پروفيسر عبدالله ملاح
سنڌ
جي تاريخ جو اهو پهر بابرڪت ۽ مبارڪ هو، جنهن پهر ۾ شاهه لطيف 1689ع ۾ شاهه حبيب جي گهر ۾ جنم ورتو. هي اهو زمانو هو،
جڏهن هندوستان تي اورنگ زيب ڪاري رات جيان
ڇانيل هو. سنڌ ۾ مذهب جي نالي ۾ سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن سان جيڪي بيواجبيون ٿيون آهن، جيڪي قهر ٿيا آهن، اورنگزيب ۽ فرخ سير جي بادشاهين جو زمانو ان قهر جو زمانو هو. اورنگزيب
جي زماني ۾ جنهن ڳوٺ ۾ ساز وڄندو هو، ان سڄي
ڳوٺ کي باهيون ڏئي ساڙي ڇڏيندا هئا. اڃان تائين رڌ پچاءُ دوران جيڪڏهن ديڳ جي ڪنيءَ تي
ڪاٺو لڳي ويندو آهي ته ماڻهو چوندا آهن ته ديڳ حرام ٿي وئي. يا گهر ۾ ڪنجهي جو وٽو هٿ لڳڻ سان وڄندو آهي ته
ڊوڙ ڪري ان تي وڃي عورتون هٿ رکنديون
آهن، ته متان ان ڪنجھي جي وٽي جو آواز ڪير ٻڌي وٺي. اورنگزيب جي زماني ۾ موسيقيءَ جي خلاف سخت ترين جيڪي بندشون
هيون، انهن بندشن جا خوف اڄ تائين ماڻهن
جي لاشعور ۾ ويٺل آهن. اورنگ زيب جڏهن سموري هندستان جو بادشاهه ٿيو ته هن سنڌ وري پنهنجن وفادار نوابن کي
ڏني. سنڌ جا ماڻهو سندس وفادارن ۽
درٻار ۾ ويهڻ جي آرزومند ڏيهي جاگيردارن جي لتن ۾ لتاڙبا رهيا
.
شاهه
جو زمانو هڪ طرف برڪت ڀريو زمانو هو، ڇاڪاڻ ته ان زماني ۾ سوين شاعر اديب پيدا ٿيا. علمي تخليق جي اعتبار کان اهو
دور علمي بهارن جهڙو ملوڪ هو. مخدوم معين ٺٽوي،
لطف الله قادري، محمد هاشم ٺٽوي، محمد زمان لواريءَ وارو، شاهه عنايت جهوڪ وارو ان دور جي آسمان جا تارا هئا. پر جيئن
ته سنڌ جي تخت جا ڌڻي محب وطن نه هئا،
ان ڪري ان قسم جي عالمن ۽ درويشن جي
موجودگيءَ
۾ سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻهن کي جيڪو سک ملڻ گھرجي ها، اهو نه مليو.
تاريخ
جي ان ڀيانڪ ڪاري رات جي ساري رتوڇاڻ جو شاهه لطيف نه فقط شاهد هو پر هو انهيءَ درد جي درياهه مان بار بار گذريو.
1718ع ۾ مغل شهنشاهه فرخ سير
جي
حڪم تي نواب اعظم خان جي سربراهي ۾ سنڌ جي بهادر ۽ سخي شاهه عنايت کي ٺٽي ۾ شهيد ڪيو ويو. ان وقت شاهه لطيف جي عمر لڳ
ڀڳ 30 سال هئي. 1740ع ۾ نادر شاهه سنڌ جي
شهرن ۽ ڳوٺن کي باهيون ڏنيون، سنڌ جي حڪمران ميان نور محمد ڪلهوڙي جي پٽن کي هٿن پيرن ۾ زنجيرون وجھي قيدي ڪري ايران جي
جيلن ۾ وڌو ۽ سنڌ کي غلاميءَ جي هٿڪڙي
هڻي پنهنجي ايراني تخت جي پاڳن سان ٻڌي ڇڏيو. احمد شاهه ابدالي،
جنهن جبر ۽ ڏاڍ سان سنڌ جون بازارون ويران ڪيون، ان بيرحميءَ جا داستان رت ۽ باهه جي صورت ۾ صدين تائين سنڌ جي رستن
۽ گسن تي تحرير رهندا. اورنگزيب جي پٽ
معزالدين ميان دين محمد ۽ سندس ساٿين کي مغل سرڪار جي خلاف بغاوت ڪرڻ جي ”ڏوهه“ ۾ ملتان جيل ۾ قتل ڪري ڇڏيو.
ميان آدم شاهه ڪلهوڙو، ميان نصير
ڪلهوڙو، ميان دين محمد ڪلهوڙو واري واري سان اورنگزيب ۽ سندس پٽ معزالدين سان وڙهيا ۽ پوءِ دوکن ۽ فريبن جا
شڪار ٿي ٻڌا ۽ اونداهي گھٽين ۾ اونداهي
راتين ۾ ماريا ويا. هڪ پاسو اهو هو، ته
ٻيو پاسو وري اهو هو ته جڏهن اتر
سنڌ جا ڪجهه علائقا ميان يار محمد ڪلهوڙي کي مغل سرڪار عنايت ڪيا ته ميان يار محمد به اکيون ڦيري ڇڏيون ۽ شاهه
عنايت ۽ سندس هزارين ساٿين کي بي
درديءَ سان قتل ڪرايو. اذيت سهندڙ روح ۽ تخليق جي سگهه رکندڙ دماغ جڏهن پاڻ ۾
گڏبا آهن ته زمانن ۾ شاهه لطيف جهڙا لافاني ڪردار جنم وٺندا آهن. شاهه صاحب گهمسان ۽ رتوڇاڻ واري زماني ۾ پلجي
وڏو ٿيو. ظلم، خوف ۽ مايوسيءَ جي
رات سان هو صبح جو سفير ٿي وڙهيو ۽ زندگيءَ جي صحرائن ۽ بيابابن ۾ پنهنجي عظيم شاعريءَ جون نديون وهائي
ڇڏيائين.سموري سنڌ ۾ هن پنهنجي
شاعري، جيڪا سنڌ جي اکين جي سونهن
هئي،
اکين جي نگاهه هئي، اکين جي آرزو
۽ اکين جي التجا هئي، جيڪا سنڌ جي سورن جو داستان هئي، جيڪا مارئي، سسئي ۽ سهڻي جي عشق جو لافاني داستان هئي، جيڪا
کاهوڙين، جوڳين ۽ سامونڊين جي پورهئي ۽ پگهر جي مهڪ هئي. ان شاعريءَ جي دونهين
دکائي زندگيءَ جي لافاني ڪيفيتن ۾
ڳايو. هو شاهه صاحب پنهنجي شاعريءَ ۾ نه فقط ان زماني جي باشعور ۽ باضمير ماڻهن، عالمن ۽ ڏاهن جي طرفان قائم ڪيل
معيارن، بلڪه اڄ تائين جي ان سمورن
معيارن، ڳڻن، ڪيفيتن ۽ انساني چڱاين جي خيالن، تصورن ۽ نظرئي کي پنهنجي شاعري ۾ ڳايو آهي، جيڪي عالمگير انساني
ڪيفيتن ۽ وڏاين جا بلند ترين معراج آهن.
هن سارو علم، ساري ڏاهپ ڪنهن مدرسي، ڪنهن اسڪول، ڪنهن اداري جي ڪنڊ جهلي حاصل نه ڪئي، بلڪه اهو علم جيڪو قرطبه
۽ بغداد جي علم گهرن مان به
ماڻهن کي نصيب نه ٿيو، ان علم کان به وڌيڪ علم هن ڀنڀور کان وڻڪار ويندي هالا کان هالار ويندي، پراڻ جي ڪنارن ۽ لڊاڻي
جي ڪاڪ ڪنڌين ۾ گهمندي حاصل ڪيو.
علم گهرن مان حاصل ڪيل عقل جا ڏيئا اجھامي سگھن ٿا، پر عشق جي پنڌ ۾ حاصل ڪيل علم جا ڏيئا اڃا تائين دنيا جو
ڪوبه جهالت جو طوفان اجهائي نه
سگهيو آهي. علم گهرن ۽ يونيورسٽين مان، وڏين وڏين لائبريرين مان، وڏن وڏن عالمن کان مليل علم انسان جي ضمير، ان جي
روح ۽ ان جي رت کي بدلائي سگهي يا نه،
پر عشق جي پنڌ ۾ اڏامندڙ ڌوڙ ۽ پنڌ ۾ پيل ڪاري رات جي خوفناڪ گهرائيءَ مان حاصل ٿيل علم جي مهڪ ۽ لازوال سگهه
ماڻهن جي مزاج کي بدلائي ڇڏيندي آهي.
شاهه صاحب سموري سنڌ جي پنڌ ۾ عمرڪوٽ جي ڀڳل گھٽين، ويڙهي جهپ جي وارياسي ڀٽن، سنڌ جي بندرن، ڪلاچي ڪن جي مٽي تي
نقش ٿيل مورڙي ۽ مانگر مڇ جي
حيرتناڪ ويڙهه ۽ ڪينجهر ڪنڌيءَ تي نوري ڄام جي عشق جي نشانن کي ڏسندي جيڪو عرفان ماڻيو، ان نه رڳو کيس تبديل ڪيو، پر
ان مٽيءَ، ان پنڌ مان حاصل ڪيل
علم ۽ ڄاڻ ۽ سندس شاعريءَ کي سونهن، زندگي، بقا ۽ اميد جا سوين رنگ عطا
ڪيا. دربارن جي رفاقت کان هو سوين
ڪوهه پري هو. ميان نور محمد ڪلهوڙو، جيڪو مغل
بادشاهت جي خاتمي کان پوءِ سنڌ جو
خودمختيار
حاڪم هو، هن ان جي بادشاهي آڌرڀاءُ کي به عمر ڀر قبول نه ڪيو.
مٽيءَ
۽ واري جي ڀٽ کي عشق جو قصر شاهي سمجھي عمر گذاري. سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ شاهه لطيف جيڪي زندگي جون مشعلون پنهنجي شاعريءَ
سان ٻاريون هيون، اهي اڄ به ٻرن پيون. سندس
شاعري اڄ به روشني آهي، اميد آهي، آسرو آهي. سندس شاعري رڳو درد ڏانهن اشارو نه آهي پر سنڌ ۾ رهندڙ سنڌ جي باشعور ۽ باضمير
سنڌ ڌڻين جي روحن جو عظيم سهارو به
آهي. سندس شاعريءَ جي درياهن کي ته درياهه ماپيندا، سندس شخصيت جي صحرا جي پکيڙ رڳو آسمان ماپي سگهي ٿو پر
سندس تخليق جي حسن جي سدا بهار
چانڊوڪي وقت جي آسمانن جي هِن پار توڙي هُن پار باشعور ۽ زندهه دل دليون هر زماني
۾ محسوس ڪنديون رهنديون.
No comments:
Post a Comment