شاهه جو رسالو

Tuesday 11 May 2021

شاهه جي رسالي ۾ موجود سَنڌِي پرڪاش راڳن جو اڀياس ـــ سڪندر ساگر پنهيار (Sikander Sagar Panhyar)

 
سڪندر ساگر پنهيار

شاهه جي رسالي ۾ موجود

سَنڌِي پرڪاش راڳن جو اڀياس




آڳاٽي دور ۾ جڏهن هن ديس مان

گنگا،يمونا(جمنا)،سرسوتي،ستادو(ستلج)،پروشني(راوي)،اسڪني(چناب)،وتستا(جهلم)،اوارگيگا(بياس)،سوشاما(سنڌو)ناليست درياهه وهندا هئا ته هن ديس کي ”سپت سنڌو“ يعني ستن دريائن وارو ملڪ ڪري سڏيندا هئا.هي سنڌ ديس جو اهو دور هو جڏهن ڌرتيءَ جي گولي تي”هند“ نالي ملڪ جوڪو وجود ئي نه هو.ان وقت سنڌ جا ايران سان واپاري،سياسي،۽سماجي لاڳاپا گھرا هئا،۽ آڳاٽي ايرانين پنهنجي لهجي ۾ سنڌ کي هند ڪري سڏيو،جو سندن ٻوليءَ ۾ “ س ”جي اُچار کي ڦيرائي “هه ” ڪري اُچاريو ويندو هو “ انهيءَ ريت هندو لفظ جي معنيٰ ٿي سنڌو جي ڪناري تي وسندڙ” قوم(1)نتيجي طور اهو چئي سگھجي ٿو ته هند (هندستان) نالي ملڪ سنڌ جي ڪک مان جنم ورتو آهي.

سنڌ جو تمدن ست هزار ق_م جھونو آهي،۽ تهذيب جي لحاظ کان ايران،عراق،مصرجو همعصر رهيو آهي،جنهن مان مغربي ايشياءَ روشني ورتي.ان وقت سنڌ ديس جا ماڻهو علم ۽ فن ۾ سگھارا هئا.اڄ به دنيا جون قديم تاريخون سنڌين جي ڏات ۽ ڏانوءَ جي ساک ڀرن ٿيون.ان ترقي ۽ اوج جو بنيادي ڪارج سنڌو درياء هو،جنهن جي پاڻي جي پالوٽ سان زمين زرخيز ٿي۽ سنڌين سنڌو جي پاڻي سان سونا سنگ اُپايا.ملڪ معاشي طور مضبوط ٿيو۽هميشه خوشحالي رهي”ان خوشي ۽ خوشحالي سببان ماڻهن جا ذهن کليا۽ هنن هر هنر ۽ فن ۾ ترقي ڪئي(2)

جڏهن موئن جي دڙي جي کوٽائي ڪئي وئي ته دڙي مان اهڙي ڪابه شيءَ هٿ ڪانه آئي،جنهن مان معلوم ٿئي ته ملڪ ۾ جنگ به لڳندي هئي،البته کوٽائي مان جيڪي آثار ۽ اهڃاڻ مليا آهن،تن مان هن ديس جي آڳاٽي ثقافت ۽ شهري زندگي جو شاندار عڪس نظر آيو آهي،جنهن بابت ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جو رايو آهي تهآثار قديم جي ماهرن جڏهن هن بستي کي کوٽڻ شروع ڪيو ته کين اهڙا انساني مجسما مليا جيڪي ان دور جي ماهر ڳائڻن ۽ رقاصن جا آهن،اهي آثار ثابت ڪن ٿا ته سنڌ ۾ جيئن هنر ۽ فن جي ٻين شعبن ترقي ڪئي،تيئن راڳ ۽ رقص جو فن پڻ اوج تي پهتو،ان وقت جي باشندن کي هن فن جو ايترو ته شوق هو جو راڳ ۽ رقص ڪندڙ ماهرن جا مجسما ٺاهيائون.هڪ مجسمي جي خاص طرح ان جي قدمن جي بيهڪ،هٿ جي کڻڻي ۽ منهن جو رُخ،راڳ ۽ ناچ جي فني ناز ۽ انداز کي ظاهر ڪري ٿو(3)ان آڳاٽي آثارن ۽ اهڃاڻن جي بنياد تي اهو نتيجو اخذ ڪجي ٿو ته، ننڍي کنڊ ۾ موسيقي جا موجد آڳاٽا سنڌي هئا،نه ڪي آريا ڇو ته سنڌين جي ڀيٽ ۾ آريا اڻ سُڌريل،جھنگلي،لاڏائو،۽وحشي هئا.جيڪي پنهنجي چوپائي مال جي ڌڻن سان چراگاهن جي تلاش ۾ گشت ڪندا هئا،۽ جتي مناسب گذران ڏسندا هئا،اتي آکيرا اڏي ويهندا هئا،جو سندن پيرن هيٺان ڪا پنهنجي مستقل زمين ڪانه هئن.جنهن بنياد تي پنهنجي قومي سڃاڻپ ڪرائي سگھن.ان ڪري پنهنجي جياپي لاءِ ڀٽڪندا ڦرندا هئا”جتي به چراگاهن جو ٻڌندا هئا،ته پنهنجو مال ڪاهي تهذيبن کي لتاڙي اتي پڄي ويندا هئا.“(4)

آرين جو سنڌ ۾ اچڻ بابت رحيمداد مولائي شيدائي ڪتاب تايخ تمدن سنڌ م لکي ٿو ته” آريا آرمينيا رستي کان تبريز ۽ تهران واري رستي کان ايران ۽ هندوڪش جبلن تان ٽپي،اُتر الهندي وارن درن کان سنڌ جي ميدان ۾ وارد ٿيا.اُن وقت سندن حالت بلڪل جھنگلي هئي،سندن مقابلي ۾ سنڌوءَ جي ميدان جا رهاڪوکانئن گھڻو مهذب هئا“ (5) پر ان وقت سنڌ ديس جا رها ڪولوهي هٿيارن کان اڻ واقف هئا ۽ ” آريا ان ۾ ماهر هئا.لوهه مارڻ جو هنر آرمينين کان سکيا هئا.تنهن ڪري پنهنجي لوهي هٿيارن جي بنياد تي آرين سنڌ ماٿر پنهنجي قبضي ۾ ڪئي هئي“(6) ۽ سنڌين کي دسيو (غلام) سڏي ان جي صدين جي ورثي جا وارث بڻجي ويٺا.جنهن ۾ راڳ به هڪ ورثو هو.آرين وٽ به پنهنجو راڳ هو،پر تنهن وقت هنن وٽ اِن فن جي ڪا ايتري اهميت نه هئي،جيئن سنڌ ديس جي رهاڪن راڳ کي ساهه ۾ سمايو هو.” آرين جي ڳائڻ جو انداز اڻ وڻندڙ ،ڏيڏرن۽ گدڙن جي آوازن جهڙوهو“ (7)۽ آريا ان وقت ستن سُرن کان اڻ واقف هئا،خود آرين جا جيڪي ويد آهن،ان بابت پنڊت گوسوامي اسٽوري آف انڊين ميوزڪ ۾ لکي ٿو ته،رگ ويد جي منترن کي پنڊت هڪ سُر ۾ قائم رکي ڪري ڳائيندا هئا.جڏهن منجھن منترن اُچارڻ ۾ ڦيرو آيو ته منترن کي ٻن سُرن ۾ ڳائڻ لڳا.اهڙي ريت جڏهن سام ويد جي سامن ڳائڻ لاءِنئون انداز ڳوليو،۽ انهن کي ٽن سُرن ۾ ڳايو“(8)يعني آرين وٽ ستن سُرن ۾ ڳائڻ جو ڪو تصور ئي نه هو ۽ ستن سُرن ۾ ڳائڻ کان اڻ واقف هئا.انهن وٽ ڳائڻ لاءِ وڌ ۾ وڌ ٽي سُر هئا.جڏهن ته سنڌ ديس ۾ ستن سُرن ۾ ڳائڻ جو رواج ۽ تصور موجود هو.هنن وٽ مڪمل سرگم هئا.جنهن جو مثال ويلا اُلي

(بلاول) ۽ تلنگ راڳ مان لڳائي سگھجي ٿو.تلنگ راڳ ته قديم سنڌي (دراوڙي) آرين جي اچڻ کان اڳ پنهنجي شِو ديوتا جي عبادت ڪرڻ مهل ڳائيندا هئا.

آريا سنڌي سنگيت کان ڏاڍا متاثر ٿيا،۽ مٿن راڳ جو اهڙو اثر ٿيو،جو اڳتي هلي سنڌي راڳ جي روايت آرين جي عبادت،رسم ۽ رواج جو جُز بڻي.پر جيئن ته آريا ان وقت سنڌ ۾ هڪ حاڪم قوم جي حيثيت رکندڙ هئا،۽ حاڪم قوم جي اها نفسيات هوندي آهي ته اها جڏهن به ڪنهن قوم مٿان قابض ٿيندي آهي ته،شڪست کاڌل قوم جي ورثي جي وارث بڻجي،انهن کي اڻ سڌريل سڏي ڌيڪاريندي آهي،۽ آرين به تاريخ جا ساڳيا ورق ورجايا،سنڌ جي اصلوڪي رهاڪو کي ڌيڪاري،ان جي قديم راڳ جا وارث بڻجي ويٺا.۽ طاقت جي بنياد تي راڳ بابت اهو نظريو قائم ڪيو ته راڳ جا موجد ديوتا آهن،۽ راڳ ديوتائن طرفان کين راڳ عطا ڪيو ويو آهي.جا هن ديس جي ماڻهن سان وڏي ويساهه گھاتي هئي.آرين انهيءَ نظريي کي وڌيڪ پڪو ۽ پختو ڪرڻ لاءِ مذهب جو سهارو ورتو،جنهن بابت ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جو رايو آهي ته”راڳ جي ڌرمي پوترتا کي پڪي ڪرڻ لاءِ پنڊتن ۽ پاٺڪن اهو ويساهه وڌايو ته راڳ منڍان ديوتائن ۽ ديوين،رشين۽ منين ايجاد ڪيو،جو پوءِاهو راڳ پنڊتن ۽ پاٺڪن ذريعي ٻين تائين پهتو“(9) يعني آرين سنڌ جي اصلوڪي راڳ کي پنهنجي طاقت جي ذور تي ڌرمي رنگ جو روپ ڏئي پيش ڪري اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ننڍي کنڍ ۾ راڳ جا اصل موجد سنڌي نه پر آرين جا ديوتا هئا.اهڙي ريت ڪن چيو ته راڳ کي مهاديو ۽ سندس راڻي پاريتي جو ايجاد ڪيل آهي.ڪن راڳ کي وري گنيش،شيو ۽ هنومان جو پيدا ڪيل تسليم ڪيو،ڪن راڳن جو باني ”برهما “ کي قرار ڏنو.جنهن طريقي سان پنڊتن ۽ پاٺڪن راڳن جي اسرڻ واري نظريي جي پرچار ڪئي آهي،ان ۾ ڪٿي به علمي ڄاڻ جو اهڃاڻ نٿو ملي.راڳ بابت سندن ڏنل نظريي تي هڪ نظر ڦيرائجي ته ان ۾ ڪيترائي تضاد موجود آهن،ڇو ته اهي پنڊت پنهنجي مذهبي عقيدي هيٺ پاڻ ۾ ئي هڪ ٻئي سان متفق ناهن ته ڪهڙو ديوتا سندن راڳ جو اصل موجد آهي؟ نتيجي ۾ “ متن ” جو بنياد پيو.هر مت ٻئي مت جي ابتڙ آهي.ان تضاد جو بنيادي ڪارج هڪ اهو آهي ته ” مختلف پنڊتن،پاٺڪن ۽ سندن گروهن راڳ ۽ پاٺ پوڄا ۾ پنهنجي برتري ثابت ڪرڻ ۽ پڻ ٻن کي مڃائڻ ڪارڻ پنهنجي طرفان انهيءَ قسم جي روايتن کي جنم ڏئي رائج ڪيو.منجهائن هر گروهه پنهنجيمورثي ڄاڻ ۽ ذاتي ٻُڌسُڌ جي بناء تي،پنهنجي روايت جي پٺڀرائي جو وچور ڪڍيو ۽ ان وچور کي پڻ ديوتائن جو ڏنل قرار ڏنو(10) ۽ ٻيو اهو ته آريا نسلي امتياز،سفيد فام چمڙي جي گھمنڊ ۽ فاتح قوم هجڻ ڪري اهو مڃڻ لاءِ تيار ئي نه هئا ته راڳ جو اهو ورثو کين سنڌ جي ماٿر ڀومي مان مليو.اڳتي هلي آرين پنهنجي ڌرمي روايت جي بنياد تي اصلوڪي راڳن جا نالا تبديل ڪري پنهنجي ماحول ۽ ٻولي جي مزاج مطابق رراڳن جا نالا رکيا،۽ اهو واضح ڪيو ته بنيادي طرح سان راڳ ڇهه آهن جنهن کي مول راڳ چيو وڃي ٿو.هنن ۾ ڀيرون،مالڪونس،ديپڪ،سري،ميگھ ۽ هنڊول آهن،۽باقي ٻين راڳن کي ديوتائن ۽ راڳڻين کي سندن زالن،ڌيئرن،پُٽن،ڀائيٽن جا نالا ڏئي ورڇيوته فلان راڳ،فلان ديوتا جو پٽ،فلان راڳڻي فلان ديوتا جي زال آهي.جنهن جو مختصر بيان هيٺ ڏجي ٿو.

1.
راڳ ڀيرون

 

ڀيرون راڳ جي پٽن جا نالا : هرڪا،رُتڪا،پوريڌن،ماڌو،سوها،پنيا،مڌم،پنجم

ڀيرون راڳ جي ڀائٽين جا نالا : سوهو،بلالي،سورٺ،ڪنهياري،گوجري،پٽ مڃري،،ميرري
ڀيرون راڳ جي ڌئيرن جا نالا : للت،بڀاس،رام ڪلي

 

2.  راڳ مالڪونس

مالڪونس راڳ جي پٽن جا نالا : ماروا،پدهنس،ميواڙ،پريل،چندرڪ ملائي

مالڪونس راڳ جي ڀائٽين جا نالا : ڌناسري،مالسري،جيت سري،سگھرائي،دُرگا،گنڌار،ڀيم پلاسي ،ڪامودي
مالڪونس راڳ جي ڌئيرن جا نالا : مالگيرا،دهجني،گورمي،دياجن،گنوري،سيام،گوجري،کنڌاوتي


3. هنڊول راڳ.


هنڊول راڳ جي پٽن جا نالا : منگل،سوڀا،انند،نبود پرڌن،گورا،بڀاس.چندربند

هنڊول راڳ جي ڀائٽين جا نالا : ليلاوتي،ڪيروي،چيٽي،پورڀي،پاروتي،ترون،ديوگري،سرسوتي،
هنڊول راڳ جي ڌئيرن جا نالا : بسنت،پنجم،،پورڀي،پرج

4.  سري راڳ

سري راڳ جي پٽن جا نالا : سنڌو،مالو،گوندگن،ساگر،کنبا،گنبير،سکر،ڀاڳڙا
سري راڳ جي ڀائٽين جا نالا : مجنيا،ديمانجي،کنبا،سُهڻي،سروڪيم،سري گويا،سداستي

5.  ديپڪ راڳ

ديپڪ راڳ جي پٽن جا نالا : ڪنتل،ڪمل،گنگ،چنبڪ،ڪُسنيا،رام،لهل،همال
ديپڪ راڳ جي ڀائٽين جا نالا : منگل گوجر،جيجونتي،مال گوجري ڀوپالي،منوهري،ايري،امين،همير
ديپڪ راڳ جي ڌئيرن جا نالا : سڌانٿ،ڪلياڻي،ڪيدار،پوريا،بروي

6.  ميگھ راڳ.

ميگھ راڳ جي پٽن جا نالا : سارنگ،نارائڻ،ڪلياڻ،گنڌار،شاهانا،جالنڌا،سگراڀرن،گجندر
ميگھ راڳ جي ڀائٽين جا نالا : گھڙنات،گادوي،گدم ناٽ،مانجھ،پرج،نٽ مڃري،سڌانت
ميگھ راڳ جي ڌئيرن جا نالا : ملار ڪامود،گونڊ،مادينا،پٽ مڃري،گنگري،گُنڪلي.

مٿي ڄاڻايل مول راڳن جو سڄو تخيل آريائي سماج جي ڌرمي روايت تي آڌاريل آهي.جو ڪيترن ئي تضادن سان ڀريل آهي. ڇو ته راڳ ڪو ساهه کڻندڙ جيوت يا مادو ناهي جو هو پنهنجو ڪو وجود رکي.راڳ ته ڳلي مان نڪرندڙ اهڙن منظم آوازن جي ميڙ جو نالو آهي،جو فرد جي داخلي ڪيفيتن جو اظهار ڪري ٿو.جنهن مان ان قوم،خطي۽علائقي جا اولڙا پسي سگھجن ٿا.راڳ کي ڪنهن به ديوي،ديوتا،فرد،شهر، قوم،قبيلي سان منسوب ته ڪري سگھجي ٿو،پر علمي بنيادن تي اهو قبول نٿو ڪري سگھجي ته راڳ جي به انسان وانگي مذڪر يا مونث جنس رکي ٿو.

آرين پنهنجي مذهبي عقيدي جي بنياد تي راڳ بابت جيڪو به نظريو ڏنو،اُن ۾ اهي گھڻي قدر سوڀارا پڻ ٿيا.اهڙي ريت آريائي سماج جي مذهبي روايت هيٺ ڏند ڪٿائي روپ ۾ ننڍي کنڍ جي سنگيت جي تاريخ لکي وئي.جنهن جي پوئلڳي صدين تائين ٿيندي رهي آهي.تاريخ جو ايترو جبر هوندي به سنڌ جي اصلوڪي راڳن جا اهڃاڻ پنهنجي اصل صورت ۾ قائم رهيا آهن.جن ۾ سنڌ جا ديسي ۽ سَنڌِي پرڪاش جا راڳ ملن ٿا.هي مقالو پڻ سنڌ جي ان اصلوڪي سنڌي پرڪاش راڳتي آڌاريل آهي.هي ان موضوع تي هڪ ابتدائي ڪوشش آهي.

سَنڌِي پرڪاش جا راڳ اهي راڳ آهن جيڪي خاص سُرن جي بيهڪ ۽ ترتيب جي بنياد تي سڃاتا ويندا آهن.سُرن جي بنياد تي راڳن جي سڃاڻپ واري سلسلي جي ابتدا ڪڏهن ٿي،اهو مسئلو اڃان تحقيق طلب آهي،پر ايتري وثوق سان چئي سگھجي ٿو ته عيسوي سال کان اڳ راڳ سُرن جي بنياد تي سڃاتا ويندا هئا.جڏهي ڌرتي جي گولي تي صبح کان رات تائين واري وقت ۾ موجوده چوويهن ڪلاڪن جو تصور ئي موجود نه هو ته ڏينهن ۽ رات واري وقت کي اٺن پهرن ۾ ورهايو ويو هو.جو ڏينهن ۽ رات جي جدا جدا پهرن ۾ ماڻهو جي ڪيفيت به بدلجندي رهي ٿي ۽”هر هڪ پهر ۾ احساساتي ڪيفيت پڻ جدا هوندي آهي يعني صبح جي پهر ۾ماڻهو جي جيڪا ڪيفيت هوندي آهي سا منجهند جي پهر ۾ نه هوندي،۽ رات جي پوئين پهر واري ڪيفيت رات جي پهرين پهر کان نرالي هوندي.ائين ڏينهن ۽ رات جي جدا جدا پهرن ۾ بدلجندڙ انساني ڪيفيت جي لحظ کان سُرن جي ترتيب مقرر ٿي۽ راڳن جي ڳائڻ جا وقت مقرر ٿيا(11)اهڙي خاص ترتيب سَنڌِي پرڪاش جي راڳن ۾ ملي ٿي،جيڪي چوويهن ڪلاڪن جي ٻن خاص پهرن ۾ ڳائبا آهن.هڪ رات جو ڏينهن سان ميلاپ وارو پهر ۽ ٻيو ڏينهن جو رات سان ميلاپ وارو پهر آهي.يعني هي راڳ سج لهڻ ۽ سج اڀرڻ کان اڳ شفق واري پهر ۾ ڳائجن ٿا.هن راڳن جي وڏي سڃاڻ اها آهي ته هن راڳن ۾ ريکب ۽ ڌيوت جا لٿل يعني ڪومل سُر،گنڌار ۽ نکاد جا چڙهيل يعني تيور سُر استعمال ٿيندا آهن. سَنڌِي پرڪاش جي راڳن ۾ ريکب ۽ ڌيوت جا سُر اهم آهن.ان کان پوءِ مڌم،پنچم،نکاد۽گنڌار جي اهميت هوندي آهي.صبح جي پهر واري راڳن ۾ ريکب ۽ ڌيوت جا سُر ڪمزور لڳندا آهن يا انهن کي جھولائبو آهي.،۽ شام واري سُرن ۾ريکب،ڌيوت،گنڌار،پنچم،۽نکاد جي سُرن تي زور هوندو آهي.

جن پهرن ۾ سَنڌِي پرڪاش جا راڳ ڳايا ويندا آهن،ان وقت جي اهميت ۽ افاديت بابت استاد بدرالزمان جو رايو آهي ته،جنهن وقت ۾اهي راڳ ڳائبا آهن،اهو چويهن ڪلاڪن ۾ ٻه ڀيرا ايندو آهي،جو تمام مختصر وقت تي آڌاريل آهي.انڪري ان پهر کي مقدس سمجھيو وڃي ٿو۽ ان ۾ پالڻهار جي ساراهه جا ٻول ڳايا ويندا آهن“.هي راڳ صبح جي وقت ۾ ماڻهو جي اندر ۾ نئين اُمنگ،جوش۽ جذبو پيدا ڪن ٿا جو سج جي هلڪي لالاڻ رات جي ان پڇاڙي واري پهر مان نروار ٿيندي نظر ايندي آهي.انڪري نئين ڏينهن جي شروعات ڪرڻ کان اڳ انسان ڪائنات جي خلقيندڙ آڏوسرنمائي ٿو،۽ پوءِ پنهنجي جياپي لاءِ اڳتي وک وڌائي ٿو.۽ جڏهن اهو ساڳيو وقت وري ٿو ۽ شام جو سج مٿان رات جي ڪاراڻ نمايان ٿيڻ لڳندي اهي ته، سڄي ڏينهن جي ڪم ڪارن ڪري ماڻهوءَ ٿڪجي پوي ٿو،سندس مزاج به جھڪو ٿئي ٿو.انڪري سڪون جي ڳولها ۾ هو هڪ ڀيرو ٻيهر عبادت گاهه جو رُخ ڪري ٿو.جڏهن وري اهڙي قسم جا راڳ ٻڌي ٿو ته کيس روحاني تسڪين ملي ٿو.پوءِ پنهنجي پالڻهار جي نعمتن جا ٿورا مڃي ٿو.

سَنڌِي پرڪاش جا راڳ ڏينهن ۽ رات،رات ۽ ڏينهن جي ان خاص پهرن ۾ ڳائڻ ڪري موسيقي ۾ منفرد سڃاڻپ رکن ٿا.ان جواهم ڪارڻ اهو آهي ته سُرن جي بنياد تي اهڙي قسم جا قانون ۽ قائدا رڳو اسان جي ننڍي کنڍ جي موسيقي ۾ رائج آهن.ان خاص پهر ۾ ڳائڻ لاءِ ڪومل ۽ تيور سُرن جي چونڊ ڪري هڪ خاص ترتيب ڏني وئي آهي.ان خاص ترتيب جا ڪارڻ ڪهڙا آهن؟ان جو مختصر حوال ڏجي ٿو.

سُر نالن جي اعتبار کان ست ۽ تعداد جي لحاظ کان ٻارهن آهن.جن جا نالا هي آهن.

1.       شڙج 2. ريکب ڪومل 3. ريکب تيور 4. گنڌار ڪومل 5. گنڌار تيور 6. مڌم ڪومل 7. مڌم تيور 8. پنچم 9. ڌيوت ڪومل 10. ڌيوت تيور 11. نکاد ڪومل 12. نکاد تيور

 

مٿي ڄاڻايل هر سُر سڌو سنئون ماڻهوءَ جي داخلي ڪيفيت تي اثرڪري،هن جي احساسن،جذبن کي جاڳائي،غم ۽ خوشيءَ جي ڪيفيت پيدا ڪري ٿو.ڇو ته هر سُر ۾ هڪ الڳ مزاج سمايل آهي.جيڪو ٻڌندڙ جي ڪيفيت جي نمائندگي ڪري ٿو.

سَنڌِي پرڪاش جي راڳن ۾ شڙج،۽ مڌم تيور جا سُر اندر ۾ لهي جذبن کي ڇُهي فرحت بخشن ٿا ته، ريکب ڪومل،نکاد تيور،۽ پنچم جا سُر ٻڌندڙ جي ۾ هڪ اهڙي امنگ پيدا ڪن ٿا،جنهن سان مزاج ۾ سورهيائي وارو جذبو پيدا ٿئي ٿو.گنڌار تيور،۽ ڌيوت تيور جا سُر دارد واري ڪيفيت پيدا ڪري،داخلي پيڙاهن کي اڀاري ٻاهر ڪڍي،من مان مونجھارو ختم ڪن ٿا.مڌم ڪومل جو سُر پڇتاءُ،بيوسي،۽هيڻائي واري علامت جي عڪاسي ڪري ٿو.ڌيوت ڪومل جو سُر ٻڌندڙ جي حواسن تي گھرو اثر ڇڏي ٿو،هو چاهيندي به پنهنجي پريشاني کي لڪائي نٿو سگهي. پريشاني سندس چهري تي بکندي نظر ايندي آهي(13).جڏهن اهي سُرهڪ هنڌ ڪنهن راڳ ۾ آلاپجن ٿا ته مٿي ڄاڻايل ڪيفيتون ٻڌندڙ تي طاري ٿين ٿيون.۽ هو پنهنجو وجود وساري،ٿوري وقت لاءِ ازلي قوت سان هڪ ٿي وڃي ٿو.۽ پنهنجي مئل دل کي ان پل ۾ جياري ٿو.اهو ساڳيوئي تصورشاهه جي راڳ ۾ ملي ٿو،ڇو ته شاهه صاحب وٽ راڳ وندر جو سامان نه پر حق سان هڪ ٿيڻ جو وسيلو آهي،۽ان مقصد کي شاهه صاحب مختلف سُرن ۾ ورهائي راڳ

زريعي بيان ڪيو.ان جو بنيادي ڪارج اهو هو ته شاه لطيف هڪ اهل دل انسان هو،۽ انهيءَ ڪري سندس خاص توجهه پڻ ماڻهن جي دلين کي جيارڻ هو.انهيءَ ڪري هن فطري طور راڳ جي رس ۽ اثر جي قوت کي محسوس ڪيو،۽ سندس اعلي فهم جي نوعيت بابت اهو نڪتو نروار ڪيو ته راڳ اهو آهي جو دلين تي اثر ڪري(12)شاهه صاحب وارو دور سنڌ ۾ مغليه سلطنت جو آخري ۽ زوال وارو دور هو،جو سياسي لحاظ کان انتشار جي ور چڙهيل هو،جنهن جو اثر موسيقي تي پيو.راڳ جو سڄو زور هنر مندي تي صرف ٿيڻ لڳو،۽دلين تي اثر ڪندڙ احساساتي ڪيفيتون پيداڪرڻ بدران،سڄو توجھ تان پلٽن وارين ڪاريگرين تي ڏنو ويو.گوياهڪ ٻئي کي شهه ڏيڻ لاءَ ڪن مخصوص راڳن ۾ طرزون تيار ڪري ڳائڻ لڳا،پنهنجي راڳ جي گھراڻي جي ناماچاري،۽مٿين طبقي جي ماڻهن سان گڏ دربار ۾ پنهنجي آقائن کي خوش ڪرڻ لاءِهڪ طرف سُرن جي وادي،سموادي ۾ ڦيرا آڻي۽ ٻيءَ طرف ڪنهن به راڳ ۾ سُر وڌائي يا گھٽائي نوان راڳ جوڙڻ ۾ لڳي ويا،جيئن سندن واهه واهه ٿئي ۽ انعام ملي.نتيجي ۾ اصلوڪي ۽ قديم راڳن ۾ نه رڳو ڦيرا اچڻ لڳا پر اهي پنهنجي اصلي صورت به قائم رکي نه پئي سگھيا.شاهه صاحب راڳ جي اهميت ۽ افاديت کان چڱي ريت واقف هئا.ان ڪري وس آهر ڪوشش ڪري،راڳن کي پنهنجي ڪلام ۾ جاءِ ڏني ۽ هر سُر لاءِ جدا جدا راڳ جي چونڊ ڪري پنهنجص ڪلام جي سُرن ۾ برصغير جي تاريخ کي سمايو آهي.جنهن جو بنيادي مقصد اهو هو ته آڳاٽي راڳن سان تاريخي رشتو قائم رکيو وڃي.

شاه صاحب پنهنجي ڪلام لاءِ جن راڳن جي چونڊ ڪئي آهي هنن ۾ سنڌ جي قديم موسيقي جا راڳ،سنڌ ۽ هند جا آڳاٽا مشترڪ راڳ،عرب_ايراني موسيقي وارا راڳ،سماع جي سلسلي وارا راڳ،سنڌ جي سُروار موسيقي جا راڳ،هند ۽ سنڌ جي موسيقي جي ميلاپ وارا راڳ،۽موجوده هند جي موسيقي وارا راڳن کان سواءِ سَنڌِي پرڪاش جا راڳ شامل آهن.جن کي شاهه صاحب هڪ خاص فڪر هيٺ پنهنجي ڪلام ۾ جاءِ ڏني.

شاه صاحب دور ۾ ننڍي کنڍ جي راڳ جي روايت ۾ ٺاٺ جو جنم ٿي چڪو هو،۽ ان وقت راڳن جي سڃاڻپ ٺاٺ جي بنياد تي ڪئي ويندي هئي.جنهن جي تعداد ڪڏهن 72 ته ڪڏهن 32 ته ڪڏهن 19 رهي آهي.انهن ٺاٺن ۾ ٽي ٺاٺ اهڙا آهن جن جا راڳ سَنڌِي پرڪاش جي راڳن جي قاعدي ۽ قانون مطابق آهن.جن م پوربي،ماروا،۽ ڀيرون ٺاٺ جا نالا آهن.هيٺ سمجھاڻي خاطرانهن ٺاٺن ۾ آيل سَنڌِي پرڪاش جي راڳن جا نالا ڏجن ٿا.

پوربي ٺاٺ جا راڳ

پوربي،سري راڳ،پوريا ڌناسري،پرج،مالوي،ترون،ديپڪ،جيت سري،گوري،ريوا،سري ٽنڪ،هنس نارائڻ،بسنت

ڀيرون ٺاٺ جا راڳ

ڀيرون،ديس گونڊ،ميگھ

 رنجني،گُنڪلي،جوگيا،پرڀات،ڪالنگڙا،سوراشٽ،رامڪلي،بڀاس،گوري،للت

پنچم،جيجونتي،شڌ ملار،گوڙ ملار،نٽ ملار،غارا،بڊهنس،نارائڻي،پرتاب ورالي،نگ سوراولي،ديو گنڌار،شيومت ڀيرون،آنند ڀيرون،آهير ڀيرون،زيلف،هجيج،بنگال ڀيرون،ساويري،
ماروا ٺاٺ جا راڳ

پوريا ڪلياڻ،سازگيري،ماليورا،بڀاس،سُهڻي،پنچم،ڀڪهار،ڀٽيار،جيت،براري،پوريا،ماروا

هن وقت تائين هڪڙا ته اهي سنڌي پرڪاش راڳ آهن ،جيڪي وجود ۾ اچي چڪا آهن،ٻيا اهي جيڪي ايندڙ وقت ۾ وجود ۾ ايندا.پوءِ اهي سنڌ ۾ جنم وٺن يا دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ جوڙيا وڃنپر راڳ وديا جي اصول موجب اهي راڳ سنڌي پرڪاش جا راڳ سڏيا ويندا“(14) شاه جي رسالي ۾ جيڪي سنڌي پرڪاش جا راڳن ملن ٿا،تن جو مختصربيان هيٺ ڏجي ٿو.
راڳ پوربي

هي مروج پوربي ٺاٺ جو سمپورڻ راڳ آهي.ڪرناٽڪ سنگيت ۾ هن ٺاٺ جو کي” ڪام وردهني ميل “ ڄاڻايو ويو آهي.۽”ڪن گرنٿن ۾ هي راڳ ”رام ڪريا ميل “ جي نالي سان پڻ ملي ٿو(15) پوروانگ جي هن راڳ ۾ ريکب ۽ ڌيوت کان سواءِ سڀ سُر تيور آهن.پر ايم بينر جي ” گيت سوتر سار “ ۾ مڌم ڪومل جو واڌارو ڪيو آهي.يعني ٻئي مڌم استعمال ڪيا آهن. سَنڌِي پرڪاش جي شام واري پهر جي هن راڳ بابت گسائين پنا لعل پنهنجي گرنٿ” ناب بنود “ ۾ هڪ هنڌ لکي ٿو ته هر راڳشيو جي پوڄا ڪرڻ مهل ڳائبو هو“.وادي سُر گنڌار ۽ سموادي سُر نکاد آهي.شڙج،گنڌار،پنچم۽ ني هن راڳ جا اهم سُر مڃيا وڃن ٿا.اوروه ۾هن راڳ جي سُرن جي ترتيب وڪر روپ جي آهي.

آروه : سا_ ر _ گا _ ما _ پا _ ڌا _ ني _ سا

اوروه : سا _ ني _ ڌا پا ما _ گا ر _ گا _ رگا _ رسا

چال :
گا ر سا _ ني ر سا _ ني ني _ ر سا _ ني ر ني ڌا پا _ مٰا ڌا ني ڌا پا _ مٰا پا _ ڌا ني _ ڌا پا _

ني سا _ ني _ سا _ ر گا _ ما گا _ ر گا گا _ رسا _ ني _ رگا _ گا ما _ را گا _ مٰاما گا ما گا _ ني سا _ رگا _ مٰا گا _ رگا _ رسا _ ني ني _ سارگا _ گاما مٰا گام ما گا _ رگا _ ڌا پا _ مٰا مٰا گا _ ما گا _ ر گا مٰا ڌا مٰا گا _ ر گا ر سا _ ني ر گا ما را گا _ ر سا _ مٰا مٰا گا _ ر گا _ ر سا _ گا مٰا ڌا مٰا _ سا سا _ ني ر گا مٰا پا _ ڌا پا _ ڌا ني _ ڌا پا _ گا مٰا ڌا مٰا

_
سا _ ني ر گا _ ني سا _ ر گا ر سا _ ني ر گا مٰا گا _ ر سا _ ني ر گا ر سا _ ر ني ڌا پا _ مٰا مٰا ڌا _ ر ني ڌا پا _ مٰا ڌا مٰا _ مٰا گا _ ر گا _ ما _ گا ر سا _ ني ر سا

راڳ سري


اهل هنود هن راگ کي پنهنجي ڇهه وڏي راڳن ۾ شمار ڪيو آهي.ڏکڻ هند”گرنٿن جي مت جي اعتبار کانهن راڳ کي ڪافي ٺاٺ تي ڳائن ٿا“(17).اتر هند ۽ سنڌ ۾ هي راڳ پوربي ٺاٺ ۾ ڳائجي ٿو.راما ماتيا،سومناٿ،وينکٽ مکي،تُلا جي،۽ پنڊريک وٺل وغيره هن ٺاٺ کي ” شري راگ ميل “ سڏيو آهي..جو اسان وٽ پوربي نالي سانمروج آهي. راڳ تگني ۾ ” ٺاٺ ڪرناٽ “ لکيل آهي پر اهو سُرن جي ترتيب موجب موجوده کماچ ٺاٺ بيهي ٿو.ڪلپدروما مانڪوري”چندريڪايام ۽ چندر ريڪا سار“ ۾ سري راڳ کي پوربي ٺاٺ ۾ شامل ڪيو آهي،۽شاهه جي راڳ ۾ هي راڳ پوربي ٺاٺ جو راڳ آهي.جو ڪافي ٺاٺ واري راڳ جي بنهه ابتڙ آهي.ڪافي ٺاٺ واري سري راڳ ۾ ريکب ۽ ڌيوت جا سُر ڪومل جڏهن ته پوربي ٺاٺ جي هن راڳ ۾ ريکب ۽ ڌيوت جا سُر تيور لڳن ٿا.پوروانگ جو هي راڳ اوڊو _ سمپورڻ راڳ آهي.جو سَنڌِي پرڪاش جي شام واري پهر ۾ ڳائجي ٿو.آروه ۾ گنڌار ۽ ڌيوت جا سُر ورج آهن.اوروه سمپورڻ آهي.وادي سُر ريکب ۽ سموادي پنچم آهي.


آروه : سا _ ر _ ما _ پا _ ني _ سا

اوروه : سا _ ني _ ڌا _ پا _ ما _ گا _ ر _ سا


چال
سا _ رر _ سا _ ني _ سا _ رر _ گارر _ سا ڏ ني _ ڌا _ پا _ مٰا _ پاني _ سا _ ر _ سا _ مٰا گار _ گار _ رسا _ ني ر _ سا _ ني _ رسا _ ر _ پا _ مٰا پا _ ڌا پا _ مٰا پا ڌا ما گا _ ر _ پامٰا گا ر _ مٰا گا ر _ گا ر _ سا _ ني _ ر _ سا _ ڌا ڌا _ پا _ مٰا _ پا _ ني ڌا _ پا _ مٰاپا _ ني سا _ رر _ مٰا گا _ رر _ مٰاگا ر _ سار _ مٰا _ پا _ ر _ پا _ پا _ مٰا _ ڌا پا _ ڌامٰا گا _ رر_ مٰا گا ر _ گا ر _ سا رر _ گا _ رسا _ رمٰا پا _ سا _ ر _ مٰا پا _ پا _ مٰا ڌا _ ما گا _ ر _ رسا سا ر_ ر _ ما پا _ پا _ مٰا ڌا _ پا _ ني ڌا _ پا _ مٰا پا ڌا _ ماپا سا گا _ ر _ ما گا _ رر _ گا _ ررسا _ سا _ رسا _ ماگا _ ر _ پا _ ما گا ر _ ر _ سا _ ر _ ر _ ما پا _ ڌا پا _ ڌاپا _ مٰا پا ڌا _ پا _ ني ڌا _ پا سا _ ني _ ڌا _ پا ما پا ڌا ما پا _ ما گا _ ر _ ماگا _ رر _ سا _سا _ ر _ ما پا _ ني سا _ ما پا ني سا _ سا _ رر _ سا _ ني _ رر _ سا _ سا _ ما پا ڌا پا _ ني سا _ سا _ ني _ رر _ سا _ ني _ رر _ گا _ رر _ سا _ ني _ رر _ ني ڌا _ پا _ سا _ رر _ سا _ ني سا _ ني ر _ سا ني ر گا ر _ ر سا _ ر ني ڌا _ پا _ ما ڌا _ ما گا _ ر _ سا.

راڳ رامڪلي


اُتر انگ جو هي راڳ ڀيرون ٺاٺ ۾ ڳائجي ٿو.ڀات کنڊي سنگيت شاستر ۾ هڪ هنڌ لکيو آهي ته،سُورميل ڪلانيڌي ”سنگيت سارامرت“ ۽ ” سداراڳ چندر وديه “ ۾ هن راڳ کي ” شُڌ ڪريا ميل “ لکيو آهي(18).آروه اوڊو ۽ اوروه سمپورڻ آهي.وادي ڌيوت،سموادي ريکب آهي.سنڌي پرڪاش جو هي راڳ صبح واري پهر ۾ ڳائبو آهي.هنراڳ ۾ گنڌار ۽ نکاد جا سُر تيور ۽ ريکب،مڌم،۽ ڌيوت جا سُر ڪومل لڳن ٿا.

آروه : سا_ ر _ گا _ پا _ ڌا _ سا

اوروه : سا _ ني _ ڌا _ پا _ ما _ گا _ ر _ سا


چال :

سا _ ما گا ما _ ما پا _ ڌا پا _ مٰا پا _ گا ما پا گا ما _ ر سا _ پا ڌا پا _ سا _ رر سا _ گا ما ر سا _ ڌا پا مٰا پا _ گا ما ر _ پا _ گا ما ر _ سا _ سا _ ڌا _ ڌا _ پا _ سا _ ڌا ني سا _ رر سا _ گا ما ڌا _ ڌا پا _ مٰا پا _ گا ما _ ني ڌا پا _ گا ما ر _ ر سا _ گا ما ڌا _ پا سا _ ما _ گا _ ما پا _ مٰا پا _ پا ڌا ني _ ڌا پا _ گا ما _ سا _ ني ڌا _ پا مٰا پا _ گا ما ر سا _ ڌا _ پا _ ما گا _ ما _ ڌا _ پا _ پا مٰا پا _ گا ما ر سا _ سا ما _ گا ما _ ڌا ڌا پا ما پا _ گا ما پا گا ما ر سا _ سا ني سا _ ڌا ني سا _ سا _ ما _ گا ما پا _ ڌا ني ڌا پا گا ما _ گا پا _ ڌا ڌا _ ني سا _ ني سا _ ر سا _ سا ر گا _ ما ر سا _ ني سا _ ني ڌا پا _ ما پا _ ڌا ڌا پا مٰا پا _ گا ما _ ڌا ڌا پا _ سا _ ر سا ني ڏ ڌا پا _ مٰا پا ڌا ني ڌا پا _ گا ما ر ر سا _

راڳ پرڀاتي

          هي ڀيرون ٺاٺ جو سمپورڻ راڳ آهي.هن راڳ جي ريکب ۽ ڌيوت ڀيرون جهڙي آهي پر وادي سُرمڌم هئڻ ڪري ڀيرون کان الڳ ٿي بيهي ٿو،سموادي کرج آهي.هن ۾ ٻئي مڌم رواج ۾ آهن. سَنڌِي پرڪاش جي راڳن ۾ هي راڳ صبح جي پهر ۾ ڳائجي ٿو.


آروه : سا _ ر _ گا _ ما _ پا _ ڌا _ ني _ سا
اوروه : سا _ ني _ ڌا _ پا _ ما _ گا _ ر _ سا

راڳ سُهڻي


          هي ماروا ٺاٺ جو اوڊو _ کاڊو راڳ آهي. ڏکڻ هند ۾ هن راڳ کي سوريا ڪانت يا ويگ واهني جي نالي سان سڏيو ويو آهي.سنگيت رتناڪر،درپن،سورميل ڪلانيدهي،راڳ وبوڌ،چندر وديا،راڳ ترنگي جي گرنٿن ۾ هن راگ جو ذڪر نٿو ملي(19).هي راڳ گرنٿن ۾ پوءِ شامل ڪيو ويو استاد بدرالزمان ڪتاب”سدا رنگ “ ۾ ڀات کنڊي جو حوالو ڏيندي لکي ٿو ته” برهمڻ سام ويد جا منتر به سُهڻي جي سُرن ۾ ڳائيندا هئا “(20). هن راڳ جي آروه ۾ ريکب ۽ پنچم جا سُر ورج آهن،۽ اوروه ۾ رڳو پنچم جو سُر ورج آهي.وادي سُرڌيوت ۽ سموادي گنڌار آهي. اترانگ جي هن راڳ جي اوروه ترتيب جي سُرن جي لحاظ کان وڪر روپ جي آهي. سَنڌِي پرڪاش جي راڳن ۾ هي رات جي پوئين پهر ۾ ڳائجي ٿو.


آروه : سا _ گا _ ما _ ني _ ڌا _ سا
اوروه : سا _ ني _ ڌا ما _ ڌا گا _ ما گا ر سا

گا مٰا ڌا _ گا مٰا گا _ ر سا _ ني سا _ گا گا _ مٰا گا _ مٰا ڌا ني سا _ ني سا _ ڌا ني سا _ ر سا _ ني ڌا _ مٰا ڌا ني ڌا _ گا _ ني ني ڌا _ سا _ ني ڌا _ مٰا گا _ گا مٰا ڌا گا _ مٰا گا _ سا گا مٰا گا _ ني ڌا _ مٰا گا _ مٰا گا _ ر سا _ سا ر سا _ سا گا _ مٰا گا ر سا _ گا گا مٰا گا _ ني سا گا _ مٰا ڌا ني سا _ رر سا _ سا ني ڌا _ مٰا ڌا _ ر سا _ ني ڌا _ ني ڌا _ گا _ گا مٰا ڌا گا _ مٰا گا _ ر سا _ ني سا گا _ مٰا ڌا ني سا _ ڌا ني ر سا _ گا ر سا _ مٰا گا ر سا _ ني ڌا _ مٰا ڌا _ ني ڌا _ گا _ مٰا گا _ ڌا مٰا گا _ مٰا گا ر سا.



حوالا:


1. ڀيرو مل ” قديم سنڌ جي تاريخ“ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو،ڇاپوچوٿون.سال2004ع. ص
2.
بلوچ،نبي بخش،ڊاڪٽر ” سنڌي موسقي جي مختصرتاريخ“ شاه عبداللطيف ڀٽائي ثقافتي مرڪزحيدرآباد،ڇاپوٻيو.سال2003ع ص
3.
سنڌي موسيقي جي مختصرتاريخ ص25_26
4.
آغا سليم ” سنڌي موسيقي جي روايت ۽ شاه جي رسالي جا سُر“ شاه عبداللطيف ڀٽائي چيئر ڪراچي يونيورسٽي،ڇاپو پهريون.سال2011ع.ص 8
5.
شيدائي، رحيمداد مولائي،” تاريخ تمدن سنڌ “ انسٽيٽيوٽ آف سنڌيالاجي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو.ڇاپو ص 46
6.
قديم سنڌ جي تاريخ ص 136
7.
سنڌي موسيقي جي روايت ۽ شاه جي رسالي جا سُر ص
8.
ايضا ص 14
9.
سنڌي موسقي جي مختصرتاريخ ص 57
10.
سنڌي موسقي جي مختصرتاريخ ص 57
11.
آغا سليم ” سنڌي موسيقي جي روايت ۽ شاه جي رسالي جا سُر“ شاه عبداللطيف ڀٽائي چيئر ڪراچي يونيورسٽي،ڇاپو پهريون.سال2011ع.ص58
12.
سنڌي موسقي جي مختصرتاريخ ص 165
13.
استاد بدرالزمان،” صدائي موسيقي “ ادارا فروغ فن موسيقي لاهور،
ڇاپو پهريون ص 27
14.
نقوي،منظور.” سنڌي راڳ تال “انسٽيٽيوٽ آف سنڌيالاجي سنڌيونيورسٽي ڄامشورو.ڇاپو ص 42
15.
استاد بدرالزمان،” سدا رنگ“ ادارا فروغ فن موسيقي لاهور،ڇاپو ٻيو.سال 2005ع ص20
16.
استاد بدرالزمان،” سدا رنگ“ ادارا فروغ فن موسيقي لاهور
17.
استاد بدرالزمان،” معارف النغمات“ ادارا فروغ فن موسيقي لاهور،ڇاپو پنجون.سال 2005ع ص 403
18.
ڀات کنڊي” ڀات کنڊي سنگيت شاستر“ سنگيت ڪار هاليه هاٿرس يو.پي حصو ٻيو،ڇاپو چوٿون ص 193
19.
سدا رنگ ص 501
20.
ايضا ص 502

No comments:

Post a Comment