه لطيف جي شاعري“ روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو 2000ع  ص 148

1 comment: