شاهه جو رسالو

Monday 30 November 2015

پيغامِ لطيف جو سماجي تبديليءَ ۾ ڪردار ــ الطاف ملڪاڻي (Altaf Malkani)



الطاف ملڪاڻي

پيغامِ لطيف جو سماجي تبديليءَ ۾ ڪردار

اڄ جي دنيا جن اهم مسئلن جو شڪار آهي، اُهي آهن: وڌندڙ عالمي دهشتگردي، طبقاتي اڻ برابري، مذهبي بنياد پرستي، جهالت ۽ جنسي بي راهه روي، مثبت قومي ۽ ثقافتي قدرن جو خاتمو.
ڳوڙهي نظر سان جيڪڏهن مٿين مسئلن جي سببن ۽ نتيجن تي غور ڪبو ته اسان کي خبر پوندي ته انهن سمورن مسئلن جو بنياد وري اسان کي هيٺيان ٽي مسئلا نظر ايندا: جيڪڏهن انهن بنيادي ٽن سببن کي دنيا مان ڌڪاري ڇڏجي ته يقينن هن دنيا ۾ اتحاد انسانيت ۽ عالمي امن، جهڙا مثبت جذبا وڌي ويجهي سگهن ٿا ۽ هيءَ دنيا عالمي ڀائيچاري ۽ مساوات انسانيءَ سبب امن جو هڪ خوبصورت باغ بڻجي سگهي ٿي، جنهن ۾ هر قوم پنهنجي ثقافت ۽ ڪلچر جا رنگ ۽ خوشبو وکيري محبت سان هن ڌرتيءَ جي گولي کي واسي سگهي ٿي. اڄ جا بنيادي ٽي اهم مسئلا هيءَ آهن: (1) دولت ۽ طاقت جي حصول جي ڊوڙ. (2) اڻ سهپ ۽ غير جمهوري رويا. (3) عالمي طور فڪري ۽ نظرياتي بحران.
(1) دولت ۽ طاقت جي حاصلات جي ڊوڙ:
اڄ فرد هجن يا ملڪ ۽ قومون، سڀ هن سائنسي دور ۾ پنهنجي ذاتي سک ۽ ذاتي زندگيءَ کي سولو ۽ سنهنجو بنائڻ لاءِ دولت ۽ طاقت چاهن ٿا، ڇاڪاڻ ته نت نئين سائنسي ايجادن، انسان جي مادي ضرورتن کي وڌايو آهي. سائنس هڪ پاسي انسان جي تمام وڏي خدمت ڪئي آهي ۽ انسان کي با سهولت زندگي گذارڻ ۾ تمام گهڻي مدد ڪئي آهي ته، ساڳئي پاسي انسان جي اخلاقي قدرن کي پائمال به ڪيو آهي. جيئن ته هن مختصر ڌرتيءَ جي گولي تي انساني آباديءَ جو بار ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي ۽ زندگي گذارڻ جا فطري وسائل ڏينهون ڏينهن گهٽجي رهيا آهن. اڄ جو انسان، قدرتي وسيلن جهڙوڪ پاڻي، تيل، گئس، روشني ۽ هوا تي به سائنس وسيلي حڪم هلائڻ جي قابل ٿي رهيو آهي، سو اهي قدرتي شيون يعني هوا، پاڻي، روشني جيڪي هر انسان جو ڪائناتي حق هئا ۽ کين مفت ۾ مهيا ٿي رهيا هئا، هاڻ انهن جو پئسن کان سواءِ ملڻ مشڪل آهي ۽ مٿان وري مصيبت اها آهي ته اهي قومون جيڪي ترقي يافته ۽ دولت مند آهن سي مظلوم ۽ غريب قومن جي ملڪن مٿان زوري قبضا ڪري انهن کان اهي قدرتي وسيلا کسي رهيون آهن.

شاھ لطيف بحيثيت قومي اڳواڻ ــ طارق عزيز شيخ (Tariq Aziz Shaikh)



طارق عزيز شيخ


شاھ لطيف بحيثيت قومي اڳواڻ

هڪ سچي شاعر جو ڪلام پنهنجي دور جي آرسي هوندو آهي. شاعر پنهنجي دل جي گُهر ۽ پنهنجي ذاتي مشاهدي تي فطري طرح پنهنجي ماحول جي حالتن، حق ۽ ناحق ۽ ريتن رسمن کان متاثر ٿي ڪلام ۾ اُهي واقعات شعوري ۽ غير شعوري طور آڻي ڇڏيندو آهي جي سچ پچ ان دور جي سچي تصوير هوندا آهن. جڏهن به ڪنهن ملڪ ڪنهن خاص دور جي صحيح صورتحال لاءِ مواد ڏسڻو پوندو آهي ته ان وقت نثري مجموعن سان گڏ نظم جو ذخيرو پڻ نظر مان ڪڍڻ ضروري ٿيو پوي ٿو.
ٻارهين صديءَ ۾ سياسي طرح سنڌ وڏي ڪوپ ۽ ڪشمڪش ۾ گرفتار هئي. جو مٿان نادر اچي نمودار ٿيو. ان کان اجل آجو ڪيو ته قنڌارين اچي مٿان ڪڙڪو ڪيو. هڪ دفعو نه پر بار بار گهران رسن ته سڌو سنڌ ۾. ان ڪري سنڌ ۾ ان چوڻي جنم ورتو ته “جڏهن تڏهن سنڌڙي توکي قنڌالِن جوکو”.
شاهه صاحب اورنگزيب جي وفات وقت سورنهن سالن جو هو. مغلن جو اثر گهٽجي ويو هو. حڪومت نور محمد ڪلهوڙي جي حوالي ٿي چڪي هئي ۽ هن سڄي سنڌ سبي تائين پنهنجي قبضي ۾ ڪري ورتي هئي. مغلن جي ڪمزوريءَ مان فائدو وٺندي ميان نور محمد پاڻ کي مضبوط ڪندو رهيو. مغلن جي ڪمزوري پرکي نادر شاهه ايرانيءَ دهليءَ تي حملو ڪيو ۽ اتان موٽندي سنڌ تي مارو ڪيائين.
۱۱۵۲هه (۱۷۳۹ع) ۾ ميان نور محمد کان ۲۰ لک رپيا ساليانو ڏن مقرر ڪرائي سندس ٽن پٽن مرادياب، عطر خان ۽ غلام شاهه کي ايران وٺي پوءِ اٺن سالن بعد جڏهن نادر شاهه کي ماريو ويو تڏهن شهزادن جي جند ڇٽي ۽ ملڪ موٽيا.
نادر شاهه جي مرڻ بعد احمد شاهه ابدالي خراسان ۽ ايران جي حڪومتن تي قبضو ڪيو ۽ هن ڪلهوڙن کي دستوري ڏن ڏيڻ لاءِ لکيو جو نور محمد ڪلهوڙي ڏيڻ کان انڪار ڪيو. جنهن تي هو ۱۷4۷ع ۾ سنڌ تي ڪاهي آيو. ميان نور محمد ٿرپارڪر ڀڄي ويو ۽ اتي ئي مري ويو. ابدالي اتي به اچي پهتو هئس.
انهن انقلابن طوفانن کانسواءِ سنڌ ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني پڻ ٺٽي ۾ پهريون ڀيرو ۱۷۳۵ع ۾ واپاري ڪوٺي کولي هئي. جا ستت کانئن کڻائي ويئي. ۱۷۵۷ع ۾ وري غلام شاهه جي زماني ۾ ٻيهر ٺٽي ۾ ڪوٺي کوليائون ان وچ ۾ انگريز واپاري، ڪلهوڙن جي درٻار ۾ ايندا رهيا. هوڏانهن عربي سمنڊ ۾ بورچو گيز ڌاڙيل به لامارا ڏيندا هئا ۽ ٻيڙا ڦريندا رهندا هئا.
شاهه لطيف غيرن جي ڏاڍاين کي به ڏٺو ته نين غلامتين جا ڄار پکڙجندي ڏٺا ۽ پنهنجي قوم کي هن طرح خبردار ڪيائين ته:
معلم ماڳ نه اڳئين، ڦلنگي منجهه ڦريا،
ملاح تنهنجي مڪڙيءَ اچي چور چڙهيا،
جتي ڍنگ ڍريا، تتي تاري تنهنجي!
سنڌ تي مغلن جي راڄ ۾ ايرانين ۽ افغانين جي ڪاهن سنڌ جي ٻولي ۽ تهذيب کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو. ٻئي پاسي يورپي تاڪو به کيس تيز نگاهن سان ڏسي رهيا هئا. سنڌ جي سرڪاري زبان ورهين کان فارسي هئي، سنڌيءَ لاءِ چيو ويندو هو ته “سنڌي وائي ڪم نه آئي” فارسيءَ لاءِ وري “فارسي گهوڙي چاڙهسي” جي چوڻي مروج هئي. شاهه صاحب ٻن دورن ۾ سڄيءَ سنڌ جو گشت ڪري حالتن جو اندازو لڳائي ٿو ۽ محسوس ڪري ٿو ته ڌارين مان ڪابه نيڪيءَ جي اميد رکي نٿي سگهجي. اهي سنڌي زبان ۽ تهذيب لاءِ مستقل خطرو بڻيل آهن. ان ڪري ان ڳالهه کي ڌارين پرديسي ڏيرن جي ڊوهه واري واقعي جي رنگ ۾ هن طرح بيان ٿو ڪري:
پيم پٺاڻن سين، ٻولي ٻي نه ٻجهن،
آءُ سنڌي جو سير ڪريان، هو پارسيون پڇن.

مون پڻ ملان تن، سرتيون سور پرائيو،
برو بگيرو جي ٿا ڏين پارسيون پاڻ ۾،
مون لوڏان ئي لکيا، ته هاڃو ڪندا هي،
ماريندا مونکي، پنهون نيندا پاڻ سين.
شاهه صاحب جو پهريون پيغام سنڌ جي سياسي، اقتصادي ذهني آزاديءَ جي مقصد سان محبت رکڻ آهي. حب الوطنيءَ جي صحيح معنيٰ به اها ئي آهي.

Sunday 29 November 2015

لطيف جي دنيا - اعجاز منگي (Aijaz Mangi)



اعجاز منگي
لطيف جي دنيا

 اياز وڏو اناپرست هو. اهڙي تهڙي اديب تي ته هن جي اک ئي نه ٻڏندي هئي. ڀلي هو سيني تي “نوبل انعام” جو ميڊل سجائي بيٺو هجي. اياز هن طرف تڪيندو به نه هو. اردو اديبن تي هو تلخ طنز جو مزو وٺندو هو. هو انهن کي وئشيائون قرار ڏيندو هو. هو مشاعرن کي ادبي مجرا قرار ڏيندو هو. هن کي “آداب عرض” کان نفرت هئي. سنڌي اديبن کي ته هو گدو بندر مان ڀڄي آيل مريض سمجهندو هو. هن سدائين پاڻ کي ادب جي عالمي ڪلب جو مانوارو ميمبر سمجهيو. جتي هن جي نظر ناظم حڪمت تي هوندي. هو پابلو نرودا کي پيار سان تڪيندو هو. ماياڪو وسڪيءَ سان هن کي محبت هئي. ٽئگور تي ته هو ٽونڪون به ڪندو هو. هو چوندو هو ته ٽئگور جي مني معترائب ته هن جي ميڪ اپ ۾ آهي. هن جي ڊگهي ڏاڙهي، وڏا وار ۽ ويڪرا ڪپڙا! هو سياڻو هو. سڀ سمجهندو هو. هن کي معلوم هو ته ادب جا عالمي ايوارڊ سياسي مفادن سبب ڏنا ويندا آهن. پر هو فيض جو قدر ڪندو هو. غالب لاءِ هن جي دل ۾ وڏي عقيدت هئي. فارسيءَ جي ڪلاسيڪل شاعريءَ ۾ هو چونڊ جو قائل هو.
هو جيڪو پاڻ کي ايشيا جو ادبي هماليا سمجهندو هو، سو ان وقت ڀري پوندو هو، جڏهن هن جي دل جي چپن تي ڀٽائيءَ جو نالو ايندو هو. ان وقت جي ڪيفيت غالب جي ان شعر جهڙي ٿي ويندي هئي ته:
“زبان په بار خدايا يه ڪس نام آيا
ڪه ميري نطق ني بوسي ميري زبان ڪي ليي”
اهو ڪو اتفاق نه هو ته جيستائين هو سرڪشيءَ سان شاعري ڪندو هو، تيستائين هو پنهنجن شعري مجموعن جا نالا لطيف جي لفظن ۾ تلاش ڪيا.
 “ڀونئر ڀري آڪاس”، “ڪلهي پاتم ڪينرو”، “ڪي جو ٻيجل ٻوليو”، “وڄون وسڻ آئيون”، “ڪپر ٿو ڪن ڪري”، “لڙيو سج لڪن ۾”، “پتڻ ٿو پور ڪري“، “ڪتين ڪر موڙيا” “هينئڙو ڏاڙهون گل جئين” ۽ “جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي”
اياز انهن ڪتابن جي ڪري ته اياز ٿيو!

سنڌ جو سدا حيات شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه - ڊاڪٽر محمد يعقوب مغل (Dr. Muhammad Yaqoob Mughul)



ڊاڪٽر محمد يعقوب مغل

سنڌ جو سدا حيات شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه


سنڌ جي سدا حيات عظيم صوفي شاعر حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه سنڌي ٻوليءَ ۾ اهڙو ته عظيم الشان شاهڪار يعني ”شاهه جو رسالو“ ڇڏيو آهي.، جيڪو سنڌ واسين توڙي سنڌي ٻوليءَ جو دستاويزي ۽ تهذيبي ورثو آهي. سندس ڪلام آرسيءَ مثل آهي، جنهن ۾ هر ڪنهن کي پنهنجي اندر جو اولڙو نظر اچي ٿو. لطيف جو ڪلام آفاقي نوعيت جو آهي ۽ ڀٽائي گهوٽ لوڪ داستانن کي تمثيلي انداز ۾، حق جي پيغام ۽ سچائي جي ڦهلاءُ لاءِ استعمال ڪيو آهي. شاهه جي ڪالم جي اها خوبي آهي ته، سندس آفاقي ڪلام، ڀٽڪيل انسانيت جي رهنمائي پئي ڪئي آهي.
شاهه صاحب پنهنجي ڪلام جي ذريعي انسانن کي جيڪو پيغام ڏيڻ چاهي ٿو، اهو عوام جي لاءِ هڪ قسم جو ترياق آهي. انهيءَ ڪري سندس ڪلام هند ۽ سنڌ اُڪري وڃي ڏيساور پار پهتو ۽ اڄ عام توڙي خاص جي زبان تي آهي. شاهه صاحب جي ڪلام ۾ نهٺائي ۽ نماڻائي پنهنجي عروج ۽ ڪمال جي بلندين تي آهي. نياز ۽ نوڙت، سادگي ۽ سچائي لطيف سائين جي جمالياتي  ڪيفيت جا مرڪز ۽ محور آهن. شاهه جي شآعريءَ ۾ اُٿاهه محبت، روحاني تسڪين، دين سان والهانه عشق، زندگيءَ جي حقيقت، معاشي ۽ معاشرتي فلاح ۽ بهبود جي خواهش ۽ محنت ۽ مشقت جو سبق سادي ۽ سولي ٻوليءَ ۾ بيان ڪيل آهي

Saturday 28 November 2015

شاهه جي رسالي ۾ سنڌ جا تاريخي ۽ جاگرافيائي اشارا ۽ اهڃاڻ ــ معمور يوسفاڻي (Mamoor Yosfani)




شاهه جي رسالي ۾ سنڌ جا تاريخي ۽ جاگرافيائي
اشارا ۽ اهڃاڻ

ٻَني
حضرت شاه عبداللطيف ڀٽائي سنڌ جو اهو عظيم شاعر آهي، جنهن جي عظمت کي سموري دنيا تسليم ڪيو آهي، جنهن جو ڪلام نه رڳو فلسفي، حڪمت ۽ دانائي جو اڪمل ۽ اعليٰ نمونو آهي، بلڪ سنڌ جي ثقافت ۽ تاريخ جو پڻ گنج آهي. سندس ڪلام ۾ سنڌ جي تاريخ بابت جيڪي اشارا ملن ٿا، اهي ايتري قدر وسيع آهن، جو انهن تي جيڪر قلم کڻجي ته تاريخ جا ڪيترائي املهه ڪتاب تيار ٿي سگهن ٿا.
منهنجو هي مختصر مقالو، جنهن جو عنوان آهي ”شاهه جي ڪلام ۾ سنڌ جي تاريخ بابت اشارا ۽ اهڃاڻ“ سو هِن ڏِس ۾ مختصر کان مختصر ۽ هڪ ابتدائي ڪوشش آهي، جنهن ۾ مون سڀ کان پهرين، هن ڌرتيءَ تي، موجوده انساني نسل جي وڏي ڏاڏي حضرت آدم عليه السلام جي رهائش ۽ آباد ڪاريءَ جو ذڪر ڪيو آهي ۽ اُن جي آثارن جي نشاندهي ڪئي آهي ۽ ان کان پوءِ باقي مقالي کي مختلف بابن ۾ ورهايو آهي، جن جا عنوان هن طرح آهن:
مويا، مارو، جک، ماڙيچا، پٺاڻ، کرپڙ وغيره
سنڌ جي تاريخ بابت هي عنوان جنهن ۾ مختلف قومن جي ماضيءَ ڏانهن ابتدائي اشارا آهن، تنهن ۾ هر قوم جي شاخن، حاڪمن، راجائن، راڻن، سردارن، سکرن، پهلوانن بهادرن، سخين، ڏاتارن، ڏات ڌڻين وغيره ۽ انهن جي آثارن جو ذڪر اچڻو آهي. ان لاءِ ظاهر آهي ته ايتري ۽ ايڏي ساري مواد کي هڪ مقالي ۾ آڻڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي ۽ گهٽ ۾ گهٽ منهنجي پهچ کان ته گهڻو پري آهي. ان ڪري مون ان مواد کي، قسطن ۾ پيش ڪرڻ جو پڪو پهه ڪيو آهي، جيڪي به خبر ناهي ته ڪيتريون بيهنديون، انڪري في الحال انهيءَ گنج مان ڪجهه ڪڻا عرض رکان ٿو. جيڪي پيش ڪرڻ کان پهرين سڀني عالمن، ماهرن، سگهڙن، سياڻن ۽ پڙهندڙن کي عرض ڪندس ته منهنجي هن ٽٽل ڦٽل، وکريل ۽ اڻپوري مقالي پڙهڻ کان پوءِ مهرباني فرمائي منهنجي هن ڏس ۾ رهبري ۽ رهمنائي ڪرڻ فرمائين.
چڱا ڪن چڱايون، مٺايون مٺن،
جو وڙ جڙي جن سان، سو وڙ سيئي ڪن. 
(لطيف)

لطيف شناسي ۽ سنڌي سماج جي اڏاوت - جامي چانڊيو (Jami Chandio)



جامي چانڊيو


لطيف شناسي ۽ سنڌي سماج جي اڏاوت

لطيف تي ڳالهائڻ تمام سؤلو به آهي ۽ تمام ڏکيو به آهي. ڇاڪاڻ ته هو رڳو شاعر ناهي. هو هڪ عظيم شاعر سان گڏوگڏ هڪ يگانو مفڪر، فلسفي، ٻوليدان ۽ هڪ نئين انسان جو تصور تخليق ڪندڙ ڏاهو فنڪار ۽ تخليقڪار پڻ آهي. لطيف تاريخ جو هڪ يگانو ماڻهو هو. اها ڳالهه مان رڳو سنڌ نه پر عالمي انساني فڪر جي تناظر ۾ ٿو چوان. توهان جيترو وڌيڪ عالمي علم ۽ فڪر پڙهو ٿا، ۽ پوءِ جڏهن لطيف کي سمجهو ٿا، ته بس ماڻهو حيران ٿيو وڃي، ته سنڌ جهڙي ڪُنڊائتي سماج ۾ لطيف جهڙو مفڪر آخر ڪيئن پيدا ٿيو؟ هن جهڙو ماڻهو اوڀر ته ڇا پر اولهه به پيدا نه ڪيو آهي. شاعريءَ ۾ ايڏو گهرو انساني ۽ سماجي فڪر ۽ زندگيءَ ڏانهن اهڙي غيرمعمولي فلسفياڻِي ۽ ڏاهپ جي بلندين تي پهتل روش بس لطيف جو ئي ڪمال آهي. جي اسين لطيف جي واٽ تي هلون ته دنيا جي هڪ عظيم ۽ سگهاري قوم ته ڇا پر هڪ مثالي قوم بڻجي سگهون ٿا.
ويڄن سين وائيءَ پيا، ڪِري نه ڪيائون، جي پند پاريائون، ته سِگهائي سَگها ٿيا.
(لطيف)
لطيف هڪ نهايت گهڻ طرفو ماڻهو آهي. هن جو هر پاسو ايترو ته وسيع ۽ ڳرو آهي، جو ماڻهو پنهنجي سموري حياتي، سندس ڪم تي، تخليقي تحقيق ڪري سگهي ٿو. لطيف تي اڃا صحيح معنيٰ ۾ گهربل تحقيقي ڪم ٿيو ئي نه آهي. جي ٿيو به آهي ته لکت ۾ نه ٿيو آهي. ڊاڪٽر بلوچ سندس ٻوليءَ جي لغت تي وڏو ڪم ڪيو آهي، جنهن تي هن کي سلام آهي؛ پر پوءِ به سندس ٻوليءَ، فن ۽ فڪر تي گهڻن رخن کان تخليقي تحقيق ۽ پرک ڪرڻ جي وڏي گهرج آهي.
ان کوٽ کي اڪثر ماڻهو پنهنجي ذهني سادگيءَ ۽ فڪري اٻوجهائيءَ ڪري سنڌي سماج جي لطيف ڏانهن روا رکيل بيقدري ڪوٺيندا آهن. مان سمجهان ٿو ته حقيقت ان جي اُبتڙ آهي. دنيا ۾ اهڙو ڪوبه جينيئس نه آهي، جنهن جو قدر پنهنجي همعصر دؤر ۾ ٿي سگهندو به هجي. هڪڙا سماج ۽ قومون غلام آهن، جتي تعليم آهي ڪونه، رياست پاڪستان جهڙي، يا ان کان اڳ اسان جنهن عذاب ۾ هئاسون، اها ڳالهه ڪنهن کان ڳُجهي ناهي. جنهن سماج ۾ وڏيرا شاهي، ظلم، غلامي، ڏاڍ، بربريت، غربت، عقيدت پرستي ۽ جهالت هجي، اتي اوهان اها توقع ڪيئن ٿا ڪري سگهو، ته اهو سماج لطيف جهڙي يگاني مفڪر کي پروڙي سگهندو، جنهن جهڙي مفڪر کي سمجهڻ لاءِ اڃا انسانذات کي گهڻو پنڌ ڪرڻو پوندو. لطيف هڪ عالمگير شاعر آهي ۽ رڳو شاعر نه پر مفڪر، ڏاهو ۽ فلسفي آهي؛ ۽ اهو فڪر، ڏاهپ ۽ فلسفو به سنڌ جي دائري ۽ سطح جو نه آهي. هو عالمگير مفڪر ۽ ڏاهو آهي. لطيف سڄيءَ دنيا جي لاءِ املهه فڪري وِرثو آهي، اهو ته اسان جو ڀاڳ آهي جو لطيف جو جنم اسان وٽ ٿيو. اها ته اسان جي ڌرتي ۽ قوم ڀاڳ واري آهي، جنهن جي ديس ۾ لطيف جو جنم ٿيو. لطيف ته هڪ عالمگير شاعر ۽ مفڪر آهي، جيئن هيگل جي ڪا قوم نه آهي، جيئن مارڪس جي ڪا قوم نه آهي، جيئن رابندر ناٿ ٺَڪُر (ٽئگور) جي ڪا قوم نه آهي، جيئن آئنسٽائين جي ڪا قوم نه آهي، جيئن شيڪسپيئر جي ڪا قوم نه آهي، جيئن نيوٽن، گليلو ۽ مائيڪل اينجلو جي ڪا قوم نه آهي، جيئن دنيا جي سمورن وڏن شاعرن، آرٽسٽن، سائنسدانن، اسڪالرن، مفڪرن ۽ عظيم انسانن جي ڪا قوم نه آهي، ۽ اهي سڀ عالمگير انسان آهن ۽ دنيا جي سڀني قومن جا ۽ پوري انسانذات جا آهن، جيئن اهو قبيلو انسانذات جو گڏيل سرمايو آهي، تيئن لطيف جي به ڪا مخصوص قوم نه آهي، هو سڄيءَ انسانذات جو گڏيل سرمايو آهي. هو سنڌ لاءِ فخر ۽ ڀاڳ آهي ۽ هن کي رڳو سنڌ تائين محدود نٿو ڪري سگهجي.
ان ڪري مان هڪ بنيادي ڳالهه ڪرڻ چاهيندس ته هن وقت تائين جيڪڏهن لطيف کي نه سمجهيو ويو آهي ته ان ۾ پاڻ کي نندڻ جو ڪو مسئلو نه آهي. سمجهڻ جو مسئلو هيءُ آهي ته آخر ڇو سنڌي قوم ۽ سنڌي سماج جو وڏو حصو اڃا تائين لطيف کي سمجهڻ کان قاصر آهي، ۽ رڳو سنڌي قوم ئي ڇو؟ پوري انسانذات ڇو نه؟ پوري دنيا ڇو نه؟ لطيف جي جهول ۾ ايترا ته ماڻڪ موتي آهن، جو اهي پوريءَ دنيا کي آڇي سگهجن ٿا. ماڻهو ان کي وڏو مسئلو ڪري پيش ٿا ڪن ته لطيف کي اسان وٽ عوامي سطح تي سمجهيو نه ويو آهي. دراصل مسئلو اهو نه آهي ته جيڪڏهن لطيف کي نه سمجهيو ويو آهي ته ان تي ڪي اوڇنگارون ڏجن يا خود مذمتي ڪجي؛ مسئلو اهو آهي ته آخر لطيف کي سنڌ جا ماڻهو ڇو نٿا سمجهي سگهن ۽ رڳو سنڌ جا ئي ماڻهو ڇو، پوريءَ دنيا جا ماڻهو ڇو نٿا سمجهي سگهن؟ ان ڪري ان ڳالهه تي غور ڪرڻ جي وڌيڪ ضرورت آهي ته آخر اهي ڪهڙا سبب آهن، اهي ڪهڙيون رڪاوٽون آهن، اهي ڪهڙيون حالتون آهن جو دنيا جي آباديءَ جو گهڻو حصو اڃا تائين اهڙن عظيم مفڪرن، شاعرن، فلسفين ۽ آرٽسٽن کي گهرائيءَ سان سمجهي نه سگهيو آهي