شاهه جو رسالو

Tuesday, 20 January 2015

شاهه جو رسالو ـــ معياري متن




شاهه جو رسالو ـــ معياري متن
 (جلد پهرئين جو تحقيقي جائزو)


تحقيق جي حوالي سان ”شاهه جو رسالو“ ڪيتري ئي عرصي کان وٺي تنازع جو باعث پئي رهيو آهي. ڪن مـؤلفن جو خيال ته فلاڻو بيت شاهه جو نه آهي ته ڪي وري چون ته اهو بيت رسالي مان خارج ڪرڻ گهرجي جو اهو شاهه جي معيار کان گهٽ آهي. ڪي چون ته ان ۾ سلوڪ واري معنيٰ ناهي ته ڪن جو وري خيال ته انهن بيتن جي تشريح اسلامي تصوف مطابق نه ڪئي ويئي آهي. ان طرح هر عالم پنهنجي زاويي کان رسالي تي تحقيق ڪري اُن کي مرتب ڪيو آهي، جنهن تي پوءِ ڪانه ڪا تنقيد ٿيندي رهي آهي، جنهن مان چٽيءَ طرح سان معلوم ٿئي ٿو ته هر ڪو مـؤلف بنيادي طرح سان ٻين رسالن جي ترتيب کان مطمئن نه هو، جنهن جي ڪري وقت به وقت مختلف مـؤلفن پنهنجي حساب سان شاهه جو رسالو ترتيب ڏيئي شايع پئي ڪيو آهي.

ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ پهريون غير ملڪي عالم هو جنهن رسالي کي ترتيب ڏيئي جرمني جي شهر ليپسگ مان 1866ع ۾ شايع ڪيو. پيسن جي گهٽتائيءَ سبب هو رسالي جا باقي سُر ڇپائي نه سگهيو. هن رسالي متعلق ڊاڪٽر دائود پوٽي لکيو ته، ”اگرچ ڇپايل نسخي ۾ گهڻيون ئي اوڻايون آهن، ته به هي ڇاپو ڪيترين ڳالهين ڪري ممتاز آهي. هن ڌارئين ڪرستان پادريءَ کي آفرين هجي، جو سرجو شي ڏيکاري اهڙو امل ماڻڪ نروار ڪري ٻين لاءِ مثال پيدا ڪيائين.“ 1.
ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ جي رسالي جي شايع ٿيڻ جي هڪ سال کان پوءِ، مطبع حيدري بمبئي جي مالڪ قاضي ابراهيم پل بندري، شاهه جو رسالو سنگي حروفن ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. هن رسالي جي ڪتابت حاجي محمد سمي ڪئي. ڪاتب جي اڳيان ٻه يا ٽي قلمي نسخا موجود هئا، جو رسالي جي حاشين تي مختلف پڙهڻيون ڏنل آهن. ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ هن رسالي بابت مقدمي ۾ لکيو ته، ”هن ڇاپي جهڙو ردي نسخو هڏهين هٿ نه ايندو. سنڌ ۾ جيڪوبه ڪن ڪچري جهڙو ڪلام، جو شاهه جي نالي ڳائيندا آهن يا جيڪي بيت مسخرا مجلسن ۾ راند وجهندي چوندا ويندا آهن وغيره، سي به سڀ سواءِ ڪنهن تميز جي منجهس ٿو ڦيا ويا آهن. هن نسخي جي صورتخطي جهوني آهي، جنهن جي پڙهڻ ۾ گهڻي تڪليف ٿئي ٿي.“2.
بمبئي واري رسالي جي شايع ٿيڻ کان پوءِ سنڌ جي تعليم کاتي سال 1900ع ۾، مسٽر تاراچند شو قيرام جي مدد سان نئين صورتخطيءَ ۾ شاهه جو رسالو ڇپائي پڌرو ڪيو، جنهن تي پوءِ گهڻي تنقيد ٿي. اُن ڳالهه کي مدنظر رکندي، مرزا قليچ بيگ سال 1913ع ۾ شاهه جو رسالو ڇپايو. مرزا صاحب سرڪاري ڇاپي کي سامهون رکندي، بمبئي ڇاپي وارا زائد بيت ۽ وايون رسالي ۾ داخل ڪيون ته جيئن پڙهندڙن کي سڀيئي بيت هڪ هنڌ ملي سگهن. مرزا صاحب واري رسالي ۾ پڙهڻين جون تمام گهڻيون غلطيون موجود آهن.
سال 1923ع ۾ ڊاڪٽر گربخشاڻي رسالي جو صحيح ڇاپو شايع ڪرڻ جو بار پاڻ تي کنيو. ڊاڪٽر صاحب سال 1931ع تائين رسالي جا ٽي جلد ڇپائي پڌرا ڪيا. چوٿون جلد ڪن سببن جي ڪري ڇپائي نه سگهيو. ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ رسالي جا جيڪي ٽي جلد شايع ڪيا، اُنهن ۾ گهڻو ڪري اِهو خيال رکيو ويو ته ٻين سالڪن جي بيتن کي الڳ ڪري هڪ صاف سُٿرو متن شايع ڪيو وڃي. ڪنهن حدتائين ڊاڪٽر گربخشاڻي پنهنجي مقصد ۾ سڦل به ٿيو. هن جي اڳيان قلمي نسخن جو ايترو گهڻو تعداد ڪونه هو، فقط پنج قلمي نسخا ۽ پنج ڇاپي رسالا سندس اڳيان هئا، جن جي آڌار تي هن متن جو بنياد رکيو. اِهوئي سبب آهي جو هو بيتن جي گهڻي ڇنڊ ڇاڻ ڪري نه سگهيو. ڪوشش ڪري ٻين سالڪن جا بيت الڳ ڪيائين.هُن بيتن جي معنيٰ، صحيح تلفظ ۽ لفظن جي سمجهاڻيءَ تي گهڻو زور ڏنو. سندس رسالو پنهنجيءَ جڳهه تي اهم ماخذ جي حيثيت رکي ٿو، جتان پوءِ جي مؤلفن گهڻو لاڀ حاصل ڪيو. اڃاتائين سندس رسالي جي گهڻي مڃتا آهي ۽ رسالو سنڌي ڪلاسيڪي ادب ۾ اهم جڳهه والاري ٿو.
ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي رسالي شايع ٿيڻ کان پوءِ غلام محمد شاهواڻيءَ جو رسالو شايع ٿيو، جنهن جون پڙهڻيون گربخشاڻيءَ واري رسالي تان ورتل آهن. اُن جا ٽي سُر ’واصف‘ جا لکيل آهن، جيڪي الڳ الڳ سُرن جي صورت ۾ به شايع ٿيا، جيڪي پوءِ رسالي ۾ پڻ داخل ڪيا ويا. شاه واڻيءَ جي رسالي ۾ ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ واري رسالي کان علاوه باقي جيڪي سُر آهن تن ۾ ڌاريون ڪلام گهڻو ئي آهن. اُن جو سبب اِهو آهي جو ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جا ٻيا سُر شايع ٿي نه سگهيا جو اُنهن کي  خبر پئي ها ته ڪهڙا بيت ٻين سالڪن جا آهن. شاهواڻيءَ جي اڳيان گهٽ ۾ گهٽ ٻه ماخذ: شاهه ڪريم جو رسالو ۽ ابيات سنڌي موجود هئا پر اُن جي باوجود‘ ”سُرآسا“ ۾ شاهه ڪريم جا بيت موجود آهن، جنهن مان خبر پوي ٿي ته موصوف ڪنهن به قسم جي کوجنا ڪرڻ جي ضرورت محسوس نه ڪئي ۽ بمبئيءَ واري رسالي کي اڳيان رکي باقي سُر ترتيب ڏنا.
غلام محمد شاه واڻيءَ جي رسالي شايع ٿيڻ کان پوءِ هندوستان مان ڪلياڻ بول چند آڏواڻيءَ جو رسالو شايع ٿيو. اُن جو به ساڳيوئي حال آهي ۽ ڪيترن ئي سُرن ۾ ٻين سالڪن جا بيت موجود آهن. هن صاحب به تحقيق نه ڪئي، ايستائين جو شاهه ڪريم جي رسالي کي به نه ڏٺو. سڄو مدار گربخشاڻيءَ واري رسالي تي رکيو. ڪلياڻ آڏواڻيءَ جي رسالي کان پوءِ علامه آءِ .آءِ قاضيءَ جو رسالو شايع ٿيو . مون اِهو رسالو نه ڏٺو آهي، اِن ڪري اُن متعلق ڪجهه چئي نٿو سگهجي.
ڪَجهه سال اڳ عثمان علي انصاريءَ جو رسالو شايع ٿيو آهي. فاضل مصنف ديباچي ۾ گهڻي خواهش ڪئي آهي ته ڌاريون ڪلام الڳ ڪيو وڃي، پر حال ساڳيو ئي آهي. ڪافي سُرن ۾ ٻين سالڪن جا بيت ڏنل آهن. البته بيتن جون ڪي نيون پڙهڻيون سامهون آيون آهن. انصاري صاحب جي آڏو شاهه ڪريم جو رسالو، شيخ عبدالرحيم جو ڪلام ۽ خواجه محمد زمان جا بيت موجود هئا، پراُن جي باوجود ”سُرآسا“ ۾ شاهه ڪريم جابيت موجود آهن، جنهن جو ڪو جواز نٿو ٺهي. هن صاحب به اُنهن ٽنهي ماخذن ڏانهن اک کڻي به نه نهاريو، جنهن مان اِهو نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو ته انصاري صاحب به ٻين مـؤلفن جو رستو اختيار ڪيو ۽ تحقيق ڏانهن ڪو به توجهه نه ڏنو. افسوس جو جنهن صاحب اُن کي ايڊٽ ڪيو آهي، تنهن به اُن ڏانهن گهربل ڌيان نه ڏنو آهي. رسالي ۾ ايترو سو ٿيو آهي، جو سڀيئي ڌاريان سُر الڳ ڪيا ويا آهن، جيڪا هڪ خوش آئند ڳالهه آهي.
شاهه جي رسالي تي جيڪا محنت سنڌ جي برک عالم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب ڪئي آهي سا ڪنهن کان به لڪل ڪانهي. ڊاڪٽر صاحب سالن جا سال رسالي جي متن تي نور نچويو آهي، جنهن لاءِ سنڌي ادب سندس ٿورا ڪڏهن به لاهي نه سگهندو. سنڌ جي هن اورچ عالم 1967ع کان شاهه جي رسالي جي جامع متن لاءِ تحقيق جي ڪم جو آغاز ڪيو، جنهن جي اشاعت جي شروعات 1989ع ۾ معياري متن جي پهرئين جلد جي پڌري ٿيڻ سان ٿي. هي جلد”سُر ڪلياڻ ويمن“ جي متن، مهاڳ ۽ سمجهاڻيءَ واري حصي تي مشتمل آهي. پهرئين جلد کي مرتب ڪرڻ وقت 46 قلمي نسخا ۽ 10 ڇاپي نسخا ڪتب آندا ويا آهن. ايتري ساري مواد مان بيتن کي الڳ ڪرڻ، اُنهن کي ڀيٽڻ ۽ ترتيب ڏيڻ هڪ نهايت اوکو ڪم هو، جيڪو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب وڏي خوش اسلوبيءَ سان مڪمل ڪيو آهي. هن ايڏي ساري ڪم ۾ اُهي ڪارڪن  پڻ مبارڪ باد جا مستحق آهن، جن بيتن کي اُتارڻ ۽ ڀيٽ ڪرڻ ۾ ڊاڪٽر صاحب جو سهڻو ساٿ ڏنو ۽ سڄي ڪم ۾ ڊاڪٽر صاحب جا اڻ ٿڪ ٻانهن ٻيلي ٿي رهيا. اُنهن مخلص ڪارڪنن جي علمي سهڪار کان سواءِ رسالي جو ايڏو وڏو ڪم مڪمل ٿي نه سگهي ها.
رسالي کي ٽن حصن ۾ ورڇيو ويو آهي: پهرئين حصي ۾ شاهه جي سوانح حيات ۽ مختلف قلمي نسخن ۽ ڇاپي رسالن جو تعارف ۽ تاريخ ڏنل آهي؛ ٻيو حصو متن تي مشتمل آهي ؛ آخري حصو سمجهاڻي ۽ ڀيٽ واري حصي تي مشتمل آهي. هن حصي ۾ هربيت متعلق ٻڌايو  ويو آهي ته اُهو ڪهڙي رسالي جوآهي ۽ ڪهڙي نمبر تي رکيل آهي. مختلف رسالن ۾ ڏنل بيتن جون اختلافي پڙه ڻيون پڻ ڏنيون ويون آهن، جيڪي تحقيق ڪندڙن لاءِ اهم سرمايو آهن. تحقيق جي هر موضوع کي اعليٰ نموني سان نڀايوويو آهي. اِهو هڪ وڏو اهم ۽ ڪٺن ڪم هو، جيڪو ڊاڪٽر صاحب جي اعليٰ معياري ۽ تحقيقي ڪم جي صورت ۾ سنڌ جي عوام اڳيان پيش ٿيو آهي. رسالي جي پهرئين جلد کي پڙهڻ سان ڊاڪٽر صاحب جي اٿاهه محنت ۽ نمايان عظمت جو قائل ٿيڻو ٿو پوي.مقدمي وارو حصو پنهنجيءَ جاءِ تي هڪ اهم دستاويز جي حيثيت رکي ٿو. متن ۾ بيتن جي معنيٰ ۽ پڙهڻي پڻ اهميت جوڳي آهي. پر سڀني کان اهم حصو سمجهاڻيءَ وارو آهي، جنهن ۾ هر بيت تي تفصيلي بحث ڪيل آهي. اِن طرح رسالو هر لحاظ سان معياري ۽ پنهنجو مٽ پاڻ آهي.
ايترين خوبين هوندي ڪي جهول به رهجي ويا آهن، جن تي نظر وجهڻي آهي. ڪي خال به رهجي ويا آهن، جن کي ڀرڻو آهي. اُنهن جهولن ۽ خالن کي وڏي سوچ ۽ سمجهه سان ڏورڻو آهي، ته جيئن رسالي جي اُنهن اوڻاين تي ٻيهر غور فڪر ڪيو وڃي. ڪابه تحقيق حرف آخر ناهي. نوان بيت لڀجن ٿا، نوان فڪر وجود ۽ اچن ٿا، ڪي نيون پڙهڻيون آڏو اچن ٿيون، جن سان پراڻين پڙهڻين کي بدلائڻو پوي ٿو. نوان نظريا وجود ۾ اچن ٿا. جن سان پراڻن خيالن تي نون اهڃاڻن جا اثر ظاهر ٿين ٿا. اها فڪري اوسر، ذهن جي ارتقا، ادب جي سڃاڻپ ۽ سوچ جي واڌ ويجهه آهي، جنهن سان ادب جي پرورش ۽ سوچ جو معيار بلند ٿئي ٿو. مرتبي ۽ مان ۾ ڪابه گهٽتائي پيدا نه ٿي ٿئي. خلوص دل سان جيڪڏهن اُنهن اوڻاين تي غور ڪبو ته ادبي اوسر ۾ واڌارو ايندو.
رسالي جي پهرئين جلد کي شايع ٿيندي ڳچ جيترو عرصو گذري چڪو آهي. ٻيو ڇاپو نٿو لڳي ته ڪو شايع ٿيندو. رسالي جي بيتن تي اُن وقت ذروتوجهه ڏجي ها ته رسالي جو وڌيڪ بهتر ۽ معياري متن منظر عام تي اچي ها. اڃا به ڪي ڌاريان بيت ۽ وايون معياري متن جي ”سُر ڪلياڻ ويمن“ ۾ موجود آهن، جن جو ذڪر هن مقالي ۾ ڪجي ٿو. جڏهن به ڪو ٻيو محقق رسالي جو نئون ڇاپو شايع ڪندو ته اُنهن ڌارين بيتن ۽ واين کي مدنظر رکندو، ته جيئن رسالي جو بهتر ۽ معياري متن شايع ٿي سگهي.
هميشه اِن ڳالهه جو تاثر رهندو ته رسالي ۾ ڌاريون ڪلام موجود آهي، جو اُهو روايتن تي ٻڌل آهي، جيڪي صحيح به ٿي سگهن ٿيون ته غلط به، رسالي جي پڙهڻين ۾ هميشه اختلاف رهندو ۽ ڪو به محقق اُنهن پڙهڻين کان مطمئن ٿي نه سگهندو . نوان بيت ۽ نيون تحقيقون هميشه ٿينديون رهنديون. ڪي نوان بيت ٻين سالڪن جا ظاهر ٿيندا ۽ اگر اُهي رسالي جي متن ۾ به هوندا ته وري ڪونئون محقق رسالي کي نئين سر ترتيب ڏيندو. اهو سلسلو هميشه ائين ئي جاري رهندو. اُنهيءَ جو وڏو سبب اِهو آهي ته شاهه جي هٿ اکر لکيل ڪوبه قلمي نسخو موجود ڪونهي ۽ نه وري شاهه جي وفات کان پوءِ جو ڪو ويجهي دورجو قلمي نسخو مليو آهي. سڀيئي قلمي نسخا شاهه جي وفات کان پوءِ ٽيهن چاليهن سالن جي عرصي دوران لکيا ويا آهن. بلڙيءَ وارو نسخو ڪي قدر ويجهي دور جو هو پر اُهو به هاڻ اڻ لڀ آهي. اُنهيءَ صورتحال ۾ رسالي جو ڪڏهن به ڪو جامع ۽ معياري متن شايع ٿي نه سگهندو.
فارسي خطي نسخو”حڪايات الصالحين“ جيڪو1168هه ۾ اُتاريو ويو. هڪ اهڙو قلمي نسخو آهي، جنهن جي حاشئي تي 98 سنڌي بيت لکيل آهن، جن مان گهڻا بيت شاهه جا چيل آهن. اُهو قلمي نسخو شاهه جي وفات کان پوءِ ٽن سالن جي عرصي دوران لکيو ويو آهي. ”حڪايات الصالحين“ وارا بيت گهڻا معتبر ۽ ويجهي دور جا آهن، جن کي ايندڙ محقق، رسالي جي معياري ۽ جامع متن کي ترتيب ڏيڻ وقت ذهن ۾ رکندا، جن ۾ بيتن جون ڪي نيون پڙهڻيون پڻ سامهون آيون آهن. ”حڪايات الصالحين“ کان علاوه آخوند عبدالرحيم جو ترتيب ڏنل ڪتاب ”هرگنيو“ پڻ وڏي اهميت رکي ٿو. هن ڪتاب ۾ شاهه جا ڪي نوان بيت ۽ ڪي نيون پڙهڻيون شامل آهن. جيڪي ٻئي ڪنهن ماخذ ۾ ناهن. هن ماخذ مان به گهڻو فائدو حاصل ڪري سگهجي ٿو. رچنداڻي صاحب جي ڪتاب ”سنڌي نظم جي تاريخ“ ۾ به ڪي نوان بيت ڏنل آهن، خاص طرح سُر مارئي جا بيت اهميت جو ڳا آهن.
معياري متن لاءِ ذهن ۾ اِهو خيال هو ته اِ هو ڌارئين ڪلام کان پاڪ هوندو، پر ڪي بيت شايد ڏسڻ کان رهجي ويا آهن، جن تي ٻيهر غور ڪرڻ جي ضرورت آهي. اُن جو هڪ سبب مواد جي بنهه گهڻائي به ٿي سگهي ٿو. اڄڪلهه انٽرنيٽ تي شڪارپور مان ڪن مهربانن شاهه جي رسالي جومتن، ڪلياڻ آڏواڻيءَ جي رسالي مان ڏيڻ شروع ڪيو آهي، جنهن ۾ ”سُر ڪلياڻ“ جا بيت ڏنل آهن. اُنهن مهربانن کي گذارش آهي ته ڪلياڻ آڏواڻيءَ جي رسالي بدران ڪنهن ٻئي رسالي مان بيت ڏين. ڪلياڻ آڏواڻيءَ جي رسالي ۾ شاهه جا گهڻا بيت هڪ ته نڪتل آهن ۽ ٻيو ته اُنهن جون پڙهڻيون به ناقص آهن. محترم ماجدڀرڳڙي کي به گذارش آهي ته هو ڪنهن ٻئي رسالي مان بيت ڏئي. ايندڙ محقق جڏهن شاهه جي رسالي جو متن نئين سر ترتيب ڏيئي شايع ڪندا، ته هن مقالي مان گهڻو فائدو حاصل ڪندا.
[الف] سُر ڪلياڻ
هن سُر ۾ وحدت، ڪثرت ۽ الله جي هيڪڙائيءَ جو بيان ڪيل آهي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب هن سُر کي پنجن داستانن ۾ ورڇيو آهي، جڏهن ته عام رواجي قلمي توڙي ڇاپي رسالن ۾ هي سُر ٽن داستانن ۾ ورڇيل آهي. هن سُر جو داستان ٽيون سڄو ”سرآسا“ تان کنيل آهي. ٻين داستانن ۾ به ڪي بيت ”سُر آسا“ مان ٽپايا ويا آهن.
داستان پهريون:
داستان پهرئين ۾ ڪل 34 بيت ۽ هڪ وائي رکيل آهي. عام نسخن ۽ ڇاپي رسالن ۾ هن داستان ۾ 22 کان 23 بيت ڏنل آهن. ”تون چو الله هيڪڙو“ واري فقري سان شروع ٿيندڙ بيت ڪن ٻين سالڪن جا آهن يا فقيرن اڳين سالڪن جي  بيتن تي تتبع ڪيا آهن. بيت نمبر 17 ۾ شاهه عبدالڪريم جي هڪ بيت جي سٽ تضمين طور ڪم آندل آهي. ڪي بيت ”سُر آسا“ مان کنيا ويا آهن. بيت نمبر30 روميءَ جي بيت جو ترجمو آهي. بيت نمبر31 قاضي قادن جو آهي ۽ بيت نمبر32 محمد بقا شاهه ڏانهن منسوب آهي. هن داستان مان ڪافي ڌاريان بيت الڳ ڪيا ويا آهن، جن جو تفصيل رسالي جي جلد ڏهين ۾ ڏسڻ گهرجي، پر اڃا به ڪي بيت اهڙا اچي ويا آهن، جيڪي ٻين سالڪن جا آهن. اُنهن سڀني بيتن جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو:
(بيت_1)
وحده لاشريڪ لـﮧ، جان ٿو چئين ايئن،
تان مڃ محمد ڪارڻي، نرتون منجهان نينهن،
تان تون وڃو ڪيئن، نائين سر ٻئن کي.
(ڪلياڻ:1: 5، ص 3)
هي بيت اوائلي دور جي رسالن جو آهي، جتي اُن جي پڙهڻي ائين ئي آهي. هي بيت ”حڪايات الصالحين“ جي حاشئي تي پڻ لکيل آهي، جنهن جي پڙهڻي هيٺئين طرح آهي:
وَحَده لاَشَريڪَ لَـہ چَيُون جَنين اِيئن،
تاَ تُون ڀُورَا ڪِيئَن، ناَئِين ڪَنڌُ ٻِينَ کِي.
(اڻ لڀ سنڌي بيت، ص 127)
نوٽ: ”حڪايات الصالحين“ واري بيت ۾ ٻه سٽون آهن.لڳي ٿو ته وَحَده لاَشَريڪَ لَـﮧ واري کنڌيءَ جي بيتن ۾ وچين سٽ پوءِ وڌائي ويئي آهي.”حڪايات الصالحين“ واري بيت جي پڙهڻي سمجهاڻيءَ واري حصي ۾ نه ڏنل آهي.
(بيت_2)
تون چَو اَللهُ هيڪَڙو، ٻي وارج مَ وائي،
جيڪا مُڪِي سڄڻين، سِکج تون سائي،
اوڙڪِ اهائي، ڳولي لَهجُ ڳالَهڙِي.
(ڪلياڻ :1: 15، ص 7)
هي بيت اوائلي دور جي رسالن ۾ ڪونهي، البته وچئين دور جي رسالن ۾ موجود آهي. گنج ۾ هي بيت جيتوڻيڪ موجود آهي پر اُتي اِهو ٻن سٽن ۾ ڏنل آهي، جنهن جي پڙهڻي هيٺئين طرح آهي:
تون چَو اَللهُ هيڪَڙو، ٻي وارج مَ وائي،
سِکجِ تون سائي، جيڪا مُڪِي سڄڻين.
(گنج/ڪليات ويمن، ص_)
ڊاڪٽر صاحب جي ڏنل ٽن سٽن واري بيت جي آخري سٽ معياري متن جي هيٺئين بيت ۾ موجود آهي. مختلف بيتن ۾ ساڳيون سٽون رکڻ سان هڪ ته ورجاءُ ٿئي ٿو ۽ ٻيو ته بيتن جي سهڻائي پڻ ختم ٿيو وڃي. ها اگر کنڌيءَ وارا بيت هجن ته پوءِ الڳ ڳالهه آهي. معياري متن جو اصل بيت هيٺ ڏجي ٿو:
سدا آهي سور جي، واڍوڙن وائي،
جيڪا اٿن من ۾، سلن نه سائي،
اوڙڪ اهائي، ڳولئو ڏسن ڳالهڙي.
(ڪلياڻ ويمن، ص 21)
نوٽ: تون چَو اَللهُ هيڪَڙو، واري فقري سان شروع ٿيندڙ ٽيئي بيت شاهه جا ڪونهن. اُهي يا ته ڪن ٻين سالڪن جا چيل آهن يا ڪن فقيرن اڳين سالڪن جي بيتن تي تتبع ڪيا آهن. اُن جو وڏو سبب اِهو آهي ته شاهه کي شاهه عبدالڪريم جي چيل، تون چَوَ اَللهُ هيڪَڙو، واري بيت جي خبر هئي، جو اُهو بيت سڀني رسالن ۾ موجود آهي. شاهه اُنهن بيتن کي ڏسي پنهنجي طرز تي، وَحَده لاَشَريڪَ لَـﮧ، واري کنڌيءَ جا بيت چيا، يعني خدا هڪَ آهي. يا تون چَو اَللهُ هيڪَڙو. شاهه جڏهن وَحَده لاَشريڪَ لَـﮧ، چيو ته پوءِ، تون چَو اَللهُ هيڪڙو واري فقري سان بيت نه چيا هوندا.
(بيت_3)
وحدتان ڪثرت ٿي، ڪثرت وحدت ڪل،
حق حقيقي هيڪڙو، ٻولي ٻي مَ ڀل،
هو هلاچو هل، بالله سندو سڄڻين.
(معياري متن، سُر ڪلياڻ، 1: 17، ص 9)
هي بيت اوائلي دور جي رسالن ۾ ٿوري گهڻي ڦير گهير سان موجود آهي. هن بيت جي آخري سٽ شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جي هيٺئين بيت مان تضمين طور کنيل آهي. شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جي بيت جي پڙهڻي هيٺ ڏجي ٿي:
وائي ٻي مَ ڀل، مروئان موران پکڻان،
بالله سندو سڄڻين، هو هلاچو هل.
(شاهه ڪريم بلڙيءَ واري جو ڪلام، ص 127)
نوٽ: ڊاڪٽر بلوچ صاحب سمجهاڻيءَ واري حصي ۾ اُن سٽ جو ذڪر نه ڪيو آهي ۽ نه ئي اِهو ڄاڻايو اٿس ته اِها سٽ شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جي بيت مان تضمين طور کنيل آهي. ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ اُن سٽ جو ذڪر ڪندي لکيو آهي. ته اِها سٽ شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جي بيت مان تضمين طور کنيل آهي. شاهه عبدالڪريم جي مٿئين بيت کي ڊاڪٽر بلوچ صاحب قاضي قادن ڏانهن منسوب ڪيو آهي. (ڏسو قاضي قادن جو رسالو/1999ع، ص 76).

1  مضمون ۽ مقالا/ ڊاڪٽر دائودپوٽو، ص 194
2  شاهه جو رسالو (گڏيل 3 جلد)/ ڊاڪٽر گربخشاڻي، ص 78


(بيت_4)
ڪاري رات اڇو ڏينـﮧ، اي صفتان نور،
جتي پرين حضور، اتي رنگ نه روپ ڪو.
(معياري متن، سُرڪلياڻ، 1: 26، ص13)
هي بيت اوائلي دور جي رسالن جو آهي. ڪن رسالن ۾ هي ”سُر آسا“ هيٺ رکيل آهي ته ڪن ۾ وري” سُر رام ڪلي“ هيٺ، ڪن رسالن ۾ هي ”سُر آسا“ ۽ ”سُر رام ڪلي“ ۾ ٻه دفعا آيل آهي. هن بيت جي ٻولي شاهه جي بيتن سان ڀيچ نٿي کائي. هي بيت قاضي قادن جو ٿي سگهي ٿو، جوهن ۾ اکر ’صفتان‘ قاضي قادن جي ٻوليءَ جي جمع واري خاصيت مطابق آهي.
(بيت_5)
پڙاڏو سو سڏ، ور وائي جو جي لهين،
هئا اڳئين گڏ، پر ٻڌڻ ۾ ٻه ٿيا.
(معياري متن، سُرڪلياڻ، 1: 30، ص15)
هي بيت به اوائلي دور جي رسالن جو آهي. ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ هن بيت متعلق لکيو آهي ته هي بيت روميءَ جي هيٺئين بيت جو هوبهو ترجموآهي:
آن نداکش اصل بربانگ ونواست،
خود ندا آنست واين باقي صداست.
(شاهه جو رسالو/ گربخشاڻي، ص 158)
(بيت_6)
سڃاپي نه صورت ري، صورت هڏمَ سوجهه،
ٿيءُ ٻاراڻي ٻوجهه، وڃائي وجود کي.
(معياري متن، سُر ڪلياڻ، 1: 25، ص 13)
ڊاڪٽر بلوچ صاحب هن بيت متعلق لکيو آهي ته هي بيت آڳاٽن قلمي نسخن جو آهي جتي هن بيت جا قافيا آخر ۾ آيل آهن. آڳاٽن قلمي نسخن ۾ بيت جي پڙهڻي هيٺئين طرح آهي:
سڃاپي نه صورت ري، تنهن جي صورت هڏ م سوجهه،
وڃائي وجود کي، ٿي ٻاراڻي ٻوجهه.
(ڏهه قلمي نسخا/ سُر آسا، ص 455)
اصل ۾ هي بيت ”سُر آسا“ جو آهي، جنهن کي ڊاڪٽر صاحب ”سُر ڪلياڻ“ ۾ رکيو آهي. اوائلي دور جي رسالن ۾ هي بيت ٻن سٽن سان لکيل آهي ۽ بيت جا قافيا آخر ۾ ڏنل آهن، جنهن مان گمان ٿئي ٿو ته هي ڪنهن آڳاٽي عارف شاعر جو بيت آهي. البته ”هرگنيو“ جي مـؤلف آخوند عبدالرحيم عباسيءَ هي بيت ٽن سٽن سان ڏنو آهي. آڳاٽن قلمي نسخن ۽ آخوند صاحب واري بيت جي پهرين ٻن سٽن جي پڙهڻي ساڳي آهي. آخوند صاحب جي بيت جي پڙهڻي هيٺ ڏجي ٿي:
سڃاپي نه صورت ري، تنهن جي صورت هڏ م سوجهه،
وڃائي وجود کي، ٿي ٻاراڻي ٻوجهه،
اوتڙ وڃي اوجهه، ته جيائين ڪو تڙلهين.
(هرگنيو/ ڪلياڻ، ب 165،ص 29، 93)
ڊاڪٽر بلوچ صاحب ٻي سٽ ۾ لفظ (ٿيءُ) لکيو آهي، جنهن سان معنيٰ ٿيندي: ته اي ٻوجهه تون ٻاراڻي ٿي_ يعني خطاب ٻوجهه کي آهي ته اي ٻوجهه تون ٻاراڻي ٿي . اُن جي برعڪس اگر لفظ (ٿي) لکبو ته معنيٰ ٿيندي ته اها ٻوجهه ٻاراڻي آهي جيڪا وجود کي ختم ڪريو ڇڏي. خودي ۽ اناجي مسئلي تي هي بيت چيل آهي. اوائلي رسالن جي پڙهڻي درست آهي، جتي لفظ ’ٿي‘ لکيل آهي. شاهه لطف الله قادريءَ جي هيٺئين بيت کي شاهه لطيف وڌيڪ کولي ۽ سهڻي نموني سان بيان ڪيو آهي:
ٻجهي تئن اٻوجهه، ڄاڻ وڃائي پاهنجو،
هوئين جي سٻوجهه، ته ٻجهه م ٻڙي جيترو.
(سنڌي رسالوب 17، ص 103)
(بيت_7)
اِيڪُه قَصَرُ دَرَلَک، ڪوڙِيين ڪڻس کِڙڪُيون،
جاڏي ڪريان پَرَکَ، تاَڏَي صاحبُ ساَمُهُون.
(معياري متن، سُر ڪلياڻ، 1: 31، ص 15)
ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي لکت موجب هي بيت اوائلي دور جي رسالن جو آهي، جتي اُن جي پڙهڻين ۾ ٿورو گهڻو فرق آهي. بيت جون مختلف پڙهڻيون ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي ترتيب ڏنل شاهه جي رسالي: معياري متن جلد_1 جي سمجهاڻيءَ واري حصي ۾ ڏسڻ گهرجن، جتي اُنهن جو تفصيل سان ذڪر ڪيل آهي.
دادو ديال جي روايتن وارن چئني ماخذن موجب هي بيت قاضي قادن جو آهي. ڊاڪٽر بلوچ 1978ع ۾ ”مهراڻ“ جي پرچن ۾ هيري ٺڪرجي ڪتاب”قاضي قادن جو ڪلام“ تي تفصيلي بحث ڪيو هو. يقيناَ ڊاڪٽر صاحب مٿئين بيت تي به تفصيلي بحث ڪيو هوندو. جنهن صورت ۾ ڊاڪٽر صاحب کي هن بيت متعلق اڳ ئي معلوم هو ته هي بيت شاهه لطيف جو ڪونهي ته پوءِ معياري متن ۾ هن بيت ڏيڻ جو ڪم جواز ڪونه هو. بهرحال ڊاڪٽر صاحب معياري متن جي جلد_7 ۾ هن بيت متعلق وضاحت ڪئي آهي ته هي بيت شاهه جو ڪونهي.
(بيت_8)
جَنِ کي جِئائين، پِرينِ پاڻُ پَسايو،
تن کي تئائين، ليا پائڻ آئيا.
(معياري متن، سُر ڪلياڻ، 1: 32، ص 15)
ڊاڪٽر بلوچ صاحب هن بيت متعلق لکيو آهي ته هي بيت بمبئي ڇاپن واري دور جي رسالن جو آهي، پر بمبئي ڇاپن ۽ گنج ۾ هي بيت ڪونهي ۽ نه ئي ڪنهن آڳاٽي قلمي نسخي ۾ آهي. اصل ۾ هي بيت مولوي عبداللطيف سڪندري سنڌ جي هڪ ٻئي عارف، سيد محمد بقا شاهه ڏانهن منسوب ڪيو آهي(1) مولوي صاحب واري ڏنل بيت جي پڙهڻي هيٺ ڏجي ٿي:
جَنهنِ کي جِئائينِ، پِرين پاَنُ پَسايو،
تنهن کي تئائين، لياپائڻ آئيا.
(سيد محمد بقا شاهه)
نوٽ: جيئن ته هي بيت سنڌ جي هڪ ٻئي عارف ڏانهن پڻ منسوب آهي، جنهن لاءِ وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آهي. مون کي لڳي ٿو ته هي بيت شايد روضي ڌڻيءَ جي ملفوظات ”خزانـة المعرفت“ ۾ ڏنل آهي، جتان مولوي صاحب ڏنو آهي. شاهه لطيف جي ”سُر سسئي“ ۾ هڪ بيت ڏنل آهي، جيڪو ٿي سگهي ٿو ته سيد محمد بقا شاهه جي بيت جو تتبع هجي. شاهه جو اُهو بيت هيٺ ڏجي ٿو:
جتي جيتريون، گهڙيون گهارڻ آئِيون،
تتي تيتريون، لکيون لوح قلم ۾.
(شاهه لطيف)
داستان ٻيو:
”سُر ڪلياڻ“ جي داستان ٻئي ۾ ڊاڪٽر صاحب 24 بيت ۽ هڪ وائي رکي آهي. هن داستان ۾ بيتن جي ترتيب سهڻي رکيل آهي. بيت نمبر8۽9 ٻئي عبدالرحيم گورهڙيءَ ڏانهن پڻ منسوب آهن. هن داستان جو بيت نمبر11عطاٺٽويءَ ڏانهن منسوب آهي. بيت 14ڀڳت ڪبير جي بيت جو ترجمو آهي. بيت نمبر22 سُر آسا مان کنيو ويو آهي. هن بيت کان اڳ ”سُرآسا“ ۾ ٻه بيت ٻيا به آهن، جيڪي هن بيت سان سلهاڙيل آهن ۽ سڀني رسالن ۾ لاڳيتا رکيل آهن. اُنهن سڀني بيتن جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو:
(بيت_1)
حاصل جان نه حال، صوفي جم سڏائيين،
ڪونهي تني قال، وٿون جن وڃايون.
(معياري متن، سُرڪلياڻ، 2: 8، ص21)
(بيت_2)
وٿون جن وڃايون، صوفي سالم سي،
هاڻي تني کي، ڏوريان ڏوريي نه لهان.
(معياري متن، سُر ڪلياڻ، 2: 9، ص21)
مٿيان ٻئي بيت اوائلي دور جي رسالن ۾ ناهن، ۽ نه ئي گنج ۽ بمبئيءَ وارن رسالن ۾ آهن. پوئين دور جي رسالن ۾ شايد موجود آهن. اِهي ٻئي بيت هوبهو عبدالرحيم گروهڙيءَ جي بيتن ۾ پڻ موجود آهن. ڊاڪٽر صاحب اُنهن ٻنهي بيتن متعلق لکيو آهي ته اُنهن بيتن جو اسلوب بيان عبدالرحيم گروهڙيءَ کان وڌيڪ شاهه جو لڳي ٿو.

(بيت_3)
مرڻا اڳي جي مئا، سي مري ٿين نه مات،
هوندا سي حيات، جيئڻا اڳي جي جيا.
(ڪلياڻ:3: 2، ص 31)
هي بيت اوائلي دور جي رسالن جو آهي. ليلي رچنداڻي صاحب هن بيت لاءِ لکيو آهي ته هي بيت ڀڳت ڪبير جي هيٺئين بيت جو هوبهو ترجمو آهي،
جيون تو مريو ڀلو، جومرجانه ڪوءِ،
مرتي پهلي جو مرن، توڪل اجروار هوءِ.
(سنڌي نظم جي تاريخ، ص 152)
(بيت_4)
اڻ ڪي عيان نه ٿيي، ڪي پروڙي ڪون،
سچي جهڙي سون، منـه نه پيئي ماڙوهئين.
(معياري متن، سُرڪلياڻ:2: 11، ص 23)
هي بيت اوائلي دور جي رسالن جو آهي. جتي اُن جي پڙهڻي سڀني رسالن ۾ ساڳي آهي. اصل ۾ مٿئين بيت سان گڏ ٻيو بيت به سلهاڙيل آهي، جنهن کي ڊاڪٽر صاحب عطاٺٽويءَ ڏانهن منسوب ڪيو آهي. ٻئي بيت هيٺ ڏجن ٿا:
(1)
اڻ ڪي عيان نه ٿيي، ڪي پروڙي ڪون،
سچي جهڙي سون، منـه نه پيئي ماڙوهئين.
(2)
اڻ ڪي عيان نه ٿيي، ڪي پروڙي ڪونه،
امر عطا جنهن جو، جان سونهون ٿيي سونه.
مٿيان ٻئي بيت اوائلي دورجي رسالن جا آهن ۽ سڀني قلمي توڙي ڇاپي رسالن ۾ ڏنل آهن. ڪن رسالن ۾ اهي ”سُريمن“ هيٺ رکيل آهن ته ڪن ۾ وري ”سُرآسا“ هيٺ. ڊاڪٽر بلوچ صاحب هن بيت متعلق لکيو آهي ته (عل) رسالي ۾ هي بيت ٽن سٽن سان ناقص صورت ۾ ڏنل آهي(1):
اڻ ڪي عيان نه ٿيي، ڪي پروڙي ڪونه،
امر عطا جنهن جو، جان سونهون ٿيي ڇونه،
سچي جهڙي سونه، منـﮧ نه پيئي ماڙوهئين.
( شاهه جو رسالو، جلد_10، ص 274)
حقيقت ۾ مٿيان ٻئي بيت الڳ الڳ صورت ۾ ڪونهن، بلڪه پوءِ جي مـؤلفن (عل) رسالي جي ٽن سٽن واري بيت کي الڳ الڳ ڪري ڇڏيو آهي. جيئن ته متن واري بيت لاءِ چيو وڃي ٿو ته اُهو عطا ٺٽويءَ جو آهي، پر اُهو ڪهڙي ماخذ ۾ لکيل آهي تنهن جو ڪوپتو ڪونهي. هن بيت ۾ عطانالي جي صورت ۾ به ڪم آڻي سگهجي ٿو ته بخشش يا قسمت ۾ لکيل يا فصاحت جي معنيٰ ۾ به هن بيت لاءِ وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آهي.
داستان ٽيون:
هن داستان ۾ ڪل 24بيت ۽ هڪ وائي ڏنل آهي. بيت نمبر2 ڀڳت ڪبير جي بيت جو ترجمو آهي. بيت نمبر 18خواجه محمد زمان لنواري واري جو آهي ۽ بيت نمبر 24 دوهي جي صورت ۾ آهي، جيڪو شاهه کان اڳ جي ڪنهن سالڪ جو چيل ٿو ڏسجي. باقي سڀيئي بيت ”سُرآسا“ مان کنيا ويا آهن، جن جو”سُرڪلياڻ“ سان ڪو تعلق ڪونهي. اُنهن بيتن جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو:
(بيت_1)
سرُنايو سَجدا ڪَرين، تَنُ تواضعو تو نَه،
هُوَ جو مَڻڪو مَنَ جو، سُوڌو سورِين سو نهَ،
ڪوڙا ٿيندءِ ڪونه، ڦُوڪيي ڌوتي فائدو.
(معياري متن، سُر ڪلياڻ،3: 18، ص 39)
ڊاڪٽر صاحب جي لکڻ موجب اوائلي دور جي ڪن نسخن ۾ هي بيت ”سُرآسا“ هيٺ ڏنل آهي. اصل ۾ هي بيت سنڌ جي هڪ ٻئي عارف ۽ صوفي شاعر خواجه محمد زمان ڏانهن پڻ منسوب ٿيل آهي. ڊاڪٽر دائودپوٽو”ابيات سنڌي“ جي صفحي نمبر 32تي لکي ٿو:
”خواجه محمد زمان جا ڪيترائي بيت چيا ٿا ڏسجن، مگر ڪي ٿورا ڪتابن ۾ درج ٿيل آهن، جهڙوڪ شاهه لطيف سان ملاقات....يا معقولو 22مٿي ڏنل. يا...بزرگ گروهڙي فتح الفضل جي خالي ورقن تي هيٺان بيت لکيا آهن.“(ابيات سنڌي/ ڊاڪٽر دائودپوٽو،ص 32)
هن عبارت ڏيڻ کان پوءِ ڊاڪٽر دائود پوٽي صاحب صفحي 33 تي پنج بيت ڏنا آهن، جن ۾ مٿيون بيت به ڏنل آهي. ڊاڪٽر دائودپوٽي جي ڏنل بيت جي پڙهڻي هيٺ ڏجي ٿي:
خواجه محمد زمان
تَنُ توجهه تونَ، ٿو سِرُ ناَيو سَجِدا ڪَرين
من جي مرماريجو، ٿو سڳو سورين سونَ،
ڪڏهن ٿيندو ڪونَ، ڦُوڪي ڌوتي فائدو.
(ابيات سنڌي/ ڊاڪٽر دائود پوٽو، ص 33)
ڊاڪٽر دائودپوٽي جي لکڻ موجب هي بيت خواجه محمد زمان جو آهي ۽ اُن جو ئي سمجهڻ گهرجي. اُميد آهي ته سنڌ جا عالم اُن ڏانهن توجهه ڏيندا ۽ هن بيت کي شاهه ڏانهن منسوب نه ڪندا.
(بيت_2)
ڪين ماڻيندا من ۾، خودي ۽ خدا،
ٻن ترارن جاءِ، ڪا آهي هڪ مياڻ ۾.
(معياري متن، سُرڪلياڻ، 3: 2،ص 31)
هي بيت اوائلي دور جي رسالن جو آهي.رُچنداڻي صاحب هن بيت متعلق لکيو آهي ته شاهه لطيف هي بيت ڀڳت ڪبير جي هيٺئين بيت کان متاثر ٿي چيو آهي.
پيا چاهي پريه پرس، راکا چاهي مان،
ايک ميان مين دو کڙگه، ديکي سني نه کان.
(سنڌي نظم جي تاريخ ، ص 152)
(بيت_3)
نڪا ابتدا عبدجي، نڪا انتها،
 جن سڃاتو سپرين، سي وڃڻ کي ويا.
(معياري متن، سُرڪلياڻ، 3. 24، ص 41)
هي بيت اوائلي دور جي رسالن جو آهي. هن بيت جا قافيا سٽن جي آخر ۾ آهن. بيتن جي اها صورت شاهه کان اڳ واري دور جي بيتن جي آهي. لڳي ٿو ته هي بيت ڪنهن آڳاٽي سالڪ جو آهي، سمجهاڻيءَ واري حصي ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب پڻ اهڙو اظهار ڪيو آهي ۽ شڪ ڏيکاريو آهي ته هي ڪنهن آڳاٽي سالڪ جو بيت آهي ۽ لکيو اٿس ته آڳاٽن قلمي نسخن ۾ هي بيت چئن سٽن سان ڏنل آهي، جتي اُن جي پڙهڻي هيٺئين طرح آهي:
نڪا ابتدا عبد جي، نڪا انتها،
جن سڃاتو سپرين، سي وڃڻ کي ويا،
تعظيما ترڪ ٿئا، واجهاڻا وئا،
وڃي تت پئا، جت نهايت ناهه ڪا.
(ڏهه قلمي نسخا/ سُر آسا، ص 479)
داستان چوٿون:
هن داستان ۾ ڪل 39 بيت ۽ ٻه وايون ڏنل آهن. بيت نمبر ٻيو (عاشقن الله جي) کنڌيءَ وارن بيتن سان شروع نه ٿو ٿئي، اُن کي بيت نمبر پنجين کان پوءِ رکجي ها. بيت نمبر6 آخوند عبدالرحيم جي ڪتاب”هرگنيو“ ۾ ٽن سٽن سان ڏنل آهي. بيت نمبر9 جي قافين ۾ نقص آهي. بيت نمبر 19 جي آخري سٽ حجام شاعر جي بيت ۾ پڻ ڏنل آهي، عاشق معشوقن جي کنڌيءَ وارا بيت موکيءَ ۽ متارن واري داستان سان تعلق رکن ٿا، اُنهن کي سُريمن جي داستان_6۾ رکجي ها. بيت نمبر 34 جون آخري ٻه سٽون سُريمن جي داستان چوٿين ۾ بيت نمبر21 جي صورت ۾ موجود آهن. اُن کان علاوه بيت نمبر 34 ٻين سڀني نسخن ۾ ٽن سٽن سان ڏنل آهي. اُنهن سڀني بيتن جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو:
(بيت_1)
عاشقن آرام، ڪڏهن تان ڪونه ڪيو،
طعني ڪيا تمام، حبيباڻي هيڪڙي.
(معياري متن، سُرڪلياڻ، 4: 6، ص 45)
هي بيت جي اوائلي دور جي رسالن جو آهي، جتي هن بيت جي پڙهڻيءَ ۾ ڪجهه فرق آهي. پڙهڻين لاءِ ڏسو رسالي جو سمجهاڻيءَ وارو حصو، جتي اُن جون مختلف پڙهڻيون ڏنيون ويون آهن. هي بيت آخوند عبدالرحيم جي ڪتاب ”هرگنيو“ ۾ ٽن سٽن سان ڏنل آهي، جتي اُن جي پڙهڻي هيٺئين طرح آهي:
عاشقن آرام، ڪڏهن سمهي نه ڪيو،
حبيباڻي هيڪڙي، طعني ڪيا تمام،
اکن ننڊ حرام، پچن پييون پور م.
(هرگنيو/ڪلياڻ:ب_27، ص 67)
        آخوند صاحب واري پڙهڻي به تمام سهڻي آهي، سٽن وارو ٻن سٽن جو مٿيون بيت اڻپورو لڳي ٿو، جڏهن ته آخوند صاحب وارو بيت ڄڻ ته مڪمل آهي.
جان عاشق مٿي رت، تان دعويٰ ڪرم نيـﮧ جي،
سائو منهن سونـﮧ ڳئي، سڪڻ اي شرط،
نه ڪين گوڏ گرٿ، مٿان سر سودا ڪري.
(معياري متن، سُرڪلياڻ: 4: 9، ص 47)
هي بيت اوائلي دور جي رسالن جو آهي. پڙهڻين ۾ گهڻو اختلاف آهي. مختلف پڙهڻين لاءِ ڏسو سمجهاڻيءَ وارو حصو. هن بيت جي قافين ۾ نقص آهي. جيتوڻيڪ قافيا (رت، شرط، گرٿ) هم آواز آهن، پر اُن جي باوجود اها بيت ۾ وڏي اوڻائي آهي.
(بيت_3)
عشق نه آهي راند، ته ڪي ڪنس ڳڀرو،
جيءَ جسي ۽ جان جي، ڀڃي جو هيڪاند،
سسي نيزي پاند، اُڇل ته اڌ ٿئي.
(معياري متن، سُرڪلياڻ:4: 19، ص 53)
هي اوائلي دور جي رسالن جو بيت آهي. هن بيت جي آخري سٽ معنيٰ ۾ مبهم آهي. هن بيت جي تمام سهڻي پڙهڻي آخوند عبدالرحيم جي ڪتاب ”هرگنيو“ مان هيٺ ڏجي ٿي، جتي هي بيت وڌيڪ صاف صورت ۾ لکيل آهي:
عشق نه سوکي راند، جان ڪي کيلينس ڳڀرو،
جي جسي ۽ جان کي، ڀڃئو ڪري هيڪاند،
سسي نيزي پاند، لوڏيندا لک ويا.
(هرگنيو: بيت_134، ص 88)
آخوند صاحب جي ڏنل هن بيت جي آخري سٽ معنيٰ ۾ وڌيڪ مـؤثر ۽ سهڻي آهي. يعني، لکين عاشق هن عشق الاهيءَ ۾ پنهنجو سرڪٽائي هليا ويا. هن بيت ۾ شاهه عنايت شهيد، سرمد شهيد ۽ منصور حلاج ڏانهن اشارو آهي. ”هرگنيو“ جي مـؤلف، آخوند عبدالرحيم، حجام شاعر جو بيت ڏنو آهي، جنهن ۾ متن جي بيت جي آخري سٽ ڏنل آهي. جنهن مان لڳي ٿو ته پوين شاعرن شاهه جي تتبع تي ڪافي بيت چيا آهن.
محبت جي ميدان ۾، ڪن رڪاڻي راند،
هڻي تت حجام چئي، مانهين ٿج مهاند،
سسي نيزي پاند، اُڇل ته اڌ ٿئي.
(هر گنيو: بيت _107،ص 82)
معياري متن جي مٿئين بيت کان پوءِ’ سُر بروو سنڌي‘ ۾ ڏنل هيٺيون بيت رکجي ها، جو اهو به ”سُرڪلياڻ“ سان تعلق رکي ٿو:
عشق اهڙي ذات، جو مانجهي منجهائي مين کي،
ڏينهان ڏورڻ ڏونگرين، رئن سڄيائي رات،
اُٿي ويٺي تات، ميان محبوبن جي.
(گنج/سر بروو سنڌي، ص 458)
 (بيت_4)
چڙهئو چڪاسن چاه، آڳ ٻرندي آئيا،
وهسن واڙي ڦل جئن، محبتي مچ لاءِ،
کامندن کٽئو، اجهاڻن اونداهه،
جن اندر ٻري باه، اي سڌ سڀ ڪا ان کي.
(معياري متن، سُرڪلياڻ:4: 23، ص 61)
مٿيون بيت اوائلي دور جي رسالن جو آهي. جتي هي بيت ٽن سٽن سان ڏنل آهن. آڳاٽي دور جي رسالن مان بيت جي پڙهڻي هيٺ ڏجي ٿي:
چڙهيو چڪاسين جاءِ، آڳ ٻرندي آئيا،
 وهسن واڙي ڦل جئن، محبتي مچ لاءِ،
آڻي پاڻ اڙاءِ، کڻي کوري وچ ۾.
(ڏهه قلمي نسخا/جمن و ڪلياڻ، ص 235)
سڀني قلمي توڙي ڇاپي رسالن ۾ مٿيون بيت ٽن سٽن جو آهي. اُن کان علاوه بيت جون آخري ٻه سٽون معياري متن جي”سُريمن“ ۾ صفحي 129 تي الڳ سان بيت ڪري ڏنيون ويون آهن. سٽن جو اهو ورجاءُ بيت جي سهڻائي ختم ڪريو ڇڏي، ۽ شاعر جي خيالي قوت جي گهٽتائي پڻ محسوس ٿئي ٿي. سُريمن مان اُهو بيت هيٺ ڏجي ٿو، جنهن ۾ متن جون پويون ٻه سٽون ڏنل آهن:
ڪاڻا تن کٽئو، اجهاڻن اونداه،
جن اندر ٻري باه، اي سڌ سڀ ڪا ان کي.
(معياري متن، سُريمن، 4: 21، ص 129)
(بيت_5)
عاشق معشوقن جو، وٺي ويهج گهٽ،
جم ورچي ڇڏيين، محبت سندو مٽ،
ڪري سرجو سٽ، پيج ڪي پياليون،
(معياري متن، سُرڪلياڻ:4: 24، ص 55)
هي بيت اوائلي دور جي رسالن ۾ موجود آهي، جتي هن جي پڙهڻي ڪجهه مختلف آهي. سڀني رسالن ۾ وچين سٽ ۾ لفظ محبت جي جڳهه تي موکي لکيل آهي. محبت کي مٽ سان تشبيهه ڏيڻ شاهه جي شان وٽان ناهي. اصل ۾ عاشق معشوقن جي کنڌيءَ وارا بيت موکي۽ متارن جي قصي سان تعلق رکن ٿا، جن مان موکيءَ جي نالي وارا بيت ڊاڪٽر صاحب ڌارين بيتن ۾ شمار ڪيا آهن. باقي هن بيت ۾ موکيءَ جو لفظ ڪٽي، اُن جي جڳهه تي محبت جو لفظ پنهنجي طرفان داخل ڪيو ويو آهي، نه ته اصل ۾ صحيح لفظ موکي ئي آهي. هن بيت ۾ موکيءَ جي مٽ ڏانهن اشارو آهي نه ڪي محبت جي مٽ ڏانهن.
عاشق معشوقن جي کنڌيءَ وارا بيت تمام سهڻا چيل آهن. ساڳي کنڌيءَ وارو هڪ بيت آخوند عبدالرحيم عباسيءَ جي ڪتاب”هرگنيو“ ۾ پڻ ڏنل آهي، جيڪو ٻئي ڪنهن ماخذ ۾ مون کي نظر نه آيو آهي. ”هرگنيو“ مان اصل بيت هيٺ ڏجي ٿو:
عاشق معشوقن جا، سدائين محتاج،
هٿان ڇڏيو حاج، اُڀا سڪن سڏکي.
(هرگنيو، سُرڪلياڻ، ب _ 80، ص 78)
هي بيت شاهه جي معيار تي پورو آهي. اُميد ته ايندڙ محقق هن بيت کي سُرڪلياڻ ۾ رکندا.

داستان پنجون:
هن داستان ۾ 26 بيت ۽ هڪ وائي رکيل آهي. بيتن جي ترتيب سلسليوار رکيل آهي. بيت نمبر11 جي پهرين مصرع شيخ عبدالرحيم گروهڙيءَ جي بيت ۾ پڻ موجود آهي. بيت نمبر 20 شيخ عبدالرحيم گروهڙيءَ جي رسالي ۾ به ڏنل آهي. بيت نمبر 21 آخوند عبدالرحيم عباسيءَ جي ڪتاب”هرگنيو“ ۾ ٿوري فرق سان موجود آهي.
(بيت_1)
ڪنـﮧ چيئي ته پاءِ، پير پريان جي پير ۾،
 تو سُکن جون سڌون ڪرين، سيڻن سور سهاءِ،
انگهن جي اڙاءُ، جان نالو ڳيڙءِ نيـﮧ جو.
(معياري متن، سُرڪلياڻ، 5: 11، ص 69)
ڊاڪٽر بلوچ صاحب هن بيت متعلق لکيو آهي ته هي اوائلي دور جي رسالن جو بيت آهي، جو سواءِ (ل) نسخي جي باقي ٻين نسخن ۾ ٻن مصراعن جو ڏنل آهي. ڊاڪٽر صاحب جي ترتيب ڏنل ڏهن ٻه قلمي نسخن تي آڌاريل متن واري ڇاپي ۾ هي بيت ٻه دفعا ٻن مختلف سٽن سان ڏنل آهي. ٻئي بيت هيٺ پيش ڪجن ٿا:
(1)
ڪنهن چيوءِ ته پاءِ، پير پريان جي پير ۾،
سيڻن سور سهاءِ، تون سُکن جون سڌون ڪرين.
(ڏهه قلمي نسخا/ڪلياڻ ويمن، ص 214)
(2)
تون سُکن جون سڌون ڪرين، سيڻن سور سهاءِ،
انگهن جي اڙاءِ، جان نالو ڳيڙءِ نينهن جو.
(ڏهه قلمي نسخا/ڪلياڻ ويمن، ص 216)
اصل ۾ هي بيت ”سُر سسئي “ سان تعلق رکي ٿو. ”سُر ڪلياڻ“ يا ”يمن“ ۾ ڪي بيت اهڙا اچي ويا آهن، جيڪي ”سُرسسئي“ جا آهن. مثلاَ ڊاڪٽر صاحب جي مٿي ڏنل ٽن سٽن واري بيت جي آخري سٽ ٿوري ڦير ڦار سان ”سُرسسئي“ جي هيٺئين بيت ۾ موجود آهي:
ستي سي نه سياءُ، جي ڪوهيارا ڪيچ جا،
انگهن چڙهيو آءُ، جان نالو ڳيڙءِ نينهن جو.
(گنج/سسئي، ص 50)
يا”سُرسسئي“ جو هيٺيون بيت، جنهن ۾ به اهو ساڳيو فقرو (جان نالو ڳيڙءِ نينهن جو) آيل آهي:
توسين ٻول ٻهون، سهسين ساڄن جي ڪري،
ڪندين توڪهون، جي نالو ڳيڙءِ نينهن جو.
(گنج/سُر سسئي،ص 39)
معياري متن جي بيت جي پهرئين مصرع (ڪنهن چيوءِ ته پاءِ، پيرپپان جي پير ۾)، شيخ عبدالرحيم گروهڙيءَ جي هڪ بيت ۾ پڻ موجود آهي. گروهڙي صاحب جو بيت هيٺ ڏجي ٿو:
پارانڀا پرين جا، ڪرڳل ڪٻينداءِ،
حب هر ڏيئي ڪاتيون، هي هي ڪرم هاءِ،
 ”ڪنهن چيوءِ ته پاءِ، پير پريان جي پير۾،“
(ڪلام گروهڙي/سُرسسئي،ص304)
(بيت_2)
هڪ جو هڻي هٿ کڻي، ٻئو جو جهلي گهاءُ،
انهين سور سماءُ، آهي ٻن ڄڻن کي.
(معياري متن سُرڪلياڻ:5: 2، ص 75)
اوائلي دور جي رسالن ۾ هي بيت موجود ڪونهي، البته گنج ۾ ڏنل آهي. هي بيت سنڌ جي هڪ ٻئي سالڪ فقير عبدالرحيم گروهڙيءَ جي بيتن ۾ پڻ شامل آهي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب هن بيت متعلق لکيو آهي ته هي بيت شيخ عبدالرحيم گروهڙيءَ کان وڌيڪ شاهه جي اسلوب بيان مطابق آهي. ڪلام گروهڙيءَ ۾ ڊاڪٽر دائودپوٽو لکي ٿو ، ته ”هي بيت شاهه جي ڪن نسخن ۾ پڻ درج آهي.“
(ص 193/ 279).ڪلام گروهڙيءَ مان شيخ عبدالرحيم گروهڙيءَ جو اصل بيت هيٺ ڏجي ٿو:
هڪ جو هڻي هٿ کڻي، ٻئو جو جهلي گهاءُ،
انهين سرڪي سماءُ، اهي ڄاڻن ٻه ڄڻا.
(ڪلام گروهڙي، سُرڪلياڻ، ب_ 8، ص 279)
ڊاڪٽر دائودپوٽي جي لکت مان معلوم ٿئي ٿو ته هي بيت شيخ عبدالرحيم گروهڙيءَ جو آهي.
(بيت_3)
توجني جي تات، تن پڻ آهي تنهنجي،
فاذ ڪروني اذڪر ڪم، اي پروڙج بات،
هٿ ڪاتي ڳڙوات، پڇڻ پر پرين جي.
(ڪلياڻ:5: 21، ص 75)
هي بيت اوائلي دور جي رسالن ۾ موجود آهي. شاهه جو هي بيت تمام سهڻو چيل آهي. ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ هن بيت متعلق لکيو آهي ته : هن بيت جي پهرين مصرع ، ٻي مصرع واري عربي آيت جو شاعرانو ترجمو آهي. يعني: ”پوءِ ياد ڪريو مون کي ته آءُ به اوهان کي ياد ڪريان.“
(شاهه جو رسالو/گربخشاڻي، سُرڪلياڻ: معنيٰ ۽ شرح، ص 170)
آخوند عبدالرحيم جي ڪتاب ”هرگنيو“ ۾ هي بيت پڻ ڏنل آهي، جتي اُن جي پڙهڻي ڪجهه مختلف آهي. آخوند صاحب جي ڏنل بيت جي پڙهڻي هيٺ ڏجي ٿي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب اها پڙهڻي سمجهاڻيءَ واري حصي ۾ نه ڏني آهي:
توتات جن جي، تنهين تنهنجي تات،
فاذ ڪروني اذڪر ڪم، اها پروڙج بات،
هٿ ڪاتي ڳڙوات ،اي پڇڻ پرپرين جي.
(هرگنيو/ ڪلياڻ:ب_164، ص 92)
[ب] سُريمن
داستان پهريون:
هي داستان 30 بيتن ۾ هڪ وائيءَ تي مشتمل آهي. بيتن جي ترتيب نرالي ۽ انوکي آهي.هن داستان جي بيت نمبر13 جي پهرين سٽ ”حڪايات الصالحين“ جي حاشئي تي ڏنل آهي، جنهن کي ڊاڪٽر صاحب قاضي قادن جو بيت ڪري ڄاڻايو آهي. ”حڪايات الصالحين“ جي حاشئي وارو بيت اصل ۾ شاهه جو آهي. هن داستان جي بيت نمبر 15 جون ٽيئي سٽون ”سُريمن“ جي داستان ٽئين جي بيت نمبر9/د ۾ ڏنل آهن، اِن ڪري هي بيت هن داستان ۾ ڏيڻ نه کپندو هو. هن داستان ۾ ڪي اهڙا بيت آهن جيڪي آخوند عبدالرحيم جي ڪتاب ”هرگنيو“ ۾ پڻ ڏنل آهن، جتي اُنهن  جون پڙهڻيون ڪجهه مختلف، پر وڌيڪ سهڻيون آهن. اُنهن مان ڪي بيت نوان آهن، جيڪي ٻئي ڪنهن ماخذ ۾ نظر نه آيا آهن. بيت نمبر 31 ’سدا آهي سور جي‘ واري فقري سان شروع ٿئي ٿو، ته بيت نمبر 22 ۽ 23 وري ٻين فقرن سان شروع ٿين ٿا. جڏهن ته بيت نمبر24 وري ساڳئي فقري ’سدا آهي سور جي‘ سان شروع ٿئي ٿو. اُنهن ٻنهي بيتن کي لاڳيتو رکجي ها ته بهتر هو. بيت نمبر29 شاهه شريف ڏانهن منسوب آهي، جنهن جو ذڪر ڊاڪٽر بلوچ صاحب ڪيو آهي. سندن خيال موجب هن بيت جو اسلوب بيان شاهه جو لڳي ٿو. اُنهن بيتن متعلق تفصيل هيٺ ڏجي ٿو:
(بيت_1)
ڪُهن ۽ ڪوٺينِ، اي پر سندي سڄڻين،
 سوري چاڙهيو، سپرين ڏنڀ ڏينهاڻئو ڏينِ،
 ويٺا وره وٽينِ، آءُ واڍ وڙيا وهاءِ تون.
(معياري متن، سُريمن، 1: 13 ، ص 85)
مٿيون بيت اوائلي دور جي رسالن جو آھي، جتي اُن جي پڙھڻيءَ ۾ ٿورو گهڻو فرق آھي. ھن بيت جي پھرين مصرع ”حڪايات الصالحين“ جي حاشئي تي پڻ لکيل آھي. ڪنھن جلد ساز نسخي جي مرمت ڪندي باقي مصراعن جي مٿان ڪاغذ ھڻي ڇڏيو، جنھن جي ڪري باقي مصراعون ڍڪجي ويون ۽ صرف ھيءَ پھرين مصرع سالم رھي آھي.”حڪايات الصالحين“ واري سٽ جي پڙھڻي ھيٺ ڏجي ٿي:
اي پر سندي سڄڻان، جي ڪھن ۽ ڪوٺين.
محترم ڊاڪٽر بلوچ صاحب جڏھن قاضي قادن جو رسالو 1999ع ۾ شايع ڪيو ته اِن مصرع کي قاضي قادن جو ڪري ڄاڻايو ۽ اُن جو سبب اِھو ڏنو ته ھن بيت ۾ لفظ ’سڄڻان‘ قاضي قادن جي جمع واري خاصيت مطابق آھي. مون کي لڳي ٿو ته اِھو لفظ اصل ۾ ’سڄڻين‘ ئي آھي. ھڪ طرف ڊاڪٽر صاحب اُن کي قاضي قادن جو بيت ڪري ڄاڻايو آھي ته ٻئي طرف اُن سٽ سان آيل بيت وري شاھه جي معياري متن ۾ رکيو آھي ۽ بيت شاھه ڏانھن منسوب ڪيو آھي.(ڏسو قاضي قادن جو رسالو/ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، بيت _ 12، ص 139۽ ص 192)
اصل ۾ ”حڪايات الصالحين“ جي حاشئي تي لکيل مٿئين مصرع شاھه عبداللطيف جي بيت جي پھرين مصرع آھي، جيڪو سڀني قلمي توڙي ڇاپي رسالن ۾ لکيل آھي . اُميد ته اِنھيءَ غلطيءَ ڏانھن توجھه ڏنو ويندو. ”حڪايات الصالحين“ جي حاشئي تي لکيل گهڻا بيت شاھه لطيف جا آھن، جن متعلق ڪنھن ٻئي مقالي ۾ ڄاڻ ڏيڻ جي ڪوشش ڪندس.
(بيت _2)
پاڻھين ٻڌن پٽيون، پاڻھين ڌڪ ڌئن،
ويڄن ورچي ڇڏئا، اڄ ڪه ڪالھه مرن،
ڪنـﮧ کي ڪين چون، ته درد اسان جي دل ۾.
(معياري متن، سُريمن _ 1: 15 ، ص 85)
ھي بيت ”سُريمن“ جي داستان پھرين جو بيت نمبر 15 آھي. معياري متن جي مٿئين بيت جون آخري ٽي سٽون، الڳ بيت جي صورت ۾، صفحي 113تي بيت نمبر(9/د) ۾ ڏنل آھن. بيت ھيٺ ڏجي ٿو:
ڪانارئا ڪڻڪن، جني لوه لڱن ۾،
پاڻھين ٻڌن پٽيون، پاڻھين ڌڪ ڌئن،
ويڄن ورچي ڇڏئا، اڄ ڪه ڪالھه مرن،
ڪنـﮧ کي ڪين چون، ته درد اسان جي دل ۾ .
(يمن 3: 9/د، ص 113)
”سُريمن“ جي داستان ٽئين جي بيت نمبر (9/د) جون آخري ٽي سٽون ٻين سڀني رسالن ۾ مختلف ڏنل آھن. گنج مان اُن بيت جي پڙھڻي ھيٺ ڏجي ٿي. اُميد ته ايندڙ مـؤلف اُنھن غلطين ڏانھن توجھه ڏيندا ته جيئن وڌيڪ بھتر ۽ معياري متن شايع ٿي سگهي:
ڪانارئا ڪڻڪن، جني لوه لڱن ۾،
محبت جي ميدان ۾، پيا لال لڇن،
پاڻھين ٻڌن پٽيون، پاڻھين چڪيا ڪن،
وٽان واڍ وڙين، رھي اچجي راتڙي.
(گنج، ص 226)
(بيت _ 3)
ديڳين دوڳ ڪڙھن، جت ڪڻھي ڪڻڪو نه لھي،
تتي طبيبن، چاڪ چڪندا ڇڏئا.
(معياري متن، سُريمن: 1: 17،ص 87)
ڊاڪٽر بلوچ صاحب معياري متن ۾ ھي بيت رکيو آھي، جيڪو شاھه جو چيل تمام سھڻو بيت آھي. ھن بيت کان پوءِ ”ھرگنيو“ ۾ ڏنل ھيٺيون بيت رکجي ھا، جيڪو مٿئين بيت جي پھرين سٽ سان شروع ٿئي ٿو ته وڌيڪ بھتر ٿئي ھا:
ديڳين دوڳ ڪڙھن، ڪڻھي ڪڙڪو نه لھي،
 عشق جي الال جا، مڱر مچ ٻرن،
وٽان واڍوڙين، ڪوڪه نه وڃي ڪڏھين.
(ھرگنيو/ڪلياڻ: ب84، ص 78)
آخوند صاحب وارو بيت به پنھنجو مٽ پاڻ آھي ۽ پڙھڻي به تمام سھڻي ڏنل آھي. آخوند صاحب جو ڏنل بيت شاھه جي معيار تي پورو آھي ۽ ٻئي ڪنھن ماخذ ۾ مون کي نظر نه چڙھيو آھي.
(بيت _ 4)
اڄ پڻ دانھو دانـﮧ، واڍوڙڪي منھين،
ويڄ ورائي ٻانـﮧ، چوري چاڪ نھاريا.
(معياري متن، سُريمن:1: 18،ص 87)
ڊاڪٽر بلوچ صاحب معياري متن ۾ ھي بيت رکيو آھي، جيڪو اوائلي دور جي رسالن ۾ پڻ موجود آھي. ھن بيت جي ٻي سٽ آخوند عبدالرحيم جي ڪتاب ”ھرگنيو“ ۾ مختلف ڏنل آھي. آخوند صاحب واري پڙھڻي ھيٺ ڏجي ٿي:
اڄ پڻ دانھون دانھن، واڍوڙي کي منھنيئن،
ويڄ ڏنڀين ٿو ٻانـﮧ، سور ھنئين کي سامھان.
(ھرگنيو، ڪلياڻ:ب:18، ص 87)
آخوند صاحب وارو بيت به پنھنجو مٽ پاڻ آھي ۽ ٿي سگهي ٿو ته ھي کنڌيءَ وارو بيت ھجي. اِھو اِن مان به ثابت ٿئي ٿو ته گنج ۽ ٻين سڀني رسالن جي ”سُر بروو سنڌي“ ۾ ھڪ بيت ڏنل آھي، جنهن ۾ به آخوند صاحب واري ٻي سٽ ڏنل آهي. گنج مان بيت ھيٺ ڏجي ٿو:
جيئن سا ڪاني ڪانھن، لھسندي لاتيون ڪري،
اچي اُڀري اوچتي، درد پريان جي دانھن،
ويڄ ڏنڀين ٿو ٻانـﮧ، سور ھنئين کي سامھان.
(گنج ، بروو سنڌي، ص 463)
گنج وارو بيت به سھڻو چيل آھي ۽ اُن کي به ”سُريمن“ جي داستان پھرئين ۾ رکجي ھا جو اُن ۾ به ويڄن جو ذڪر آھي. ھي بيت آخوند صاحب جي ڪتاب ”ھرگنيو“ ۾ پڻ ڏنل آھي، جتي اُن جي پڙھڻي ھيٺئين طرح آھي:
جيئن سا ڪاني ڪانھن، لو سندي لوتيون ڪري،
تيئن اچي ڏني اوچتي، درد پريان جي دانھن،
ويڄ ڏنڀين ٿو ٻانـﮧ، سور ھنيئن کي سامھان.
(ھرگنيو، ڪلياڻ، ب: 54، ص 74)
داستان ٻيو :
ڊاڪٽر صاحب ھن داستان ۾ 29 بيت ۽ ھڪ وائي رکي آھي. بيتن جي ترتيب سھڻي رکيل آھي. سڀيئي بيت ويڄن، طبيبن ۽ اگهن جي حيلن ۽ وسيلن تي مشتمل آھن. بيت نمبر 5 آخوند عبدالرحيم جي ڪتاب ”ھرگنيو“ ۾ ٻن سٽن سان ڏنل آھي. بيت نمبر 16۽ 17 ميين عيسي جا آھن. بيت نمبر 20 به ترجيحي طور تي ميين عيسي جو آھي. بيت نمبر21۽ 23 ”حڪايات الصالحين“ جي حاشئي تي ڏنل آھن. بيت نمبر 27 ميين شاھه عنات جو آھي ۽ سندس رسالي ۾ پڻ ڏنل آهي. بيت نمبر 29 جي ٻي سٽ خليفي نبي بخش بيت نمبر 23 ۾ آيل آھي، ھتي ڏيڻ نه کپندي ھئي. وائيءَ جي پھرين مصرع پليجي شاعر پنھنجي بيت ۾ ڏني آھي، جنھن مان لڳي ٿو ته پوين شاعرن شاھه جي تتبع تي ڪافي بيت چيا آھن:
(بيت _ 1)
رڳون ٿيون رباب، وڄن ويل سڀ ڪھين،
لڇن ڪڇن نه ٻئو، جانب ري جواب،
سوئي سنڌي ندم سپرين، ڪيس جن ڪباب،
سوئي عين عذاب، سوئي راحت روح جي.
(معياري متن، سُريمن، 2: 5 ،ص 97)
ڊاڪٽر بلوچ صاحب معياري متن ۾ ھي بيت رکيو آھي، جيڪو سڀني قلمي توڙي ڇاپي رسالن ۾ موجود آھي. آخوند عبدالرحيم جي ڪتاب ”ھرگنيو“ ۾ ھي بيت ٻن سٽن سان ڏنل آھي، جتي ٻي سٽ جي پڙھڻي مختلف ڏنل آھي. ٿي سگهي ٿو ته ھي ٻه مختلف بيت ھجن يا کنڌيءَ وارا به ٿي سگهن ٿا.”ھرگنيو“ مان بيت جي پڙھڻي ھيٺ ڏجي ٿي:
رڳون ٿيون رباب، وڄن ويل سڀ ڪھين،
ڪرھو ٿيو ڪباب، ته گهاڻو گهمي پاڻھين.
(ھرگنيو/ڪلياڻ، ب_ 159، ص 92)
آخوند صاحب واري بيت جي پڙھڻي به تمام سھڻي ڏنل آھي. آخوند صاحب جو ڏنل بيت شاھه جي معيار تي پورو آھي ۽ ٻئي ڪنھن ماخذ ۾ مون کي نظر نه آيو آھي. ھن بيت کي ”سُر آسا“ ۾ رکڻ گهرجي.
(بيت _2)
ويڄن سين وائي پئا، ڪِري ڪن نه پاڻ،
اگها اِن اھڃاڻ، پسو سور سِجھائيا.
(معياري متن، سُريمن:2: 17،ص 103)
ھي بيت اوائلي دور جي رسالي جو آھي، جتي اُن جي پڙھڻيءَ ۾ ڪو گهڻو فرق ڪونھي. اصل ۾ ھي بيت سنڌ جي ھڪ ٻئي سالڪ ميين عيسي ھالائيءَ جو آھي، جيڪو سندس بيتن ۾ پڻ ڏنل آھي. ھن بيت متعلق ڊاڪٽر دائود پوٽو لکي ٿو ته، ”ھي بيت ھوبھو شاھه جي رسالي ۾ اچي ويو آھي.“ ميين عيسي جي بيتن مان اصل بيت جي پڙھڻي ھيٺ ڏجي ٿي:
ڪِري ڪن نه پاڻ، ويڄن سين وائي پيا،
اگها ھن اھڃاڻ، پسو سور سجھائيا.
(ميين عيسي جا سنڌي بيت. بيت 60، ص 46)
جيئن ته بيتن نمبر16 به ساڳئي فقري (ويڄن سين وائي پيا) سان شروع ٿئي ٿو ۽ بيت نمبر 17 سان سلھاڙيل آھي ۽ ساڳئي اسلوب بيان ۾ چيل آھي، اِن ڪري ترجيحي طور تي چئي سگهجي ٿو ته اھو بيت پڻ ميين عيسي ھالائيءَ جو آھي. اُن کان علاوه معياري متن جي بيت نمبر 20 جي پھرين مصرع:
اگها ئي سگها ٿئا، جي ويٺا وٽ ويڄن.
ميين عيسي جي بيت نمبر 61 ۾ پڻ موجود آھي. مصرع ھيٺ ڏجي ٿي:
سَگها سِگها سي ٿئا، جي ويٺا وٽ ويڄن.
(ميين عيسي جا سنڌي بيت. بيت: 61، ص 46)
شاھه عبداللطيف سڀني سالڪن جي بيتن مان تڪون کڻي بيت ڪونه چيا ھوندا. ھن وٽ پنھنجي اعليٰ سوچ ۽ مبارڪ ڏات ھئي. ھن پنھنجي ماحول جو گهرو مطالعو ڪيو ۽ پنھنجي ئي ديس جي موضوعن کي بيتن ۾ ورجايو آھي. شاھه جي بيتن جو اسلوب بيان ٻين سالڪن جي بيتن کان گهڻو مختلف، مڪمل ۽ سھڻو آھي. ٻولي به صاف ۽ سلوڻي چيل آھي. ”حڪايات الصالحين “ جي حاشئي تي ڏنل شاھه جي بيتن جي ٻولي وڌيڪ صاف آھي. پوين مـؤلفن اُنھن بيتن ۾ اوکا لفظ وجھي بيتن کي ھروڀرو ڏکيو بنائي ڇڏيو آھي.
 (بيت_ 3)
پاڙي ويڄ ھئام، تان مون مور نه پڇئا،
تيلاھين پيام، موري سر اکين ۾.
(معياري متن، سُريمن، 2: 21، ص 105)
ھي بيت به اوائلي دور جي رسالن ۾ ڏنل آھي، جتي اُن جي پڙھڻيءَ ۾ ڪو فرق ڪونھي. ھي بيت ”حڪايات الصالحين“ جي حاشئي تي پڻ قلم بند ٿيل آھي. اُن جي پڙھڻي ھيٺ ڏجي ٿي:
پَاڙي وِيڄَ ھُئامِ، مون ڀورِي نَه پُڇِئَا
موري سَرَ اکِينِ ۾، تِيلاَھين پِيَام.
(اڻ لڀ سنڌي بيت،ص 125)
(بيت _ 4)
ويڄ م ٻڪي ڏي، مر چڱيائي م ٿيان،
سڄڻ مان اچي، ڪر_ لاھو ٿي ڪڏھين.
(معياري متن، سُريمن، 2: 23، ص 105)
معياري متن جو ھي بيت پڻ اوائلي دور جي رسالن جو آھي، جتي اُن پڙھڻيءَ ۾ ڪو ايڏو گهڻو فرق ڪونھي. ھي بيت به ”حڪايات الصالحين“ جي حاشئي تي قلم بند ٿيل آھي، جنھن جي پڙھڻي ٿورو مختلف آھي. ”حڪايات الصالحين“ جي حاشئي واري پڙھڻي ھيٺ ڏجي ٿي:
دَارون ويڄَ مَ ڏِينِ، اَلاَچَڱِي مَ ٿِيَان،
ڪَرلاَھُوتِي ڪَڏَھِين، سَڄَڻَ مَانَ اَچِينِ.
(اڻ لڀ سنڌي بيت، ص 132)
(بيت _ 5)
جان ڪي ڪيا ويڄ، مون دارون ۽ ڪارون،
ٻڪيون ڏيندي ٻاجھه جون، نھاري نارون،
جن سيڻ لھن سارون، تن تان ڏکندو ڏور ٿيي.
(معياري متن، سُريمن، 2: 27،ص 107)
ھي بيت اوائلي دور جي رسالن جو آھي، جتي اُن جي پڙھڻيءَ ۾ ٿورو گهڻو فرق آھي. ھي بيت سنڌ جي ھڪ ٻئي سالڪ ميين شاھه عنات ڏانھن پڻ منسوب آھي. ھن بيت متعلق ڊاڪٽر صاحب حاشئي ۾ لکيو ته ھي بيت شاھه جي رسالي سُريمن ۾ پڻ موجود آھي. ميين شاھه عنات جي رسالي مان اصل بيت ھيٺ ڏجي ٿو:
دارون لئي ڪارون، آن نه ڪندي ويڄ سين،
ٻڪي ڏيندا ٻاجھه جي، نھاري نارون،
جن جون سيڻ لهن سارون، تن کان ڏکندو ڏور ٿيي.
(ميين شاھه عنات جو رسالو، 2: 7، ص 17)
شاھه جو رسالو جڏھن نئين سر ترتيب ڏنو ويندو ته ھن بيت کي معياري متن ۾ نه رکيو ويندو.
(بيت _ 6)
اگهن مري اڄ، ڪيو سڏ صحت کي،
ڏور ڏکندا ڀڄ، مھر منھن ڏي کاريو.
(سُريمن: 2: 29، ص 107)
ھي بيت اوائلي دور جي رسالن جو آھي، جتي اُن جي پڙھڻيءَ ۾ ڪو گهڻو فرق ڪونھي. ڪن رسالن ۾ ھن بيت جي ٻي سٽ ۾ مھر بدران مھري لکيل آھي. اُن کان علاوه ھن بيت جي ٻي سٽ سُر سارنگ جي ھڪ بيت ۾ پڻ ڏنل آھي. سُر سارنگ مان اُھو بيت ھيٺ ڏجي ٿو، جنھن ۾ لفظ مھر بدران مينھن لکيل آھي:
اُٺو اوھيرا ڪري، مٿي عاشق اڄ،
ڏور ڏکندا ڀڄ، مينھن منھن ڏيکاريو.
(گنج/سُر سارنگ، ص 386)
سُر سارنگ جو مٿيون بيت مـؤلفن خليفي نبي بخش لغاري ’قاسم‘ڏانھن منسوب ڪيو آھي. خليفي صاحب جي رسالي مان بيت ھيٺ ڏجي ٿو:
وٺو اوھيرا ڪري، مٿي عاشق اڄ،
ڏور ڏوگاھا ڀڄ، مينھن منھن ڏيکاريو.
(خليفي صاحب جو رسالو/سُر سارنگ، ص 35)
ڊاڪٽر بلوچ صاحب، خليفي نبي بخش ’قاسم‘جي حياتيءَ جو احوال ڏيندي لکيو آھي ته نبي بخش قاسم جي شاعري جو شروعاتي دور 1230_ 1210ھه واري عرصي تي محيط آھي. اُن جو مطلب اِھو ٿيو ته خليفي صاحب جي شاعريءَ جي شروعات سال 1210ھه کان ٿي. جڏھن ته ھي بيت شاھه جي رسالي گنج جي ”سُر سارنگ“ ۾ ڏنل آھي ۽ گنج 1207ھه جو لکيل آھي يعني خليفي صاحب جي شاعريءَ جي شروعات کان ٽي سال اڳ ته پوءِ اِھو ممڪن ڪونھي ته ڪو ”سُر سارنگ“ وارو بيت خليفي صاحب جو ھجي. جيئن ته خليفي قاسم جو سڄو رسالو شاھه جي تتبع تي چيل آھي ۽ شاھه صاحب جي بيتن جون تمام گهڻيون تڪون خليفي صاحب پنھنجن بيتن ۾ ورجايون آھن، اِن ڪري اھو ممڪن ٿي سگهي ٿو ته خليفي قاسم جي رسالي وارو بيت شاھه جي تتبع تي چيل ھجي. اِھو به ممڪن ٿي سگهي ٿو ته خليفي نبي بخش قاسم اِھو بيت شاھه صاحب جو ڪري پڙھيو ھجي، جيڪو پوءِ سندس خليفن رسالي ۾ خليفي صاحب جو سمجھي داخل ڪيو. جيئن شاھه عبداللطيف سنڌ جي سالڪن جا ڪيترائي بيت فقيرن جي آڏو پڙھيا، جيڪي پوءِ شاھه جا سمجھي رسالي ۾ داخل ڪيا ويا. ساڳيءَ طرح خليفي نبي بخش قاسم به اِھو بيت شاھه جو ڪري پڙھيو، جيڪو پوءِ سندس ئي سمجھي رسالي ۾ داخل ڪيو ويو. مثلاَ، خليفي صاحب جي قلمي رسالي (خ) جي سُر ڪارايل ۾ شاھه جو ھڪ بيت ڏنل آھي، جنھن لاءِ حاشئي ۾ لکيل آھي ته:
اين بيت از شاھه عبداللطيف رحمـﺔالله عليـﮧ است.[1] اگر اھو تسليم ڪجي ته ”سُر سارنگ“ وارو بيت خليفي نبي بخش قاسم جو آھي ته پوءِ سندس شاعريءَ جي شروعات 1210ھه کان پھرين ٿي ھوندي.
داستان ٽيون :
ڊاڪٽر صاحب ھن داستان ۾ 18بيت ۾ ھڪ وائي رکي آھي. ھن داستان ۾ بيتن جي ترتيب سھڻي رکيل آھي. بيت نمبر 9/د) جون آخري ٽي سٽون ”سُريمن“ جي داستان _1جي بيت نمبر 15۾ ڏنل آھن. بيت نمبر 10 کان پوءِ ”سُريمن“ جي داستان چوٿين جو بيت نمبر ٽيون رکجي ھا، جو ٻنھي بيتن جي آخري سٽون ساڳيون ئي آھن. سڀني قلمي توڙي ڇاپي رسالن ۾ اھي بيت لاڳيتا رکيل آھن. مؤلفن اِھي ٻيئي بيت سُريمن ۾ اِنھيءَ ڪري رکيا آھن، جو اُنھن ۾ ويڄن جو ذڪر آھي، نه ته اصل ۾ اھي بيت ”سُرسسئي“ سان تعلق رکن ٿا. اُنھن سڀني بيتن جو تفصيل ھيٺ ڏجي ٿو:
 (بيت_ 1)
سر جو سڃئو سڄڻين، ڀرڀيڏي ڏيئي،
ڪان ڪرنگھو ڪپئو، پکن سر پيھي،
جيرا جگر بڪيون، پا ساڙا ٻيئي،
ويڄنئون ويئي، ٿي وھيڻي سڄڻين.
(سُريمن: 3: 10،ص 113)
ڪيفيت: ھي بيت ”سُريمن“ جي داستان ٽئين جو بيت نمبر 10 آھي. ھن بيت جي آخري سٽ ھن طرح آھي:
ويڄنئون ويئي، ٿي وھيڻي سڄڻين.
اُن کان پوءِ سُريمن جي داستان چوٿين ۾ بيت نمبر 3 جي به آخري سٽ ساڳي آھي. بيت ھيٺ ڏجي ٿو:
ڪانڊين ٽانڊين ٻاٻرين، پڇان مرپيئي،
جيرا جگر بڪيون، سيخن ۾ ٽريئي،
ويڄنئون ويئي، ٿي وھيڻي سڄڻين.
(سُريمن: 4: 3، ص 121)
جيئن ته اِھي ٻئي بيت ساڳي سٽ تي ختم ٿين ٿا، اِن ڪري اُنھن کي لاڳيتو ھڪ ٻئي پٺيان رکجي ھا ته وڌيڪ بھتر ھو.ھڪ بيت داستان ٽئين ۾ رکيو ويو آھي ته ٻيو بيت وري داستان چوٿين ۾ ڏنو ويو آھي، جنھن سان بيتن جو سلسلو پڻ ٽٽي پيو آھي، ۽ بيتن ۾ اِھو تسلسل قائم نه رھيو آھي. اوائلي دور جي رسالن ۽ بمبئي واري دور جي رسالن ۾ اِھي بيت لاڳيتا ڏنل آھن. اُن کان علاوه اِھي بيت ”سُر سسئي“ سان تعلق رکن ٿا. گنج مان اُھو بيت ھيٺ ڏجي ٿو، جنھن ۾ مٿئين بيت جي آخري سٽ ساڳي ڏنل آھي:
 مون کي جنين ماريو، سڃاتم سيئي،
پنھون پيڪان پڇنديان، ٻلن تان ٻيئي،
ويڄنئون ويئي، ٿي وھيڻي سڄڻين.
(گنج، سُر سسئي، ص 132)
داستان چوٿون :
ھن داستان ۾ ڪل 22بيت ۽ ھڪ وائي ڏنل آھي. بيتن جي ترتيب اڳين رسالن کان مختلف ۽ سھڻي رکيل آھي. بيت نمبر ٽيون ”سُريمن“ جي داستان _ 3سان تعلق رکي ٿو، اُن کي اُتي رکڻ کپندو ھو. بيت نمبر 7 ۾ ڊاڪٽر صاحب اکر (ٺاه) لکيو آھي، جيڪو صحيح ناھي. صحيح لفظ (آه)آھي. بمبئي ڇاپي ۾ ھي بيت ٻه دفعا ٿوري فرق سان ڏنل آهي، هن بيت کان پوءِ بيت نمبر21 رکجي ھا جو سڀني رسالن ۾ اِھي ٻيئي بيت لاڳيتا رکيل آھن. بيت نمبر 14 شاھه صاحب ڪنھن اڳئين سالڪ جي بيت تي تتبع ڪيو آھي. بيت نمبر 15جي آخري سٽ ۾ (کي) بدران (لئي) لکجي ھا ته بھتر ھو، جو لوھار ڪم ختم ڪرڻ کان پوءِ آڱرن کي ٻئي ڏينھن لاءِ سنڀالي رکندا آھن، ته جيئن اُنھن کي ٻيھر استعمال ڪري سگهن. بيت نمبر 21 جون ٻئي سٽون ”سُر ڪلياڻ“ جي داستان _4جي بيت نمبر 34 ۾ ڏنيون ويون آھن. اصل ۾ ھي ھڪ الڳ بيت آھي. بيت نمبر 22شاھه کان اڳ جي ڪنھن سالڪ جو چيل آھي.
(بيت _1)
مچ منجھيئي (ٺاه)، ٻاھر ٻاڦ نه نڪري،
چور ته لڳي چاه، کام کامندن کٽئو.
(معياري متن، سُريمن، 4: 7، ص 123)
مٿيون بيت اوائلي دور جي رسالن جو آھي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب ھن بيت ۾ اکر(ٺاه) لکيو آھي، جيڪو صحيح ڪونھي. سڀني رسالن ۾ صحيح لفظ (آه) لکيل آھي. بمبئي ڇاپي جي ”سُريمن“ جي داستان _ 3۾ ھي بيت ٻه دفعا ٿوري فرق سان ڏنل آھي. بمبئي ڇاپي جي ٻنھي بيتن جي پڙھڻي ھيٺ ڏجي ٿي:
(1)
مچ منجھيئي آھه، ٻاھر ٻاڦ نه نڪري،
چور ته لڳئي چاھه، کم کمندن کٽيو.
(بمبئي ڇاپو، سُريمن، ص 17)
(2)
ٻاھر ٻاڦ نه نڪري، مچ منجھيئي آھه،
چور ته لڳئي چاھه، کامندن خبرپوي.
(بمبئي ڇاپو، سُريمن، ص 18)
(بيت _2)
سھي جيئن سانداڻ، ڌڪن مٿي ڌڪڙا،
وھه وڃائي پاڻ، ڏي ڏوائون ڏونڱرين.
(معياري متن، سُريمن، 4: 15، ص 127)
مٿيون بيت اوائلي دور جي رسالن جو آھي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جو آڳاٽو ذخيرو“ ۾ حاشئي تي ھڪ بيت ڏنو آھي، جيڪو پورو پڙھڻ ۾ نه آيو آھي. بيت مان خبر پوي ٿي ته شاھه صاحب شايد اُن بيت تي مٿيون بيت تتبع ڪيو آھي. ڊاڪٽر صاحب جي ايڊٽ ڪيل ڪتاب مان بيت ھيٺ ڏجي ٿو:


(1  ) شاهه لطيف_ دنيا ۽ آخرت لاءِ جامعيت/ مولوي عبداللطيف سڪندري، ”سرگهاتو“، شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ڪميٽي، سنڌ، 1987ع، ص 100 (شاهه لطيف جي 243 عرس شريف جي موقعي تي شايع ٿيل ڪتاب).
1  شاهه جو رسالو (رسالي جو ڪلام) جلد-10/ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، علامه قاضي رسالو تحقيقي رٿا ۽ اشاعت، حيدرآباد، سنڌ، 1996ع.

ڌڪن اتي ڌڪ، ھينڙا سـﮧ سانداڻ جي،
ھئي ...... ھيڪاند، جو تو کامي ....
(سنڌي ٻوليءَ جو آڳاٽو ذخيرو، ص 524)
مون بيت کي مڪمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي، پر اِھو ڪيتري قدر صحيح آھي، اُن متعلق مان ڪجھه چئي نٿو سگهان. مڪمل بيت ھيٺ ڏجي ٿو:
ڌڪن اتي ڌڪ، ھينڙا سـﮧ سانداڻ جيئن،
ھئي جا ھيڪاند، جو تون کامي ڪڻيون ٿئين.
(بيت _3)
جئن جيرو کانئي ڄرسين، عشق ايئن ڪري،
اڃان پرت پري، ڳالھه نه ڳالھين جھڙي.
(سُريمن:4: 22، ص 129)
ڪيفيت: مٿيون بيت اوائلي دور جي رسالن جو آھي. اوائلي دور جي رسالن ۾ ھن بيت جا قافيا ٻنھي سٽن جي آخر ۾ آيل آھن. بيت جي اِھا سٽاءَ شاھه کان اڳ وارن بيتن جي آھي. ھي بيت شاھه کان اڳ جي ڪنھن سالڪ جو چيل آھي. آڳاٽي دور جي رسالن مان بيت جي پڙھڻي ھيٺ ڏجي ٿي:
جئن ڄيرو کانئي ڄرسين، عشق ايئن ڪري،
ڳالھه ڳاڻي ٽري ناھه ڪا، اڃان پرت پري.
(ڏھه قلمي نسخا/ سُر آسا، ص 474)
(بيت _ 4)
اڄ آڳڙيا آئيا، سوڌا سراڻي،
پياري پاڻي، تيغون ڪندا تکيون.
(معياري منن، سُريمن،4: 17، ص 127)
مٿيون بيت اوائلي دور جي رسالن جو آھي. ھي بيت آخوند عبدالرحيم جي ڪتاب ”ھرگنيو“ ۾ پڻ ڏنل آھي، جتي ھن جي پڙھڻي ڪجھه مختلف آھي، آخوند صاحب واري پڙھڻي ھيٺ ڏجي ٿي:
اڄ پڻ آڳڙيا، سوڌا سراڻي،
پياريندا پاڻي، سيروھن کي سون جو.
(ھر گنيو، بيت:192، ص 97)
آخوند صاحب واري بيت جي پڙھڻي به تمام سھڻي آھي ۽ بيت به معياري لڳي ٿو. ٿي سگهي ٿو ته ھي کنڌيءَ وارو بيت ھجي. ھن بيت کان پوءِ آخوند صاحب ھڪ ٻيو بيت به ڏنو آھي، جيڪو پڻ معياري بيت آھي ۽ شاھه جو چيل لڳي ٿو.بيت جي پڙھڻي ھيٺ ڏجي ٿي:
جن جون تورائي تکيون، سي سھن ڪين سراڻ،
اڳي ان دڪاڻ، ڪٽ چڙھي ئي ڪين ڪي.
(ھرگنيو، بيت: 193 ، ص 97)
داستان پنجون:
داستان پنجين ۾ ڊاڪٽر صاحب 22 بيت ۽ 2 وايون رکيون آھن. ھن داستان ۾ بيتن جي ترتيب سھڻي رکيل آھي. بيت نمبر پنجين جي ٻولي شاھه جي بيتن سان نٿي ملي، ھي ڪنھن آڳاٽي سالڪ جو چيل ٿو ڏسجي. بيت نمبر6 جيتوڻيڪ آڳاٽن رسالن ۾ موجود آھي ته به شاھه جو نٿو لڳي. بيت نمبر 9 ڪن رسالن ۾ چئن سٽن سان ڏنل آھي، ته ڪن ۾ ٽن سٽن سان. بيت نمبر11 خواجه محمد زمان لنواريءَ واري جو آھي. بيت نمبر 18 کان پوءِ ”سُرڪلياڻ“ جي داستان پھرئين جا بيت نمبر 33۽ 34 رکجن ھا، جو اِھي سڀني رسالن ۾ لاڳيتا رکيل آھن. بيت نمبر 19 ”حڪايات الصالحين“ جي حاشئي تي پڻ قلم بند ٿيل آھي ۽ بيت نمبر 21 قاضي قادن جو آھي. اُنھن سڀني بيتن جو تفصيل ھيٺ ڏجي ٿو:
(بيت _ 1)
سٽرنه سا سارين، الف جنھن جي اڳ ۾،
ناحق نھارين، پنا ٻيا پرين لئي.
(معياري متن، سُريمن، 5: 4 ، ص 133)
ھي بيت گنج ۽ بمبئي ڇاپي وارن رسالن ۾ موجود آھي. ھن بيت جون ٻئي سٽون ٿوري ڦير گهير سان معياري متن جي ھيٺئين بيت ۾ آيل آھن:
سٽر سائي سار، الف جنھن جي اڳ ۾ ،
ميمان جو معلوم ٿئو، ورق سوئي وار،
ناحق ڪيم نھار، پنا ٻئا پرين لئي.
(معياري متن، سُريمن، 5: 14، ص 139)
معياري متن جو بيت نمبر چوٿون اضافي بيت آھي،
جيڪو معياري متن ۾ نه ڏيڻ کپندو ھو. بيت نمبر 14 ۾ صرف ھڪ سٽ جو اضافو آھي، باقي معنيٰ ۾ ٻئي بيت ساڳيا آھن. اُميد آھي ته ايندڙ مـؤلف اُنھن ڳالھين ڏانھن توجھه ڏيندا ته جيئن متن کي وڌيڪ معياري ڪري سگهجي.
(بيت _ 2)
اکر ڇتي ھيڪڙي، ٻھون جي نه ٻجھن،
ڪوه ڪبوکي تن، سڄي سڻائي ڳالھڙي.
(معياري متن، سُريمن، 5: 5، ص 133)
اوائلي دور جي رسالن ۾ ھي بيت موجود آھي، جتي اُن جي پڙھڻين ۾ ڪجھه فرق آھي. مختلف پڙھڻين لاءِ ڏسو شاھه جو رسالو، جلد پھريون، سمجھاڻيءَ وارو حصو. ھن بيت جي ٻولي شاھه جي بيتن کان مختلف آھي ۽ اڳاٽي ٿي لڳي. ڊاڪٽر صاحب به سمجھاڻيءَ واري حصي ۾ اھو شڪ ظاھر ڪيو آھي ته ھي ڪنھن آڳاٽي سالڪ جو بيت آھي.
(بيت _ 3)
اوجھون ڪري عام کي، منجھائيو ملن،
اوءِ پريان ئي پاسي ٿيا، ڳھه ڳھه ڳالھيون ڪن،
ساھان اوڏو سپرين، لوچئو تان نه لھن،
دم نه سڃاڻن، دانھون ڪن ٻئن کي.
(معياري متن،سُريمن، 5: 6، ص 133)
ھي اوائلي دور جي رسالن جو بيت آھي، جتي اُن جي پڙھڻين ۾ ڪجھه فرق آھي. مختلف پڙھڻين لاءِ ڏسو شاھه جو رسالو، جلد پھريون، سمجھاڻيءَ وارو حصو. ھي بيت گنج ۽ آڳاٽن ڏھن قلمي نسخن جي آڌار تي ترتيب ڏنل رسالي ۾ سُر آسا ھيٺ رکيل آھن ۽ بمبئي ڇاپي واري رسالي ۾ ”سُريمن“ ھيٺ ڏنل آھي. ھن بيت کي ٺاھڻ ۾ مـؤلفن دماغ سوزيءَ کان ڪم ورتو آھي. منصوره واري قلمي نسخي ۾ شاھه ڪريم جو ھڪ بيت ڏنل آھي. مـؤلفن اُن ۾ وچين سٽ ملائي ثابت ڪيو آھي ته اِھو بيت شاھه لطيف تضمين ڪيو آھي. منصوره واري نسخي مان بيت ھيٺ ڏجي ٿو:
پاڻي مٿي جھوپڙا، مورک اُڃ مرن،
ساھان اوڏو سپرين، لوچئو تان نه لھن،
دم نه سڃاڻن، دانھون ڪن مٺن جيئن.
(ڏھه قلمي نسخا، سُر آسا: حاشيه، ص 481)
منصوره واري مٿئين بيت ۾ سواءِ وچين سٽ جي باقي ٻه سٽون شاھه عبدالڪريم جي ھيٺئين بيت جون آھن:
پاڻي اتي جھوپڙا، مورک اُڃ مرن،
دانھون ڪن مٺن جيئن، دم نه سڃاڻن.
(شاھه ڪريم جو رسالو، ص 87)
متن واري مٿئين بيت ۾ وري منصوره واري بيت جون آخري ٻه سٽون رکي نئون بيت ٺاھيو ويو آھي. مٿيون بيت شاھه جي اسلوب بيان مطابق ڪونھي ۽ نه ئي ڪو شاھه جي اُفتاد طبع وٽان آھي ۽ نه ئي ڪا ٻولي شاھه جي بيتن جي آھي. اُن کان علاوه پھرين ٻن سٽن جو ربط به پوين ٻن سٽن سان نظر نٿو اچي. اصل ۾  اِھو بيت شايد ٻن سٽن جو آھي، جيڪو ڪنھن آڳاٽي سالڪ جو چيل ٿو ڏسجي. ٿي سگهي ٿو ھي بيت قاضي قادن يا شاھه عبدالڪريم جو ھجي.
اوڄون ڪري عام کي، منجھائيو ملن،
اوءِ پريان ئي پاسي ٿيا، ڳھه ڳھه ڳالھيون ڪن.
(بيت _ 4)
اکر پڙھي اڀاڳيا، قاضي ٿئين ڪئاءُ،
جيئن ڀيريين ۽ ڀائيين، ايڏانـﮧ ائين نه آءُ،
ان سرڪي ساءُ، پڇج عزازيل کي.
(معياري متن، سُريمن، 5: 9، ص 135)
ھي بيت اوائلي دور جي رسالن جو آھي، جتي اُن جي پڙھڻين ۾ گهڻو اختلاف آھي. اختلافي پڙھڻين لاءِ ڏسو شاھه جو رسالو، جلد _ 1،سمجھاڻيءَ وارو حصو. ھن بيت جون آخري ٻه سٽون ”سُر ڪاپائتي“ ۾ الڳ بيت جي صورت ۾ ڏنل آھن. ڊاڪٽر صاحب جي ترتيب ڏنل آڳاٽن ڏھن قلمي نسخن تي آڌاريل متن واري ايڊيشن مان بيت جي پڙھڻي ھيٺ ڏجي ٿي:
ڀيريين ۽ ڀائيين، ايڏانـﮧ ائين م آءُ،
ان سرڪي ساءُ ، آھي عزازيل کي.
(ڏھه قلمي نسخا، ڪاپائتي، ب: 1853، ص 377)
گنج ۾ ھي بيت ٽن سٽن سان ڏنل آھي. جڏھن ته بمبئي ڇاپي ۾ ھي بيت چئن سٽن سان ڏنل آھي، جتي اُن جي پڙھڻي ھيٺين طرح آھي:
اکر پڙھي اڀاڳيا، قاضي ٿئين ڪئاءُ،
جيئن ڀيريين ۽ ڀائيين، ايڏانـﮧ ھڏم آءُ،
ورق ورائين وترا، ملا مٺي ماءُ ،
ان سرڪي ساءُ، پڇج عزازيل کي.
(بمبئي ڇاپو، سُريمن، 5: 24، ص 26)
لڳي ٿو ته ھي بيت ٻن سٽن جو آھي ۽ شاھه کان اڳ جي ڪنھن سالڪ جو چيل آھي. ٿي سگهي ٿو ته ھي بيت قاضي قادن جو ھجي يا شاھه عبدالڪريم جو:
اکر پڙھي اڀاڳئا، قاضي ٿئين ڪئاءُ،
ورق ورائين وترا، ملا مٺي ماءُ.
مـؤلفن ٽن يا چئن سٽن وارن بيتن مان ڪجھه سٽون کڻي الڳ سان بيتن جي صورت ۾ ڏنيون آھن. يا اُنھن جي اڳيان ٻه ٽي قلمي نسخا ھئا، جن ۾ اِھو بيت ڪٿي ته چئن سٽن سان ڏنل آھي ته ڪٿي وري ٻن سٽن سان ته ڪٿي وري ٽن سٽن سان. اُنھن بيتن تي گهڻي غورفڪر ڪرڻ جي ضرورت آھي.
(بيت _ 5)
سٽرون پڙھه ساڃاءِ جون، ڪنز قدوري ڇڏ،
وان تني جي سڏ، جني سانگ نه ساھه جو.
(معياري متن، سُريمن، 5: 11، ص 137)
ھي بيت اوائلي دور جي رسالن جو آھي، جتي اُن جي پڙھڻين ۾ گهڻو اختلاف آھي. اختلافي پڙھڻين لاءِ ڏسو سمجھاڻيءَ واري حصي جو صفحو نمبر 520. ھن بيت جي ٻي سٽ معياري متن جي ”سُريمن“ جي داستان 6 جي بيت نمبر 17 ۾ ٿوري ڦيرڦار سان موجود آھي. معياري متن جي سُريمن مان بيت جي پڙھڻي ھيٺ ڏجي ٿي:
جيڏانھن قاتل ڪوڙ، اکيون اوڏاھين کڻي،
وه تني جي ووڙ، جني سانگ نه ساھه جو.
(معياري متن، سُريمن، 6: 17، ص 153)
معياري متن جي مٿئين بيت جي سٽ (وان تني جي سڏ، جني سانگ نه ساھه جو)، ۽ ”سُريمن“ واري بيت جي سٽ (وه تني جي ووڙ، جني سانگ نه ساھه جو) ۾ ڪھڙو فرق آھي؟ ٻئي سٽون معنيٰ ۾ ساڳيون ئي آھن. صرف وان بدران (وه) ۽ ووڙ جي جڳھه تي (سڏ) وڌو ويو آھي. ووڙ جي معنيٰ سڏ ۽ وان جي معنيٰ وه. اُن مان محسوس ٿئي ٿو ته مٿيون بيت ڪنھن پڙھيل فقير جي ڪاريگري آھي. ھن بيت متعلق وضاحت ڪندي ڊاڪٽر بلوچ صاحب سمجھاڻيءَ واري حصي جي صفحي نمبر 520 تي ٺٽ رسالي مان ھڪ بيت ڏيندي لکيو آھي ته، ٺٽ رسالي ۾ مٿئين بيت جي پڙھڻي گهڻو مختلف آھي. ٺٽ رسالي مان بيت جي پڙھڻي ھيٺ ڏجي ٿي:
 ڪنز قدوري ڇڏ، سٽرون پڙھه ساڃاءِ جون،
چڙھه تني جي مڏ، جي ستيون ڏين شراب جون.
(سُريمن/سمجھاڻي، ص 520)
ڊاڪٽر بلوچ صاحب سمجھاڻيءَ واري حصي ۾ اِھو ڪونه لکيو آھي ته ٺٽ رسالي جو بيت ڪھڙي سالڪ جو آھي. اصل ۾ ٺٽ رسالي وارو بيت خواجه محمد زمان جو آھي، جيڪو ’ابيات‘ سنڌي ۾ پڻ ڏنل آھي. ابيات سنڌي مان خواجه صاحب جو اصل بيت ھيٺ ڏجي ٿو:
اکر پڙھه عشق جو، ڪنز قدوري ڇڏ،
چڙھه تني جي مڏ، جي ستي ڏين شراب جي.
(ابيات سنڌي: ب _71،ص 130)
(بيت _6)
تن کڏي، من حجرو، ڪيم چاليھا رک،
ڪـﮧ نه چپوڄئوپوڄئين، اٺئي پھر الک،
تون تان پاڻ پرک، سڀ ڪنھن ڏانھن سامھون.
(معياري متن، سُريمن، 5: 18، ص 141)
ھي بيت ”سُريمن“ جي داستان جو بيت نمبر 18 آھي. ھن بيت جي آخري سٽ ھيٺئين فقري تي ختم ٿئي ٿي:
”سڀ ڪنھن ڏانھن سامھون.“
ساڳئي فقري سان شروع ٿيندڙ ھيٺيان ٻه بيت ڊاڪٽر صاحب وري سُر ڪلياڻ جي داستان پھرئين ۾ رکيا آھن. ٻئي بيت ھيٺ ڏجن ٿا:
 (1)
سڀ ڪنھن ڏانھن سامھون، ڪو ھنڌ خالي ناھه،
احدان جي ارڳ ٿئا، سي ڪانئر ڪبا ڪانھه،
محب منجھين مانھه، مون اڄاڻندي اجھئو.
(ڪلياڻ _ 1: 33، ص 15)
(2)
 سڀ ڪنھن ڏانھن سامھون، ڪو ھنڌ خالي ناھه،
ڪڇڻ ڪڌي لاھه، پاھت ئي پرين سين.
(ڪلياڻ _ 1: 33، ص 15)
سڀني قلمي توڙي ڇاپي رسالن ۾ مٿيان بيت ”سُر آسا“ ۾ رکيل آھن. ھڪ ته اُنھن بيتن جو ”سُر ڪلياڻ ويمن“ سان ڪو ميل نٿو ٺھي، ٻيو ته اھي ٽئي بيت ”سُر آسا“ ۾ مـؤلفن لاڳيتا رکيا آھن،  جو اُنھن بيتن جو سرو سري سان مليل آھن. اڳين مـؤلف  ” سُر آسا“ ۾ اِھي بيت سوچي سمجھي رکيا ھئا، جو ھنن کي اُنھن بيتن جي خبر ھئي، نه ته ھو به اُنھن کي ”سُر ڪلياڻ“ ۾ رکن ھا. آڳاٽن قلمي نسخن ۾ ڏسڻ ۾ آيو آھي ته ڪي بيت ”سُر آسا“ جا ”سُر ڪلياڻ“ ۾ اچي ويا آھن، ته ڪي بيت سُر ڪلياڻ جا سُر آسا ۾ اچي ويا آهن، پر اُنھن جو تعداد ايترو گهڻو ڪونھي. پوءِ جي مـؤلفن اُنھن بيتن کي اُنھن جي سُرن مطابق سھڻي ترتيب سان رکيو آھي. معياري متن ۾ ڪافي بيتن جو جيڪو لاڳيتو سلسلو قائم ھو سو ڏسڻ ۾ نٿو اچي. ڪافي بيت ڇڙوڇڙ  ٿي ويا آھن، سو اُنھيءَ ڪري، جو ڊاڪٽر بلوچ صاحب ”سُر ڪلياڻ“ جا بيت ”سُريمن“ ۾ رکيا آھن ته ”سُريمن“ جا بيت ”سُر ڪلياڻ“ ۾ رکيا آھن، ته وري ”سُر آسا“ جا تمام گهڻا بيت ”سُرڪلياڻ“ ۾ ٽپايا آھن. بيتن جي اِنھيءَ ڦيرڦار سان بيتن ۾ اُھو تسلسل قائم نه رھيو آھي ۽ اُنھن جي سھڻائي به ختم ٿي ويئي آھي. اگر اُنھن بيتن کي لاڳيتو رکجي ھا ته وڌيڪ بھتر ھو، جيئن بيتن جو سلسلو به قائم رھي ھا ۽ اُنھن جي سھڻائي به برقرار رھي ھا.
(بيت _ 7)
تھڙا نه چاليھا چاليھه، جھڙو پسڻ پرين جو،
ڪاتب ڪڄاڙئا ڪريين، مٿي پنن پيھه،
جي ورق واريين ويھه، تپ اکر اھوئي ھڪڙو.
(معياري متن، سُريمن، 5: 19، ص 141)
ھي بيت اوائلي دور جي رسالن جو آھي، جتان پوءِ رسالن ۾ نقل ٿيو. اختلافي پڙھڻين لاءِ ڏسو ڊاڪٽرصاحب جو شاھه جو رسالو، جلد پھرئين جي سمجھاڻيءَ وارو حصو، جتي ھن بيت جو تفصيلي ذڪرڪيل آھي. ھي بيت ”حڪايات الصالحين“ جي حاشئي تي پڻ لکيل آھي، جتي اُن جي پڙھڻي گهڻو مختلف آھي. ”حڪايات الصالحين“ واري پڙھڻي ھيٺ ڏجي ٿي:
تِيھَا چَالِيھَانه چَالِيھَه، جيھو دَمُ دوستَ سِين،
ھَٿَئُون ويھي جا ڪيئون، پَاڻُ فَضيحَ،
جي وَرَقَ وَرائين وِيھه، تَه آھي بُودُ نَا بُودَ ۾ .
(اڻ لڀ سنڌي بيت،ص 129)
(بيت _ 8)
ڪاتب لکن جيئن، لايو لام الف سين،
اسان سڄڻ تيئن، رھيو آھي روح ۾ .
(معياري متن، سُريمن، 5: 21، ص 141)
ھي بيت آڳاٽن قلمي نسخن جو آھي ۽ ڪيتري عرصي تائين شاھه صاحب ڏانھن منسوب رھيو. ھيري ٺڪرجڏھن قاضي قادن جو ڪلام شايع ڪيو ته بيتن جي ذخيري ۾ مٿيون بيت پڻ شامل ھو. ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جڏھن شاھه جو رسالو شايع ڪيو ته ھن بيت متعلق لکيو ھو ته شاھه صاحب ھن بيت ۾ شاھه ڪريم جي ھڪ بيت جي مصوع تضمين طور ڪم آندي آهي. شاھه ڪريم جو اصل بيت ھيٺ ڏجي ٿو:
پاڻياري سر ٻھڙو، جرتي پکي جيئن،
اسان سڄڻ تيئن، رھيو آھي روح ۾ .
(شاھه ڪريم جو رسالو، ب: ص 54)
اصل ۾ معياري متن وارو بيت قاضي قادن جي مليل بيتن جي ذخيري ۾ شامل آھي، پر اُتي ٻي مصرع مختلف ڏنل آھي. ”سنتون ڪي واڻي“ مان قاضي قادن جو اصل بيت ھيٺ ڏجي ٿو:
لائي لام الف سان، ڪاتب لکن جيئن،
مون ھينڙو پريان سان، لڳو آھي تيئن.
(سنتون ڪي واڻي، بيت: 8)
ڊاڪٽر بلوچ صاحب جن رسالي جي ستين جلد ۾ وضاحت ڪئي آھي ته ھي بيت قاضي قادن جو آھي. ھي بيت موش حات جو عمدو مثال آھي، جنھن جي وچ ۽ آخر ۾ قافيا آيل آھن.
داستان ڇھون :
ھي داستان موکيءَ ۽ متارن جي قصي سان تعلق رکي ٿو، جنھن ۾ 38 بيت ۽ ھڪ وائي شامل آھي. ھن سُر ۾ بيت نمبر ٽيون ميين شاھه عنات ڏانھن منسوب آھي ۽ سندس رسالي جي ”سُر آسا“ ۾ ڏنل آھي. بيت نمبر پنجون شاھه شريف ڏانھن منسوب آھي، جنھن جو ذڪر ڊاڪٽر بلوچ صاحب جن ڪيو آھي ۽ سندن خيال آھي ته ھن بيت جو اسلوب بيان شاھه شريف کان وڌيڪ شاھه لطيف جو لڳي ٿو. بيت نمبر ڇھون مخدوم احمد ڀٽي جي وفات سان تعلق رکي ٿو ۽ شاھه کان ڪافي وقت اڳ جو چيل آھي. بيت نمبر اٺون ’اٿئي سڌ سرڪ جي‘ فقري سان شروع ٿئي ٿو، جنھن کان پوءِ ٻه بيت وري ٻين فقرن سان شروع ٿين ٿا، جن کان پوءِ بيت نمبر 11، 12۽ 13 ساڳئي فقري ’اٿئي سڌ سرڪ جي‘ سان شروع ٿين ٿا. اُنھن بيتن کي لاڳيتو رکجي ھا ته بھتر ھو. لاڳيتو نه رکڻ سان بيتن جو سلسلو ٽٽي پيو آھي. بيت نمبر 15 کان پھرين بيت نمبر34 رکجي ھا ته بھتر ھو، جو اُنھن ۾ ڪڙي سان ڪڙو ملائڻ وارو سلسلو قائم آھي. بيت نمبر 17۽ 18 کان پوءِ بيت نمبر 37 رکجي ھا ته بھتر ھو، جو سڀني قلمي توڙي ڇاپي رسالن ۾ اھي ٽيئي بيت لاڳيتا رکيل آھن. بيت نمبر 19 کان پوءِ بيت نمبر 24 رکجي ھا ته بھتر ھو، جو اِھي ٻيئي بيت ’مٽ تڪيائون منجھيان‘ واري فقري تي ختم ٿين ٿا. بيت نمبر 20 شاھه عنات جي رسالي ۾ شاھه شريف جي نالي سان ڏنل آھي. ڊاڪٽر صاحب اُن جو ذڪر نه ڪيو آھي. بيت نمبر 30 ڊاڪٽر صاحب جي خيال موجب سليمان سگهڙ ڏانھن پڻ منسوب آھي. ھن داستان ۾ بيتن جو سلسلو تمام گهڻو ٽٽل ۽ بي ربط آھي. ڪافي ساڳين تڪن وارا بيت اڳ پوءِ ڪيا ويا آھن. ھن داستان ۾ ’عاشق معشوق‘ جي کنڌيءَ وارا بيت رکجن ھا، جو اُھي به موکيءَ ۽ متارن واري قصي سان تعلق رکن ٿا. اُن کان علاوه سُر ڪلياڻ جي داستان پنجين جا بيت نمبر 23، 24، ۽ 25 به ”سُريمن، جي داستان ڇھين سان تعلق رکن ٿا، جو اُنھن ۾ ڪڪوه ۽ ڪلاڙن جو ذڪر آھي:
(بيت _ 1)
ايڪ پيالو ٻه ڄڻا، عشق نه ڪري اڌ،
ايءَ تان سائل سڌ، ڪئي جا قوال سين.
(معياري متن، سُريمن: 6: 3، ص 145)
مٿيون بيت اوائلي دور جي رسالن ۾ موجود آھي، جتي ھن جي مصراعن ۾ ڪو ايترو گهڻو فرق ڪونھي. ڪن ۾ اکر سائل لکيل آھي ته ڪن ۾ شاعر. ھي بيت سنڌ جي ھڪ ٻئي شاعر ميين شاھه عنات ڏانھن پڻ منسوب آھي ۽ سندس رسالي ۾ ٿوري فرق سان پڻ موجود آھي. جيئن ته ھي کنڌيءَ وارو بيت آھي ۽ منھنجي پنھنجي خيال موجب شاھه لطيف جوئي آھي. ميين شاھه عنات جي رسالي وارو بيت به تمام سھڻو چيل آھي ۽ پھرين سٽ جو پاڻ ۾ گهرو ربط ٿو نظر اچي، جڏھن ته شاھه صاحب واري بيت ۾ اِھا ڳالھه گهٽ ٿي نظر اچي. ائين به ٿي سگهي ٿو ته شاھه لطيف ميين شاھه عنات جي بيت تي تتبع ڪيو ھجي. ميين شاھه عنات جي رسالي مان اصل بيت ھيٺ ڏجي ٿو:
سڏي پاڻ سڄو ڪري، عشق نه ڪري اڌ،
اي تان سائر، سنڌ ڪئي جا قوال سين.
(ميين شاھه عنات جو رسالو، سُر آسا، بيت: 13، ص 133)
(بيت _ 2)
سِر ڏيئي سِٽ جوڙ، ڪنـﮧ پر ڪلاڙن سين،
مرڻا منـﮧ م موڙ، وٽي ڪين وڌ لھي.
(معياري متن، سُريمن: 6: 6، ص 147)
مٿيون بيت اوائلي دور جي رسالن جو آھي، جتي ھي بيت ٻن سٽن سان ڏنل آھي، جڏھن ته پوئين دور ۾ فقيرن ھن بيت ۾ ھڪ سٽ جو اضافو ڪيو آھي. پوئين دور جي رسالن مان بيت جي پڙھڻي ھيٺ ڏجي ٿي، جتي وچ واري سٽ وڌائي ويئي آھي:
(بيت)
سِر ڏيئي سِٽ جوڙ، ڪنـﮧ پر ڪلاڙن سين،
ڪاتي ڪرٽ ڪپار ۾، خنجر آڻي کوڙ،
مرڻا منـﮧ مَ موڙ، وٽي ڪين وڌ لھي.
(سُريمن: 6: 6، ص 147)
ھن بيت متعلق ڊاڪٽر دائود پوٽو لکي ٿو:
ھيٺيان ٻه بيت، جي 934ھه کان به اڳ جا چيل ٿا ڏسجن، ۽ جن جي اسان وٽ سَند آھي، سي به حق به حق شاھه ڏي منسوب ڪيا ويا آھن:
(1)
سڻي سڏ پرين جو، واڪي جي نه ورن،
ڪوڙي دعويٰ دوست جي، ڪڄاڙي کي ڪن.
(2)
سر ڏيئي سٽ جوڙ، ڪنـﮧ پر ڪلاڙن سين،
مرڻا منـﮧ مَ موڙ، وٽي ڪين وڌ لھي.
انھن بيتن جو واسطو مخدوم احمد ڀٽيءَ جي وفات سان آھي. شاھه جي فقيرن ٻئي بيت جي وچ ۾ ھيٺين سٽ خواه مخواه وڌائي آھي ۽ لفظي تڪرار سبب اُن جي خوبي خراب ڪري ڇڏي اٿن:
 ڪاتي ڪرٽ ڪپار ۾، خنجر آڻي کوڙ.
ڪاتي، ڪرٽ ۽ خنجر، ھڪڙي ئي وقت ڪم آڻڻ شاھه صاحب جي شان وٽان ناھي.
(مضمون ۽ مقالا/ڊاڪٽر دائود پوٽو، شاھه جي رسالي ۾ تحريفون: ص202۽ 203)
ڊاڪٽر دائود پوٽي جي مٿئين بيان مان خبر پوي ٿي ته اِھو بيت شاھه جو ڪونھي، بلڪ شاھه کان اڳ جي ڪنھن سالڪ جو چيل آھي. اُميد ته ايندڙ محقق جڏھن شاھه جو رسالو نئين سر ترتيب ڏيندا ته ھن بيت کي شاھه ڏانھن منسوب نه ڪندا.
(بيت _ 3)
سڌڙيا سري جون، ڪوه پچارون ڪن،
جه ڪات ڪلاڙن ڪڍيا، موٽئو پوءِ وڃن،
پڪون سي پين، سر جني جا سٽ ۾ .
(معياري متن، سُريمن _ 6: 10، ص 149)
ھي بيت ”سُريمن“ جي داستان ڇھين جو بيت نمبر ڏھون آھي. ھن بيت جي آخري سٽ ’سر جني جا سٽ ۾ ‘ فقري تي ختم ٿئي ٿي. جنھن کان پوءِ ٽي بيت وچ تي آھن، جن جون آخري سٽون مختلف آھن. اُن کان پوءِ ساڳئي داستان ۾ بيت نمبر 14 جي آخري سٽ به ساڳئي پد ’سر جني جا سٽ ۾ ‘ فقري تي ختم ٿئي ٿي. بيت ھيٺ ڏجي ٿو:
ڪنڌ ڪٽارو، منـﮧ وٽي، عادت جني اي،
تني تڪون ڏنيون، جني منجھان جي،
سروتن سبي، سر جني جا سٽ ۾.
(سُريمن _ 6: 14، ص 151)
جيئن ته اِھي ٻيئي بيت ’سر جني جا سٽ ۾‘ فقري تي ختم ٿين ٿا، اِن ڪري اُنھن کي لاڳيتو ھڪ ٻئي پٺيان رکجي ھا ته وڌيڪ بھتر ھو. ھڪ ٻئي پٺيان لاڳيتا نه رکڻ سان ھڪ ته اُن سان تڪرار واري صنعت ختم ٿي ويئي آھي ۽ ٻيو ته بيتن ۾ اُھا سھڻائي به قائم نه رھي آھي ۽ بيت به ڇڙوڇڙ ٿي ويا آھن.
(بيت _ 4)
وٽر وٽر وٽي ۾، مٽ مٽ منڌ ٻئو،
قدر ڪيف ڪمال جو، پياڪن پيو،
اچن درس دڪان تي، ڪنڌ قبول ڪئو،
سرھا سر ڏئو، چکن سرڪ سيد چئي.
(سُريمن _ 6: 2، ص 155)
معياري متن ۾ ھي بيت ”سُريمن “ جي داستان ڇھين جو بيت نمبر 20 آھي. ھي بيت سنڌ جي ھڪ ٻئي سالڪ شاھه شريف ڏانھن پڻ منسوب آھي. ميين شاھه عنات جي رسالي مان شاھه شريف جو اصل بيت ھيٺ ڏجي ٿو، جيڪو ٽن سٽن تي مشتمل آھي:
ون ون وٽي، وترو مٽ مٽ ملھه ٻئو،
قدر ڪيف ڪمال جو، پياڪن پيو،
سَرھا سِرڏيئو، ٿا چکن سُرڪ ”شريف“ چئي.
(شاھه عنات جو رسالو، سُريمن _2: 3/الف، ص 12)
(بيت _ 5)
موکيءَ مَٺو نه گهرئا، وه نه وھاٽئا،
سُرڪيءَ ڪاڻ سيد چئي، اُتي ٿي آٽئا،
ھوءِ جي ڳالھين ڳڱاٽئا، تن جون بَٺين پاسي بُٺيون.
(معياري متن، سُريمن_ 6: 30، ص 159)
معياري متن ۾ ھي بيت ”سُريمن“ جي داستان ڇھين جو بيت نمبر 30 آھي. ھن بيت جي آخري سٽ ’تن جون بَٺين پاسي بُٺيون‘ فقري تي ختم ٿئي ٿي. جنھن کان پوءِ پنج بيت وچ تي آھن، جن جون آخري سٽون مختلف آھن. اُن کان پوءِ ساڳئي داستان ۾ بيت نمبر 36 جي آخري سٽ ساڳئي پد ’تن جون بَٺين پاسي بُٺيون‘ فقري تي ختم ٿئي ٿي. بيت ھيٺ ڏجي ٿو:
سِر وٽ سرڪي سڳڻي، وٺَين ڇو نه وري،
قدر ڪيف ڪمال جي، آھي خاص کري،
سرڪي جن سري، تن جون بَٺين پاسي بُٺيون.
(سُريمن:6: 36 ، ص 163)
جيئن ته اِھي ٻيئي بيت ’تن جون بَٺين پاسي بُٺيون‘ فقري تي ختم ٿين ٿا، اِن ڪري اُنھن کي لاڳيتو ھڪ ٻئي پٺيان رکجي ھا ته وڌيڪ بھتر ھو. ھڪ ٻئي پٺيان لاڳيتا نه رکڻ سان ھڪ ته اُن سان تڪرار واري صنعت ختم ٿي ويئي آھي ۽ ٻيو ته بيتن ۾ اُھا سھڻائي به قائم نه رھي آھي ۽ بيت به ڇڙوڇڙ ٿي ويا آھن.
(بيت _ 6)
وجھج واٽاڙن تي، ميخاني جي ماڪ،
ٿيندي سڌ سڀ ڪنھن، ھر ھنڌ ٿيندي ھاڪ،
پرھه جا پياڪ، جه سي اڱڻ آئيا.
(معياري متن، سُريمن _ 6: 34، ص 161)
معياري متن ۾ ھي بيت ”سُريمن“ جي داستان ڇھين جو بيت نمبر 34آھي . ھي بيت ’جه سي اڱڻ آئيا‘ واري فقري تي ختم ٿئي ٿو، جڏھن ته بيت نمبر 14 وري ساڳئي فقري سان شروع ٿئي ٿو. بيت ھيٺ ڏجي ٿو:
جه سي اڱڻ آئيا، ته سرو ڪندا سڃ،
سائي ٿيندين اُڄ، ھي پيتو ھو آڻ ڪي.
(سُريمن _ 6: 14، ص 151)
اصل ۾ مٿيان ٻيئي بيت لاڳيتا قلم بند ٿيل آھن، جو ھڪڙو بيت جنھن فقري تي ختم ٿئي ٿو ته ٻيو بيت وري ساڳئي فقري سان شروع ٿئي ٿو. بيت نمبر 15کان پھرين بيت نمبر 34 رکجي ھا ته بھتر ھو، جو اُھي ٻيئي بيت سڀني رسالن ۾ سلسليوار رکيل آھن.

ضميمو
شاھه جي رسالي جي پھرئين جلد لاءِ جيڪي قلمي ۽ ڇاپي رسالا ڪم آندا ويا آھن، اُنھن ۾ شاھه جو ڪيتروئي ڪلام قلم بند ٿيل آھي. شاھه جو ڪلام کان علاوه رسالي جي قلمي توڙي ڇاپي نسخن ۾ ٻين سالڪن جو به گهڻو ئي ڪلام ڏنل آھي. ڊاڪٽر صاحب جي لکت موجب رسالي جي ڪلام ۾ 63 ٻين سالڪن جا بيت پڻ موجود آھن، جن ۾ ڪي نالي سان ڏنل آھن ته ڪي بنان نالي جي. ڊاڪٽر صاحب رسالي مان ڪيترو ئي ڪلام ’ڌاريو‘ قرار ڏيئ رسالي جي جلد 10 ۾ جمع ڪيو آھي، پر اُن سان گڏ شاھه جا ڪيترائي معياري بيت پڻ خارج ڪري ڇڏيا آھن. مثلاَ ”سُريمن“ جو آخري داستان، جيڪو سڀني نسخن ۾ موجود آھي، سو بنان ڪنھن وضاحت جي خارج ڪيو ويو آھي. شاھه جي رسالي جي معياري متن لاءِ قلمي توڙي ڇاپي رسالن کان سواءِ ڪي ٻيا ماخذ به ڏسڻا پوندا، جن ۾ ”حڪايات الصالحين “ ۽ آخوند عبدالرحيم عباسيءَ جو ڪتاب ”ھر گنيو“ خاص اھميت رکن ٿا. اُنھن ٻنھي ماخذن ۾ شاھه جا ڪيترائي معياري بيت قلم بند ٿيل آھن، جيڪي ٻين ماخذن ۾ ڪونھن. ھيٺ ”حڪايات الصالحين“ ۽ ”ھرگنيو“ مان ”سُر ڪلياڻ ويمن “ جا معياري بيت ڏجن ٿا، جن کي ايندڙ مـؤلف رسالي جي معياري متن شايع ڪرڻ وقت ذھن ۾ رکندا ته جيئن رسالي جو وڌيڪ معتبر ڇاپو شايع ٿي سگهي.

(1)”حڪايات الصالحين“ جي حاشئي تي لکيل شاھه جا اصلي بيت :

(1)
ڦڪيون فرق نه ڪَنِ، وَيڄَ وِڳِجِي اُٿِيَا،
وَيِڙَيون وِگهُيون وَٺُيِون، طَلبُون طَبَيبَنِ،
دلاَسِي دَوَسَنِ، ڏِئي ڏِيلُ چَڱو ڪَيِو.
(اڻلڀ سنڌي بيت/مھراڻ، ص 114)
ھي  بيت شاھه جو چيل معياري بيت آھي، جيڪو ٻئي ڪنھن ماخذ ۾ موجود ڪونھي. ھن بيت ۾ حرف تجنيس جو سھڻو استعمال ٿيل آھي. بيت ۾ آيل فقرو ’ڦڪيون فرق نه ڪن‘ معياري متن جي ڪن بيتن ۾ پڻ ڏنل آھي. معياري متن سان بيت ھيٺ ڏجي ٿو، جنھن ۾ اُھو فقرو استعمال ٿيل آھي:
طنبو طبيبن، آڻي اڱڻ کوڙئا،
دارون ھن درد کي، ڦڪيون فرق نه ڪَنِ،
ورچئو ويڄ وڃن، سڌ نه پين سور جي.
(معياري متن، سُريمن، 2: 11، ص 101)
(2)
ڪَجو ڪَام پَچَارَ، مَوٽَڻَ سَندي جِيڏُيون،
 سَڄَڻُ سَڀُ ڄَمَارَ، آءُ ڏَوريندِي گُذَري.
(اڻلڀ سنڌي بيت / مھراڻ، ص 114)
”حڪايات الصالحين“ جي حاشئي تي لکيل شاھه جو ھي بيت تمام سھڻو چيل آھي، جيڪو ٻئي ڪنھن به ماخذ ۾ موجود ڪونھي. بيت شاھه جي معيار تي پورو آھي. ھن بيت جي طرز تي رسالي جي سڀني نسخن جي ”سُريمن“ ۾ ھڪ ٻيو بيت به ڏنل آھي، جنھن کي ڊاڪٽر صاحب ”سُريمن“ جي معياري متن ۾ شامل نه ڪيو آھي. ٿي سگهي ٿو ته ڊاڪٽر صاحب اِھو بيت ”سُر آسا“ ۾ ڏنو ھجي. بمبئي ڇاپي مان بيت ھيٺ ڏجي ٿو:
حبيبن ھيڪار، منجھان مھر سڏ ڪيو،
سومون سَڀُ ڄَمَارَ، اورڻ اھوئي ٿيو.
(بمبئي ڇاپو/ واصف، ص 10)
(3)
ڪَانَارِئا ڪَڻِڪَنِ، تو جِي ڪُٺَا ڪَامَ سين،
ويِجَ وَگهِجي شَدِيَا، اَڄُ ڪَه ڪَالَھه مَرَنِ.
(اڻ لڀ سنڌي بيت/مھراڻ، ص 120)
ھي بيت به شاھه جو چيل آھي ۽ ٻئي ڪنھن به ماخذ ۾ نظر نه آيو آھي. ھن بيت ۾ تجنيس جو به سھڻو استعمال ٿيل آھي. بيت ۾ تجنيس جو به سھڻو استعمال ٿيل آھي. بيت ۾ آيل فقرو ’ڪانارئا ڪڻڪن‘ سان معياري متن جو ھڪ ٻيو بيت به شروع ٿئي ٿو. جيئن ته معياري متن ۾ اِھو بيت صحيح طور تي ڏنل ڪونھي، اِن ڪري اصل بيت گنج مان ڏجي ٿو:
ڪانرائا ڪڻڪن، جني لوه لڱن ۾،
 محبت جي ميدان ۾ ، پيا لال لڇن،
پاڻھين ٻڌن پٽيون، پاڻھين چڪيا ڪن،
وٽان واڍوڙين، رھي اچجي راتڙي.
(گنج، ص 226)
(4)
اٿو ڊَرڀَ کَڻي، وَڃَو وَيڄَامَ وَھَو،
آھي ڀِيڙَ بِرَھه جِي، اَندَرِ گهُٽ گهڻِي،
ايندا ڏيِھه ڌَڻِي، چَڱو ڪَندَا چِٽَ کي.
(اڻ لڀ سنڌي بيت/ مھراڻ،ص 120)
”حڪايات الصالحين“ جي حاشئي تي لکيل شاھه جي ھن بيت ۾ شاھه عشق، اندر جي گهٽ ۽ برھه جي باھه جو بيان نھايت رقت سان بيان ڪيو آھي. شاھه جو ھي بيت تمام سھڻو چيل آھي، جيڪو ٻئي ڪنھن به ماخذ ۾ موجود ڪونھي. بيت معياري آھي ۽ شاھه جي اسلوب بيان مطابق آھي، جنھن ۾ تجنيس جو به سھڻواستعمال ٿيل آھي. ھن بيت جي پھرين سٽ معياري متن جي ”سُريمن“ جي داستان پھرئين جي وائيءَ ۾ موجود آھي. شاھه جي رسالي جي لڳ ڀڳ سڀني واين ۾ اُنھيءَ سُر جي بيتن جون تڪون شامل آھن، جيڪا ھڪ عجيب ڳالھه آھي. يا ته شاھه پھرين بيت چيا آھن ۽ اُن کان پوءِ اُنھن جون تڪون واين ۾ شامل ڪيون آھن، يا فقيرن بيتن مان تڪون کڻي واين ۾ شامل ڪيون آھن، اُن متعلق ڪجھه چئي نٿو سگهجي. بھرحال ”سُريمن“ مان وائي ھيٺ ڏجي ٿي، جنھن ۾ مٿئين بيت جي سٽ ڏنل آھي:

وائي

ورسئا ويڄ ويچارا، ڀليا ويڄ ويچارا،
دل ۾ درد پرين جو
من ۾ مرض پرين جو
اُٿو ويڄام وھو، وڃو ڊرڀ کڻي،
کڻو ڊرڀ تمارا،
2.      ٻڪي ڏيندا ٻاجھه جي، آيا سور ڌڻي،
آيا جي جيارا.
(معياري متن، سُريمن، 1: 1، ص 95)
(5)
جراجت جَيئي، اُبِھُيو آن اَسَونھون،
ھرو آٿت ئي، ڪُڻڪيِو، ڪَنَجھيُون رَجھُه جَان.
(اڻ لڀ سنڌي بيت/مھراڻ، ص 132)
”حڪايات الصالحين“ جي حاشئي تي لکيل شاھه جي ھن بيت ۾ ڪڻڪن ۽ ڪنجھڻ جو بيان نھايت سھڻي نموني ۾ ڪيو ويو آھي. ھي بيت تمام سھڻو چيل آھي، جيڪو ٻئي ڪنھن به ماخذ ۾ موجود ڪونھي. ھن بيت ۾ حرف تجنيس جو به تمام سھڻو استعمال ٿيل آھي.
(5)
آءُ گهڻوئي گهوريان، سندي ٻاجھه ٻين،
اصل ، ...... ......... ................. مــــــــٿــــــــن.
(اڻ لڀ سنڌي بيت/ مھراڻ، ص 136)
”حڪايات الصالحين “ جي حاشئي تي لکيل شاھه جو ھي بيت پورو پڙھڻ ۾ نه آيو آھي. ھن بيت ۾ ڪڻڪن ۽ ڪنجھڻ جو بيان نھايت سھڻي نموني ۾ ڪيو ويو آھي. ھي بيت ٻئي ڪنھن به ماخذ ۾ موجود ڪونھي. ھن بيت جي پھرين مصرع اوائلي دور جي رسالن جي ھڪ وائيءَ ۾ موجود آھي. وائيءَ ۾ موجود مصرع کي ڏسي چئي سگهجي ٿو ته اُنھن مصراعن تي اڳ ڪي بيت چيل ھئا، جن مان ڪجھه ته داستانن ۾ موجود آھن ۽ ڪجھه ھاڻي اڻ لڀ آھن. اُنھن بيتن مان ڪي ”حڪايات الصالحين“ جي حاشئي تي ڏنل آھن ته ڪي وري ”ھرگنيو“ ۾ موجود آھن. معياري متن مان اُھا وائي ھيٺ ڏجي ٿي، جنھن ۾ اُھا مصرع ڏنل آھي:
وائي
وٺئو ھوت وڃن
الا جھليان، الا پليان، ھينڙو نه رھي
1.آءُ جني جي آيان، ڪڙي ٿيان م تن.
2.گهڻين ڀتين گهوريان، سندڙي ٻاجھه ٻين.
3.مر مران مارين مون، پرزا پرزا ڪن.
4.آءُ ميائي گهوري، جي مان محب ملن.
(معياري متن، سُريمن وائي 2، ص 143)
(2) ”ھرگنيو“ ۾ لکيل شاھه جا بيت:
آخوند عبدالرحيم عباسيءَ جي ڪتاب ”ھرگنيو“ جي ”سُرڪلياڻ“ ۾ شاھه جا ڪيترائي بيت ڏنل آھن، جن مان ڪي شاھه جي رسالي ۾ موجود آھن ته ڪي نوان بيت ڏنل آھن. ڪن جون پڙھيون رسالي ۾ ڏنل بيتن کان مختلف پر سھڻيون آھن. ڪي بيت ھن مقالي ۾ ڏنل آھن ته ڪي بيت ھيٺ ڏجن ٿا. ”ھرگنيو“ ۾ اڃا به ڪافي بيت آھن، جن تي ڪنھن ٻئي مقالي ۾ ڄاڻ ڏيڻ جي ڪوشش ڪندس.

(1)
تائين ڪوھه طبيب، پايو دارون ديڳ ۾،
جو ھنيون گهاءُ حبيب، سو چيٺيي چڱو نه ٿئي.
(ھرگنيو، سُرڪلياڻ، ب 83، ص 78)
(2)
ويڄن وڍ وڌام، ڦڪي فرق ئي نه ڪري،
موٽج محب سندام، چاڪ حڪيمن چوريا.
(ھرگنيو، سُرڪلياڻ، ب 87، ص 86)
(3)
ملت محبت جن جي، مذھب تنھين موت،
فرض فنا جو فوت، تن کان طاعت نه ٿيي.
(ھرگنيو، سُرڪلياڻ، ب 139، ص 89)
(4)
مطلق جو معرفت جو، جائز جن جواز،
سڀ رھائي راز، ڪشف قلبي تن جو.
ھرگنيو، سُرڪلياڻ، ب 138،ص 89)
(5)
جي مشتاق مئي جا، سي موران نه موٽن،
نفيان نابود ٿيو، اثباتان اچن،
جي ڪات ڪلالن ڪڍيا، ته ھي پتنگ جيئن پچن،
ڪنھن جيئن چال چلن، آڳڙيا اُڇل تي.
(ھرگنيو، سُرڪلياڻ، ب 191، ص 97)

مددي ڪتاب
1_ شاھه جو رسالو: گنج/ممتاز مرزا، شاھه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، ڀٽ شاھه. حيدرآباد سنڌ، 1995ع.
2_ شاھه جو رسالو: (ڏھن قلمي نسخن تي آڌاريل)/ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، شاھه عبداللطيف ڀٽ شاھه ثقافتي مرڪز، ڀٽ شاھه، حيدرآباد سنڌ، 1977ع.
3_ قاضي قادن جو رسالو/ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، 1999ع.
4_ شاھه ڪريم بلڙيءَ واري جو ڪلام/ڊاڪٽر دائود پوٽو، شاھه عبداللطيف ڀٽ شاھه ثقافتي مرڪز، ڀٽ شاھه، حيدرآباد سنڌ، 1977ع.
5_ ابيات سنڌي/ڊاڪٽر دائود پوٽو، شاھه عبداللطيف ڀٽ شاھه ثقافتي مرڪز، ڀٽ شاھه، حيدرآباد سنڌ، 1994ع.
6 _ ميين عيسي جا سنڌي بيت/ممتاز مرزا، شاھه عبداللطيف ڀٽ شاھه ثقافتي مرڪز، ڀٽ شاھه حيدرآباد سنڌ، 1993ع.
7_ ھرگنيو/ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، حيدرآباد سنڌ، 1993ع.
8_ شاھه جو رسالو: بمبئي ڇاپو/محمد بخش واصف، سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي، حيدرآباد سنڌ، 1950ع.
9_ شاھه جو رسالو: معياري متن، جلد _ 1، سُر ڪلياڻ ويمن/ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ شاھه عبداللطيف ڀٽ شاھه ثقافتي مرڪز، ڀٽ شاھه، حيدرآباد سنڌ، 1989ع.
10_ ڪلام گرھوڙي (ڇاپوٻيو)/ ڊاڪٽر دائود پوٽو، ع_م _ دائود پوٽو ائڪيڊمي ڪراچي، 1995ع.
11_ سنڌي رسالو/ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سنڌ يونيورسٽي، حيدرآباد سنڌ،1968ع.
12_ شاھه جو رسالو(3_ جلد)/ڊاڪٽر ھوت چند مول چند گربخشاڻي، شاھه عبداللطيف ڀٽ شاھه ثقافتي مرڪز، ڀٽ شاھه، حيدرآباد سنڌ، 1979ع.
13_ سنڌي نظم جي تاريخ/ليلارام ڏيونداس رچنداڻي گجرات سنڌي اڪادمي گانڌي نگر، انڊيا، 1988ع.
14_ سنڌي ٻوليءَ جو آڳاٽو ذخيرو/ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو حيدرآباد سنڌ، 1993ع.
15_ مضمون ۽ مقالا/ ڊاڪٽر دائود پوٽو، شاھه عبداللطيف ڀٽ شاھه ثقافتي مرڪز، ڀٽ شاھه، حيدرآباد سنڌ، 1978ع. 16_ميين شاھه عنات جو ڪلام/ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد سنڌ، 1963ع.
17_ اڻ لڀ سنڌي بيت/ڊاڪٽر نواز علي ”شوق“، ٽماھي مھراڻ، نمبر 4 سال 1991ع، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد سنڌ (ص:114_ 137).

No comments:

Post a Comment