شاهه جو رسالو

Tuesday 11 May 2021

ڀٽائي ــ نفـسيات جو ماهر ـــ ماهتاب منور عباسي (Mahtab Munawar Abbasi)

 ماهتاب منور عباسي

 

ڀٽائي ــ نفسيات جو ماهر

 


ڀٽائي (رح) کي ماهر نفسيات بيان ڪرڻ کان اڳ اهو سمجهائڻ ضروري آهي ته نفسيات چئبو ڇاکي آهي؟ ”انسان جو خودپسنديءَ ۽ خودنمائيءَ جو شڪار ٿيڻ، پنهنجو پاڻ کي گهٽ ۽ وڌ سمجهڻ. انسان جي فطري خواهش ته هو ڪنهن کي چاهي ۽ ڪو هن کي چاهي. عشق جو مسئلو، ان جي ابتدا ۽ عشق ۾ فراق ۽ وصال ٻئي لازم ۽ ملزم شيون آهن. انسان جو وحشي ۽ ساڳئي وقت نرم دل ٿيڻ. نفرت ۽ پيار جو مادو. نفسيات انسان جي زندگيءَ جي هر موڙ ۽ ساهه جي هر حرڪت ۾ نمايان ٿيڻ. عورتن ۽ مردن جا هڪ ٻئي سان لاڳاپا. همدردي ۽ پيار جو شديد احساس. اهي سڀ نفسيات جا مظهر آهن، نفسيات ڇا آهي؟ ان جا سڀئي ۽ هر هڪ مظهر نه سمجهي سگهبا آهن ۽ نه سمجهايا ويندا آهن، پر انهن جو احساس هر انسان جي دل جي هر حرڪت ۽ ڌڙڪڻ ۾ موجود هوندو آهي.

عمر مارئيءَ جي داستان ۾ ايترو غم ۽ ايترو اثر ڇو آهي؟ مومل. راڻي جي عشق ۾ ڇو اڙجي پئي؟ سسئي ۽ پنهون ڇو هڪ ٻئي سان ساري زندگي گذارڻ جو قسم کاڌو؟ ڄام تماچي ڇو صرف نوريءَ تي ئي ايترو مهربان ٿيو؟ سسئي پنهون، عمر مارئي، مومل راڻو، نوري ڄام تماچي، سهڻي ميهار ۽ ليلا چنيسر جا ڪردار ڇو شاه صاحب چونڊيا؟ جيڪڏهن مٿين سوالن تي گهڙي کن غور ڪيو ويندو ته هر باشعور انسان کي هڪڙو ئي جواب ملندو ۽ اهو صرف هيءُ ته (ڀٽائي رح) شاعر هجڻ سان گڏ و گڏ هڪ ماهر نفسيات به هو.

ڀٽائي (رح) جي هر شعر ۾ حقيقت جو ائين ته رنگ ڀريل آهي جو ٻڌندڙ ۽ پڙهندڙ هر شعر ۾ پنهنجي دل جو آواز صاف طرح ٻڌي ۽ محسوس ڪري سگهي ٿو. ڀٽائي (رح) پنهنجي ڪلام ۾ انساني زندگيءَ جي هر موڙ تي ان خاص سماج جي، جنهن جي هر پيداوار ترجماني ڪئي آهي.

هر هڪ شاعر، مفڪر ۽ اديب ان سماج ۾ رهندڙ انسانن جي جذبات ۽ احساسات جي ترجماني ۽ عڪاسي ڪري ٿو ۽ جيڪي ڪي هو لکي ٿو يا چوي ٿو ان متعلق ان کي موضوع به ان سماج مان چونڊڻا ٿا پون ۽ ان کي موضوع ايستائين نه ملي سگهندا، جيستائين هو نفسياتي طور انسانن جي مجموعي حرڪتن ۽ احساسن جي پرک نه لهندو هجي.

ڀٽائي (رح) به پنهنجي وقت جي، جن موضوعن کي مختلف ڪردارن جي رنگ ۾ پيش ڪيو آهي، اهي بلڪل نفسياتي آهن، جنهن معنيٰ ۽ حالتن ۾ سنڌ جي واديءَ جي عوام جي ترجماني ڪئي آهي. دنيا جي مشهور ماهر – نفسيات ”ينگ“ جو مقولو آهي ته ”ماهر نفسيات“ لاءِ اهو ضروري آهي ته هو عوام جي فطرت جو ترجمان هجي ۽ انهيءَ لاءِ اهو به ضروري آهي ته هن جي پرورش اهڙي ماحول ۾ ٿي هجي، جنهن سان هن جي زندگيءَ جو هڪ وڏو حصو عام ماڻهن جي صحبت ۾ گذريو هجي“. انهي نظريه کي سامهون رکندي جڏهين اسين ڀٽائيءَ جي ڪلام ڏانهن نظر ورايون ٿا ته اسانکي اهو محسوس ٿئي ٿو ته ڀٽائي (رح) عام ماڻهن جي جذبات ۽ فطرت جي جيڪا ترجماني ڪئي آهي؛ تنهن مان صاف ظاهر آهي ته هو هڪ عوامي شاعر کان علاوه ماهر نفسيات به هو. اها ڳالهه ڀٽائي جي ڪلام ۾ چٽيءَ طرح سان واضح ٿيل آهي ته ڀٽائي (رح) عشق ۽ محبت جي هرهڪ ۽ سڀني داستانن ۾ ”پيار سان ڪنهن به رشتي کي منسلڪ ڪونه ڪيو آهي،“ ڇاڪاڻ ته ان جي خيال موجب ”پيار ۽ محبت سان ڪنهن به رشتي جو تعلق پيدا ڪرڻ خود پيار جي توهين ڪرڻي آهي.“

”عورت“ شاهه جي نظر ۾ ــ مخدوم محمد زمان ”طالب الموليٰ“ (Makhdoom Muhammad Zaman Talbul molla)

 

مخدوم محمد زمان ”طالب الموليٰ“


 

”عورت“ شاهه جي نظر ۾

 


جيئن هر ملڪ جي تهذيب، تمدن ۽ دستور پنهنجي پنهنجي قسم جو هوندو آهي، خورد و نوش جي شين ۽ انهن جي ٺاهڻ کائڻ جو ڍنگ ٻيو ٻيو ٿيندو آهي. چوڙماڻ جا طريقا ۽ نمونا جدا جدا هوندا آهن ۽ آب و هوا يا موسمن وغيره جي ٽائيمن ۾ فرق رهندو آهي، تيئن عشق و محبت ۽ گهرو زندگي جا اصول به ٻيا ٻيا هوندا آهن. ساڳي طرح اسان جي ملڪ ۾ به مٿين ڳالهين ۾ ڪئين ڦيريون ڦاريون آهن، اڄ کان نه بلڪ هزارن سالن کان. البت اسان وٽ اسلام اچڻ کان پوءِ ضرور ڪافي فرق به پيدا ٿيو آهي تاهم حالتون رسمون ۽ واقعا، جيڪي قديم ملڪي ماحول ۽ فطرت موجب هئا، اُهي اڄ به گهڻي ڀاڱي قائم آهن.

جديد سوارن جي تيز رفتاريءَ دنيا کي ايترو ته ننڍڙو ڪري ڇڏيو آهي جو مهينن جو سفر ڏينهن ۾ پورو ٿيو وڃي ۽ دنيا جي هر ملڪ جو ماڻهو ۽ هر چيز هر هنڌ هڪدم پهچي رهي آهي. ٻين شين سان گڏ نيون رسمون ۽ رواج به روزانه جهازن، ٽيليفون، تارن ۽ اخبارن توڙي فونن ۽ سئنيمائن جي ذريعي آسانيءَ سان علم ٿي رهيا آهن.


 

الهندي دنيا جي ملڪن جي پيروي ڪرڻ ڪري اسان جي ملڪ ۾ وڏيون ۽ گهڻيون تبديليون آيل آهن، اچي رهيون آهن ۽ اينديون رهنديون. اسان وٽ پئسي جي گهٽتائيءَ جو صرف انڌي پيروي ڪرڻ ئي هڪ عظيم سبب آهي. جيڪي ڪجهه پيدا ٿئي ٿو، اهو فيشن، سئنيمائون، هوٽلون، ڊنرون ۽ رسيپشنون تقريبات وغيره گهليو وڃن. باقي ٿوري گهڻي بچت اسپتالن ۾ هلي وڃي. اهڙيءَ طرح اسان جي ملڪ ۾ تهذيب و تمدن، رسم و رواج دستور  و اصول جي به نه فقط مهانگائي آهي، پر ترکوٽي به آهي. افسوس وري هي ته اهي شيون خريد ڪرڻ سان ڪٿان ملي به نٿيون سگهن. نه ڪنهن فئڪٽري ۾ ٺهن، نه سندن ڪو بڪ ڊيپو آهي ۽ نه وري ٻاهرين ملڪن مان اهي شيون درآمد ٿي سگهن ٿيون. اهي هيون ئي هتي جون، جي هينئر تباه ۽ برباد ٿي رهيون آهن.

الهندي دنيا واري آزادي، جنهن کي آءٌ سخت پابند سمجهان ٿو (ڇو ته ان آزاديءَ ۾ ڦاسڻ بعد ڪوبه جند ڇڏائي نٿو سگهي) جا اسان جي ملڪ ۾ به هڪ عرصي کان ڪاهي پئي آهي ۽ ذري گهٽ اوج تي آهي تنهن ٻيڙي سير تي چاڙهي ڇڏي آهي. هن وقت انهي آزاديءَ جي صرف هڪ نڪته ڏي منهنجو اشارو آهر. جنهن تي هن مقالي جو دارو مدار آهي. اهو نڪته آهي عورت جي آزادي. اها آزادي تعلق کي چئجي ٿو يعني عورت جو مرد سان تعلق ٽٽي رهيو آهي. ساڳيءَ طرح مرد به انهي آزاديءَ ۾ گرفتار آهي. نفسيات جا ڄاڻو جيڪڏهن غور ڪندا ته مرد ۽ عورت غير شعوري طرح انهن حالتن کان گهٻرايل آهن ۽ سندن لاشعور نجات حاصل ڪرڻ ۾ مصروف آهي. ڪي هوشيار هستون انهيءَ آزاديءَ مان جند ڇڏائڻ لاءِ به هٿ پير هڻي رهيون آهن.


 

هاڻي مطلب تي اچون ٿا ته اسان جي ملڪ جي عورت کي مرد سان ڪهڙي نموني ۾ هلڻ گهرجي، کيس مرد سان ڪهڙي قسم جو برتاءُ ڪرڻ گهرجي ۽ سندن مرد سان ڪهڙو تعلق رهڻ گهرجي. مرد بابت هڪ ٻيو مقالو لکبو جنهن ۾ مرد جي تعلقات وغيره تي روشني وڌي ويندي. پنهنجي مقالي جو مقصد مونکي ڀٽائي صاحب جي ڪلام مان ئي پيش ڪرڻو آهي. ڇو ته ٻئي ڪنهن به ڪتاب يا رسالي ۾ انهي قسم جي وضاحت ٿيل ڪانه ٿي سجهي.

دنيا جي عورت کان هندستان جي عورت جي وفاداري ۽ خاوند يا محبوب سان نيازمندي بالا تر آهي. پاڪستان به هندستان مان آزاد ٿيل هڪ ٽڪرو آهي، تنهنڪري اسان وٽ به اها ساڳي شيءِ موجود آهي ۽ موجود هئڻ گهرجي.

شاهه جي رسالي جو بلوچي ترجمو، نسب نامو ۽ آڳاٽا ماخذ ــ اياز عالم ابڙو (Ayaz Alam Abro)

 اياز عالم ابڙو


 

شاهه جي رسالي جو بلوچي ترجمو،

نسب نامو ۽ آڳاٽا ماخذ

(ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ' فورم ۾ TAHIR SINDHI طرفان آندل موضوعَ ‏19 فيبروري 2011۔)


 

شاهه رحه جي رسالي مان چونڊ ڪلام جو بلوچي ترجمو ٿي چڪو آهي، ان سلسلي ۾ گل محمد ”گل مليرائيرسالي مان سر يمن ڪلياڻ، رپ، بروو سنڌي، ڪوهياري، معذوري، سسئي ۽ ديسي مان هڪ هڪ بيت، سر آسا جا ٻه بيت ۽ سر مارئيءَ جا ٽي بيت (ڪل 9 سرن مان 12 بيت چونڊي) بلوچي ترجمو ڪري شايع ڪرايا، جيڪي ڪراچيءَ جي آرٽ اڪيڊمي طرفان ”لعل لطيف“ سوينئر 1991ع ۽ شاهه لطيف چيئر ڪراچي يونيورسٽيءَ جي ”ڪلاچي“ تحقيقي جرنل (ڊسمبر 1999ع) ۾ ڇپجي چڪا آهن. بلوچي زبان جي نامور اديب، شاعر ۽ ترجمانگار پير محمد ”پيرلزبيراڻيءَ شاهه سائينءَ جي رسالي مان ڪجهه بيت مثنوي انداز ۾ ترجمو ڪيا. بلوچي ٻوليءَ جي شاعر، ترجما نگار ۽ تاريخِ بلوچستان جي مصنف مير گل خاننصير“ شاهه جي رسالي مان ”سر سسئي“ جي ڪجهه چونڊ بيتن جو بلوچي زبان ۾ ترجمو ڪيو. ان سلسلي ۾ هن شيخ اياز جي اردو ترجمي وارو ”شاهه جو رسالو“ آڏو رکيو ۽ خاص ڪري رسالي مان انهن بيتن جو ترجمو ڪيو، جن ۾ ”خان بلوچ،ٻروچ“، ”ٻاروچو“، ”ٻاروچل“، ”ڪيچي“، ”ڪيچ“ (مڪران)، ”ڪوهيارل“ ”آري،ڄام“، ”آرياڻي“، ”هوت“، ”پنهون“، ”پنهل“، ”ڪلات“ (قلات) جو ذڪر آهي. مير گل خان ”نصير“ جو ڪيل بلوچي ترجمو ”لطيف گُشيت“ جي عنوان سان 1983ع ۾ بلوچي اڪيڊمي ڪوئيٽا طرفان شايع ڪيو ويو. هي 60 صفحن جو ڪتاب آهي، جنهن جي پندرنهن صفحن تي شاهه سائينءَ جي سوانح حيات بابت مهاڳ ڏنل آهي، جنهن ۾ هن شاهه سائينءَ کي ”ڪهيري بلوچ“ ڄاڻائيندي لکيو ته: ”لطيف جي شاعريءَ ۾ گهڻائي ”پنهون“ جي نالي ”بلوچن“ سان واڳيل ۽ واکاڻيل آهي. شاهه جو پڙ ڏاڏومير علي“ به بلوچ هو، ان لاءِ اهو ثبوت ڪافي آهي ته لفظ ”مير“ رڳو بلوچ پنهنجي نانءُ اڳيان لکندا يا استعمال ڪندا آهن“. مير ”نصير“ جو اهو ڪتاب جيئن ته گردش ۾ آهي، ڪيترن ئي پڙهندڙن جي مطالعي هيٺ رهيو آهي، ان لاءِ ضروري ڄاتو ويو ته: حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جي شجري بابت اُهي ڇڙ وڇڙ، آڳاٽا، مستند ۽ بنيادي ماخذ هڪ جاءِ ڪري لکيا وڃن ته جيئن پڙهندڙ ان طرف به ڌيان ڏين ۽ شاهه سائين رحه جي نسب نامي ۽ حياتيءَ بابت رڪارڊ درست رهي. ”بيان العارفين“: هي ڪتاب 1038هه/1629ع ۾ لکيو ويو. فارسي متن سميت سنڌي ترجمي سان مختلف دستخط ڊاڪٽر عبدالغفار سومري پاران تحقيق ڪري، سوڌي سهيڙي، علامه قاضي تحقيقي رٿا هيٺ 2002ع ۾ شايع ڪيو ويو (محقق پاران لکيل مهاڳ ۽ مقدمي کان علاوه منصوره ڪتبخاني وارو اصل فارسي متن شايع ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ شاهه ڪريم رحه کان ويندي شاهه عبداللطيف جي پيڙهيءَ بابت 467 شعرن سان منظوم احوال قلمبند ٿيل آهي). ”مقالات الشعراء“: هي ڪتاب 1147هه/1761ع ۾ لکيو ويو. مير علي شير قانع جو ترتيب ڏنل فارسي دستخط 1885ع ۾ دهلي (انڊيا) ۾ شايع ٿيو، سنڌي ادبي بورڊ پاران ان جا سنڌي ۽ اردو ڇاپا پڌرا ٿيا. هن ۾ شاهه سائينءَ بابت مختصر احوال ڏنل آهي. ”طور مار سلاسل“: هي 1202هه/1787ع ۾ لکيو ويو. مير علي شير قانع جي ترتيب ڏنل ان فارسي دستخط ۾ شاهه عبداللطيف رحه سميت صوفياءِ ڪرام جي طريقت جا سلسلا ۽ شجرا ڏنل آهن (اهو ناياب دستخط اڻ ڇپيل آهي) ۽ سنڌالاجي ڪتبخاني ۾ سانڍيل آهي. ”معيار سالڪانِ طريقت“: هي ڪتاب 1203هه/1787ع ۾ لکيو ويو. مير علي شير قانع جي ترتيب ڏنل هن دستخط کي ٻن پرڏيهي عالمن رچرڊ برٽن 1851ع ۾ ۽ ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ 1854ع ۾ (شاهه سائينءَ جي حياتيءَ جي سلسلي ۾) تحقيق جي دائري ۾ رکيو. ٻنهي پرڏيهي محققن طرفان شاهه سائينءَ جي حياتيءَ بابت مضمون ان دور جي مشهور رسالي ”جرنل آف رائل ايشيائڪ سوسائٽي“ جي شمارن ۾ شايع ٿيا. ”سلڪانِ طريقت“ جو واحد ”قلمي متن“ برٽش لائبريري لنڊن ۾ شماره (589,ADD.21)طور تحقيق ڪري ڊاڪٽر سيد خضر حيات ”نوشاهي“ پي ايڇ ڊي لاءِ مقالو ”معيارِ سالڪان طريقت“ لکي، بيت الحڪمت همدرد يونيورسٽي ڪراچيءَ مان 1994ع ۾ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي. هي ڪتاب 2000ع ۾ اداره معارف نوشاهيه (ساهن پال شريف) پنجاب مان شايع ٿيو. شيخ محمد حسن يحيٰ القريشي ٿر بچاڻوي پڻ ۽ ترجمو ڪيو، سنڌي ادبي بورڊ 30 آگسٽ 2010ع تي ڇپائي پڌرو ڪيو

شاهه لطيف جي عوامي شاعري ــ ڊاڪٽر تنوير عباسي (Dr. Tanveer Abbasi)


ڊاڪٽر تنوير عباسي


شاهه لطيف جي عوامي شاعري

 


انساني تهذيب جي پرهه ڦٽڻ وقت انسان جو سمورو سرمايو سڀني لاءِ هڪجيترو موجود هو، پوءِ اُهو جسماني محنت جو نتيجو هجي يا ذهني پورهئي جو ڦل. ان تي ڪنهن به هڪ شخص يا ٽولي جو قبضو نه هو، نه ذهني پورهئي جي پرماريت هئي، نه جسماني، محنت جو استحصال ان دور ۾ کاڌو خوراڪ، زمين جي پيداوار توڙي هر قسم جو شڪار سڄي سماج لاءِ هوندا هئا. ان سان گڏ گيت ۽ ناچ پڻ اجتماعي هئا.

اهو دور لوڪ ادب جو دور هو، جڏهن هڪ شخص جا چيل ٻول هر ماڻهوءَ جي زبان تي هوندا هئا، ڇو ته انهن ۾ هر ماڻهوءَ جي دل ڌڙڪندي هئي. اُنهن ٻولن تي ڪنهن هڪ شاعر جو نانءُ نه هو، ڇو ته ٻولن سان ٻول ڳنڍيا ويا. هڪ ٻول هڪ ماڻهوءَ جو ته ٻيو ٻول ٻئي جو، ائين انهن گيتن جي پيڙهين تائين ترتيب هلندي پئي رهي. انهن جي تڪميل ۾ ڪيئي ماڻهو حصو وٺندا رهيا ۽ ڪيئي پيڙهيون انهن کي ڳائينديون رهنديون هيون.

اُهي گيت هر ماڻهوءَ جي چپن تي هوندا هئا، ڇو ته اهي سندس ئي ساديءَ، سٻاجهيءَ ۽ نماڻيءَ ٻوليءَ ۾ چيل هوندا هئا. اُنهن جي لفظن ۾ ڪا ٺاهه ٺوهه نه هئي. انهن جو موضوع هر ماڻهوءَ جو ڏٺل وائٺل ۽ محسوس ڪيل هو. ان ۾ بيان ڪيل جذبا به سندس دل وٽان هوندا هئا، ان ڪري اهي گيت عوام ۾ مقبول هئا. ان دور جي اها شاعري ”عوامي شاعري“ هئي.

وقت جو ڦيٿو ڦرندو رهيو، تاريخ جي گاڏي اڳتي وڌندي رهي. جسماني محنت جي پرماريت شروع ٿي ويئي. ناڻو وجود ۾ آيو، موڙيءَ منهن ڪڍيو، ان کان پوءِ قبائلي ۽ جاگيرداري نظام آيا. سڀني تبديلين نه رڳو اقتصادي ۽ سماجي نظام تي اثر ڪيو، پر ذهني دنيا تي پڻ ان جا پاڇولا پيا. ادب، فن ۽ شاعري سڀ ان کان متاثر ٿيا. لوڪ ادب جي اهميت گهٽجي ويئي. جسماني محنت جي پرماريت سان گڏوگڏ ذهني پورهئي جي پرماريت پڻ شروع ٿي ويئي. ادب، فن۽ شاعري عام ماڻهوءَ لاءِ نه پر هڪ خاص ٽولي لاءِ وڃي رهيا. عوامي ٻوليءَ کان هٽي مٿاهين طبقي ٺاهه ٺوهه ۽ فئشن واري ٻولي ڪتب آڻڻ شروع ڪئي، ۽ جي پرماريت ڪندڙ ٽولا ڌاريءَ قوم جا هئا ته انهن عام ماڻهوءَ ۽ ان جي مقامي ٻوليءَ ۽ شاعريءَ کان هٽي، ان سان سڀ ناتا ٽوڙي، پنهنجي ڌاريءَ ٻوليءَ کي مٿڀرو ڪرڻ شروع ڪيو.

اها پرماريت ڪندڙ ٽولي جي مٿڀري مقامي ٻولي به عام ماڻهن جي سمجهه کان مٿي هئي، ڇو ته ان ۾ هڪ خاص طبقي جا محاورا، اصطلاح، ماحول، جذبا، احساس ۽ امنگ هئا. شاعريءَ جو ماحول هن وسيع دنيا کي پاڻ ۾ سمائڻ بدران ويڙهجي سيڙهجي درٻارن ۾ وڪامڻ لڳو. قاتلن ۽ خونين کي فاتح ۽ سورمو سڏيو ويو، سندن شان ۾ قصيدا لکيا ويا. عوام جا شاعر ڀٽ ۽ ڀان وڃي رهيا، جن کي گهٽ نظر سان ڏٺو ويو. ان جي برعڪس خوشامدڙين ۽ چاپلوسن کي لقب ۽ خلعتون عطا ڪيون ويون.

شاهه جي رسالي ۾ موجود سَنڌِي پرڪاش راڳن جو اڀياس ـــ سڪندر ساگر پنهيار (Sikander Sagar Panhyar)

 
سڪندر ساگر پنهيار

شاهه جي رسالي ۾ موجود

سَنڌِي پرڪاش راڳن جو اڀياس




آڳاٽي دور ۾ جڏهن هن ديس مان

گنگا،يمونا(جمنا)،سرسوتي،ستادو(ستلج)،پروشني(راوي)،اسڪني(چناب)،وتستا(جهلم)،اوارگيگا(بياس)،سوشاما(سنڌو)ناليست درياهه وهندا هئا ته هن ديس کي ”سپت سنڌو“ يعني ستن دريائن وارو ملڪ ڪري سڏيندا هئا.هي سنڌ ديس جو اهو دور هو جڏهن ڌرتيءَ جي گولي تي”هند“ نالي ملڪ جوڪو وجود ئي نه هو.ان وقت سنڌ جا ايران سان واپاري،سياسي،۽سماجي لاڳاپا گھرا هئا،۽ آڳاٽي ايرانين پنهنجي لهجي ۾ سنڌ کي هند ڪري سڏيو،جو سندن ٻوليءَ ۾ “ س ”جي اُچار کي ڦيرائي “هه ” ڪري اُچاريو ويندو هو “ انهيءَ ريت هندو لفظ جي معنيٰ ٿي سنڌو جي ڪناري تي وسندڙ” قوم(1)نتيجي طور اهو چئي سگھجي ٿو ته هند (هندستان) نالي ملڪ سنڌ جي ڪک مان جنم ورتو آهي.

سنڌ جو تمدن ست هزار ق_م جھونو آهي،۽ تهذيب جي لحاظ کان ايران،عراق،مصرجو همعصر رهيو آهي،جنهن مان مغربي ايشياءَ روشني ورتي.ان وقت سنڌ ديس جا ماڻهو علم ۽ فن ۾ سگھارا هئا.اڄ به دنيا جون قديم تاريخون سنڌين جي ڏات ۽ ڏانوءَ جي ساک ڀرن ٿيون.ان ترقي ۽ اوج جو بنيادي ڪارج سنڌو درياء هو،جنهن جي پاڻي جي پالوٽ سان زمين زرخيز ٿي۽ سنڌين سنڌو جي پاڻي سان سونا سنگ اُپايا.ملڪ معاشي طور مضبوط ٿيو۽هميشه خوشحالي رهي”ان خوشي ۽ خوشحالي سببان ماڻهن جا ذهن کليا۽ هنن هر هنر ۽ فن ۾ ترقي ڪئي(2)

جڏهن موئن جي دڙي جي کوٽائي ڪئي وئي ته دڙي مان اهڙي ڪابه شيءَ هٿ ڪانه آئي،جنهن مان معلوم ٿئي ته ملڪ ۾ جنگ به لڳندي هئي،البته کوٽائي مان جيڪي آثار ۽ اهڃاڻ مليا آهن،تن مان هن ديس جي آڳاٽي ثقافت ۽ شهري زندگي جو شاندار عڪس نظر آيو آهي،جنهن بابت ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جو رايو آهي تهآثار قديم جي ماهرن جڏهن هن بستي کي کوٽڻ شروع ڪيو ته کين اهڙا انساني مجسما مليا جيڪي ان دور جي ماهر ڳائڻن ۽ رقاصن جا آهن،اهي آثار ثابت ڪن ٿا ته سنڌ ۾ جيئن هنر ۽ فن جي ٻين شعبن ترقي ڪئي،تيئن راڳ ۽ رقص جو فن پڻ اوج تي پهتو،ان وقت جي باشندن کي هن فن جو ايترو ته شوق هو جو راڳ ۽ رقص ڪندڙ ماهرن جا مجسما ٺاهيائون.هڪ مجسمي جي خاص طرح ان جي قدمن جي بيهڪ،هٿ جي کڻڻي ۽ منهن جو رُخ،راڳ ۽ ناچ جي فني ناز ۽ انداز کي ظاهر ڪري ٿو(3)ان آڳاٽي آثارن ۽ اهڃاڻن جي بنياد تي اهو نتيجو اخذ ڪجي ٿو ته، ننڍي کنڊ ۾ موسيقي جا موجد آڳاٽا سنڌي هئا،نه ڪي آريا ڇو ته سنڌين جي ڀيٽ ۾ آريا اڻ سُڌريل،جھنگلي،لاڏائو،۽وحشي هئا.جيڪي پنهنجي چوپائي مال جي ڌڻن سان چراگاهن جي تلاش ۾ گشت ڪندا هئا،۽ جتي مناسب گذران ڏسندا هئا،اتي آکيرا اڏي ويهندا هئا،جو سندن پيرن هيٺان ڪا پنهنجي مستقل زمين ڪانه هئن.جنهن بنياد تي پنهنجي قومي سڃاڻپ ڪرائي سگھن.ان ڪري پنهنجي جياپي لاءِ ڀٽڪندا ڦرندا هئا”جتي به چراگاهن جو ٻڌندا هئا،ته پنهنجو مال ڪاهي تهذيبن کي لتاڙي اتي پڄي ويندا هئا.“(4)