شاهه جو رسالو

Wednesday 3 June 2015

لطيف سرڪار: سنڌ جو سرتاج ــ غلام نبي درد هالائي (Ghulam Nabi Dard Halai)

غلام نبي درد هالائي

لطيف سرڪار: سنڌ جو سرتاج


قوم کي اگهور ننڍ مان سجاڳ ڪري پنهنجي عزت، عظمت لوئي ۽ لڄ لاءِ جذبو پيدا ڪندڙ عظيم شخصيتن جهڙي طرح جرمني ۾ گوئٽي، بنگلاديش ۾ ٽئگور، اردو ۾ حالي، اقبال، فارسي ۾ سعدي ۽ رومي اهڙي طرح سنڌ ڌرتي تي وقت جي صوفي شاهه عنايت شهيد، حضرت قلندر لعل شهباز، خواجه ابوالمساڪين، حضرت سلطان الاوليا خواجه محمد زمان لواري شريف، فقير عبدالرحيم گرهوڙي شريف، حاجي فقير الله علوي، حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح، سچل، سامي ۽ ٻين تصوف جي بيش بها خدمت ڪئي ۽ علم و معرفت جا درياءَ وهائي ماڻهن جي دلين کي روحاني طرح سان فيضياب ڪيو . اهڙن ئي مانجهي مڙسن مختلف علم و فنون جي ذريعي انسانن کي حقيقت جي خبر ڏئي ، انهن جي دلين ۾اصولن جو اونهو احساس پيد اڪري، عشق جي قدرن جو احساس جاڳائي الله تعاليٰ سان سچو عشق ڪرڻ وارو اهڙو جذبو پيدا ڪيو ، جيڪو انسانن کي لوهه مان پارس ٿو بڻائي

Tuesday 2 June 2015

انسان دوستي ءَ جو فڪر ۽ شاھ لطيف ــ ڊاڪٽر شير مهراڻي (Dr. Sher Mehrani)



ڊاڪٽر شير مهراڻي
انسان دوستي ءَ جو فڪر ۽ شاھ لطيف
انسان دوستي ڏاڍو همه گير ۽ گهرو موضو ع آهي. ڇاڪاڻ ته ان جي شروعات انسان جي تاريخ سان گڏ ٿي آهي ۽ ان ڪيترائي لاها چاڙها ڏٺا آهن. تبديلين ۽ تغيرات جي تيز وهڪري انسان کي ڪڏهن پنهنجي ويجهو ڪيو آهي ته ڪڏهن خود کان ڪوهين ڏور پولارن ۾ ڦٽو ڪيو آهي. هو جڏهن جڏهن به پنهنجي وجود جي ويجهو آيو هن پاڻ تي سوچيو ۽ معلوم ڪرڻ لاءِ ووڙيندو رهيو. ڄاڻڻ جي اڃ جي احساس ۽ اثر هيٺ انسان جو ڪائنات جي تخليق بابت نامعلوم حقيقتن  کي معلوم ڪرڻ جو سفر يوناني ڏاهي ٿيليس   (Thales 624-546 BC)کان شروع ٿي اڄ بگ بينگ جي ٿيوري تي پهتو آهي. ان ۾ انسان ڪٿي ڀوڳيو آهي ته ڪٿي سر ڏئي سرخرو ٿيو آهي. آدم جي هن ٻچڙي علم ۽ ڄاڻ جي پويان با ثمر ۽ بي ثمر ڪيتريون ئي ڪوششون ڪيو آهن. جن کي ڪجهه وريو آهي تاريخ انهن جا نالا ياد ڪيا آهن باقي جيڪي ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي راھ ۾ اجل جي ور چڙهيا اهي نه تاريخ ۾ موجود آهن نه وري ڪنهن جي ذهن ۾ انهن جي ڪوششن جو خاقو آهي. پر هڪ حقيقت آهي ۽ ان حقيقت جا صرف اهڃاڻ ئي ملن ٿا ته ڳولا جي عظيم ۽ اجهاڳ پنڌ ۾ ڪيترائي ماڻهو ماريا ويا آهن. ٿيلس چيو هو ڪائنات پاڻي مان پيدا ٿي آهي. ڇاڪاڻ ته سڪل ٻجن کي به جيسيتائين پاڻي نٿو ملي اهي نٿا ڦٽن. ٿيلس اهو پڻ چيو هو ته سڀني شين ۾ تخليقيت جي سگهه موجود آهي. ٿيليس جي پنهنجي ئي شاگرد انيگزيمينڊر610 - 546 BC) ) Anaximander سندس نظريي کي ڪُلي طور تي ته رد نه ڪيو پر ان ايترو ضرور چيو ته سڀ شيون برابر سمنڊ مان پيدا ٿيون آهن. پر انهن شين جي تخليق صرف ان وقت ممڪن آهي جڏهن سمنڊ ۾ خشڪي نمودار ٿئي ٿي. يعني پاڻي جي عمل دخل کانپوءِ شيون مٽي مان پيدا ٿين ٿيون. انيگزيمينڊر پهريون فيلسوف هو جنهن موسميات، سيارن جي علم ۽ جاگرافي تي ڪم ڪيو.

Monday 1 June 2015

شاهه جو رسالو ۽ ڊاڪٽر بلوچ ــ اياز عالم ابڙو (Ayaz Alam Abro)

اياز عالم ابڙو

شاهه جو رسالو ۽ ڊاڪٽر بلوچ

شاهه جي رسالي تي ٿيندڙ سوڌ سهيڙ جي سلسلي ۾ هڪ پرڏيهي عالم ارنيسٽ ٽرمپ رسالي جا قلمي نسخا هٿ ڪري 1866ع ۾ جرمني مان شايع ڪرائي، شاهه جي رسالي جو پهريون نسخو ڇاپي سنڌ ۾ آڻي پڌرو ڪيو. جيڪو سرن جي سٽاءُ مطابق اڻپورو (26 سُر) هو. ڊاڪٽر گربخشاڻي جا سهيڙيل ٽي جلد (مرحليوار 5، 6 ۽ 7) ڪل 18 سر 1923ع، 1924ع ۽ 1931ع ۾ شايع ٿيا. ان غير مڪمل ڪم جي سوڌ سهيڙ جي سلسلي ۾ 1951ع ۾ ڊاڪٽر دائود پوٽي (مرحوم) اڳڀرائي ڪندي ڀٽ شاهه آيو ۽ تمر فقير جي اوطاق تي ويهي گنج شريف جو مطالعو ڪيو ۽ هڪ مستند رسالي جي پڌرائي جي سلسلي ۾ 8 سال ووڙ ولوڙ دوران 22 نومبر 1958ع ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. ان حوالي سان ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو (مرحوم) پنهنجي هڪ مقالي ”شاهه جي رسالي جي باري ۾ تحقيق جو مختصر جائزو“ (شايع ٿيل: بين الاقوامي سنڌي ادبي ڪانفرنس/فيبروري 1988ع) ۾ ڄاڻايو ته: ”ڊاڪٽر دائود پوٽي جي نياڻي سانئڻ خديجه خانم دائود پوٽو جي گهر (سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري واري بنگلي ۾) ڊاڪٽر دائود پوٽو جو شاهه جي رسالي بابت ڪيل ڪم هڪ بئگ ۾ ڇڙ وڇڙ حالت ۾ مليو...“

شاهه لطيف جي بيتن جو وزن ۽ سنڌي اچار جا مسئلا ـــ ڊاڪٽر الياس عشقي



ڊاڪٽر الياس عشقي

شاهه لطيف جي بيتن جو وزن ۽ سنڌي اچار جا مسئلا


     
سن 1991ع جي آخر ڌاري  پنجابي زبان جي برک ليکڪ، ناقد ۽ محقق محترمه دوست محمد آصف خان، ايڊيٽر ٽماهي پنجابي ادب لاهور مون کي هڪ خط ۾ لکيو  ته ”اوهان جي مضمونن مان مون کي معلوم ٿيو آهي ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي بيتن جو وزن دوهي تي ٻڌل آهي ۽ انهن جي جوڙ جڪ دوهي ۽ سورٺي جي ميلاپ سان ٺهي آهي، پر مون کي بيتن جي  مصراعن ۾ وزن گهٽ وڌ نظر آيو آهي، تنهن ڪري مون ڪن سنڌي شاعرن ۽  اديب دوستن کان ان باري  پڇا ڪئي هئي پر ڪنهن  به مون کي خاطري جوڳو جواب نه ڏنو، هاڻي مهرباني ڪري اوهين ٻڌايو ته شاهه جي مصراعن جي وزن ۾ اها گهٽ وڌ ڇو آهي، جيڪڏهن اوهين  مثال  ڏئي ۽ تقطيع ڪري ان فرق کي واضح ڪندا ته شڪر گذار رهندس رهندس، اهو مسئلو مون کي پريشان ڪري رهيو آهي “ان زماني ۾  مون شاهه لطيف جي شاعريءَ جي فن تي هڪ مضمون پئي لکيو، جنهن ۾ شاهه جي بيتن جو وزن به ويچار هيٺ هو، تنهن ڪري ان موقعي  مان فائدو وٺندي شاهه لطيف جي ڪن بيتن جي تقطيع ڪري پنهنجي دوست کي سندس سوال جو جواب لکي موڪليو، منهنجو جواب پوءِ هڪ  مضمون جي صورت ۾ ”شاهه جي شاعري ۾ فن جي اُپٽار “ جي سري هيٺ ٽماهي مهراڻ جنوري جون 1992ع ۾ ڇپيو، بعد ۾ مهراڻ جولاءِ-سيپٽمبر 1992ع ۾ برادر محترم ڊاڪٽر تنوير عباسي جو هڪ مختصر خط شايع ٿيو، جنهن ۾ موصوف لکيو ته ”عشقيءَ جو  مضمون پڙهيم “ ان ۾ شاهه لطيف جي شاعريءَ جو ڇيد (تقطبع ) غلط ڪيو اٿائين، ان ڪري بيت جي سٽن ۾ ڇهن ماترائن جو فرق آهي، ان باري ۾ مضمون لکان پيو جلد موڪليندس “. مون کي ان مضمون جو انتظار رهيو، جيڪو پوءِ ٽماهي مهراڻ آڪٽوبر –ڊسمبر 1992ع ۾ شايع ٿيو.