طارق عزيز شيخ
شاھ لطيف بحيثيت قومي
اڳواڻ
هڪ سچي شاعر جو ڪلام پنهنجي دور جي آرسي هوندو آهي. شاعر پنهنجي دل
جي گُهر ۽ پنهنجي ذاتي مشاهدي تي فطري طرح پنهنجي ماحول جي حالتن، حق ۽ ناحق ۽
ريتن رسمن کان متاثر ٿي ڪلام ۾ اُهي واقعات شعوري ۽ غير شعوري طور آڻي ڇڏيندو آهي
جي سچ پچ ان دور جي سچي تصوير هوندا آهن. جڏهن به ڪنهن ملڪ ڪنهن خاص دور جي صحيح
صورتحال لاءِ مواد ڏسڻو پوندو آهي ته ان وقت نثري مجموعن سان گڏ نظم جو ذخيرو پڻ
نظر مان ڪڍڻ ضروري ٿيو پوي ٿو.
ٻارهين صديءَ ۾ سياسي طرح سنڌ وڏي ڪوپ ۽ ڪشمڪش ۾ گرفتار هئي. جو مٿان
نادر اچي نمودار ٿيو. ان کان اجل آجو ڪيو ته قنڌارين اچي مٿان ڪڙڪو ڪيو. هڪ دفعو
نه پر بار بار گهران رسن ته سڌو سنڌ ۾. ان ڪري سنڌ ۾ ان چوڻي جنم ورتو ته “جڏهن
تڏهن سنڌڙي توکي قنڌالِن جوکو”.
شاهه صاحب اورنگزيب جي وفات وقت سورنهن سالن جو هو. مغلن جو اثر گهٽجي
ويو هو. حڪومت نور محمد ڪلهوڙي جي حوالي ٿي چڪي هئي ۽ هن سڄي سنڌ سبي تائين پنهنجي
قبضي ۾ ڪري ورتي هئي. مغلن جي ڪمزوريءَ مان فائدو وٺندي ميان نور محمد پاڻ کي
مضبوط ڪندو رهيو. مغلن جي ڪمزوري پرکي نادر شاهه ايرانيءَ دهليءَ تي حملو ڪيو ۽
اتان موٽندي سنڌ تي مارو ڪيائين.
۱۱۵۲هه (۱۷۳۹ع) ۾ ميان نور محمد کان ۲۰ لک رپيا ساليانو ڏن مقرر ڪرائي سندس ٽن پٽن مرادياب، عطر خان ۽ غلام
شاهه کي ايران وٺي پوءِ اٺن سالن بعد جڏهن نادر شاهه کي ماريو ويو تڏهن شهزادن جي
جند ڇٽي ۽ ملڪ موٽيا.
نادر شاهه جي مرڻ بعد احمد شاهه ابدالي خراسان ۽ ايران جي حڪومتن تي
قبضو ڪيو ۽ هن ڪلهوڙن کي دستوري ڏن ڏيڻ لاءِ لکيو جو نور محمد ڪلهوڙي ڏيڻ کان
انڪار ڪيو. جنهن تي هو ۱۷4۷ع ۾ سنڌ تي ڪاهي آيو. ميان نور محمد ٿرپارڪر ڀڄي ويو ۽ اتي ئي مري
ويو. ابدالي اتي به اچي پهتو هئس.
انهن انقلابن طوفانن کانسواءِ سنڌ ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني پڻ ٺٽي ۾
پهريون ڀيرو ۱۷۳۵ع ۾ واپاري ڪوٺي کولي هئي. جا ستت کانئن کڻائي
ويئي. ۱۷۵۷ع ۾ وري غلام شاهه جي زماني ۾ ٻيهر ٺٽي ۾ ڪوٺي
کوليائون ان وچ ۾ انگريز واپاري، ڪلهوڙن جي درٻار ۾ ايندا رهيا. هوڏانهن عربي سمنڊ
۾ بورچو گيز ڌاڙيل به لامارا ڏيندا هئا ۽ ٻيڙا ڦريندا رهندا هئا.
شاهه لطيف غيرن جي ڏاڍاين کي به ڏٺو ته نين غلامتين جا ڄار پکڙجندي
ڏٺا ۽ پنهنجي قوم کي هن طرح خبردار ڪيائين ته:
معلم
ماڳ نه اڳئين، ڦلنگي منجهه ڦريا،
ملاح
تنهنجي مڪڙيءَ اچي چور چڙهيا،
جتي
ڍنگ ڍريا، تتي تاري تنهنجي!
سنڌ تي مغلن جي راڄ ۾ ايرانين ۽ افغانين جي ڪاهن سنڌ جي ٻولي ۽ تهذيب
کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو. ٻئي پاسي يورپي تاڪو به کيس تيز نگاهن سان ڏسي رهيا هئا. سنڌ
جي سرڪاري زبان ورهين کان فارسي هئي، سنڌيءَ لاءِ چيو ويندو هو ته “سنڌي وائي ڪم
نه آئي” فارسيءَ لاءِ وري “فارسي گهوڙي چاڙهسي” جي چوڻي مروج هئي. شاهه صاحب ٻن
دورن ۾ سڄيءَ سنڌ جو گشت ڪري حالتن جو اندازو لڳائي ٿو ۽ محسوس ڪري ٿو ته ڌارين
مان ڪابه نيڪيءَ جي اميد رکي نٿي سگهجي. اهي سنڌي زبان ۽ تهذيب لاءِ مستقل خطرو
بڻيل آهن. ان ڪري ان ڳالهه کي ڌارين پرديسي ڏيرن جي ڊوهه واري واقعي جي رنگ ۾ هن
طرح بيان ٿو ڪري:
پيم
پٺاڻن سين، ٻولي ٻي نه ٻجهن،
آءُ
سنڌي جو سير ڪريان، هو پارسيون پڇن.
مون
پڻ ملان تن، سرتيون سور پرائيو،
برو
بگيرو جي ٿا ڏين پارسيون پاڻ ۾،
مون
لوڏان ئي لکيا، ته هاڃو ڪندا هي،
ماريندا
مونکي، پنهون نيندا پاڻ سين.
شاهه صاحب جو پهريون پيغام سنڌ جي سياسي، اقتصادي ذهني آزاديءَ جي
مقصد سان محبت رکڻ آهي. حب الوطنيءَ جي صحيح معنيٰ به اها ئي آهي.
شاهه صاحب سنڌ جي مظلوم ۽ مسڪين عوام کي غربت، جهل، بد اخلاقي، ظلم ۽
ڏاڍائي کان آزادي ڏيان واسطي پنهجي هم وطنن کي گڏ ڪرڻ گهري ٿو، ڇاڪاڻ ته کيس خبر
هئي ته ملڪ ۽ قوم جي آزاديءَ لاءِ ترقيءَ جو موک به انهن وٽان ٿيڻ وارو آهي.
اهڙيءَ حالت ۾ ماڻهن کي هڪ پليٽ فارم تي ٿي بيهڻ لاءِ چوي ٿو ۽ کين پکين کان سبق
ڏيندي چوي ٿوي ته:
ولر
ڪيو وتن پرت نه ڇنن پاڻ ۾
پسو
پکيئڙن ماڻهان ميٺ گهڻو.
ڪنهن به وڏي مقصد لاءِ حقيقي انقلابي جماعت ٺهي نه سگهندي جيستائين
سڀ مصيبت زده ۽ درد دل وارا گڏ نه ٿيا آهن.ان لاءِ چوي ٿو ته:
ڏکيون
جان نه مڙن، مون جيئن ٻاروچن سين،
سيڪڻ
سارو ڏينهن چڙهڻ چاڙهيڪين تي.
هڪ اعليٰ مقصد جي جدوجهد جو بيان ڪندي چوي ٿو ته:
جيڪا
ڪندي نينهن، مون جيئن ٻاروچن سين،
سڪڻ
سارو ڏينهن چاڙهڻ چاڙ هيڪن سين.
شاهه صاحب سنڌين کي قرباني ڏيڻ جي لاءِ فرمائي ٿو ته ملڪ جي آزادي ۽
ترقيءَ جي رستي ۾ هر هڪ سنڌيءَ کي پنهنجي شخصي ۽ طبقاتي مفاد کي قربان ڪري عوام جو
ڀلو گهرڻو آهي. ڪابه قوم يا ملڪ ترقي ڪري نه سگهندو جنهن جي افراد ۾ قربانيءَ جو
مادو نه هوندو. شاهه صاحب فرمائي ٿو ته:
تون
جي ڪالهه مئي، ته ڪالهه ئي گڏئن پرينءَ کي،
ڪڏهن
ڪا سئي ته ڪا سگهي گڏي سڄڻين.
شاهه سائين هڪ سچو شاعر هو جنهن کي پنهنجي اٻوجهه قوم جو بي انتها
فڪر هو. هو ديس ۾ ٿيندڙ ٻاهرين حملن ۽ ڦورن کي ڏسي ماٺ ڪري ويهي نٿي سگهيو. سندس
سيني ۾ هڪ درد مند دل هئي. پاڻ ايترو ته حساسي ۽ جذباتي هو جو ڪوبه واقعو، ڪوبه
ڏاڍ ۽ ڪوبه ظلم ڏسندو هو ته سندس دل مان بي ڌڙڪ شاعري سهڻن لفظن جو ويس ڍڪي ظاهر
ٿي پوندي هئي.
قومن جي تاريخ تي نظر وجهبي ته ڪي اهڙيون قومون ٿينديون آهن جيڪي
تمام امن پسند جنگ کان نفرت، محنت ۽ ڀائيچاريءَ جو پرچار ڪندڙ، پنهنجي ڪاروبار سان
لڳا پيا هوندا. تڏهن اهڙين ماٺيڻين ۽ امن پسند قومن تي وري ٻاهرايان ڦورو قابض ٿي
ويا. هنن انهن کي ڪارن قانونن ۾ سڪ ڪيو جو ڪڇي به ڪين سگهندا هئا، جنهن جو نتيجو
اهو نڪتو جو انهن مان ئي ردعمل ڪري اهڙا جوڌا، باغي ۽ اڙٻنگ جوان پيدا ٿيا جن
پنهنجي جدوجهد ۽ ڏاهپ سان اهڙا رستا ۽ گس ٻڌا آهن جن تان هلي قوم ڇوٽڪارو حاصل
ڪندي آهي. انهيءَ ڇوٽڪاري لاءِ هنن کي رت جي راند کيڏڻي پوندي آهي ۽ پوءِ انهيءَ
امن ۽ ڇوٽڪاري لاءِ وقت لڳندو آهي. جان جي بازي لڳائي ٻين لاءِ سک ۽ شانتي، امن ۽
پيار سونهن ۽ سڳنڌ، وفا ۽ خلوص جي دنيا آباد ڪبي آهي. اهڙيءَ طرح اسان جي سنڌ جي
تاريخ تي نظر وجهبي ته شاهه سائين پڻ قوم جي هڪ اهڙي ڏکئي ۽ آڙانگهي دور ۾ اک پٽي
جڏهن پنهنجن جون ويساهه گهاتيون هيون ته غيرن، لٽيرن ۽ ڦورن جو ڏاڍ ڏهڪاءُ ۽ ظلم
جي هولي متل هئي. اهڙي حالت ۾ ڪو حساس شاعر ڪيئن ٿو ماٺ ڪري ويهي تڏهن رڙ ڪري ستل
قوم کي جاڳائيندي چوي ٿو ته:
ستا
اٿي جاڳ ننڊ نه ڪجي ايتري،
سلطاني
سهاڳ ننڊون ڪندي نه ملي.
آخر هن پنهنجي ڌرتيءَ تي پنهنجي قوم مان ڪي اهڙا انسان ڪردار طور
کنيا جيڪي سِر تريءَ تي رکي انقلاب جو نعرو هڻندا ديس جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکڙجي ويا. هو
پنهنجي ڪلام سان کين واٽون، گس، پيچرا ۽ راهون ڏسيندو رهيو.
ٿر
ٿڪيائي ٿيل، چڙهه چڪيائي چوٽين،
هلندي
هوت پنهونءَ تي ڀومڙيو ئي ڀيل.
يا وري چوي ٿو:
تتي
ٿڌيءَ ڪاهه، ڪانهي ويل ويهڻ جي،
متان
ٿئي اونداهه، پير نه لهين پرينءَ جو.
اي منهنجي قوم جا سپوت ۽ سرويچ اٿو اس ۽ سرديءَ جي پرواهه نه ڪريو،
مقصد ماڻڻ لاءِ تمام ڏکيا ڏينهن پسڻا آهن. ويٺي ته ڪجهه به نه ورندو، پنهنجي
آزادي، امن ۽ پيار چاهيو ٿا ته پوءِ هلندا هلو ٿڪي پوءِ به هلو. جيڪڏهن ويهي رهندو
ته پوءِ ڪجهه به حاصل نه ٿيندو.
وري هڪ انقلابي کي اهو ٿو چئي ته ٺلهو مٿي تو ڪتال ڪرڻ سان ڪابه مراد
حاصل ڪانه ٿيندي منزل حاصل ڪرڻ لاءِ ان معاملي جي گهرائيءَ ۾ وڃڻو پوندو پکيءَ سان
تشبيهه ڏيندي چوي ٿو ته:
وڃي
نه پيهي، پٿن لئه پاتار ۾،
ڪنڌي
۾ ڪيهي، هاج تنهنجي هٿڙا
اهي سرويچ جن کي پنهنجي آزاديءَ جو فڪر آهي. سي ڪڏهن به بي فڪر ٿي
نٿا ويهن. انهن عظيم سپوتن کي صرف هڪ ئي لوري لڳل آهي ته دشمن کي شڪست ڏجي کيس
خوار ۽ خراب ڪري ڌڪاري ڪڍجي ۽ پنهنجي ڌرتيءَ تي پنهنجو راڄ قائم ڪجي کين وري
کاهوڙي سڏيندي چوي ٿو:
کرڪڻا
لاهي سک نه ستا ڪڏهن،
اوسيئڙو
آهي، کاهوڙين کي پنڌ جو.
شاهه سائين دشمنن جي چالاڪين ۽ چالبازين کان به واقف آهي. پنهنجي
انقلابين کي انهن بدمعاشن کان آگاهه ٿو ڪري اي قوم جا سچا اڳواڻ تون پري دشمنن سان
جنگ ڪري رهيو آهين. تون هاڻي موٽي اچ توکي پنهنجي ديس ۾ ڏاڍو ياد ٿو ڪيو وڃي. پر
خيال ڪجانءِ، دشمن ڏاڍو مڪار آهي ۽ چالباز اٿئي هو تنهن جي مارڻ لاءِ تنهنجا گهٽ گهيڙ جهليو ٿو بيهي
انهن جو خيال رکجانءِ:
آ
اُڏامي هنجڙا، سر ۾ سارينئي
متان
ماريني، پاڙيري پهه ڪري.
کيس پنهنجي قوم جا سڀ جوڌا جوان پسند آهن. ڪوبه هن لاءِ برو يا خراب
ڪونهي ڇو ته هو جتي به رهن ٿا يا جيڪا به فتحيابي حاصل ڪن ٿا. اتي ۽ ان جاءِ کي
ڏاڍو پريت ۽ پيارسان ۽ ڀائيچاري رکن ٿا:
منجهه
مڙيوئي هنجهه ميرو منجهن ناهه ڪو،
جتي
رهن سنجهه، سو سرڪن سوهو.
انهن انقلابي جوڌن ۾ ڪي ڪوڙا مڪار، ڪانئر ۽ بزدل به آهن جن پنهنجي
ڪانير تاجي ڪري پنهنجي ديس کي غلاميءَ جو ڳٽ پارايو آهي. ڇو ته اهڙا مفاد پرست،
موقعي پرست ۽ ڪميڻا انسان جن پنهنجي ٿوري مفاد لاءِ غيرن ۽ لٽيرن جو ساٿ ڏنو جنهن
تي هو مڪمل قبضو ڪري ويا.
سر
هو سر وڃايو ڪوڙن ڪانئيرن
رُٺا
روهه وڃن، ڪنهن هڻيائيءَ کان هنجڙا.
پر اهي بهادر هيڻا ئي نٿا قبولين پاڻ ٻڌي اتحاد ايڪو ۽ موقعي سان
گڏجي رت جي راند ۾ ڪاهي پيا آهن. دشمن ڪيترو، طاقتور آهي وٽس هر قسم جو هٿيار
بارود آهي پر تڏهن به کين اهي شيون پنهنجي مقصد ۽ جدوجهد کان نٿيون هٽائي سگهن.
ڪٽ
ڪڙهي لوهه ٻري، دوڌا جت ڌڳن،
مترڪن
منهن ڪڍيو، سانداڻيون سهڪن،
اڄ
پڻ آڳڙين ميڙو آهي مچ تي.
شاهه سائين ڪامريڊ لينن جي انهيءَ نظرئي موجب ته توهان سان گڏ يا جن
کي توهان انقلاب لاءِ تيار ڪريو. کين رڳو انقلاب جا فائدا ۽ سبز باغ نه ڏيکاريو.
کين انقلاب جي هر ڏک سک، اوجهڙ کان به واقف ڪرايو. پوءِ جيڪڏهن هو توهان جو ساٿ
ڏين ته اهو ساٿ پڪو ۽ پختو هوندو، ورنه سبز باغن تي هو توهان جو ساٿ ته ڏيندا پر
جنهن محل انقلاب جون سختيون ڏٺائون ته ڀڄي ويندا. شاهه سائين اهڙن انقلابين لاءِ
انقلابين جي واتان هيئن ٿو چئي:
سرتيون
سڄي سڃ، متان ڪا مون سين هلي،
پاڻي
ناهه پنڌ گهڻو، اڳيان رائو رڳي رُڃ،
مڇڻ
مري اڃ، ڪا ڏي پاراتو پرينءَ کي.
وري شاهه سائين هڪ انقلابي ۽ وطن جي سپاهيءَ کي پتنگ سان ۽ انقلاب ۽
آزادي جي جنگ کي مچ سان ڀيٽ ٿو ڏئي. کيس چئي ٿو ته سر سان ڪفن ٻڌي گهڙي پئو، تڏهن
تون گهوٽ ٿيندين.
پتنگ
چائين پاڻ کي، پسي مچ ۾ موٽ،
سهائي
سپرين جي گهڙ ته ٿئين گهوٽ،
اڃان
تون اروٽ، کوري خبر نه لهين.
يا وري سندن مختصر ٿوري زندگي جي عڪاسي هنن لفظن ۾ ٿو ڪري:
گهوڙن
۽ گهوٽن، جيئن ٿورا ڏينهڙا،
ڪڏهن
منجهه ڪوٽن، ڪڏهن راهي رڻ جا.
شاهه صاحب دشمنن ۽ سامراجين، ڦورن ۽ لٽيرن کي کپر ۽ نانگ سان تشبيهه ٿو
ڏئي. کين چئي ٿو ته تو جنهن سان وير ۽ دشمني وڌي آهي سي توکي ايئن نه ڇڏيندا. هي
هڪ اهڙي ديس جا رهواسي آهن جيڪي توکي ماري مڃائيندا. انهن سان وير پائي تون ڏاڍو
نقصان پرائيندين.
کپر
کاهوڙين سان، وڏو وجهه ۾ وير،
نانگ
نه ويندي نڪري، تو ڏر مٿي پير،
هي
تني جو ڍير، جن جُهونا ڳڙهه جلايو.
بنيادي طرح هن دنيا ۾ انسان آزاد پيدا ٿيو آهي ۽ کيس آزاديءَ سان
زندگي گذارڻ ڏني وڃي. اهو سندس فطري حق آهي. پوءِ ڪي ظالم انسان جي انهيءَ فطري حق
تي ڌاڙو هڻي ماڻهن کي غلام بنائيندا آهن. انهن جي سوچ، انهن جي ذهنيت ۽ انهن جو
اٿڻ ويهڻ غلاما نه هوندا آهي. پر جڏهن ڪي سرويچ اهڙا پيدا ٿيندا آهن جيڪي انهن
ظالمن کي منهن ٽوڙ جواب ڏيندا آهن. انهن کي آزاديءَ ۾ پڪو ڀروسو ۽ انقلاب جي سچائي
۾ ايمان هوندو آهي. اُهي سچائي لاءِ سر قربان ڪرڻ کان ڪين گهٻرائيندا آهن. شاهه
سائينءَ انهيءَ انقلاب ۽ آزاديءَ ۽ سچ لاءِ انهن سرويچن کي پتنگن سان تشبيهه ڏيندي
هيئن ٿو چئي:
پتنگن
پهه ڪيو مڙيا مٿي مچ،
پسي
لهس نه لڇيا سڙيا مٿي سچ،
سدا
ڳچين ڳچ، ويچارين وڃائيا.
صحيح مقصد ۽ صحيح سچائي اُهي حاصل ڪندا جيڪي جسماني طرح مضبوط، ارادي
جا پڪا، قول جا سچا ۽ جن جي مقصد جي هڪجهڙائي هوندي. اهڙيون شخصيتون ۽ اهڙا نٺا
جوان ئي آزاديءَ جو امل اکڙين سان ڏسندا باقي رڳو جيڪي سڌڙيا هوندا ۽ صحيح واٽ،
صحيح سوچ ۽ صحيح مقصد کڻي نه وڌندا سي پنهنجي آزادي ۽ سُکي زندگي ڏسي نه سگهندا ۽
محروم رهندا. شاهه سائين چئي ٿو:
وئا
جي عميق ڏي، منهن ڪائو ڏيئي،
تن سپون
سوجهي ڪڍيون، پاتارا پيهي،
پسندا
سي ئي، امل اکڙين سين.
ديس ۾ چوطرف خوف و هراس ڦهليل هجي دشمن حملن مٿان حملا ڪري، پوءِ
حملا جنگي نوعيت جا هجن يا ٻئي ڪنهن سياسي نوعيت جا، عظيم شاعر پنهنجي قوم وارن کي
اهڙي نازڪ دور ۽ ڏکين حالتن ۾ بي فڪر ٿي ويهڻ
۽ننڍون ڪرڻ کان منع ٿو ڪري. هر طرف گوڙ ۽ گهمسان آهي. اندروني توڙي ٻاهرئين
وڳوڙ کان آگاهه ٿو ڪري.
بندر
جان پئي تان سکاڻا مَ سمهو،
ڪپر
ٿو ڪُن ڪري جيئن ماٽي منجهه مهي،
ايڏو
سور سهي ننڊ نه ڪجي ناکئا.
هڪڙو ننڍڙو بهادرن جو ٽولو دشمنن گرفتار ڪري کين سزائون ۽ ٻيون
عذيتون ۽ عقوبتون ڏئي ماري رهيو آهي. پر تڏهن به سندن وات مان اها وائي ۽ پچار آهي
ته اسان کي آزادي گهرجي، سک گهرجي، امن گهرجي، انصاف گهرجي. پورو ديس آزادي ۽
انقلابي متوالو بڻجي پيو آهي. توهين سامراجيو ڪيترا ڪهي ڪيترا ڪهندا.
سڀت
پچار پرينءَ جي، سڀت هوت حضور،
ملڪ مڙيو ئي منصور،
ڪنهن کي ڪهي ڪنهن کي ڪهندين.
مطلب ته شاهه سائين جي ڪلام جي مطالعي مان اسان کي هي ۽ ٻيا ڪيترائي
اهڙا سوين بيت ۽ وائيون ملنديون جن ۾ شاهه سائين قوم جي سجاڳي، آزادي، امن ۽ پريم
جو سبق ڏنو آهي. شاهه پنهنجي هم وطنن ۽ کاهوڙين سامونڊين، ناکئا، پتنگن، آڳڙين ۽
منجهن سان تشبيهه ڏني آهي. جيڪي پنهنجي الڳ مورچي تي دشمن سان منهن مقابل آهن. کين
هڪ جاءِ گڏ ڪرڻ، اتحاد ۽ تنظيم سان اڳتي وڌڻ، منجهن نئون روح ۽ جوش پيدا ڪرڻ،
انقلاب جي صحيح راهه ۽ گس ڏسڻ جي ضرورت آهي. جيڪا شاهه سائينءَ پنهنجي ڪلام ۽
پيغام ۾ پنهنجي قوم وارن کي ڏنو آهي. ان تي عمل ڪرڻ يا نه ڪرڻ اهو ان قوم جو ڪم
آهي.
سائين جي انهيءَ مختصر ڪلام جي جائزي کانپوءِ اهو نتيجو نڪتو ته شاهه
سائين خود هڪ نظريو آهي. جنهن تي عمل ڪرڻ سان قوم پنهنجي تقدير بدلائي سگهي ٿي.
ڪنهن انقلابي ڪامريڊ جو چوڻ آهي ته نظريو عمل کان سواءِ ڪا اهميت نٿو رکي. بلڪل
صحيح ڇو جو رڳو ٺلهو نظريو ڪنهن به ڪم جو ناهي. جيستائين ان تي عمل ڪيو. ان ڪري
شاهه سائين جي نظرئي کي چڱي طرح پڙهڻ ۽ سمجهڻ جي ضرورت آهي.
عمل ۽ جدوجهد ڪرڻ، اڙانگهين راهن ۽ انقلاب جي ڏکين پيچرن تان هلي قوم
کي ڇوٽڪارو حاصل ٿي سگهي ٿو.
No comments:
Post a Comment