شاهه جو رسالو

Tuesday 31 October 2017

شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ هڪ اهم سماجي قدر ـــ سُجاڳي ..... ڊاڪٽر احسان دانش (DR. Ahsan Danish)

ڊاڪٽر احسان دانش
شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ هڪ اهم سماجي قدر 
سُجاڳي
قدرن جو تعلق انسان جي ذاتي عمل، احساس ۽ اخلاق سان به آهي ته سماجي ۽ ثقافتي سرگرمين، ريتن، رسمن ۽ رواجن سان پڻ. ڪجھ قدرَ مذهب، عقيدي، تهذيب ۽ تمدن جي دائري ۾ اچن ٿا ته ڪي وري ادب ۽ اخلاق جو احاطو ڪن ٿا. مجموعي طور سمورن قدرن جو تعلق فردَ سان ئي هوندو آهي. انهن قدرن ۾ انسان جي سوچ، فڪر، عمل، جذبو، احساس، تصور، تخيل، خواهش وغيره شامل آهن. سماج پنهنجي سماجي قدرن جي پاسباني ان ڪري ڪندو آهي جو سماج جي بقا جو دارو مدار گھڻي حد تائين انهن ئي قدرن جي تحفظ تي هوندو آهي.“(1) ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته هڪ شاعر جنهن سماج ۾ پيدا ٿئي ٿو، ان سماج ۾ مروج قدرن کان ضرور متاثر ٿئي ٿو پر هو پنهنجي سوسائٽي جي خراب قدرن کي وڏي واڪي خراب چوي ٿو ۽ انهن کي اکيون ٻوٽي قبول نه ٿو ڪري، نه رڳو ايترو پر هو پنهنجي سماج جي اعلى قدرن کي ٽٽندو ۽ ڀرندو ڏسي انهن کي نئين سر جيئارڻ جا جتن به ڪندو آهي. تنهن ڪري شيلي (Shelley) بلڪل صحيح چيو آهي ته ”شاعري هڪ اهڙو آئينو آهي، جيڪو مسخ ٿيل شين ۾ نئين سر حسن پيدا ڪندو آهي.“ (2) شاعر جي انهي تخليقي قوت سبب ڪنهن به سماج ۾ پنهنجي وڃايل قدرن کي نئين سِر ڳولڻ جي آرزو پيدا ٿيندي آهي. پر جڏهن اسين عالمي قدرن جي ڳالھه ڪندا سين ته هڪ شاعر کي پنهنجي سماج ۾ مروج قدرن کان مٿاهون ٿي سوچڻو پوندو. شيلي (Shelley) پنهنجي مضمون Defence of Poetry ۾ صحيح لکيو آهي ته ”هڪ شاعر لاءِ اهو واجب ناهي ته هو پنهنجا ذاتي تصور نيڪي ۽ بدي کي، جيڪي عام طور سندس ملڪ ۽ زماني جا تصور هوندا آهن، پنهنجين تخليقن ۾ سمائي ڇڏي، ڇو ته سندس تخليقون سندس ملڪ ۽ زماني کان ماورا هونديون آهن.“ (3) يعني شاعر پنهنجي شاعريءَ ۾ پنهنجا تصور مڙهڻ بدران اهڙو خيال پيش ڪري جيڪو سڀني کي پنهنجو لڳي ۽ زمان ۽ مڪان جي حدن کي اورانڱي سگھڻ جي سگھ رکندو هجي ۽ اهڙن سماجي قدرن کي پنهنجي شاعريءَ جو حاصل بڻائي جن کي سڄي دنيا اهميت جي نگاھ سان ڏسندي هجي. ان حوالي سان اسان کي سنڌي زبان ۾ جيڪي شاعر نظر اچن ٿا انهن ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو مقام سڀني کان مٿاهون آهي.
ڀٽائي پنهنجي شاعريءَ ۾ اعلى مثبت سماجي قدرن کي جيئارڻ جا جتن ڪيا آهن ۽ منفي سماجي قدرن کي ننديو آهي. هن پنهنجي شاعريءَ لاءِ جيڪي داستان چونڊيا آهن، سي سمورا سنڌي سماج سان تعلق رکن ٿا، انهن داستانن جا ڪي ڪردار هيڻا آهن ته ڪي سگهارا ۽ انهن سمورن ڪردارن وسيلي شاھ سائين طبقاتي نظام توڙي سماجي ۽ اخلاقي قدرن کي واضح ڪيو آهي.
سُجاڳي هڪ مثبت سماجي قدر آهي. جن سماجن ۾ اهو قدر رائج هوندو آهي انهن تي ڪي ڌاريون ۽ غاصب قومون حمله آور ۽ حاوي ٿي نه سگھنديون آهن. بيدار قوم هميشه دشمن جي وارَ کان بچيل رهندي آهي. ان سُجاڳي ۽ بيداري سبب سماج ۾ شعور جون ڏياٽيون روشن ٿينديون آهن. غفلت، سستي ۽ ڪاهلي سماج کي اڏوهي وانگر انداران ئي اندران کائي کوکلو ڪري ڇڏيندي آهي ۽ بيداري، حوصلي ۽ ولولي جو نالو آهي. سماجي تبديليءَ لاءِ سُجاڳي هڪ اهم قدر آهي. ڀٽائي جي شاعري ان اعلى قدر سان ڀريل آهي. شاهه سائين پنهنجي رسالي جي ڪيترن ئي سُرن ۾ ان قدر کي ڪٿي انفرادي طور ته ڪٿي وري اجتماعي حوالي سان اجاگر ڪيو آهي. شاهه پنهنجي دور جي سماجي حالتن کي ڏسندي ان قدر کي پنهنجي شاعريءَ ۾ اڀاريو آهي. اهو ستل قوم کي ڌونڌاڙي اٿارڻ جو وقت هيو، نڀاڳي ننڊ کي نيڻن مان اکيڙڻ جي ويل هئي ۽ سستي ۽ ڪاهلي کي پاڙان پٽڻ جا پل هيا. اهي غفلت جو گھيرو ٽوڙڻ جا لمحا هيا. تنهن ڪري لطيف پنهنجي سڄي رسالي ۾ سجاڳي ۽ بيداري جو درس ڏئي ٿو. اهوئي درس ۽ اهو ئي پيغام ڀٽائيءَ جي شاعريءَ جي سماجي ڪارج کي ظاهر ڪري ٿو. ”لطيف ستلن کي جھنجھوڙي جاڳائي ٿو ۽ ڪانئرن، سُستن، ٿڪلن ۽ ننڊ ــ نهوڙيلن کي ڌونڌاڙي اٿاري ٿو. کين پنهنجي مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ اتساهي ٿو ۽ منزل ماڻڻ لاءِ مسلسل محنت ۽ جدوجهد کي جاري رکڻ جو تاڪيد ٿو ڪري، جنهن ۾ رتيءَ ماتر به غفلت برداشت نٿو ڪري.“ (4) ”شاهه لطيف وٽ سُجاڳيءَ جو وڏو درجو آهي. سماجي تبديلين آڻڻ ۽ تاريخ کي اڳتي وڌائڻ جو پهريون ڏاڪو سُجاڳي آهي. شاهه لطيف فقط انهن کي ئي دوست ٿو سمجھي، جيڪي جوانيءَ جون راتيون به جاڳي گذارين ٿا.“ (5) سجاڳي جي سنيهي جي حوالي سان شاهه جو سُر سريراڳ، سُر ڪوهياري، سُر کاهوڙي، سُر رامڪلي ۽ سُر ڏهر خاص اهميت جا حامل آهن.
سُر سريراڳ شاهه جو پاڻيءَ وارو سُر آهي، جنهن ۾ سمنڊ ۽ سامونڊي سفر جا احوال آهن. وڻجارن جي مصيبتن جو مذڪور آهي. ڀٽائي هن سُرَ جي پس منظر ۾ سماج جي ان طبقي کي بيدار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جيڪو پنهنجي مٿان سُستي ۽ ڪاهليءَ جي چادر تاڻي پنهنجي آس پاس جي سمورن خطرن کان بي خبر بڻجي سُتو پيو آهي. اهو طبقو يا ته ڊنل آهي يا وري ڪمزور. اهڙا ڪاهل ۽ ڪمزور انسان سماج جي خرابين کي ختم نه ٿا ڪري سگھن.
ان ڪري لطيف سمنڊ کي مصيبت ۽ ناکئي کي همت، حوصلي ۽ بيداري جو اهڃاڻ بڻائي هن سُر ۾ سُجاڳيءَ جو جيڪو سنيهو ڏنو آهي، اهو رڳو سندس دور تائين محدود نه آهي پر ان پيغام تي عمل ڪرڻ جي هر دور ۾ ضرورت آهي. هن سُر ۾ ڀٽائي منزل ۽ ماڳ تي رسڻ لاءِ سعي ۽ ڪوشش تي زور ڏنو آهي ۽ فرمايو آهي ته منزل ماڻڻ لاءِ اڳ ۾ پوري پوري تياري ڪرڻ گھرجي. جيئن سامونڊي سفر تي روانو ٿيڻ لاءِ ناکئا صابڻ سان سڙهه ڌوئي صاف ڪندا آهن ۽ نئين سفر لاءِ تيار ٿيندا آهن، تئين اها ڳالهه ڌيان ۾ رکڻ کپي ته زندگيءَ جي هر منزل ماڻڻ لاءِ پنهنجي نيڻن مان غفلت جا خمار ختم ڪرڻا پوندا آهن ۽ پار پهچڻ لاءِ سُجاڳي ۽ سُچيتائي سان جاکوڙڻو پوندو آهي.
مانَ پُڇنئي سُپرين، چت ۾ رکج چيت،
سڙهه ڌُئاري صاف ڪـر، صـابڻ ساڻ سپيت،
سامونڊي  سُچيت،  ٿيءُ ته پهچين پـارَ کي. (سُر سريراڳ، داستان پهريون)
وڻجارن جو سمنڊ جي لهرن سان واهپو آهي، ان ڪري انهن کي هر وقت سجاڳ رهڻو پوي ٿو ۽ ننڍي کان ننڍي غلطي ۽ غفلت ڪنهن وڏي حادثي جو سبب بڻجي سگھي ٿي. تنهن ڪري سامونڊي سفر تي اسهڻ کان اڳ وڻجارا اهڙو وکر ساڻ کڻندا آهن، جنهن وسيلي هنن جو سفر آسان ٿي سگھي. ان ۾ ڪنهن بي ڌياني ۽ بي پرواهيءَ جي گُنجائش نه هوندي آهي. ٻي صورت ۾ سامونڊي لهرن جي اُڇل ٻيڙيءَ جي ٻنهي پاسن کان هوندي آهي ۽ سفر مشڪل بڻجي ويندو آهي. ڀٽائي اهڙي صورتحال ۾ وڻجارن کي جاڳڻ جو ڏس ڏئي ٿو ورنه تڙُ توائي ٿيڻ جو امڪان آهي. هتي ڀٽائي جِي جاڳڻ مان مراد ڪوشش ۽ سعي آهي. سياڻا ۽ سُجاڳ سامونڊي سفر جو سانباهو ڪرڻ وقت اڳواٽ ئي انهن تڪليفن لاءِ اپاءَ وٺندا آهن ۽ سدا سُجاڳ رهندا آهن.
وکرُ وڻجارا، پاڻَ پرايو چاڙهيو،
اچي  لهريـــون  لڳيون،  ٻيـڙيءَ  ٻپـارا،
جاڳو  جي  يارا،  ته  تڙ  توائي  نه ٿئي. (سُر سريراڳ، داستان ٽيون)
’تڙُ‘ اها منزل آهي، جيڪا باشعور قومن جي اڳيان هميشه رهي ٿي. منزل جي تلاش سواءِ سفر هڪ بي سمت سفر ليکبو آهي. منزل تائين رسائيءَ لاءِ سُجاڳي ۽ ڦڙتي ضروري هوندي آهي. غافل قومون جيڪي خطرن کان بي خبر ۽ پنهنجي دشمنن کان نا آشنا هونديون آهن ۽ جن کي پنهنجي سڀاڻي جي ڪا ڳڻتي نه هوندي آهي سي ڏکيي وقت لاءِ ڪا تياري نه ڪنديون آهن، اهڙيون قومون جيڪي سدا سستيءَ ۽ ڪاهليءَ جي چادر تاڻيو سمهيون پيو هونديون آهن، سي جلد ئي تباهه ٿي وينديون آهن. شاهه لطيف سُر سريراڳ ۾ وڻجارن، سمنڊ ۽ طوفانن جي علامتن ۾ پنهنجي انهيءَ سماجي فڪر ۽ شعور کي اڳتي وڌايو آهي، جنهن وسيلي سماج ۾ تحرڪ ۽ زندگيءَ جي جلا پيدا ٿئي ٿي.
سُر سريراڳ ۾ ڀٽائي بار بار سجاڳيءَ جو سڏ ڏنو آهي. شاهه چوي ٿو ته لهرن سان لڙڻ ڪو سولو ڪم نه آهي. جيڪڏهن بندر تي خوف ۽ خطري واري صورتحال آهي ته اها سُک سان سمهڻ جي ويل نه آهي. ڪپر تي اهڙا ڪُنَ ٿا پون جهڙا مهيءَ جي چاڏي ۾ منڌيڻو ڦيرڻ وقت ان ماٽيءَ ۾ محسوس ٿيندا آهن. لطيف اهڙن سور، تڪليف ۽ ڏکيائيءَ وارن ڏينهن ۾ ناکن کي بيدار رهڻ لاءِ چيو آهي.
بندر جان ڀئي، ته سُکاڻيا! مَ سمهو،
ڪپر ٿو ڪُنَ ڪــري، جيئن مــاٽيءَ منجھ مَهي،
ايـــڏو  ســـور  سهي،  ننـڊ  نــه  ڪـجــي  نـاکُـئـا! (سُر سريراڳ، داستان ٽيون)
’ناکئو‘ رڳو فرد واحد نه آهي پر اهو ساري سماج جو نمائندو آهي. ستل سماج حادثن جو آماجگاهه بڻجي ويندو آهي. کيس آس پاس جي خطرن جي خبر نه پوندي آهي. ان کي اهي طوفان نظر ئي نه ايندا آهن، جيڪي سندس هستي مٽائڻ لاءِ ڏانهنس ڌوڪيندا ايندا آهن. اهڙو سماج ان ايندڙ وقت جي تڪليف ۽ اذت کي محسوس ڪرڻ جي حس وڃائي ويندو آهي. لطيف ناکئي کي سڏيندي اهڙي سماج جي هر فرد سان مخاطب ٿئي ٿو، جنهن کي ڪاهليءَ جي ول وڻ ويڙهيءَ جيان ويڙهي وئي آهي.
لطيف سائين سجاڳيءَ جي ان مثت سماجي قدر کي اجاگر ڪندي ۽ پنهنجي سماجي فڪر کي ڦهلائيندي سُر سريراڳ ۾ ٻيا به ڪيئي بيت چيا آهن. جيئن:
لهرن ليکو ناهه ڪو، جِتِ ڪپَرَ ڪُنَ ڪارا،
آڇــــــارا   عـمــيــق   جـــا،   اچـــــن   اوڀــــارا،
اُٿــــي   اســـارا،   ويـــر   وڙهنديءِ،   ويسرا. (سُر سريراڳ، داستان پنجون)
                                         ®®®®®®
ملاحظو مهراڻَ جو، مور مَ لاهه مناءُ،
سامونڊي!  سنڀال،  ڪين، سُمهڻَ آيئه سـاءُ،
جاڳي   جَرَ   مٿاءُ،   تاري  وانءُ  تراز  کي. (سُر سريراڳ، داستان پنجون)
شاهه جي رسالي ۾ سسئيءَ وارن سُرن منجھان سُر ڪوهياري ان ڪري انفراديت رکي ٿو جو ان سُر ۾ ڀٽائي بيداري جو درس ڏئي ٿو. اها سسئيءَ جي غفلت واري ننڊ ئي هئي جنهن سبب سندس ڏير هن جي پنهل کي ڏور کڻي ويا. هوءَ سجاڳ هجي ها ته شايد اهڙي نوبت نه اچي ها. هوءَ کين روڪڻ لاءِ واڪا ڪري ها، ساڻن مزاحمت ڪري ها، جي پڄي نه سگھي ها ته پُٺيان پُٺيان ساڻن گڏ هلي وڃي ها پر پنهنجي پنهل کان ڌار نه ٿئي ها. هن سُر ۾ ڀٽائي، سسئيءَ جي انهيءَ نڀاڳي ننڊ کي ننديو آهي ۽ کيس سدا سجاڳ رهڻ جو سبق ڏيندي، حقيقت ۾ پوري انسان ذات لاءِ اهو اجتماعي پيغام ڏنو آهي ته ننڊ جي جھولي ۾ جھولڻ سان وڏا نقصان ٿين ٿا. ماڻهو پنهنجي منزل ۽ ماڳ وڃائي ويهي ٿو. تنهن ڪري نيڻن مان غفلت جا خمار ڪڍي سدائين هوشيار ۽ بيدار رهڻ کپي. سو شاهه سائين هن سُر ۾ مخاطب ته سسئيءَ سان آهي پر حقيقت ۾ هن جو بيداريءَ وارو سنيهو سماج جي هر فرد لاءِ آهي.
ڀٽائي سسئيءَ جي غفلت واري ننڊ کي سندس وڏو قصور ڄاڻي ٿو ۽ ساڻس مخاطب ٿيندي فرمائي ٿو ته اي غافلِ تون ڪا بي نڪي آهين جو سنجھي ئي سمهي پئينءَ، جڏهن تنهنجي پنهون کي نيو پئي ويو تڏهن تون جھوٽن ۾ هُئين. تو ته اٺن جي چڙن جو آواز به نه ٻڌو، تنهنجي انهيءَ غفلت جي ڪري، تنهنجا ڏير تنهنجي ڀتار کي چپ چپات ۾ کڻي وڃي پار پهتا. جيڪي پٿراڻين تي پير ڊگھا ڪيو سُتيون پيون هونديون آهن انهن کي محب ڪڏهن نه ملندو آهي، ڇوته اهي بي پرواهه ٿي سنجھي ئي سمهي رهنديون آهن. پنهنجي نيڻن مان ننڊ کي اکوڙي ڦٽو ڪر ۽ سجاڳ ٿي. هاڻي ورن ۾ واڪا ڪرڻ جو وارو اٿئي.
سنجھي رهين سُمهي، غافلِ! منجھ گھرن،
ليڙن  جو  لطيف  چي،  ڪرڳل سـوءِ نه ڪَنِ،
سي ڪيئن محبَ مڙن، جي سنجھي رهن سُمهي. (سُر ڪوهياري، داستان پهريون)
                                         ®®®®®®
جڏهن  سُتيون  جي،  پٿر  پير  ڊگھا  ڪــري،
تـــڏهن  تنين  کــي،  سـاٿ  سُتي  ئي  ڇڏيـــو. (سُر ڪوهياري، داستان پهريون)
                                         ®®®®®®
غافلِ غفلت ڇوڙ، تون ڪيئن اڻاسي اوجھرين،
چُپاتان   چڙهي   ويـا،   وڃـــي   پهتا   تــــوڙ،
نيڻين ننڊ اُکـــوڙ، جِــمَ ورن ۾ واڪا ڪــرين. (سُر ڪوهياري، داستان پهريون)
غافل ماڻهو ڪڏهن به ماڳ نه رَسي سگھندو آهي. ساڳي طرح بي پرواهه ۽ غافل سماج کي به سدائين تڪليفن جو مُنهن ڏسڻو پوندو آهي. سُستي، ڪاهلي يا ننڊَ رڳو غفلت ۽ بي آرامي نه آهي پر هڪ طرح جي لا تعلقي آهي. جيڪڏهن ڪو سماج مستقبل جي خطرن کي وساري، پنهنجي حال تي مطمئن رهندي پُر سڪون ۽ بي خوف گذاري ته ڇا ايندڙ دور جون چيلينجز ۽ مشڪلات کيس بخشي ڇڏينديون!؟ هر گز نه. دنيا جي سموري سماجي تاريخ اهڙن واقعن سان ڀري پئي آهي. جيڪي آزاد سماج آئيندي جي خطرن کان اڻ واقف هوندا آهن، اهي سڀاڻي جا غلام سماج ثابت ٿيندا آهن. ان ڪري سماجي تبديلي ۽ روشن مستقبل لاءِ سجاڳي هڪ اهڙو مثبت سماجي قدر آهي، جنهن جي تمام وڏي اهميت آهي. لطيف سائين جڏهن سسئيءَ کي چوي ٿو ته ’نيڻين ننڊ اکوڙ‘ ته ان ۾ اجتماعي طور سماج لاءِ پيغام آهي. اهو ئي پيغام شاهه جي ڪلام جي سماجي ڪارج کي پڌرو ڪري ٿو. 
سسئيءَ کي جڏهن سندس غفلت جي سزا ملي ۽ مٿس تڪليفن جا پهاڙ ٽٽي پيا ته هوءَ ڏيهن کي ڏَسَ ڏيڻ لڳي. هوءَ پنهنجين جيڏين سرتين، سهيلين سان مخاطب ٿي کين چوڻ لڳي، جيڏيون! جيڪڏهن منهنجي مٿان ويساهه ڪيو ته پنهنجن نيڻن کي ننڊ تي اصل نه هيرايو، ڇوته ويسرن ۽ بي خبرن جا سڄڻَ غفلت واري ننڊ جو فائدو وٺي هميشه لاءِ هليا ويا. پوءِ وهاڻيءَ ويل لوڪ جا طعنا ۽ تُنڪا انهن بي لڄين کي سَهڻا پون ٿا. تنهن ڪري هميشه سُجاڳ رهو. جيئن پرينءَ کي پَسي به سگھو ۽ لوڪ جي طعنن کان بچي به سگھو.
اصل اسارن جا، سُتي وهَيا سيڻ،
وهاڻيءَ جا ويڻ، ٿيون لوٺيون سهن لوڪ ۾. (
6)
سسئي جڏهن غفلت جي خواب مان بيدار ٿي ته پنڌ ئي سندس نصيب بڻيو. شاهه لطيف سسئيءَ جي ڪردار ۾ عملي جدوجهد ۽ جاکوڙ جو سنيهو ڏنو آهي. سسئي سنجھي ئي ڪميڻين جيان پير ڊگھا ڪري سمهي پئي ۽ هن کي نڀاڳ جي ننڊ ۽ جھوٽن سبب پنهونءَ جي اغوا ٿيڻ واري خبر نه رهي پر سندس بيداريءَ کان پوءِ ڀٽائي کيس لوچڻ جو ڏس ڏئي ٿو. اها لوچ، اهو پنڌ، اها تڪليف اميد جي علامت آهي. سسئي هڪ نٻل ۽ ڪمزور عورت هئي پر شاهه انهي ڪمزور عورت جي معرفت سماج جي سست ۽ ڪاهل طبقي کي اٿڻ ۽ لوچڻ لاءِ اتساهيو آهي. لطيف جو اهو سماجي فڪر ۽ تخيل ئي سندس شاعريءَ جي حقيقي روح کي سمجھڻ ۾ مدد ڏئي ٿو.
اي ڪم ڪميڻين، جيئن سمهن پير ڊگھا ڪَري،
لوچين ڇونه لطيف چي، هاري لئي هوتن،
نــنــڊان     نـڀــاڳِــــنِ    کـــي،     اوڀـــالا     اچـــن،
سي  پُنهون  ڪوهه  پڇن،  جي  سنجھي رهـن سمهي. (سُر ڪوهياري، داستان پهريون)
شاهه لطيف جي ڪلام جون علامتون ۽ اهڃاڻ نهايت اعلى آهن. شاهه جي شاعري پنهنجي سماج ۽ سماج جي چڱاين ۽ مَٺاين جو عڪس ۽ اولڙو آهي. تنهن ڪري ڀٽائي پنهنجي ڪلام ۾ جيڪي علامتون پيش ڪيون آهن، اهي سندس دور ۽ سماج سان سلهاڙيل آهن. هن پنهنجي بيتن ۾ سماج جي جن اعلى قدرن جو ذڪر ڪيو آهي انهن کي ڪن مخصوص جاگرافيائي حدن ۾ سمائڻ به درست نه آهي. مثلاً سجاڳي يا بيداري هڪ اهڙو سماجي قدر آهي جيڪو هر سماج ۾ مثبت ليکيو وڃي ٿو. سجاڳي زندگيءَ جي حسناڪيءَ جي علامت آهي، سجاڳيءَ سان ئي ماڻهو جي سوچ، سمجھ، عقل، شعور سلهاڙيل آهي. ان جي ابتڙ ننڊ، غفلت جو اهڃاڻ آهي. غافل ماڻهو ڪڏهن به متحرڪ نه ٿو رهي، جڏهن ته سُجاڳ انسان پنهنجي منزل، مقصد ۽ ماڳ لاءِ جاکوڙيندو رهي ٿو ۽ هڪ نه هڪ ڏينهن سندس پنڌ ضرور صاب پوي ٿو. انهي پنڌ، سفر ۽ جاکوڙ جي حوالي سان ڀٽائي جو سُر کاهوڙي به وڏي اهميت وارو آهي. هن سُر ۾ به شاهه سُتلن کي جنجھوڙي اٿاري ٿو ۽ ڏٿ جي تلاش لاءِ اتساهي ٿو. بظاهر ڏٿ جي تلاش ڀلي جبلن مان کاڌي تلاش ڪرڻ جي معنى ۾ استعمال ٿيل هجي پر حقيقت ۾ اها منزل ۽ ماڳ جو اهڃاڻ آهي. ڏٿ جي تلاش هڪ ڏکيو عمل آهي ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ پهاڙي پنڌ ڪرڻا پوندا آهن. جيڪي ماڻهو انهن ڏونگرن جي پنڌ کي ڏکيو ڀائيندا آهن ۽ سدا سُتا پيا هوندا آهن، انهن کي ڇپرُ ڏٿ جي سوکڙي نه ڏيندو آهي.
جي ڪو ڏٿُ ڪري، ته ڏونگر ڏورڻ ڏاکڙو،
ڇـپــر  ڪـيـن  ڏئـي،  سـوکڙيون  سُتن  کي. (سُر کاهوڙي، داستان پهريون)
کاهوڙي ڀٽائيءَ جا اهڙا سورما آهن، جيڪي سدا متحرڪ رهن ٿا. سچو کاهوڙي اهو ئي هوندو آهي جيڪو ننڊ کي ڳلي نه لڳائيندو آهي، بلڪه اوجاڳي ۾ آنند محسوس ڪندو آهي. هن کي گنجي ڏونگر گام جي مٽي پسند هوندي آهي. ’گنجو ڏونگر‘ ان ماڳ جو نالو آهي جتي ڏٿ ملڻ جو امڪان آهي. تنهن ڪري اهي کاهوڙي ۽ لاهوتي سدا بيدار رهندي ان پنڌ کي پيارو سمجھندا آهن.
پيئي جن پڻي، گنجي ڏونگـر گـامَ جي،
ڇڏي  ننڊ  گھڻي،  لوچي  لاهوتي  ٿـيـا. (سُر کاهوڙي، داستان ٻيو)
’لاهوتي‘ اهو ڪامياب انسان آهي، جيڪو پنهنجون ننڊون ڦٽائي، ڏينهن رات ڏوري پنهنجي ماڳ تائين پهچي ٿو. کاهوڙي هڪ علامت آهي، هڪ سمبل آهي، هر اهڙي ڪردار جو جيڪو سماج جي اڏاوت لاءِ پنهنجو اڻٿڪ ڪردار ادا ڪري ٿو. هو معاشري جي انهن غلطڪارين کي رد ڪري ٿو، جن جي ڪري سماج جو اڳتي وڌڻ بند ٿي وڃي ٿو ۽ اهو ڪنهن پٿر جيان جامد ۽ ساڪن بڻجي وڃي ٿو. ’ننڊ‘سڪوت جي علامت آهي. سماج کي هميشه تحرڪ گھربل هوندو آهي. سڪوت موت آهي. ’سُجاڳ ۽ لوچيندڙ لاهوتي‘ زندگيءَ جي علامت آهي. زندگي، جنهن ۾ ساهه آهي، چُر پُر آهي، اها جاڳ سان عبارت آهي. جاڳَ ۽ بيداري منزل جو حصول ممڪن ڪري ٿي ۽ نٻل ۽ ڪمزور سماج کي هڪ سمت ڏئي ٿي.
شاهه لطيف ”سُر کاهوڙي“ ۾ گنجي ڏونگر کي منزل جو اهڃاڻ ڄاڻايو آهي. جن ماڻهن کي ان منزل ۽ ماڳ جي حصول جي تڙپ هوندي آهي، اهي ان پهاڙ کي ڏسي ٻهڪي پوندا آهن ۽ سندن ننڊ آرام ڦٽي ويندو آهي. هو سدا سُجاڳ رهندا آهن ۽ هنن کي ڪا عام پهاڙي ٽڪري متاثر نه ڪندي آهي. هو پنهنجو سکُ چين ۽ ننڊ آرام حرام ڪري گنجي ڏونگر تائين رسڻ لاءِ پيا تڙپندا آهن.
ڪهڙو اٿئي ڪام، گنجي ڏونگر گامَ ۾؟
پَسي تنهن پهاڙ کي، اچي نه آرام،
متان ڏونگـــر ڏوريين، اُڄهين ڪـوههُ عوام،
هرا ڪـــري حــرامُ، کامُ ته کاهوڙي ٿئين. (سُر کاهوڙي، داستان ٻيو)
سُر رامڪلي جوڳين، سنياسين، آديسين ۽ ڪاپڙين جو سُر آهي. هي سُر حقيقت ۾ سُر کاهوڙي ۽ سُر پورب جو تسلسل آهي. کاهوڙين جو ماڳ گنجو ڏونگر آهي ۽ پوربين جو پوربُ. سُر رامڪلي ۾ به جوڳين جي جاکوڙ جو احوال ڏنل آهي ۽ سندن منزل به پورب ئي آهي، پر هن سُر جي خاص ڳالهه اها آهي ته هن سُر وسيلي لطيف سائين جوڳين کي جيڪا تلقين ڪئي آهي ان وسيلي دراصل هُن سچي ۽ ڪامل انسان جا گُر ڏسيا آهن. اهڙي ريت جوٺن جوڳين کي به پڌرو ڪيو آهي. جوڳين جي جوڳ پچائڻ وارو عمل ڏاڍو تڪليف ڏيندڙ آهي. ان سفر ۾ به ننڊ نيڻن کان ڏور ڪرڻي پوندي آهي ۽ سُجاڳي ئي ثمر يا منزل ملڻ جو باعث بڻبي آهي. منزل جي حصول جي تڙپ ڪڏهن سک سان سمهڻ نه ڏيندي آهي. اها آههَ اهو عشقُ غافل ٿيڻ نه ڏيندو آهي. اها جاڳ ئي ڀاڳ جو سبب بڻبي آهي. تنهن ڪري ڀٽائي منزل سان ان عشق واري جذبي کي سدا قائم ۽ جيئرو رکڻ جو ڏس ڏئي ٿو.
سُتي سيج هُياسِ، مـــون کي آهه اٿاريو،
جنين جاڳاياس، آئون نه جيئندي ان ري. (سُر رامڪلي، داستان پهريون)
’آهه‘ اها چونڊي، اهو ڌوڻو ۽ اهو ڇنڊو آهي جنهن سان ننڊ مان سُجاڳي ملي ٿي. سُجاڳي حقيقي جياپي جو راز آهي. جنهن کي ان راز جي پرک آهي، جيڪو بيداريءَ جي اهميت کان واقف آهي، جنهن کي غفلت جي نقصانن جي ڄاڻ آهي، اهو هميشه سُتلن کي جھنجھوڙي اٿاريندو. لطيف جي سموري شاعري انهيءَ سجاڳيءَ جو سڏ آهي. ياد رهي ته هن جو سڏ ڪنهن فرد تائين محدود نه آهي پر هر سُتل سماج کي بيدار ڪرڻ لاءِ آهي. تنهن ڪري ڀٽائي جي اها سٽ سندس ئي ڪردار تي پوري اچي ٿي ته ’ جنين جاڳاياس، آئون نه جيئندي ان ري
شاهه سائين جوڳ لاءِ جاڳ کي وڏي اهميت ڏني آهي. اهو سنياسي ئي ڪهڙو جنهن جا نيڻ ڀنل نه هجن. جيڪو پنهنجي نيڻن جي ننڊ ڦٽائي جاڳ جي جوڳ سان جيءُ نه جوڙي. اهي ڀنل نيڻ مايوسي جي علامت نه آهن بلڪه سوچ، لوچ، فڪر، احساس ۽ ادراڪ جو اهڃاڻ آهن ۽ جاڳ عملي جدوجهد ڏانهن اشارو آهي.
اکـيـون آلـــو مـاهُ، ســدا سنياسين جـــون،
واري نيڻ نــڊاههُ، جـاڳي جھليا جوڳيين. (سُر رامڪلي، داستان نائون)
لاکيڻي لطيف سُر ڏهر ۾ ننڊ کي نڀاڳ جي نشاني سمجھندي ستلن کي جاڳايو آهي. ڀٽائي، ننڊ سان نينهن لائيندڙ اهڙي سست ۽ ڪاهل انسان کي شاهي تخت ۽ تاج، سُک ۽ چين جي ڪشش ڏانهن به متوجه ڪيو آهي. اهو سُک جاڳڻ ۽ جاکوڙڻ سان ئي لاڳاپيل آهي. تنهن ڪري ڀٽائي هن سُر ۾ وري وري جاڳڻ جا فائدا ڏسيا آهن. هڪڙو فائدو اهو آهي ته جاڳَ قلب مٿان چڙهيل ڪسُ لاهي ٿي. اهڙي ريت ننڊ جا نقصان به ٻُڌايا آهن. جيڪي ماڻهو ننڊ کي پيارو ڪندا آهن انهن جو پرين به ساٿ ڇڏي ويندو آهي.
ستا  اٿي  جاڳُ،  ننڊ  نه  ڪجي ايتري،
سلطاني سُهاڳُ، ننـڊون ڪــنـدي نه ٿئي. (سُر ڏهر، داستان ٽيون)
                                         ®®®®®®
جاڳڻ منجھان جَسُ، آهي ادا تنهن کي،
لاهي جو، لطيف چي، مٿان قلبَ ڪَــسُ،
وَرَنههَ ڪِجان وَسُ، صبح ساڻ سيدُ چي. (سُر ڏهر، داستان ٽيون)
                                         ®®®®®®
سُمهڻان ساڙو، جيڏيون! جيڏو ئي ٿيو،
پرينءَ سين پاڙو، منهنجــو ننڊ نبيريـــو. (سُر ڏهر، داستان ٽيون)
سجاڳي ۽ بيداري منزل ماڻڻ ۽ خوشيءَ جي حصول جو ڪارڻ آهي ۽ ڀٽائي سماج ۾ سک ۽ سلامتي جو تمنائي آهي، جيڪا بيداريءَ سان ئي ممڪن آهي. ان ڪري هن پنهنجي رسالي ۾ سماج جي ان اعلى ۽ مثبت قدر جي اهميت کي اجاگر ڪيو آهي.

حوالا

  1. سبطِ حسن "پاکستان مين تهذيب کا ارتقا"  مکتبہ دانيال  1999 ص 47 ــ 48 ــ 51
  2. حسين محمد هادي ”مغربي شعريات“ مجلس ترقيء اردو لاهور طبع اول 1986 ص 70
  3. ايضاً ص 74
  4. ابڙو آفتاب (ايڊيٽر) ”ماهوار پيغام“ مضمون (سُجاڳيءَ جو سنيهو ۽ جدوجهد جو پيغام) ــ عنايت بلوچ، سنڌ اطلاعات کاتو، ڪراچي، شمارو 3، مارچ 2005 ص 12
  5. عباسي تنوير  ”شاهه لطيف جي شاعري“ روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو 2000ع، ص 93
  6. شاد بشير احمد ڊاڪٽر ”شاهه لطيف ــ هر دور جو شاعر“ سنڌيڪا اڪيڊمي 2008ع، ص 131
 (نوٽ: مقالي ۾ ڏنل شاهه جا بيت غلام محمد شاهواڻي واري ترتيب ڏنل رسالي مان ورتل آهن.)

No comments:

Post a Comment