خادم بالادي
ڀٽائي جي انقلابي عمرانيات
انساني تاريخ م عمل هڪ اهڙي وٿ رهيو آهي ،جنهن ذريعي ڌرتي جي گولي تي وسندڙ انسان، فطري جبريت، کان وٺي ،سماجي جبريت تائين پنهنجي اختيار کي استعمال ڪري خود مختيار حثيت م زندگي گذارڻ جي تمنا پئي ڪئي آهي.
حقيقت ۾ انساني تاريخ ،جتي طبقاتي ڪشمڪش جي تاريخ آهي ساڳي وقت اها عمل ذريعي تحرڪ ۽ تغير جي تاريخ پڻ رهي آهي ، انساني تاريخ جي ارتقا، ان جو اوج،ان جي انتها،هڪ تسلسل ۾ ٿيندڙ واقعن جي ڪڙي آهي ،انهن واقعن جو ٿيڻ .ڪو امڪاني لقاء نه پر انساني عمل جي مادي تعبير آهي ،حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته انسان ڪره ارض تي پنهنجي جياپي کي آسان ۽ فطري حالتن مطابق سازگار بنائڻ لاءمسلسل فڪري ۽ نظرياتي ۽ عملي ويڙه وڙهندو پيو اچي .جنهن جو ڦل انسان کي ملندو پيو اچي ، موجوده دور جا اسريل معاشره انسان جي اهڙي فڪري ، نظرياتي، ۽ عملي جستجو جو ڦلدائڪ نتيجو آهن .انسان جو عمل ۽ ادراڪ جي بنيا د تي اڳتي وڌڻ معاشري جي بهتري ، سٺائي لاء پاڻ پتوڙڻ نا انصافي، استحصال، ڦرلٽ ،پرماريت خلاف مسلسل عمل ۾ رهڻ جو بنياد اهي علمي ۽ فڪري جنگيون آهن ،جيڪي انسان پنهنجي ابتدائي معاشرتي حالتن ۾وڙهيون ،
انسان جي جنگ فطرت خلاف........ زرعي انقلاب تائين انسان جي سامهون صرف هڪ ئي جنگ هئي فطرت خلاف جنگ ،ان وقت جو انسان پنهنجي ذات جي تحفظ لاء فطرت جي ڪهري قوتن آڏو نبرد آزما ٿيندو رهيو فطرت خلاف مسلسل ويڙه ۾ انسان کي جيڪو شعور فطرت مليو انهي انسان کي فطرت تي فتح ڏياري . شعور فطرت انسان جي فطرت خلاف ويڙه ۾عظيم فتح هئي
.انسان جي انسان خلاف جنگ......... فطري قائدن جي شعوري سمجهه حاصل ڪرڻ کان پوء انسان ذهني طور ، مثبت ۽ منفي پهلوئن ۾ قدري فرق ڪرڻ جهڙو ٿي ويو ،اتان انسان استحصالي قوتن طبقن خلاف هڪ نئين جنگ جو اعلان ڪيو .انسان جي انسان خلاف اها جنگ حقيقت ۾ انهن قوتن خلاف هئي جيڪي قوتون انسان جو استحال ڪرڻ جون عادي هيون .
انسان جي پنهنجي خلاف جنگ
هي جنگ اصل ۾ انسان جي پنهنجي ذات جي شعور حاصل ڪرڻ جي جنگ هئي جنهن جو بنياد پنهنجي ذات جي هجڻ جي سمجهه حاصل ڪري پنهنجي مقام تعين ڪرڻ هو ، حقيقت ۾ هي جنگ معاشرتي، سماجي ، سياسي طور انسان جو هڪ مثبت مقام تعمير ڪرڻ جي جنگ هئي ،
ان سموري عملي سرگرمي ۾ انسان بحثِت هڪ متحرڪ محرڪ طور سرگرم رهيو آهي ، ان بنيادي محرڪ جي پويان سمجهه جو هڪ اهڙو شعور ڪارفرما هيو ، جنهن جو مقصد هڪ مربوط انساني شعور جي اوسر ڪرڻ هو ،انسان جو علم ڏانهن نامياتي تعلق، ۽ فطري جبريت خلاف جهيڙڻ واري فطرت جي پس منظر ۾ هڪ تنقيدي شعور ڪارفرما رهندو پيو آيو آهي
مثلن ، جهنگلن ۾ رهندڙ انسانن جڏهن تيز تکي اس جي تاو کي محسوس ڪندا هيا ته ان اوا.ئلي صورت ۾ چرپر ڪندڙ انسان لاشعوري طور انهن وڻڻ جي هيٺيان وڃي ويهندا هيا ، جن جي چانو گھاٽِي هوندي هئي
ائين جڏهن آوائلي انسان تکي اس ۾ گھاٽي ڇاون جو احساس محسوس ڪيو ته ا وقت جي آوائلي انسان وٽ اُس ۽ ڇانو جي تضاد جو تنقيدي شعور پيدا ٿيو ،جيڪو آوائلي صورت ۾ ڪچو/ فطري هو . پر تضادن جي اها فطرت جيئن جيئن شين سان علمي ۽ نامياتي ٿين لڳي تيئن تيئن اها انسان جي منظم سماجي، سائسي شعور ۾ تبديل ٿيندي وئي . شِين حالتن، معامرن کي متغير رخ ۾ ڏسڻ واري شعور جي اها شڪل انقلابي عمرانيات جو خاڪو جوڙي ٿي .انقلابي عمرانيات ۾ معاشرو خود رو نه پر اهو پنهنجي اندروني تضادن جي بنياد تي اوسر ڪندڙ هوندو آهي ..
(1)انقلابي عمرانيات معاشري اندر معاشري جي سموري سرگرمي کي سائنسي نقطي نگاه سان ڏسي ٿي.
(2)انقلابي عمرانيات شين جي علمي شعور تي اڌاريل هوندي آهي
(3) انقلابي عمرانيات معاشري اندر جبر و استحصال کي ختم ڪرڻ لاء معروضي قانون بڌائيندي آهي.
(4)انقلابي عمرانيات قنوطيت زده معاشري کي لاطبقاتي معاشري جي بشارت ڏيندي اهي
(5)انقلابي عمرانيات عوام جي توقير جي اهميت تي زور ڏئي ٿي.
(6)انقلابي عمرانيات ٻڌائي ٿي ته نه ڪوئي تجريدي ،معاشرو آهي، نه ڪوئي تجريدي انسان .معاشرو فطرت جي وسيع تر ڪل جو هڪ ننڍڙو حصو آهي.، فطرت جي تاريخ ۽ معاشري جي تاريخ هڪ ٻئي تي انحصار ڪنديون آهن.
(7) انقلابي عمرانيات مطابق معاشرو هڪ پيچيده ناميو (جسم) آهي جنهن جي اندروني ترڪيب معاشي، معاشرتي، ۽ نظرياتي رشتن جي عظيم تنوع جي مجموعي حيثيت جي نمائندگي ڪري ٿي
انقلابي عمرانيات جي تصور /شعور کي مضبوط منظم، مربوط ڪرڻ ۾ جتي شين جي سائنسي شعور ، فلسفي جي تاريخي ماديتي رجهان ، سياسي سماجي علمن جو اهم ڪردار رهيو اهي ، اتي ادب /آرٽ شاعري پڻ انقلابي عمرانيات جي تصور کي استوار ڪرڻ ۾ پڻ اهم ڪرادار ادا ڪيو آهي. ظلم، جبر، بربريت، ناهمواريت، استحصال، سميت انسان جي سماجي حالتن جي عڪاسي ڪندڙ افسانوي ادب، _انسان جي غير ادراڪيت واري ڀڃ ڊاه جي عڪاسي ڪري ان کي پنهنجي ذات جي شعور کان آگاه ڪرڻ واري شاعري، ان نوع ۾ سفر ڪندڙ سموري ادب ، آرٽ . شاعري جو فڪر انقلابي عمرانيات جا قدر رکندڙ هوندو آهي . فن جي بنياد تي انساني توقير، حريت، جي نقطي کي مورڪوز ڪندڙ عالمِ انسانيت جي سرموڙ شاعر شاه عبدالطيف ڀٽائي جي شاعري جو سمورو فڪر انقلابي محرڪات جو فڪر آهي، ۽ محرڪات اُهي جيڪي عمل جي سائنس کي جنم ڌئي انقلابي عمرانيات جو حصو بنجي وڃن ٿا، پر بدقسمي سان ڀٽائي جي عظِيم فڪر کي رياست يان ان جي ادارن طرفان مراعت يافت دانشورن، رياست جي ڊڪٽيٽ ڪرڪيولم تحت ڀٽائي جي فڪر جي عملي . علمي . سائنسي رخ کي دريافت ڪرڻ بدران ان جي تشريح قياسي رّ خ ۾ پئي ڪئي آهي ، جنهن ڪري ڀٽائي جي شاعري جو سماجي، سياسي، ثقافتي فڪر ،استحصال ۽ سماجي نا آسودگي خلاف مزاحمتي صورت بيان ڪرڻ بجاء ڪيف و قرار واري صورت ۾ بيان ڪيو ۽ سمجهايو ويو آهي .ڀٽائي جي ڪردارن جي مزاحمتي شعور کي لڪائي محظ ان کي وطن ۽ ان جي ماحول سان محبت ڪندڙ ماٺيڻي فطرت رکندڙ بڻائي پيش ڪيو ويو آهي .
جڏهن ته ڀٽائي جي شاعري جي اندروني نظام جي تنوع کي جاچجي پروڙجي ، ۽ سمجهجي ، ٿو ته ان ۾ انساني فڪر جا سماجي ، شعوري، منطقي، نمونا هڪ انقلابي عمرانيات جي صورت ۾ ملن ٿا .
مون سي ڏٺا ماء ُ جن ڏٺو پرين کي
ڪري نه سگهان ڪا، ان سندي ڳالهڙي.
1. ڀٽائي ، شاعراڻي احساس کي نامياتي بنياد تي شعوري اٿل پٿل جو محرڪ جذبو بڻائي ٿو جنهن جي عقب ۾ ” مون سي ڏٺا ماءُ “ احساس جي اها صورت آهي جنهن عقب ۾ محرڪ شي جو شعور ڪارفرما آهي، مطلڀ ته ڀٽائي عشق. محبت. جي جذبي کي ذهني روحاني ماعوفيت ۽ ٽرنڪولائيز ڪرڻ بجاء ڪردار جي ذهن ۾ تصور جي اها شڪل پيدا ڪري ٿو ، جيڪا حالتن ۾ ماٺيِڻي ٿيڻ بجاء اٿل پٿل جو سبب بڻجندي رهي ، انقلابي عمرانيات ۾ شين جا محرڪ شعوري تبديلي لاء استعمال ٿين ٿا ، مون سي ڏٺا ماء اهو محرڪ آهي جنهن پويان اسٽِٽسڪو کي ٽوڙي جي لاء هڪ اٿل پثل آهي (” ڪري نه سگهان ڪا ان سنڌي ڳالهڙي“ سائن مارڪ آهي هڪ اڇل تبديلي جو revolutionary change جو جيڪا مقصد /پرين کي پسڻ خاطر نڍين ڪيفيتن جي صورت ۾ پيدا ٿئي آهي (مقداري تبديلي کان معياري تبديلي) ساهڙ ڌاران سهڻي نسورو ئي ناپاڪ فريڊم آف سليڪشن جي جي ڳاله آهي ، سيلف ڊيٽرمنيشن جو سمبالگ رخ آهي فرد وٽ جيستائين چونڊ جي آزادي ناهي تيستائين معاشري کي مظبوط تهذيِبي حصار مهيا نٿا ٿي سگهن ، چونڊ جي آزادي انسان جو بنيادي انساني حق آهي ڀٽائي بنا ڪنهن صنفي امتياز جي ان بنيادي ان حق جي ڳاله ٿو ڪري انساني سماج جو تهذِبي يان مهذب رخ ۾ سفر ڪرڻ جو بنياد ئي چونڊ جي آزادي تي انحصاريل آهي.
ويٺين ناه وراڪو ، ستين ڪونهي سنگ،
هوت هلندن کٽِيو، جن انگن چاڙهيو انگ
علم جيستائين عمل جي جهت اختيار نٿو ڪري تيستائين ان جي ڪابه افاديت طاهر نٿي ٿئي ،
هوت ،،،، علم جو نقطو آهي متغير حالتن م عمل لاء محرڪ جذبو ( هوٽ) هوندي به جن عمل جي جهت اختيار نه ڪئي اهي سماجي ڌارا مان ڪٽجي ويندا . انساني تاريخ لاء سماج لاء بي لاڀائتا ٿابت ٿيندا .
”هوت هلندن کٽيِو جن انگن چاڙهيو انگ“ ..انهن علم يان انهن ئي آگاهي پاتي انهن ئي ادراڪ حاصل ڪيو (انگن چاڙهيو انگ ) جيڪي پيچيدگين سان الجهيا. جن پيچيدگين کي سڦل ڪيو . انهن ئي حالتن جي سمجه پاتي تبديلي ۽ سرگرمي جو شعور پاتو.
نڪو سک نکٽين ، نه ويساند نئين،
جيڪا اچئي سامهين ،ڀائين سا سئين
موڙي ڪوه مئين ، جئن سڄيون راتيون سمهين
مٿيون بيت تغير جي اٽل قانون جي نشاندهي آهي، ارتقا جو ماڊل آهي ، جدليات جو اصول آهي ، ڪائنات متغير . متحرڪ، ۽ مسلسل وهندڙ وهڪري جي صورت ۾ رهي آهي سج ، چنڊ ، تارا، سمنڊ ، نهرون .متغير حالتن ۾ هلن وهن اڀرن ۽ لهن پيا، مٿيون بيت تغير جي اٽل قانون جي نشاندهي ڪندڙ اهي .، شِين کي غير سڪونيت واري حالت ۾ ڏسڻ واري ارتقائي ميٿڊ جو نمونو آهي ڇو ته شِين کي
سڪونيت واري حالت ۾ ڏسڻ غير سا.ئنسي غير جدلياتي ۽ غير ارتقائي رويو آهي جنهن ۾ شِين کي بيٺل: ۽ جامد ڏسبو آهي . شِين کي اٿل پٿل واري قانون ۾ ڏسڻ اهو انقلابي عمرانيات جو ميٿڊ آهي .
جنهن تحت پورهيت جو رت چوسيندڙ سرما.يدارنه نظام ، ڦرلت استحال ، * بربريت جو نظام مستقل نه آهن . انهن کي به پنهنجي اندروني تضادن ذريعي ناس ٿيڻو آهي ،.ڇو ته تبديلي هڪ مسلسل عمل آهي، بقا صرف عوام کي آهي ۽ ان جي انقلابي جدوجهد کي آهي.
جن مهانگو ميڙيو، سي ٿا هٿ هڻن ،
پنجن مان پندرهن ، ائين ٿا ورق ورن
ڏڪاريل ڏيهه مان ، شل وذي سڀ مرن
انسان دشمن نظام ۾ انسان جي ڀلائي واري سوال بدران سرمائي کي وڌائڻ واري سوال کي اڳيان رکيو ويندو آهي ، ”پنجن مان پندرنهن “ سرما.يدارنه نظام جو وحشي روپ آهي . جنهن ۾ انسان ۽ انساني معاشرن جي بنيادي ضرورتن کان قطع نظر ٿي سرمائي کي ٻِيڻو ٽِيڻو چوڻُو ڪيو ويندو آهي.، ان مان ظاهر آهي ته ان وقت به ڀٽائي اهڙي انسان دشمن معاشِي نظام جي مخالفت ڪندڙ ريڊيڪل شاعر هو، ان تناظر ۾ ڀٽائي هڪ ريڊيڪل ، سماجي ،انقلابي شاعر آهي جيڪو انقلابي عمرانيات هي هر پهلو کي پنهنجي شاعري ۾ اجاگر ڪري ٿو .
وکر سو وهاء جو پئي پراڻو نه ٿئي
انقلابي عمرنيات ماڻهو جي توقير جي ڳاله ڪري ٿي ماڻهو جي حريت کي جاڳائي ٿي وکر سو وها ء جو پئي پراڻو نه ٿئي ، هر حال ۾ پاڻ کي انساني قدر سان سرشار رکو پئي پراڻو نه ٿئي، پاڻ کي ڊي مورلائيز ٿيڻ کان بچايو.
وڳر ڪيو وتن ، پرت نه چنن پاڻ سين
سماجي معاهدي جي ڳاله آهي. اشتراڪيت جي ڳاله آهي . سماجي نظم و ضبط جي ڳاله آهي .. ڇو ته تاريخ ۾ اهي ئي معاشرا اڳتي وڏندا آهن جيڪي ، انساني قدر جي استحڪام سان سماجي معاهدي هيٺ پنهنجو سفر ڪندا آهن
ڀٽائي جي شاعري انسان جي داخلي فنامنا جو مظهر به آهي ته انساني تاريخي سماجي حالتن جو معروضِي مظهر . به ڀٽائي جي شاعري فرد جي احساس جو انفرادي پيڪر به آهي ته انساني سماجي قدرن جو مجموعي مينيفيسٽتو به آهي. ڀٽائي وٽ انفراديت به آهي ته اجتماعيت به آهي ، ڀٽائي جي سموري شاعري هڪ اهڙو ايسينس آهي جنهن مان مستحڪم اعلي سماجن جا انساني قدر جنم وٺندا آهن ، پر ضرورت ان ڳاله جي آهي ته ڀٽائي جي شاعري کي قياس جو پس منظر ڏيڻ بجاء ان کي ذات پات رنگ نسل مذهبي امتياز کان پاسيرو ٿي ” منهن محبوب پرين جو ، جامع سڀ جهان“ واري روش اختيار ڪري ان کي فردن معاشرن جي داخلي ۽ خارجي قانون جي وحدت سان هڪ تصور / شعور جي علمي ايپروچ سان ڏٺو وڃي تڏهن ئي شاعري بحثِيت انساني علم جي صورت اختيار ڪري سگهندي.
No comments:
Post a Comment