شاهه جو رسالو

Monday 10 August 2015

شاهه جي رسالي ۾ گرامر ۽ اعرابن جو جائزو ــ استاد لغاري (Ustad Lighari)

استاد لغاري


ڪافي سالن کان، اها ڳالهه محسوس ٿيندي پيئي اچي، ته هڪ اهڙو ”شاهه جو رسالو“ ترتيب ڏيڻ گهرجي، جنهن ۾ زيرن - زبرن سان گڏ، گرامر جي نشانين جو مڪمل طور استعمال ٿيل هجي، ته جيئن شاهه جي ڪنهن به شعر، ان جي سٽ يا لفظن جي صحيح معنيٰ کي سمجهڻ ۾ وڌيڪ آساني ٿئي.
        ٻوليءَ جي اچارڻ، ڳالهائڻ، لکڻ، پڙهڻ ۽ ان کي صحيح طور سمجهڻ لاءِ، گرامر جي نشانين جو هجڻ نهايت لازمي هوندو آهي. دنيا جي هر ٻوليءَ وانگر، سنڌي ٻوليءَ جو گرامر به ان وقت کان ئي موجود آهي، جڏهن کان هيءَ ٻولي وجود ۾ آئي آهي. ٻوليءَ ۾ گرامر جو استعمال ايئن هوندو آهي، جيئن کاڌي ۾ لوڻ. اگر کاڌي (طعام) ۾ لوڻ گهٽ وڌ هوندو يا بنهه هوندو ئي ڪونه، ته کائڻ - پيئڻ جو ذائقو ئي ختم ٿي ويندو. اهڙيءَ طرح ٻوليءَ جو مقصد ۽ مفهوم به، ان وقت ئي پوري طرح سمجهه ۾ اچي سگهندو، جڏهن گفتگوءَ ۾، يا لکيل عبارت ۾، گرامر جو پورو پورو استعمال ٿيل هوندو. سنڌي ٻوليءَ جي، ان گرامري قاعدي کي، سنڌي اصطلاح ۾ ”وياڪرڻ“ چئجي ٿو.