شاهه جو رسالو

Tuesday, 15 October 2019

شاهه عبداللطيف ڀٽائي هڪ عالمي شاعر ۽ مفڪر .... مقبول احمد ڀٽي (Maqbool Ahmed Bhatti)


مقبول احمد ڀٽي

شاهه عبداللطيف ڀٽائي هڪ عالمي شاعر ۽ مفڪر


شاعر فطرت:

گل جي خوشبوءِ، چنڊ جي چانڊوڪي، ساز جو دلنواز آواز، انڊلٺ جي روح پرور رنگيني، عطر جي دلپذير هٻڪار جيئن ازخود پنهنجو پاڻ مهڪائي، حسن ازل جو جوهر جرڪائيندي آهي ۽ ان جي خوبيءَ لاءِ ڪنهن به دليل يا بيان جي ضرورت نه ٿيندي آهي، تيئن هڪ حقيقي شاعر جي اثر پذيري ۽ هر دلعزيزيءَ جي ثبوت لاءِ پڻ ڪنهن وڪالت جي ضرورت نه آهي. شاعر فطرت کي صانع قدرت طرفان سچ ۽ حق جي پرک جو هڪ اهڙو ملڪوتي ملڪو، تخليقي صلاحيت ۽ اصلاحي قوت وديعت ٿيل هوندي آهي، جو هو ماحول کان متاثر ٿيڻ بجاءِ، زماني تي اثر انداز ٿي، انسانيت جي فلاح ۽ عام طور ۽ پنهنجي سماج جي سڌاري لاءِ پنهنجو مخصوص ماحول پاڻ پيدا ڪندا آهن. سندن زندگيءَ جو هر لمحو ۽ زبان مان نڪتل هر لفظ انهيءَ منزل ڏانهن هڪ سنگ ميل ثابت ٿيندو آهي. دنيا جي تاريخ تي سرسري نظر وجهڻ سان ئي معلوم ٿيندو ته هر دور جي خوشگوار تبديلي ۽ انقلابي اصلاح ڪنهن اهڙي ئي شاعر فطرت جي وجود مسعود جي مرهون منت هوندي آهي.

شاهه جي عالمي حيثيت

سيد الشعراءَ شاهه عبداللطيف ڀٽائي اهڙن ئي عالمي شاعرن جي سٿ مان هڪ هو، جي زمان ۽ مڪان جي قيد کان آزاد، ملڪي حد بندين ۽ قوميتن جي سرحدن کان گهڻو پري، بني نوع انسان جي بهبوديءَ جا علمبردار مڃيا ويا آهن. سندن ابدي ۽ ازلي پيغام، هر دور لاءِ پيغام حيات هوندو آهي.
شاهه جي شاعريءَ کي پوريءَ ريت پڙهي پروڙڻ کان سواءِ جيئن کيس سمجهڻ جو حق آهي، سندس سهڻي سٽاءَ جو ڪاٿو ڪرڻ محال آهي. شاهه صاحب جنهن خلوص ۽ سچائي، سادگي ۽ سلاست سان انساني فطرت جا نرالا رنگ روپ نروار ڪري ڏيکاريا آهن جذبن ۽ احساسن، امنگن ۽ ارادن، حسرتن ۽ تمنائن، اميدن ۽ آسرن، خطرن ۽ خدشن، شڪن ۽ گمانن، ڏکن ۽ سکن جي اثرائتي انداز سان عڪاسي ڪئي آهي، ان ۾ هڪ فنڪار جو فن، هڪ عالم جو علم، هڪ مدبر ۽ هڪ مفڪر جو فڪر مليل جُليل معلوم ٿئي ٿو.

غير رواجي شاعرانه فطرت:
شاهه صاحب جي شاعري، شاعرانه تعلي، تصنع، تڪلف، خود ثنائي ۽ هر قسم جي نقاليءَ کان پاڪ، اهڙي اصلي احساس جي ترجماني ڪندڙ آهي، جا لفظن جي لطيف ڀڃ گهڙَ جون باريڪ منزلون طئي ڪري، مخاطب جي جذبات سان بلڪل ٺهڪي ڦهڪي اچي ٿي. سندس اندروني ذهانت ۽ سنجيدگي، گهرائي ۽ ماٺائي، ڪٿي عميق بحر، ته ڪٿي پهاڙي نديءَ جي روان دوان ۽ تيز تر ڇر جيان ڇلڪندي نظر چڙهي ٿي.
امراء القيس جي رزم آرائي، انوريءَ جي بزم سنجي، متنبيءَ جي معنيٰ خيزي، عرفيءَ جي سخن گيري، فردوسيءَ جي فصاحت، سنائيءَ جي پندو نصيحت، روميءَ جي رواني، سعدي جي سادگي ۽ سلاست، غالب جي بلاغت، اقبال جي بلند پروازي ۽ ٽيگور جي مدبرانه سنجيدگي، شاهه جي شعر جي هر سٽ مان جهاتيون پائي جهلڪندي ڏسڻ ۾ اچي ٿي.

شاهه جي دوربين نظر، متلاطم دل ۽ بيدار دماغ فطرت جي هر راز کان بخوبيءَ باخبر معلوم ٿئي ٿي. جهان گشتي ۽ عالم پيمائي، سندس شاعرانه شعور کي ويتر وڌيڪ مهميز ڏئي، جوت جلا بخشي، جنهن اڳتي هلي منجهس انسانيت جي مظلوميت جو عالمگير احساس جاڳايو، نيڪيءَ ۽ ڀلائيءَ جي جهان گير اصولن کي سرزمين سنڌ جي سريلي ۽ ٻاجهاري ٻوليءَ ۾ ورجائي، انسان کي هڪ اعليٰ ۽ اڪمل زندگيءَ ذريعي پاڻ ۾ اشرف المخلوقات“ وارو شان پيدا ڪرڻ جي تلقين ڪئي. عملي طور خود کي حيوانيت کان بلند ۽ بالا رکي، زندگي محض خورد ونوش تائين محدود نه سمجهي، سورن جي سونهائي ۾ خود کي صحيح انسان ثابت ڪرڻ لاءِ شاهه صاحب ان کي پهرين پاڻ سڃاڻن ۽ محسن حقيقيءَ جي احسان مڃڻ جي جنهن نموني ۾ نصيحت ڪئي آهي، اها کيس خاڪ مان پاڪ ڪرڻ، عقل ۽ ادارڪ، ذوق ۽ وجدان جي نعمتن سان نوازڻ لاءِ ڪافي آهي.
عبديت جي عاجازانه تصوير جا لطيف پنهنجي پرڪيف ڪلام ۾ پيش ڪئي آهي، ادبيات عالم جو هڪ لاجواب ۽ بي مثال شاهڪار آهي. انهيءَ سلسلي ۾ سندس نقطه نگاهه مطابق انسان سراپا خطا ۽ خالق سراپا عطا آهي:

تون سپڙ آئون سيڪڙو، تون ڏاتار آئون ڏوهه،
تون پارس آئون لوهه، جي سڃين ته سونُ ٿيان،

ڏاتار ته تون، ٻيا مڙئي مڱڻا،
مينهن مدائتا وسڻا، سدا وسين تون،
جي گهر اچين مون ته ميريائي مان لهان.
آفاقي ڪلام ۽ ان جي ابديت

شاهه جو ڪلام ٻه سؤ سال قديم هئڻ جي باوجود، سندس پيغام هر دور ۽ هر زماني لاءِ سدائين نئون ۽ هميشه هڪ جهڙو آهي. سندس قلب و نظر جي فڪر ۽ فيصلن ۾ هڪ عالمي مفڪر ۽ حڪيم فطرت جي دانشور جا نشان ملن ٿا. پنهنجي افڪار جي اظهار لاءِ هن شاعر فطرت ڪا به لفظي لٻاڙ، حرفن جي هيراڦيري يا هٿرادو انشا پردازي نه ڪئي، بلڪه هڪ اهڙو عالمانه انداز بيان اختيار ڪيو، جو روحاني ساز جي آواز جيان سراپا سوز ۽ گداز آهي، جنهن جو جوش ۽ جذبو، حدت ۽ حرارت پيغمبرانه شعور جي شاهدي ڏين ٿا.
مشرقي توري مغربي مشاهير شعراءِ جي مقام کان جا ڳالهه لطيف کي مٿاهون ۽ اڃان اڳڀرو ڪري ٿي، اها آهي سندس شعوري ۽ نظري انفراديت، انداز بيان جي جدت ۽ ندرت جنهن ۾ اصليت ۽ معنويت کي اوليت ۽ شاعرانه فن جي خوبين کي ثانوي حيثيت حاصل آهي. انهيءَ سببان شاهه جو رسالو فقط سطحي طور پڙهي وڃڻ ڪافي نه سمجهيو ويندو آهي، ضرورت آهي هن آفاقي ۽ الهامي ڪلام کي افادي ۽ مقصدي نقطي نگاهه کان ڏسڻ جي، پڙهڻ جي ۽ پرکڻ جي ته جيئن سندس مڪتبه فڪر جو صحيح مقام متعين ڪري سگهجي.

انداز بيان جي ندرت

شاهاڻو شاهه انهن عظيم المرتبت شعراءَ ڪرام مان آهي، جن ڪنهن به اڳئين رهبر جي روشنيءَ جي اوٽ وٺڻ يا ان جي مشعل مان پنهنجي شمع جلائڻ بجاءِ پنهنجي فهم و فراست جي جلايل چراغ مان جلا حاصل ڪئي ۽ ان جي روشنيءَ ۾ اڳتي وڌي، پانڌيئڙن کي منزل مقصود تي پهچايو. پنهنجي دور جي ڪنهن به ٻئي قادر الڪلام هندي، ايراني يا عربي شاعر جي نقالي ڪرڻ بجاءِ شاهه پنهنجي نئين واٽ ورتي. سندس جذبا ۽ احساس ۽ انهن ذريعي معلوم ڪيل منطقي نتيجا فقط سندس پنهنجي ذهن ۽ ذڪاوت جي پيداوار هئا. سندس شاعري حڪمت الاهيه جي ائين ئي طابع هئي، جيئن انبياءَ عليه السلام ۽ اولياءَ ڪرام الهام الاهيءَ جا پابند ٿيندا آهن. سندس شعر جي شريني ۽ ميٺاج، ڪيف ۽ سرور، سوز ۽ تاثر، بي ساختگي ۽ رواني دراصل انهيءَ لدني علم ۽ الاهي حڪمت جي مرهون منت آهي، جنهن کيس قبول عام جو مٿاهون مقام مرمحمت ڪيو.

غير جاندبرانه تحقيق جي ضرورت

شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو وجود مسعود سرزمين سنڌ لاءِ بلاشڪ هڪ نعمت عظميٰ آهي، جنهن جي شڪر ادائي لاءِ سمورا سنڌي روز ازل کان ابد تائين بارگاهه ايزديءَ ۾ سر بسجود رهون، ته به جيڪر انهيءَ احسان جو حق ادا ڪري نه سگهون.
لطيف سنڌ ۽ سنڌي زبان کي سدا حيات ڪري ڇڏيو، لطيف جي انهيءَ احسان جي عيوض اسان سنڌين سندس لاءِ ڇا ڪيو. سوچڻ جو مقام آهي.
بهر ڪيف، لطيف فقط هڪ شاعر ۽ مفڪر جي حيثيت سان نه، پر ساڳئي وقت سيد ۽ صوفي، مغني ۽ اولياءَ الله جي حيثيت سان هر سنڌيءَ جي رڳ رڳ ۾ سمايل ۽ دل دماغ تي ڇانيل آهي. جنهن سنڌيءَ جي ذهن ۽ مزاج ۾ لطيف جي لطافت ۽ عقيدت، ماءُ جي کير سان گڏ داخل ٿي هجي، تنهن مان اها توقع ڪري نٿي سگهجي ته هو بنهه غير جانبداريءَ سان بين الاقوامي معيار جي ڪسوٽيءَ تي پرکي، عالمي شعراءِ جي مقابلي ۾ سندس صحيح مقام قائم ڪندو.
موجوده سائنسي دور ۾ ضرورت انهيءَ امر جي آهي ته لطيف سائين جي پيغام عام ڪرڻ ۽ سندس لطافت جي چانڊاڻ سان دنيا جهان جي ڪنڊ ڪڙڇ چمڪائڻ لاءِ اسان جديد تنقيد جي ڪسوٽيءَ تي سندس فن جو جائزو وٺون. هڪ محقق وارو انداز اختيار ڪري، غير جانبداريءَ سان پنهنجو هيرو پهرين پاڻ پرکي، پوءِ عالم اڳيان آڇيون.

موجوده تحقيقي دور جي جدت

علمي تحقيق جي ذوق رکندڙ، موجوده دور جي پڙهيل ڳڙهيل انسان تي فڪر ۽ نظر جون روزان روز نيون راهون روشن ٿينديون رهن ٿيون. نين ايجادن ۽ دريافتن، نون انڪشافن ۽ تحقيقاتن جي روشنيءَ ۾ دنيا جي گولي تي آباد بني نوع انسان اڄ هڪ ڪٽنب ۾ ۽ سڄي دنيا هڪ محدود دائري اندر سميٽجي چڪي آهي. اڄوڪو انسان گهر ويٺي دنيا جي ڪنهن به ڏورانهين ولايت جا آواز اهڙيءَ ريت ٻڌي سگهي ٿو ڄڻ اهي گهر جي ڀت پويان اچي رهيا آهن. جيٽ جهاز جي دور ۾ مهينن جي مسافري ڏينهن ۾ ۽ هفتن جو سفر ڪلاڪن ۽ منٽن ۾ طئه ٿيو وڃي.
اهڙيءَ صورت حال ۾ دنيا جي ڪنهن به هڪ ڇيڙي تي ٿيل تبديلي فوري طور دنيا جي آباديءَ تي اثر انداز ٿئي ٿي. اهڙي دور ۾ ڪنهن به هڪ قوم يا ملڪ جي تاريخ ۽ تهذيب، فهم ۽ فراست، اڪيلي سر انساني قلب و نظر ۾ اها وسعت ۽ هم گيري نٿو پيدا ڪري سگهي جنهن کي ابدي ۽ آفاقي حيثيت حاصل هجي ۽ اهو نه فقط اهلندڙ دور ، بلڪه آئيندي جي انسانن کي پڻ بهتر زندگي بسر ڪرڻ جو سبق سيکاري سگهي. اڄوڪي دور ۾ فقط اها تحريڪ ۽ فڪر زندهه ۽ سلامت رهي سگهي ٿو، جنهن کي بين الاقوامي ۽ عالمگير حيثيت حاصل هوندي.
ويهين صديءَ ۾ ڪنهن به ادب پاري تي تنقيد ڪرڻ ۽ پرکڻ جي بدليل معيارن مطابق،ا سان کي پاڻ ۾ اهڙي صلاحيت پيدا ڪرڻي آهي، جو خود پنهنجو فڪري سرمايو عصر جديد جي ترقي يافته تحريڪن ۽ نظرين جي روشنيءَ ۾ جاچي پرکي سگهون. انهيءَ لاءِ پنهنجو زاويه نگاهه نهايت وسيع رکڻ جي ضرورت آهي.
ڪنهن به اهڙي شاعر مان، جنهن لاءِ عالمي شاعر هئڻ جي دعويٰ ڪئي وڃي، اها توقع رکي وڃي ٿي ته هو پنهنجي دور جي ملڪي، قومي، معاشي، سياسي ۽ سماجي صورتحال جو نقشو چٽي، چٽيءَ طرح واضح ڪري ٻڌائي ته اهي ڪهڙا تاثرات ۽ محرڪات آهن، جي بني نوع انسان جي بهتريءَ ۽ ترقيءَ لاءِ ڪارآمد ٿي سگهن ٿا.

لطيف جي ڪلام ۾ بين الاقواميت

اڄوڪي دور جي معرفت مفڪر علامه آءِ آءِ قاضيءَ جي قول مطابق ”قوم پرستيءَ جي غلط معيار قائم ٿي وڃڻ ڪري، هر قوم ۽ ملڪ پنهنجي فن ۽ فڪر کي مڙني کان مٿاهون ڪري مڃائڻ لاءِ ڪوشان آهي، حالانڪه صحيح ذوق حسن جي تقاضا اها آهي ته حسن ۽ خوبيءَ کي بهرحال ساراهيو وڃي، پوءِ چاهي اها ڪٿي به هجي، ڪنهن وٽ به هجي.“ خود پرستيءَ ۾ خود خياليءَ جي مرض ۾ مبتلا ٿي، ڪيتريون قومون محض قومي تعصب ڪري، پنهنجي فنڪارن ۽ مفڪرن جي منهن مٿي ڪرڻ لاءِ، ٻين جي حقيقي حسن کان منهن موڙي، حق تلفي ۽ بي انصافيءَ جو شڪار ٿينديون رهن ٿيون. ڪنهن به قوم جي هنر ۽ حڪمت جي پرک لاءِ ان کي دنيا جي ترقي يافته قومن جي تجويز ڪيل غير جانبدرانه معيار تي جاچڻ جي ضرورت آهي.
علامه قاضي صاحب جن انهيءَ سلسلي ۾، خاص طور شعر جي پرک لاءِ، جن ٽن مکيه معيارن جو ذڪر ڪيو آهي، انهن مطابق معياري شعر اهو آهي: 1 جوڳائي سگهجي 2 جنهن ۾ تحريف يا تبديليءَ جي ڪا به گنجائش نه هجي، 3 جنهن ۾ ڪنهن به خيال جي اظهار لاءِ زياده کان زياده وسعت اختيار ڪيل هجي.
پهرئين معيار جي پرک لاءِ علامه صاحب برطانيه جي برک دانشور ڪارلائل جو تاريخي قول دهرايو آهي ته صهيح معنيٰ ۾ شعر فقط اهو ڪلام سڏائي سگهي ٿو، جنهن ۾ غنائيت، موسيقيت ۽ ترنم هجي. شيڪسپيئر، ملٽن، گوئٽي توڙي ڊانٽي جهڙا عالمي شهرت يافته شاعر به انهيءَ ڪسوٽيءَ تي ڪريو پون، سندن ڪلام ڳائڻ کان زور آهي: انهن جي مقابلي ۾شاهه جو ڪو هڪ به بيت اهڙو ناهي، جو ترنم سان آلاپي نه سگهجي. بلڪه سڄي رسالي جي سٽاءَ ملڪي موسيقيءَ جي مختلف سرن جي سلسلي سان سٽيل آهي. انهيءَ ڪري رسالي جي هر بيت ۾ موسيقيت جو مهراڻ موجزن معلوم ٿئي ٿو.
ٻئي معيار مطابق شاعر جي ڪلام ۾ به ڪنهن به اهڙي تحريف يا تبديليءَ جي گنجائش نه هئڻ گهرجي، جا ڪنهن به بيت يا مصرع کي وڌيڪ موثر، مترنم يا فصيح بنائي سگهي. سڀني کي سُڌ آهي ته شاهه سائين جو ڪلام، فصاحت نظام انهيءَ ڪسوٽيءَ جي پرک تي پڻ سچو سون ثابت ٿئي ٿو. انهيءَ دعويٰ جي دليل لاءِ رسالي جو هر بيت پنهنجو مثال پاڻ آهي.
ٽيون معيار آهي اهڙي وسيع ۽ بليغ زبان، جنهن ۾ زياده کان زياده اظهار جي گنجائش هجي، شاهه جو رسالو انهيءَ نقطي نگاهه کان پڻ پنهنجي ملڪ ۾ مروج زبان جو هڪ اهڙو بحر ذخار معلوم ٿئي ٿو، جنهن ۾ هر طبقي ۽ پيشي، فن ۽ فڪر، جذبي ۽ احساس جي ترجماني نهايت حسن ۽ ڪاريگريءَ سان ڪيل معلوم ٿئي ٿي.
اهو هڪ جدا بحث آهي، جو هن مضمون جي آخر ۾ آيل آهي ته شاهه جهڙي پاس صفت شخصيت، صوبائي محاوري جي منزل تائين پهتل سنڌي ٻوليءَ کي پنهنجي اظهار خيال جو ذريعو بنائي، ان کي هڪ اهڙي وسيع، شاهوڪار ۽ مايه دار زبان بنائي ڇڏي، جا اڄ دنيا جي ڪنهن به ترقي يافته زبان سان بلاشڪ برميچي سگهي ٿي. اهڙيءَ طرح هڪ علاقائي زبان کي پنهنجي فڪر جي جلا سان جياري، سيد سڳوري نه فقط ذاتي عظمت جو ثبوت ڏنو، پر پنهنجي معجزنما مسيحائي سان سنڌي زبان کي پڻ هميشه جي حياتي بخشي ڇڏي.
اهي آهن ٽي بين الاقوامي معيار، جن تي غير جانبدرانه پرک کان پوءِ شاهه صاحب عالمي شاعريءَ جي افق تي شمس النهار جيان نمايان نظر اچي ٿو.
اڃا ته انهن معيارن ۾ شاهه صاحب جي علم و عرفان جي عالمگير نظرين، زندگيءَ ۽ موت جي عظيم فلسفي، عشق و محبت جي اسرارن، رندي رازن، تصوف جي گهرائي، تخيل جي پرواز، خيال جي وسعت، روح اسلام جي حقيقت، شاعرانه فهم و فراست، قرآني احڪامات جي ترجماني، زندگيءَ جي مختلف رخن جي عڪاسي، احساس جي پاڪيزگي، فطرتي نغمه سرائي ۽ منظرنگاري وغيره متعلق ڪو به اشارو ناهي، جي کيس صحيح معنيٰ ۾شاعر انسانيت ثابت ڪن ٿيون.

شاهه کي سمجهڻ جو معيار

شاهه صاحب جي صحيح معيار معلوم ڪرڻ ۽ سندس همه گير فڪر کي سمجهڻ لاءِ خود جنهن بلند پايه ذوق ۽ وجدان جي ضرورت آهي، اهو پيدا ڪرڻ کان پوءِ ئي سيد جي سلسله ڪلام کي سمجهي ۽ پيغام کي پوريءَ ريت پروڙي سگهجي ٿو.
جيئن قرآن ڪريم جي حڪمت ۽ عظمت جي صحيح اندازي لڳائڻ لاءِ رسول اڪرمﷺ جي شخصيت ۽ فراست جي ضرورت ٿيندي آهي، تيئن رسالي جي مفهوم پرجهڻ لاءِ پڻ شاهه جي شخصيت ۽ فنا ٿي، اهڙيون ئي قلبي ڪيفيات طاري ڪري، روحاني واردات کي حال جي اک سان پرکي، حقيقت حال معلوم ڪرڻ جي ضرورت آهي، جن مان گذري شاهه اهڙي ڪاملانه ڪلام چوڻ جي قدرت پيدا ڪئي.
ساڳئي وقت اهو پڻ سمجهڻو آهي ته قلب و جگر جون ڪيفيتون قلمبند ٿي نه سگهنديون آهن، جيئن لفظ ”باهه“ قلم سان ڪاغذ تي لکي ڇڏڻ ڪري، نه ان جي گرمي محسوس ڪرائي ۽ نه ئي روشنيءَ جو تصور پيدا ڪرائي سگهجي ٿو، تيئن شاهه صاحب کي پرکڻ لاءِ پڻ اهڙو ئي قلب ۽ نظر گهرجي، جو عشق جي آتش ۾ رچي ريٽو ٿيل هجي.
بهرحال شاهه صاحب جيڪي ڪجهه چئي ويو، ان مان ڪو به جاهل پنهنجي محدود ڄاڻ آهر ۽ عالم پنهنجي علم جي حد آهر استفادو ڪري سگهي ٿو، لطيف جي ڪلام جو اهو به هڪ انوکو اعجاز ۽ امتياز آهي.

موضوعات جي ندرت

لطيفي لات ۾ دين توڙي دنيا، ٻنهي جهانن جي خوشحالي ۽ بهتريءَ جو مواد موجود آهي. هر شاعر انسانيت يا انسانيت جي اعليٰ اصولن جي علمبردار جي فسلفي جو دارومدار انهن بنيادي سوالن تي ٿيندو آهي ته بني نوع انسان جي زندگيءَ جو مقصد ڇا آهي؟ ان مقصد جي حاصل ڪرڻ لاءِ انسان کي جماعتي توڙي انفرادي نموني ۾ ڪهڙيءَ ريت پنهنجي فرض جي بجا آوري ڪرڻي آهي. اخلاق جا ڪهڙا معيار ۽ قدر هئڻ گهرجن. انساني سماج جي بگاڙي جا بنيادي اسباب ڪهڙا آهن ۽ انهن جي اصلاح لاءِ ڪهڙا طريقا ختيار ڪرڻ گهرجن. ڏک ۽ سک جي اصليت ۽ ماهيت ڇا آهي ۽ سندن هڪ ٻئي سان ڪهڙو تعلق ۽ لاڳاپو آهي.
شاهه لطيف انساني فطرت جي اهڙن الجهيل ۽ پيچيدن مسئلن جا جواب جنهن سهڻائي ۽ سلاست سان ڏنا آهن، انهن جو مثال ٿورن فلسفي شاعرن جي ڪلام ۾ ملي ٿو.

لطيفي دور جنهن ۾شاه شعور پرايو

مٿي ڄاڻايل آهي ته هر شاعر فطرت، ماحول کان متاثر گهٽ ۽ ان کي متاثر گهڻو ڪندو آهي. شاهه جي پيغام کي واضح طور پيش ڪرڻ لاءِ نهايت ضروري آهي ته پهرين سندس دور جي علمي ۽ ادبي، ملڪي ۽ معاشي، سياسي ۽ ساجي، فني ۽ فڪري صورتحال جو جائزو وٺجي، ته جنهن دور اندر وطن پاڪ جو هي بطل جليل سرزمين سنڌ تي سرجيو ۽ پلجي جوان ٿيو، ان وقت آسپاس ڪهڙو ماحول هو.

تاريخي ۽ طبعي تبديليون:

شاهه لطيف جي زندگيءَ وارو زمانو (سنه 1689ع کان وٺي سنه 1752ع تائين) يعني سترهين صديءَ جي آخر کان ارڙهين صديءَ جي اڌ تائين وارو زمانو نه فقط سنڌ ۽ هند پر پوري عالم لاءِ هڪ پرشور، آزمائشي ۽ انقلابي دور ٿي گذريو آهي.
پراڻي سنڌ جو سج ذري گهٽ لهي چڪو هو، تاريخي توڙي جاغرافيائي لحاظ کان نئين سنڌ جو سج پنهنجي پوري آب تاب سان مشرق جي افق تان اڀري رهيو هو. سنڌو درياهه پنهنجو رخ نصرپور کان ٺٽي ڏانهن مَٽي رهيو هو. پراڻيون بستيون ويران ۽ نوان نجهرا آباد ٿي رهيا هئا. نصرپور، جوڻ ۽ فتح باغ پوين پساهن ۾ هئا. وقت جي ڪلهوڙن حاڪمن انهن طبعي تبديلن کان مجبور ٿي، شاهه صاحب جي وصال کان فقط 12 سال پوءِ حيدرآباد سنڌ کي پنهنجي پايه تخت هئڻ جو شرف بخشيو. 1764ع ۾ اتي پڪو قلعو اڏيو ويو. انهيءَ وقت مشرق جو موجوده ستارو ڪراچي“ ڪولاچيءَ جي ڪُن ڀرسان شهريت جي ابتدائي منزلن مان گذري رهيو هو. شاهه صاحب شايد ان کي ڏسي ڏوراپو ڏنو هو ته:

تون جا لڏين لوڏ، ايءَ پر گهاتوئڙن جي،
ڪن ڪولاچي ڪوڏ، سک نه ستا ڪڏهين.“


سياسي صورتحال

اهو ئي زمانو هو جڏهين سنڌ، سنه 1520ع ۾ سنڌ جي اصلي رهاڪن، سمن سڳورن جي هٿن مان نڪرڻ کان پوءِ ارغون، ترخانن ۽ مغلن جي ڌارين دست برد برداشت ڪندي، اٽڪل ٻن سون سالن کان پوءِ 1737ع ڌاري وري به ان جي اصلي وارثن، ڪلهوڙن فقيرن جي قبضي ۾ اچي رهي هئي. هوڏانهن هندستان ۾ جنهن وقت اورنگزيب عالمگير انتقال ڪيو، شاهه لطيف 18 سالن جو ڳڀرو جوان هو. ان کان پوءِ ڪلهوڙا حاڪم جيئن وڌڻ شروع ٿيا تيئن وڌندائي ويا. شاهه صاحب مادر وطن جي ڌارين دست برد کان آزاد ٿيڻ جا انگور پنهنجي نوجوانيءَ ۾ ئي چکيا.
شاهه صاحب جي حياتيءَ ۾ ملڪ نادر شاهه جي نادر شاهيءَ جو شڪار ٿيو. دهليءَ ۾ قتل عام ٿيڻ ڪري، رت جون نديون وهي هليون ۽ سنڌ کي پڻ ايران جو باجگذار بنجڻو پيو. انهيءَ وقت شاهه صاحب 50 ورهين جو ڪرڙوڍ ۽ سنجيدو بزرگ هو. انهيءَ کان اٺ ورهيه پوءِ احمد شاهه ابدالي شڪاري شڪري جيان اوچتوئي اوچتو لائو لشڪر سميت قنڌار جي جبلن تان لٿو ۽ دهليءَ ۾ دم ڏيندڙ حڪومت مٿان هلان ڪري آيو. سنڌ سڳوري انهن سانن جي ويڙهه ۾ وري به ٻوڙن خوب لاتڙي ۽ هن دفعي ايران بجاءِ افغانستان سان سلهاڙي وئي.
انهيءَ حادثي کان پورا پنج ورهيه پوءِ، پيغمبري ڄمار يعني 62 سالن جي عمر کي پهچي، شاهه صاحب واصل باالله ٿيو.
سندس دور جي آخر وارو سمورو عرصو، ملڪ اندر توڙي ٻاهر هڪ قسم جو اضطراب، شور ۽ شر هو. آباديون اجڙ ۽ بستيون ويران ٿي رهيون هيون. اهڙي نفا نفسي ۽ اضطراري عالم ۾ شاهه صاحب ظاهري لاڳاپا لاهي، شهر جي گوڙ گهمسان کان گهڻو پري، حيدرآباد کان 32 ميل اتر طرف، ڀٽ شاهه تي وڃي ديرو دمايو. ائين ٿو معلوم ٿئي، ڄڻ ان وقت کيس دنيا جي مسئلن جو مڪمل حل معلوم ٿي ويو ۽ سچ جي سچي منزل ملي چڪي.

تهذيبي ۽ علمي انقلابيت

ان دور اندر فقط ملڪ جي سياسي، تاريخي ۽ طبعي حالات ۾ انقلابي تبديلي اچي رهي هئي، پر مذهب ۽ معاشرت، تهذيب ۽ تمدن، تعليم ۽ تدريس پڻ پنهنجو پراڻو لبادو لاهي، سائنس ۽ ايجادات جا نت نوان پهراڻ پهري رهيا هئا. مطلب ته زندگيءَ جا سمورا پهلو، ڪَرَ موڙي، تاريخ جي نئين تحقيقاتي ۽ تجديد دور سان ٺهڪي ڦهڪي اچڻ لاءِ پاسا ورائي رهيا هئا. علم ۽ حڪمت جي پراڻن نظرين ۾ زمين آسمان جيترو فرق پيدا ٿي چڪو هو. علم هيئت جي نئين کوجنا ثابت ڪري چڪي هئي ته سج زمين جي اڀرندي کان اڀري، الهندي طرف نٿو لهي، بلڪه خود زمين سج جي چوگرد ڦرندي رهي ٿي. انهيءَ دور اندر ڪشش ثقل جو عالمگير انقلابي نظريو ظاهر ٿيو ۽ مڃيو ويو. بجلي جي ايجاد ٿي ۽ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ سائنس جي نئين روشنيءَ سان ٻهڪي اٿي.

نئين فڪر ۽ فلسفي جو دور

فڪر ۽ فلسفي، حڪمت ۽ الاهيات جي دنيا به هن دور جي انقلاب آفرينيءَ کان ماتر ٿي. ارسطو کان وٺي ڊيڪارٽ ۽ لاڪ تائين، فلسفين جيڪا فڪر ۽ فهم جي راهه گهڙي تيار ڪئي هئي، اها اوچتو ئي اوچتو دنيا کي پنهنجي پيرن هيٺان سرڪندي ۽ نڪرندي محسوس ٿي. نٽشي، هيگل ۽ هيوم جهڙا عالمي مفڪر، فلسفي ۽ ماهر نفسيات هن ئي دور جي پيداوار آهن.
جرمنيءَ ۾ گوئٽي گل ڪڍڻ شروع ڪيا، فرانس ۾ روسي عرفان جو عطر عام ڪيو، جنهن ڪري مذهبيات ۽ سياسيات ۾ هڪ همه گير فڪري انقلاب اچڻ شروع ٿيو. پريس ۽ پبليڪيشن جو چرچو عام ٿيڻ لڳو، جنهن علم و ادب جي ترقيءَ جي رفتار تمام تيز ڪري ڇڏي.
انهيءَ دور اندر فرانس ۾ تاريخي انقلاب آيو. هندستان ۾ شاهه ولي الله دهلوي جو فڪري سلو پاڙون پختيون ڪرڻ لڳو. عربستان اندرمحمد بن عبدالوهاب اصلاح لاءِ اٿي کڙو ٿيو. شاهه ۽ مصر ۾ ابن تيميه جا اثرات مذهبي جنون جي صورت ۾ موجود هئا. ايران ۾ سُني شيعو اختلاف پنهنجي پوري عروج تي پهچي چڪو هو، جنهن جا ڪجهه اثرات، پڙاڏي جيان سنڌ ۾ به ٻُري رهيا هئا. هڪ اهڙي انقلابي ۽ اضطراري دور ۾ شاهه صاحب پليو ۽ پچي پختو ٿيو.

پر شور دور جو ڪلام تي خوشگوار اثر

دنيا جي بدلجندڙ حالتن ۽ مختلف ملڪن جي اندروني توڙي بيروني تبديلين جو باريڪ بينيءَ سان مطالعو ڪرڻ کان پوءِ شاهه صاحب پنهنجي ملڪ جي ماڻهن کي خاص طور ۽ بني نوع انسان کي عام طور جيڪو سبق سيکارڻ چاهيو، اهو پنهنجي سر اهم ۽ ابدي حيثيت رکندڙ آهي.
سندس ڪلام جي ٻين سمورين معنوي ۽ لفظي، باطني ۽ ظاهري خوبين کي درگذر ڪندي، جن جي وضاحت لاءِ ضخيم ڪتابن جي ضرورت ٿيندي، جڏهن فقط سندس تلقين تي توجهه ڪجي ٿو، ته به سندس عالمي عظمت نمايان نموني ۾ نظر اچي ٿي. ڇاڪاڻ ته پنهنجي دور جي مضطربانه ماحول کي ڏسندي، پاڻ پنهنجي ملڪي ماڻهن کي جيڪي نيڪ نصيحتون ۽ پرسڪون زندگي گذارڻ لاءِ تلقينون ڪيون اٿس، سي هر وجهه ، ساري عالم جي انسانن لاءِ توجهه جون مستحق آهن.
شاهه صاحب جو پيغام جيڪڏهن صحيح معنيٰ ۾، موثر طريقي سان دنيا تائين پهچائجي ته جيڪر نئين توڙي پراڻي دنيا جا ملڪ ، امن امان جا مثالي مرڪز بڻجي پون ۽ عالمي جنگين جي خطري جو خوفناڪ ڪڪر، هڪ دفعو ۽ هميشه لاءِ آسماني دنيا تان هٽي وڃي، سائنس جون ايجادون، انسانيت جي تباهيءَ جا هٿيار تيار ڪرڻ بجاءِ، اخلاقايات جون پابند بڻجي، جيڪر انسان ذات جي خير۽ خوشهاليءَ لاءِ استعمال ٿين.
انهيءَ منزل ڏانهن قدم وڌائڻ کان اڳ شاهه صاحب انسان جي اندر ۾، پنهنجي بي ثباتي ۽ بنهه عارضي هئڻ جو احساس جاڳائيندي چوي ٿو:

جر ۾ ڦوٽو جيئن، لهرن لڳي ٻه اڌ ٿئي،
تون پڻ آهين تيئن، دنيا ۾ ڪو ڏينهڙو!“
--
ڪڏهين ڳاڙهو گهوٽ، ڪڏهين مڙهه مقام ۾،
واريءَ سندو ڪوٽ، اڏي اڏيندين ڪيترو؟

ان بعد سمورن انسانن جي هڪ عام ڪمزوريءَ ڏانهن اشاريندي، کين دنيا اندر منڊيل مومل جي ماڙيءَ جهڙي مَنڊ کان بچڻ لاءِ ٻڌائي ٿو:

عالم آئون ساڻ، ڀرئو ٿو ڀير ڪري،
پاڻ نه آهي ڄاڻ،مانڊي منڊ پکيڙئو.

عالم جي امن لاءِ، نهايت اثرائتي نموني ۾، فردن ۽ جماعتن، قومن ۽ ملڪن کي پاڻ ۾ ملي جُلي، ڪَسُ ڪسر سهي، صلح سانت ۾ گڏجي گذارڻ ۽ سک پسڻ جي سهڻي صلاح ڏيندي چئي ٿو:

نمي کمي نهار، ڏمر وڏو ڏک،
صلح ۾ سو سک، جي سنوارئا سمجهين!

تنهنڪري

هو چوني، تون م چئو، واتون ورائي،
اڳ اڳرائي جو ڪري، خطا سو کائي،
پاند ۾ پائي، ويو ڪيني وارو ڪينڪي،
--
اڻ چُندن مَ چو، چُندن چيو وسار،
اٺئي پهر ادب سين، پر اهائي پار،
پايو منهن مونن ۾، غربت ساڻ گذار،
مفتي منجهه وهار ته قاضي ڪانيارو نه ٿئين.

جن انهيءَ مام جو منجهه سمجهيو، سي سنوارجي ويا، سڄو رسالو اهڙن ملهائتن موتين سان مڙهيو پيو آهي، بشرطيڪه ڪو سنواريو سمجهي ۽ ان تي عمل ڪري.

سنڌي زبان جو جياريندڙ لطيف

بني نوع انسان کي زندگيءَ جو سبق پڙهائيندڙ لطيف جي عظمت جو اهڃاڻ اهو آهي ته عوام الناس جي رهبري ۽ رهنمائي لاءِ جڏهن پنهنجي شاعرانه ڏات جو استعمال ڪري ٿو، تڏهين سندس پيغام زمان ۽ مڪان جون حدون ٽپي، هر ملڪ ۽ قوم لاءِ، هر دور ۽ زماني لاءِ هڪ جهڙو مفيد ۽ اثرائتو ثابت ٿئي ٿو. پنهنجي پيغام جي همه گيريت ڪري هو دنيا جي هر حصي ۾ هميشه جي حياتي ماڻي ٿو. اهڙا مرد حق آگاهه هزار ها سالن ۾ کڻي هڪ دفعو هن دنيا جي تختي تي پيدا ٿين، پر سندن آفاقي اثر تاابد قائم دائم رهي ٿو.
اهڙي قسم جي عطيم شخصيتن جي مسيحائيءَ جو اثر لازمي طور سڀ کان اول پنهنجي ملڪي ماڻهن ۽ انهن جي زندگيءَ تي پڻ پوڻو آهي. ڏسڻ گهرجي ته هو پنهنجي ملڪ ۽ ماڻهن جي ڪهڙي ڀلائي جو باعث بڻيو.
ان وقت جي سنڌ ۽ ان جي علمي ۽ لساني ماحول تي نظر ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته عربي ۽ فارسي عالمن ۽ فاضلن، مفڪرن ۽ دانشورن جي زبان سمجهي ٿي وئي. ڪنهن به قسم جي حڪيمانه خيال ۽ بلند فڪر جي اظهار لاءِ سنڌ اندر ٻي ڪا به علمي زبان موجود نه هئي. سنڌي زبان محاوراتي دور مان گذري رهي هئي ۽ عام طور اڻ پڙهيل عوام جي ٻوليءَ جي حيثيت سان ڄاتي سڃاتي وئي ٿي، جنهن ۾ ڪنهن فن يا فسلفي جي اظهار جو ته تصور به نٿي ٿي سگهيو.
شاهه صاب اها حقيقت بخوبي سمجهي سگهيو ٿي ته سندس اباڻيءَ ۽ مادري ٻوليءَ ۾ اڃان ايتري وسعت ۽ بردباري نه آهي جا سندس فڪر بلند جو بار برداشت ڪري سگهي.
پيغمبر اسلام، عليه الصلوات والسلام جي برڪت ڪري، عربي لسان جي عزت ۽ منزلت مٿاهين ٿي. شاهان ايران جي حشمت ۽ دٻدٻي ڪري فارسيءَ کي سرڪاري ۽ درٻاري زبان جي حيثيت حاصل هئي. سنڌيءَ کي به ڪنهن اهڙي مسيحا صفت شخصيت جي معجز نمائيءَ جي ضرورت هئي جا کيس پنهنجي عظيم فڪر جي اظهار جو ذريعو بنائي، عرب ۽ عجم جي عالمي زبانن سان ڪلهي جو سي ڪري لطيف نه ته ڪو پيغمبر هو، نه حاڪمِ وقت، هڪ صوفي صفت، گودڙي پوش، ڀٽ نشين بزرگ پنهنجي فقيراڻي فڪر جي نظر هن ٻاجهاري ٻوليءَ تي وڌي ۽ پنهنجي خيال جي بلنديءَ سان گڏ اڏائي، کيس زندهه جاويد بنائي ڇڏيو.
فڪر ۽ فلسفي جي واهڙ وهائڻ سان گڏوگڏ، شاهه صاحب سنڌي زبان جي لغت، لفظي توڙي معنوي ترڪيبن جون اهڙيون صنعتون ۽ سينگار ايجاد ڪيا، جن سنڌيءَ جهڙي سليس ۽ سٻاجهي ٻوليءَ کي چوڏهن چنڊ لڳائي ڇڏيا ۽ اڄ اها عالمي ٻولين جي اجلاس ۾ ڪنڌ مٿي ڪري ڳالهائڻ جهڙي آهي.
نوان محاورا ۽ ترڪيبون، تشبيهون ۽ تمثيلون ايجاد ڪري، مڪاني ماحول جي عڪاسي ڪرڻ لاءِ ٺيٺ سنڌي لفظ ڪتب آڻي، شاهه سنڌي شعر جي بنيادي هيئت ئي بدلائي ڇڏي.
کائنس اڳ وارن فارسي ۽ عربي عارفن ۽ شاعرن ”عروض“ جي جنهن بنيادي شاهراهه کي پنهنجي اظهار خيال جو ذريعو پئي بنايو، ان کي يڪسر ترڪ ڪري، شاهه صاحب ڇند وديا“ جو پنڌ اختيار ڪيو. ساڳئي وقت شاهه صاحب ”مهراڻ“ جي آر کي سونهاري سنڌ جي سينڌ جي قرار ٺهرائيندي، ليلا مجنون، شيرين فرهاد ۽ وامق عذرا جهڙن عربي ۽ عجمي قصن جي اوٽ ۾ من جي مدعا بيان ڪرڻ بجاءِ، ملڪي ماحول سان وڌيڪ ٺهڪندڙ عوامي آکاڻين جي اوٽ ورتي ۽ انهن جي تاڃي پيٽي ۾ پنهنجو پيغام پلٽيو، جن جي تات ملڪ جي هر خاص عام جي وات تي هئي. هتي جي هر باشندي کي سرزمين سنڌ جي سيني ۾ سانڍيل جن سورمن ۽ سورمين جي ڌڙڪڻ جو آواز، پنهنجي اندر جي ساز جيان ٻرندو ٻڌڻ ۾ ايندو هو، شاهه انهن عوامي ڪردارن عمر مارئي، نوري ڄام تماچي، مومل راڻي، سهڻي ميهار، سسئي پنهون وغيره کي ويهي ورجايو ۽ ڳايو. هر ملڪ ۽ قوم ۾ اتي جي تاريخ ۽ تهذيب مطابق ڪي نه ڪي عشقي ۽ اخلاقي داستان عوام جي ورد زبان هوندا آهن، جي ملڪي ماڻهن جي مزاج ۽ طبيعت تي ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان ضرور اثر انداز ٿيندا رهندا آهن.
هڪ زرعي ملڪ هئڻ ڪري، مهراڻي ماٿريءَ جا مارو ماڻهو، گهڻو ڪري شهرن جي شور کان هٽي، ڳوٺن ۽ واهڻن ۾ خاموش زندگي گذارڻ جا عادي آهن، جتي جديد تهذيب ۽ تعليم جو اثر گهٽ پهچي ٿو. اهڙي ملڪ جو اٻوجهه ۽ سادو عوام نئين دور جي هر دم نون مسئلن ۽ پُر پيچ اصولن جي اري ۾ اڙجيو، زندگيءَ جي بازي هارايو وجهي يا جلدئي همت هاريو، هار مڃيو ماٺ ڪريو ويهو رهي. اهڙا اٻوجهه ڳوٺاڻا پنهنجي پراڻن نجهرن ۽ اڻ پڙهيل آبادين ۾ مال چاريندي، هر هلائيندي، نار واهيندي يا جهار هڪليندي، جيڪي عوامي گيت آلاپيندا رهن ٿا. اهي سندن جسماني ۽ ذهني ٿَڪ لاهڻ سان گڏ سندن روح کي اهڙي راحت بخشيو ڇڏين، هو اهي آلاپ پنهنجي زندگيءَ جو بهترين سرمايو سمجهندا آهن. سنڌ جي اهڙن ئي روح پرور قصن ۽ ڪهاڻين، اصولي ۽ اخلاقي ڳالهين کي، دلچسپ ۽ عام فهم شاعريءَ ۾ پلٽائي، ان ۾ ترنم ۽ موسيقيت جي چاشني ڀري، شاهه صاحب اهڙي انداز سان بيان ڪيو، جو سندس هر بيت ۽ وائي سنڌ جي جهر جهنگ ۾ گونججي وئي.
شيڪسيپر، سعدي، شيرازي، يا مولانا حافظ جيان ڪو به قصو لس بيان ڪري وڃڻ بجاءِ شاهه صاحب قرآن ڪريم وارو مدبرانه انداز بيان اختيار ڪيو ۽ انهن آکاڻين جي فقط اهم واقعن ۽ نڪتن ڏانهن اشارا ڏيندي هلندو هليو ڄڻ ته قاريءَ کي انهن قصن جي پس منظر جي اڳيئي بخوبي خبر آهي.
ساڳئي وقت هر آکاڻي ۾ اهو ئي ماحول ۽ منظر برقرار رکڻ لاءِ جيڪي اصلي الفاظ ۽ مقامي محاورا استعمال ڪندو هليو آهي، سي ته سونَ تي سهاڳي جو ڪم ڪن ٿا. سهڻي ميهار جي سُر ۾ ترها ۽ تار، سائر ۽ سير، ڪرڳل ۽ ڪُن، ڌڌڪا ۽ دهشت، لهريون ۽ لڙ، اوڀارا ۽ آر، ڪپر ۽ ڪڙڪا، اڇل ۽ ٻڇل، لس ۽ ليٽون، چڪڻ ۽ چيٽيون، ٻيلا ۽ ٻيلاٽيون، ڪَچا ۽ ڪانهه، چڙا ۽ لار، دونهيون ۽ ڌراڙ، ڪنڍيون ۽ وَڇون ڏيکاريندو هليو آهي ته وري سر مومل راڻي ۾ راڻا ۽ راجپوت، پان ۽ سوپاريون، ڍوليا ۽ ڍٽ، ڪرها ۽ وڳ نظر اچن ٿا.
اهڙيءَ طرح عمر مارئيءَ جي ذڪر ڪندي کائر ۽ پائر، جهنگ ۽ جهانگي، ڏٿ ۽ ڏوٿي، کوهر ۽ ٿوهر، وڄون ۽ وسڪارا، پلر ۽ واهوندا، ڀٽون ۽ ڀاڻا ، للر ۽ ليار پيا پسجن ته وري سر سسئيءَ ۾ گونرا ۽ گس، ميان ۽ منزلون، پٻ ۽ هاڙهو، لس ۽ ٻيلو، جت ۽ جمازي، برفت ۽ بلوچ، ڪانڀو ۽ ڪارو، پٽيون ۽ پهاڙ، ندر ۽ وڻڪار، رڃون ۽ رولا، جهَڪون ۽ جهولا، ڏونگر ۽ ڏاکڙا، ڏکيءَ واٽ جا ڏس ڏيندا ڏسڻ ۾ اچن ٿا.
سر سامونڊيءَ ۾ لهريون، لس، ليٽ، ٻيڙا ۽ غوراب، ڦرها ۽ ڊونڊيون، سڙهه ۽ لاڄون، پڳهه ۽ کوها، معلم ۽ ناکئا، ننگر ۽ ناريون، بندر ۽ بازاريون نظر چڙهن ٿيون ته نوري ۽ ڄام تماچيءَ جي قصو ڪندي مئين ۽ مهاڻين، گولين ۽ گندرين، ککين ۽ کارين، ڏوراين ۽ ڄارين، بِهن ۽ لوڙهن، مَڇن ۽ مانگرن، ملاحن ۽ ميربحرن جا ذڪر اذڪار ڪري ٿو. شاهه صاحب اهڙيءَ طرح هڪ علائقائي ٻوليءَ ۾ روح ڦوڪي، مالا مال ڪري ان کي هڪ ڪامل ۽ مڪمل زبان هئڻ جو شرف بخشيو. ايتري قدر جو سندس چيل سونيون سٽون عام جام پهاڪن طور استعمال ٿيڻ لڳيون:

ڏات نه آهي ذات تي، جو وهي سو لهي.

گهڙيا سي چڙهيا، ائين اٿيئي.

لکيو منجهه نراڙ، قلم ڪياڙيءَ نه وهي.

هڪ ٻانهي چِت ۾، ٻي جا ڪري الله.

واڳ ڌڻيءَ جي وس، آئون ڪا پاڻ وهيڻي.

الله اچن اوءِ، جن آئي من سرهو ٿئي.

ڏک سُکن جي سونهن، گهوريا سک ڏکن ريءَ.

اڃان به هڪ قدم اڳتي وڌي، شاهه جي عظمت جي ڪسوٽي سندس ڪلام ۾ استعمال ٿيل اهي هلڪا ۽ ڪجسا اکر آهن جي جڏهين شاهه جي ڪلام ۾ استعمال ٿين ٿا تڏهين انهن جي کِکاڻ ۽ کاراڻ، ڪجسائي ۽ هلڪائي ختم ٿيو وڃي. اهو آهي صحيح معنيٰ ۾ لساني اعجاز ۽ ڪيمياگري، جو شاعر جي زبان مان نڪرڻ شرط پٿرن جهڙا اهي اڍنگا اکر پارس ٿيو پون، معنويت جي معراج تي وڃيو پهچن. مثال ملاحظه ٿئي.

ڪاريون، ڪوجهيون، ڪوڙيون، مور نه موچاريون،
وٺي ويٺيون واٽ تي، ککيءَ جون کاريون،
انهن جون آريون، سمي ري ڪير سهي؟
ڄاريون، کاريون، ڇڄ ڇيريون،
جن جي محبت مڇيءَ ساڻ،
رهن وهن سر ٻانڌئين، سڀئي بدبو هاڻ،
لُڌڙن جيئن لطيف چئي، پاڻي وجهن پاڻ،
تن ملاحن جو ماڻ، سمي سر ڪيو پانهنجي.
کِکيءَ هنيون کاريون، ڇڇيءَ هاڻا ڇڄ،
پانڌ جني جي پانڌ سين، لڳو ڪري لڄ،
سمو ڄام سهڄ، اُڀو ڪري اُنِ سين!

اهڙن بدزيبن ۽ بدبودار اکرن کي ابديت جو پهراڻ پائيندڙ شاهه، هميشه حيات هوندو ۽ سندس اعجاز سان جياريل زبان سنڌي، زندهه جاويد رهندي. انشاء الله.

No comments:

Post a Comment