جامي چانڊيو
لطيف شناسي ۽ سنڌي سماج جي اڏاوت
لطيف تي ڳالهائڻ تمام سؤلو به آهي ۽ تمام ڏکيو به آهي. ڇاڪاڻ
ته هو رڳو شاعر ناهي. هو هڪ عظيم شاعر سان گڏوگڏ هڪ يگانو مفڪر، فلسفي، ٻوليدان ۽
هڪ نئين انسان جو تصور تخليق ڪندڙ ڏاهو فنڪار ۽ تخليقڪار پڻ آهي. لطيف تاريخ جو هڪ
يگانو ماڻهو هو. اها ڳالهه مان رڳو سنڌ نه پر عالمي انساني فڪر جي تناظر ۾ ٿو
چوان. توهان جيترو وڌيڪ عالمي علم ۽ فڪر پڙهو ٿا، ۽ پوءِ جڏهن لطيف کي سمجهو ٿا،
ته بس ماڻهو حيران ٿيو وڃي، ته سنڌ جهڙي ڪُنڊائتي سماج ۾ لطيف جهڙو مفڪر آخر ڪيئن
پيدا ٿيو؟ هن جهڙو ماڻهو اوڀر ته ڇا پر اولهه به پيدا نه ڪيو آهي. شاعريءَ ۾ ايڏو
گهرو انساني ۽ سماجي فڪر ۽ زندگيءَ ڏانهن اهڙي غيرمعمولي فلسفياڻِي ۽ ڏاهپ جي
بلندين تي پهتل روش بس لطيف جو ئي ڪمال آهي.
جي اسين لطيف جي واٽ تي هلون ته دنيا
جي هڪ عظيم ۽ سگهاري قوم ته ڇا پر هڪ مثالي قوم بڻجي سگهون ٿا.
ويڄن سين وائيءَ پيا، ڪِري نه ڪيائون، جي پند پاريائون، ته
سِگهائي سَگها ٿيا.
(لطيف)
لطيف هڪ نهايت گهڻ طرفو ماڻهو آهي. هن جو هر پاسو ايترو ته
وسيع ۽ ڳرو آهي، جو ماڻهو پنهنجي سموري حياتي، سندس ڪم تي، تخليقي تحقيق ڪري سگهي
ٿو. لطيف تي اڃا صحيح معنيٰ ۾ گهربل تحقيقي ڪم ٿيو ئي نه آهي. جي ٿيو به آهي ته
لکت ۾ نه ٿيو آهي. ڊاڪٽر بلوچ سندس ٻوليءَ جي لغت تي وڏو ڪم ڪيو آهي، جنهن تي هن
کي سلام آهي؛ پر پوءِ به سندس ٻوليءَ، فن ۽ فڪر تي گهڻن رخن کان تخليقي تحقيق ۽
پرک ڪرڻ جي وڏي گهرج آهي.
ان کوٽ کي اڪثر ماڻهو پنهنجي ذهني سادگيءَ ۽ فڪري اٻوجهائيءَ
ڪري سنڌي سماج جي لطيف ڏانهن روا رکيل بيقدري ڪوٺيندا آهن. مان سمجهان ٿو ته حقيقت
ان جي اُبتڙ آهي. دنيا ۾ اهڙو ڪوبه جينيئس نه آهي، جنهن جو قدر پنهنجي همعصر دؤر ۾
ٿي سگهندو به هجي. هڪڙا سماج ۽ قومون غلام آهن، جتي تعليم آهي ڪونه، رياست پاڪستان
جهڙي، يا ان کان اڳ اسان جنهن عذاب ۾ هئاسون، اها ڳالهه ڪنهن کان ڳُجهي ناهي. جنهن
سماج ۾ وڏيرا شاهي، ظلم، غلامي، ڏاڍ، بربريت، غربت، عقيدت پرستي ۽ جهالت هجي، اتي
اوهان اها توقع ڪيئن ٿا ڪري سگهو، ته اهو سماج لطيف جهڙي يگاني مفڪر کي پروڙي
سگهندو، جنهن جهڙي مفڪر کي سمجهڻ لاءِ اڃا انسانذات کي گهڻو پنڌ ڪرڻو پوندو. لطيف
هڪ عالمگير شاعر آهي ۽ رڳو شاعر نه پر مفڪر، ڏاهو ۽ فلسفي آهي؛ ۽ اهو فڪر، ڏاهپ ۽
فلسفو به سنڌ جي دائري ۽ سطح جو نه آهي. هو عالمگير مفڪر ۽ ڏاهو آهي. لطيف سڄيءَ
دنيا جي لاءِ املهه فڪري وِرثو آهي، اهو ته اسان جو ڀاڳ آهي جو لطيف جو جنم اسان
وٽ ٿيو. اها ته اسان جي ڌرتي ۽ قوم ڀاڳ واري آهي، جنهن جي ديس ۾ لطيف جو جنم ٿيو.
لطيف ته هڪ عالمگير شاعر ۽ مفڪر آهي، جيئن هيگل جي ڪا قوم نه آهي، جيئن مارڪس جي
ڪا قوم نه آهي، جيئن رابندر ناٿ ٺَڪُر (ٽئگور) جي ڪا قوم نه آهي، جيئن آئنسٽائين
جي ڪا قوم نه آهي، جيئن شيڪسپيئر جي ڪا قوم نه آهي، جيئن نيوٽن، گليلو ۽ مائيڪل
اينجلو جي ڪا قوم نه آهي، جيئن دنيا جي سمورن وڏن شاعرن، آرٽسٽن، سائنسدانن،
اسڪالرن، مفڪرن ۽ عظيم انسانن جي ڪا قوم نه آهي، ۽ اهي سڀ عالمگير انسان آهن ۽
دنيا جي سڀني قومن جا ۽ پوري انسانذات جا آهن، جيئن اهو قبيلو انسانذات جو گڏيل
سرمايو آهي، تيئن لطيف جي به ڪا مخصوص قوم نه آهي، هو سڄيءَ انسانذات جو گڏيل
سرمايو آهي. هو سنڌ لاءِ فخر ۽ ڀاڳ آهي ۽ هن کي رڳو سنڌ تائين محدود نٿو ڪري سگهجي.
ان ڪري مان هڪ بنيادي ڳالهه ڪرڻ چاهيندس ته هن وقت تائين
جيڪڏهن لطيف کي نه سمجهيو ويو آهي ته ان ۾ پاڻ کي نندڻ جو ڪو مسئلو نه آهي. سمجهڻ
جو مسئلو هيءُ آهي ته آخر ڇو سنڌي قوم ۽ سنڌي سماج جو وڏو حصو اڃا تائين لطيف کي
سمجهڻ کان قاصر آهي، ۽ رڳو سنڌي قوم ئي ڇو؟ پوري انسانذات ڇو نه؟ پوري دنيا ڇو نه؟
لطيف جي جهول ۾ ايترا ته ماڻڪ موتي آهن، جو اهي پوريءَ دنيا کي آڇي سگهجن ٿا.
ماڻهو ان کي وڏو مسئلو ڪري پيش ٿا ڪن ته لطيف کي اسان وٽ عوامي سطح تي سمجهيو نه
ويو آهي. دراصل مسئلو اهو نه آهي ته جيڪڏهن لطيف کي نه سمجهيو ويو آهي ته ان تي ڪي
اوڇنگارون ڏجن يا خود مذمتي ڪجي؛ مسئلو اهو آهي ته آخر لطيف کي سنڌ جا ماڻهو ڇو
نٿا سمجهي سگهن ۽ رڳو سنڌ جا ئي ماڻهو ڇو، پوريءَ دنيا جا ماڻهو ڇو نٿا سمجهي
سگهن؟ ان ڪري ان ڳالهه تي غور ڪرڻ جي وڌيڪ ضرورت آهي ته آخر اهي ڪهڙا سبب آهن، اهي
ڪهڙيون رڪاوٽون آهن، اهي ڪهڙيون حالتون آهن جو دنيا جي آباديءَ جو گهڻو حصو اڃا
تائين اهڙن عظيم مفڪرن، شاعرن، فلسفين ۽ آرٽسٽن کي گهرائيءَ سان سمجهي نه سگهيو
آهي
.
جرمنيءَ ۾ تمام گهڻا فلاسافر آهن، ڇا جرمن قوم پنهنجن فلاسافرن
کي سمجهيو آهي؟ آمريڪا جا گهڻا ماڻهو واٽ وٽئمن کي سمجهن ٿا؟ برطانيا جا گهڻا
ماڻهو شيڪسپيئر کي سمجهن ٿا؟ گهڻن ماڻهن کي گوئٽي جي خبر آهي ته هو اصل ۾ ڇا هو؟ ۽
هن ڇا چيو آهي؟ گهڻن ماڻهن کي ڪاليداس جي خبر آهي؟ گهڻن ماڻهن کي اماروءَ جي خبر
آهي؟ گهڻن بنگالين کي خبر آهي ته رابندر ناٿ ٺَڪُر ۽ جيواننداس ڇا چئي ويا آهن؟ ان
ڪري اصل سوال اهو آهي ته آخر ڪوبه سماج اهڙن يگانن مفڪرن کي ڏاهپ جي بلند سطحن تي
ڪيئن سمجهي سگهي ٿو؟ يا اهو سوال به اڳيان رکڻ گهرجي ته عوام اهڙن فڪري سرچشمن مان
سيراب ٿيڻ کان تاريخي طور محروم ڇو آهي؟ ٻيو اهم سوال اهو آهي ته ان ڳالهه تي غور
ڪجي ته اهي دراصل وڏا ماڻهو ڇو آهن؟ ماڻهن کي اهي سبب ۽ محرڪ ٻُڌائجن ته اهي وڏا
ماڻهو ڇو آهن؟ انهن جي عظمت جو راز ڪهڙو آهي ۽ انهن کي سمجهڻ ۾ ڪهڙيون رڪاوٽون
آهن؟ ڪهڙن مسئلن کي حل ڪرڻ کانپوءِ ماڻهو ان قابل ٿيندا ته هو لطيف جهڙن شاعرن ۽
مفڪرن کي سمجهي سگهن. ان ڪري سڀ کان وڏو سوال اهو آهي ته لطيف آخر وڏو ماڻهو ڇو
آهي؟ ڇا لطيف ان ڪري وڏو ماڻهو هو ته هو پير هو؟ نه، پيرَ ته هر گهٽيءَ ۾ ٽي پيا
آهن. هڪڙي ڀيري اسان ڪجهه دوست ٽنڊي الهيار پئي وياسون. رستي تي هڪ دوست پڇيو ته
سنڌ ۾ ايتريون درگاهون ڇو آهن؟ مون چيو ته جيئرا ماڻهو ماڻهن کي پڇن ڪونه ٿا،
مجبوريءَ ۽ بي وَسيءَ ۾ ماڻهن کي آٿت لاءِ درگاهن تي وڃڻو پوي ٿو. ماڻهو صدين کان
ڏسن ٿا ته جيئرا ماڻهو انهن جا ڌڻي ٿين ڪونه ٿا، جيڪي سندن ويڄ ٿين، جيڪي سندن
طبيب ٿين، جيڪي کين علاج ڏسين، جيڪي سندن واهرو ٿين، جيڪي کين سجاڳ ڪن، ماڻهن جو
درگاهن ڏانهن وڃڻ دراصل انهن جي پنهنجي دؤر کان ويڳاڻپ ۽ مايوسيءَ جو اظهار آهي.
ماڻهو ويچارا وڃي قبرن تي ٿا ڪرن، قبرون انهن کي ڇا ڏينديون؟ لطيف وڏو ماڻهو ڇو
هو؟ ڇا ان ڪري ته هو سيد هو؟ سيد ته ڪيترائي پيا هلن! ڇا ان ڪري ته هُو ولي هو؟
اولياءَ ته هر ڳوٺ ۾ جام پيا آهن.هن وٽ ڇا هو؟ بظاهرته هو به هڪ انسان هو، اوهان ۽
مون جهڙو ماڻهو هو، هو به اسان جيئن کائيندو هو، پيئندو هو، ننڊ ڪندو هو وغيره، ته
پوءِ آخر ڪهڙو سبب آهي؟ ڇا هو ڪو وڏو نواب هو؟ ڪو سردار هو؟ ڪو منسٽر هو، ڪو ايم
اين اي يا ايم پي اي هو؟ لشڪر گاڏيون هونديون هيس؟ ته پوءِ آخر ڪهڙي ڳالهه هيس؟ هو
ته نه اليڪشن ۾ پئي بيٺو، نه سائيڪلون پئي ورهايائين، نه ئي ڪي لاٺڙيا گڏ هيس، ته
پوءِ آخر هن وٽ ڇا هو؟ ۽ لطيف ڇو وڏو ماڻهو آهي؟ اهو بنيادي سوال آهي ۽ رڳو لطيف
ئي نه پر سڀ دنيا جا حقيقي وڏا ماڻهو آخر وڏا ماڻهو ڇو آهن؟ اها ڳالهه نه سمجهبي
ته انهن کي سمجهڻ ۾ وڏي ۾ وڏي رڪاوٽ ئي اها هوندي. اسان کي اهو سمجهڻ گهرجي ته
بطور تاريخ ساز فرد جي حضرت محمد (صه) ڇو وڏي هستي آهي؟ شيڪسپيئر ڇو وڏو ماڻهو
آهي؟ ڪاليداس ڇو وڏو ماڻهو آهي؟ جيڪڏهن لطيف پنهنجي دؤر جو غلام هجي ها، پنهنجي
دؤر جي تصورن جو غلام هجي ها، پنهنجي دؤر جي جهالتن جو غلام هجي ها، پنهنجي دؤر جي
محدود علم جو غلام هجي ها، پنهنجي دؤر جي نمائنده مقامي ڪردارن جو غلام هجي ها، ته
پوءِ پڪ ڄاڻو ته لطيف روايتي سنڌي هجي ها ۽ گهر کان ٻاهر نڪري ئي نه ها، سندس خواب
ننڍڙا هجن ها، خواهشون محدود هجنس ها، لطيف جا آدرش خسيس هجن ها ته پوءِ لطيف به
عام ماڻهوءَ جهڙو ماڻهو هجي ها. لطيف سائينءَ جي وڏي ماڻهو هجڻ جو سبب ئي اهو آهي،
سندس عظمت جو راز ئي اهو آهي ته لطيف پنهنجي دؤر کان، پنهنجي دؤر جي علم کان،
پنهنجي دؤر جي تصورن کان ۽ رڳو پنهنجي دؤر جي تصورن کان ئي نه پر پنهنجي ماضيءَ ۽
ايندڙ صدين جي به تصورن کان گهڻو اڳتي وڌي نوان تخليقي خيال پيش ڪيا آهن. هڪ خاص
معنيٰ ۾ جتي اڄ تائين انسانذات نه پهچي سگهي آهي، اُتي لطيف جا تصور پهتا آهن،
پوءِ ڀلي اهو انسان هتان جو هجي يا انگلينڊ ۽ آمريڪا جو، رڳو سنڌ ئي نه پر دنيا جا
سڌريل ترين خِطا به اڃا ان مقام تي نه پهچي سگهيا آهن، جيڪا لطيف ڳالهه ڪئي آهي.
لطيف سائينءَ جي عظمت جو سبب اهو آهي ته هن جا خيال، هن جا ويچار، هن جا تصور، هن
جا آدرش، هن جا ڪردار، هن جا قدر، هن جا رويا، هن جو تصوراتي ۽ تخيلاتي طور پيش
ڪيل ماڻهو اڃا تائين ڪنهن ڏٺو نه ڪنهن ٻڌو. لطيف چئي ٿو:
جت نه پکيءَ پير، تِتِ ٽمڪي باهڙي، ٻيو ٻاريندو ڪير، کاهوڙڪيءَ
کير ريءَ.
جن اوچائين تي پکي پير نٿو رکي سگهي، اتي باهه پئي ٻري يعني جن
تصورن جي بُلندين تي اڃا انسانذات جي سوچ جو پکي اُڏي نه ٿو رَسي سگهي، اتي هنن
تاريخ جي غير معمولي ڪردارن، شعور ۽ غيرمعمولي سمجهه ۽ ادراڪ جي باهه ٻاري آهي. ها
البت ويهين صديءَ جا روسي بالشويڪ، چيني ۽ ويٽنامي انقلابي سندس ڪردارن جي روين
ويجهو ضرور آهن. هو اهڙا يگانا ماڻهو هئا، جيڪي انساني تاريخ ڏٺا ته ڇا ڪڏهن ٻُڌا
به ڪونه آهن. يا
وري هن چيو آهي:
ڏوٿي سا ڏورين، جا جوءِ سُئي، نه ٻُڌي، پاسا مٿي پاهڻين،
کاهوڙي کوڙين، وِڄا اُت ووڙين، جت نهايت ناههِ ڪا.
لطيف پنهنجي فڪر ۽ تخليقي پورهيي جي باري ۾ پاڻ چيو آهي:
”قاتل ڪمائي ڪري، وِههُ
ماکي جي ڪن، وٽان ويهي تن، پيج ڪي پياليون.“
لطيف اهو عظيم ويڄ ۽ طبيب آهي جيڪو زندگيءَ جي تلخ تجربن، ڏکن،
دردن ۽ اهنجن جي وِههُ مان انسان ۽ معاشري جي نئين تخليق جي ماکي ٺاهي ٿو، جيڪو
اهو امرت چکي ٿو ۽ پنهنجيءَ سوچ ۽ فڪر توڙي عمل جي روح ۾ لاهي ٿو، جو هن زندگيءَ ۽
سماج جي ڏمر ۽ ڏاڍ کان ڏاڍو آهي.
حقيقت ۾ تاريخ جا سمورا جينئس پنهنجي دؤر کان ايڊوانس هئا.
سندن عظمت جو اصل راز ئي اهو هوندو آهي. سائنسدان جيڪي نيون نظرياتي ۽ سائنسي ايجادون ڪن ٿا، اُهي صدين
کانپوءِ ماڻهن کي سمجهه ۾ اچن ٿيون. فلسفي به ايئن هوندا آهن، جيڪي ڳالهيون يونان
۾ طاليس، اناڪسميندر، هيراڪليٽس ۽ ڊيماڪريٽس اڄ کان هزارين ورهيه اڳ ڪيون، اڄ
سائنس انهن کي سمجهي ۽ پروڙي ٿي. ڊيڪارٽ، ڪانٽ ۽ هيگل يا مارڪس کي پنهنجي دؤر ۾
گهڻن ماڻهن سمجهيو؟ هيگل چيو هو ته سڄي حياتيءَ مون کي منهنجي هڪ ئي شاگرد سمجهيو
۽ اهو به غلط سمجهيو. ادب، فن، فلسفو ۽ سائنس هميشه پنهنجي دؤر کان گهڻو اڳتي ڏسندا،
سوچيندا، محسوس ڪندا ۽ نوان ايڊوانس تصور پيش ڪندا آهن. چيني ڏاهي سن زوءَ جيڪي
جنگي حڪمت عملين جا اُصول ٻُڌايا، اُهي اڄ پئِي حڪمت عمليءَ جي سائنس سمجهي ۽ لاڳو
ڪري. لطيف به ايئن آهي. هو پنهنجي دؤر کان نهايت اڳتي آهي ۽ اهو دؤر سنڌ جي نسبت
سان نه آهي پر عالمي انساني فڪر جي تناظر ۾ آهي.
ان ڪري لطيف جي عظمت جو بنيادي نقطو اهو آهي، ان جي عظمت جو
خالص سبب اهو آهي ته هو پنهنجي دؤر جي، پنهنجي دؤر کان اڳ، توڙي پنهنجي دؤر کان
پوءِ جي ڇَسن خيالن ۽ تصورن ۾ ورتل نه هو ۽ هن جا تصور سطحي نه هئا. هن جا آدرش
ننڍڙا نه هئا، هن جون خواهشون ننڍڙيون نه هيون، هن جا قدر سطحي نه هئا، هن جا رويا
روايتي نه هئا، هن جا ماڻ ۽ ماپا، هن جي اک ”اک الٽي ڌار“ واري هئي. لطيف پنهنجي
دؤر کي، انسانذات کي، فطرت کي ۽ ڪائنات کي ايئن نه پئي ڏٺو، جيئن عام ماڻهو ڏسي
ٿو. عام ماڻهو ڄمي ٿو، حياتي گذاري ٿو ۽ مري وڃي ٿو. اهو رڳو وقت ۽ پئسي جو زيان
ڪري ٿو، لطيف جي عظمت جو بنيادي سبب اهو آهي ته هن جيڪي تصور ڏنا، جيڪي خيال ڏنا،
جيڪي خواب ڏنا، جيڪي رويا ڏنا، جيڪي قدر ڏنا، جيڪي آدرش ڏنا، اهي بنهه نوان،
تخليقي، غير روايتي ۽ وسيع تر معنيٰ ۾ انقلابي آهن.
هاڻي ڪوبه پڇي سگهي ٿو ته لطيف اهڙو ڄائي ڄم کان هو يا پوءِ
ٿيو، هن وقت تائين اسان کي ته اهو ٻُڌايو ويو آهي ته، يا ته ماڻهو ايئن پيدائشي
هوندو آهي يا نه هوندو آهي. ماڻهو يا ته ننڍا هوندا آهن يا وري وڏا هوندا آهن، ماڻهو ته
غيرمعمولي هوندا آهن يا وري نه هوندا آهن. اسان هن وقت تائين پنهنجي ماحول، ڪلچر،
پنهنجن ابن، ڏاڏن کان اهو ٻڌو آهي ته ماڻهو يا ته وڏا هوندا آهن يا ننڍا هوندا
آهن، جيڪو جيئن آهي سو ائين آهي بس. اسان کي ان ڳالهه تي غور ڪرڻ گهرجي ته ڇا لطيف
ڄائي ڄم کان اهڙو ئي عظيم هو؟ دنيا جو ڪوبه ماڻهو ڄائي ڄم کان نه بڇڙو هوندو آهي ۽
نه ئي وري عظيم هوندو آهي. دنيا جا سڀ ٻار هڪ جهڙا ڄمندا آهن، هڪ جهڙا ئي معصوم ۽
حَسين هوندا آهن، پوءِ ڀلي ڪو باگڙيءَ جو ٻار هجي يا ڪنهن شهنشاهه جو، ڪنهن نواب
جو ٻار هجي يا ڪنهن هاريءَ جو، ڪنهن ڪولهي ڀيل جو ٻار هجي يا ڪنهن برهمڻ ۽ سيد جو،
ٻار ڄمندو هڪجهڙو ئي آهي. ڄمڻ سان ٻار ۾ ڪنهن به قسم جو فرق نه هوندو آهي، فطرت
ٻار کي ساڳيءَ طرح پيدا ڪري ٿي، ان ڪري لطيف جي عظمت جو سبب جيڪڏهن ان جا اهي خيال
يا ويچار آهن، اهي تصور ۽ اهي آدرش آهن ته ان جو مطلب اهو نه آهي، ته اهي هن کي
سندس پيءُ ٻُڌايا هئا، يا کيس ورثي ۾ مليا هئا. لطيف ته هڪ سجاڳ ماڻهو هو، هڪ
باشعور ماڻهو هو، هڪ باضمير ماڻهو هو، هڪ تخليقي ماڻهو هو، هڪ سمجهُو ماڻهو هو،
سوچيندڙ ماڻهو هو، هو گهميو، ڦريو، سير ۽ سفر ڪيائين، دنيا ڏٺائين، تصور جي اک سان
سموري ڪائنات ۽ فطرت ڏٺائين، فطرت جا انيڪ رنگ ۽ حُسناڪيون ڏٺائين، ان جون بڇڙايون
ڏٺائين، مختلف ٻوليون سکيو، ماڻهن سان هليو، پنڌ ڪيائين، عوامي زندگيءَ ۾ ٻوليءَ
جون تخليقي حُسناڪيون ڏٺائين. ماحول جون حُسناڪيون ڏٺائين، پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪيتريون ڪِرڀ
جهڙيون شيون ڏٺائين، هن جي ارد گرد جيڪو پورو جهان هو، اهو هن کان جيترو ٿي سگهيو
هن ڏٺو ۽ ايئن نه ڏٺائين پر ”اک الٽي ڌار“ واري نظر سان ڏٺائين. لطيف چيو آهي ته:
اک اُلٽي ڌار، ونءُ اُلٽو عام سين، جي لهوارو لوڪ وَهي، ته
تُون اُوچو وَههُ اوڀارِ، منجهان سوچ نِهار، ونءُ پُٺيرو پرينءَ ڏي.
(لطيف)
ايئن ئي عام ماڻهو جيئن ڪونه ڏٺائين. هن سڄي زماني، سموري جهان
۽ سمورين شين کي اُبتي انداز سان ڏٺو، جيئن ڪو ماڻهو روايتي انداز سان ۽ سطحي
نموني ڏسي ٿو، ايئن ڪونه پئي ڏٺائين. هن اک اُلٽي ڌاري تجربا ڪيا، مشاهدا ڪيا،
ماڻهو ڏٺائين، جهان ڏٺائين، خوشيون ڏٺائين، ڏک ڏٺائين، ڌرتي ڏٺائين، آسمان ڏٺائين،
ماحول ڏٺائين، فطرت ڏٺائين ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ماڻهوءَ جي اندر جو ورق ورق اُٿلائي
پٿلائي ڏٺائين. هن جو مشاهدو ۽ ان مان اُسريل تخليقي فڪر ۽ ان جي وُسعت ڏسي ماڻهو
دنگ رهجي ٿو وڃي. ڇاڪاڻ ته هن جو اندر ٻاهرين ڪائنات کان هزارين ڀيرا وڌيڪ حَسين
هو.
لطيف کي پوڄڻ جو مسئلو به نه آهي، لطيف سان عقيدت جو به ڪو
مسئلو نه آهي، پاڻ عقيدو ته لطيف جي توهين آهي. جيڪڏهن ڪو ماڻهو چئي ٿو ته اسين
لطيف سرڪار جا عقيدتمند آهيون ته پڪ سمجهو ته اهو لطيف جي سڀ کان وڌيڪ توهين ڪندڙ
آهي. لطيف
جهڙي يگاني مفڪر جي ان کان وڌيڪ توهين ٻي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي، ته کيس سرڪار سڏيو
وڃي!؟ اسان کي لطيف سان باشعور محبت آهي، اسان کي لطيف سان باضمير محبت آهي، اسان
کي لطيف سمجهه ڏني آهي، شعور ڏنو آهي، جيڪو ماڻهو پاڻ سمجهه ۽ شعور جو سرچشمو آهي،
جيڪو ماڻهو سمجهه ۽ شعور جو سمنڊ آهي، ان سان ڪو جيڪڏهن عقيدت ڪري، ان کان وڌ ٻي
ان جي توهين نه ٿيندي. دراصل عقيدت هر وڏي ماڻهوءَ جي سڀ کان وڏي توهين هوندي آهي.
عقيدت معنيٰ تنقيدي شعور جي نفي، عقيدت معنيٰ پرک نه ڪجي، عقيدت معنيٰ تخليقي
انداز رد ڪجي، عقيدت معنيٰ شين کي عقلي، علمي، فڪري ۽ احساساتي طور سمجهڻ ۽ پروڙڻ
جي ڪوشش ئي نه ڪجي. عقيدت ۽ تخليقيت گڏ نٿا هلي سگهن. جيئن جهالت ۽ شعور گڏ نٿا
هلي سگهن، جيئن اوهام پرستي ۽ سائنس گڏ نٿا هلي سگهن. لطيف پاڻ به عقيدت جي سراپا
نفي هو، ڇاڪاڻ ته هو ”اک الٽي ڌار“ ۾ ويساهه رکندو هو. لطيف جي عظيم ماڻهو ٿيڻ جو
راز اهو نه آهي ته هو ڪو ڄائي ڄم کان اهڙو ئي عظيم هو، هو به ماڻهن جهڙو ماڻهو هو،
لطيف پوءِ عظيم ٿيو. هن اُهي آدرش اختيار ڪيا، اهي تصور تخليق ڪيا، اهي رويا تخليق
ڪيا، اهي قدر تخليق ڪيا، جيڪي عظمتن ڏانهن وٺي ويندا آهن. لطيف پنهنجن تصورن ۾ هڪ
خاڪو ٺاهيو ته ماڻهو ڪيئن هجي، آئيڊيل انسان ڪيئن هجي ۽ پوءِ هن اهو انسان تصوراتي
طور تخليق ڪري ڏنو. سسئي لطيف جو ٺاهيل انسان آهي، سهڻي لطيف جو تخليق ڪيل انسان
آهي، مارئي لطيف جو تخليق ڪيل انسان آهي، اسان کي خبر نه آهي ته هو اصل ۾ به
اهڙيون هيون يا نه؟ دراصل اها سسئي لطيف پاڻ آهي، هيءُ تصور ڏسو:
ڪنڊا مون پيرين، توڙي لَکَ لڳن، آڱر آڱوٺي نه مِڙي ڇِپون پيرَ
ڇِنَنِ، ويندي ڏانهن پِرين، جُتي جاتِ نه پائيان.
يا هيءُ تصور ڏسو:
اونچو اُتاهون گهڻو، جيئڻ کي جَبَلُ، مرڻَ! مون سين هَلُ، ته
پُٺيءَ تو پنڌ ڪريان.
تو سَڱُ ساههَ! گهڻن سين، جيئڻَ! گوشي جاءُ، مَرَڻَ! مون سين
آءُ، ته پُٺيءَ تو پنڌ ڪريان.
لطيف ڪمٽمينٽ جو امام آهي. هيءُ تصور ڏسو:
هٿين، پيرين، مونڙئين، هلج ساڻ هنئين، عشق آريءَ ڄام جو، نباهي
نِئيين، جان جان ٿي جِئين، تان پاڙج ڪو مَ پنهونءَ سين.
هٿين، پيرين مونڙئين، ڪهج ڀَر ڪپارَ، متان ڇوري! ڇڏئين، پريتڻي
پچارَ، توکي سَنَدَ سسئي! سندي لنؤ لغارَ، جي هُوِنئي هوت هزار، ته به پاڙج ڪو مَ
پنهونءَ سين.
اهڙا ماڻهو، اهڙا ڪردار اڄ ئي نه آهن ته اُن زماني ۾ ڪٿي
هوندا! لطيف نه فقط تصور، آدرش، رويا، قدر ۽ خيال ڏنا پر سسئيءَ جي شڪل ۾ اهو
ماڻهو به ٺاهي پيش ڪري ڏنائين ته ماڻهو هيئن هئڻ گهرجي. توهان هن جو سُر رامڪلي
پڙهو، سامونڊي پڙهو، هر ڪردار ۾ هن جو مرڪزي خيال ساڳيو آهي. ماحول مختلف آهن پر
هن جا تصور ساڳيا آهن، ڳالهيون ساڳيون آهن، ان ڪري لطيف جي هيبت ڪرڻ جو به ڪو
مسئلو نه آهي ته لطيف جيئن ته ههڙو يگانو ۽ عظيم هو، ان ڪري هاڻي ٻيا اهڙا عظيم
ماڻهو پيدا نه پيا ٿين يا مستقبل ۾ نه ٿيندا يا نٿا ٿي سگهن. اسان سائنسي ذهن جا
ماڻهو آهيون، انساني تاريخ لطيف جهڙا ٻيا هزارين ماڻهو پيدا ڪري سگهي ٿي، ۽ لطيف
جي خيال، سوچ، ضمير، روح ۽ اک جهڙا ماڻهو پيدا ٿيندا رهندا. پر ان جي صورت، فارم ۽
شعبو مختلف هوندو. انساني تاريخ لطيف جهڙا ماڻهو پيدا ڪرڻ ڇڏي ڏنا آهن- ايئن به نه
آهي. ممڪن آهي ته پاڻ وٽ لطيف جهڙا ماڻهو وري نه ڄمن، پر ساڳيءَ طرح ممڪن آهي ته
لطيف کان هزارين ڀيرا وڌيڪ اڳتي وڌيل ماڻهو ڄمن.
لطيف جي زندگيءَ مان سبق اهو سکڻ
گهرجي ته جيئن روايتي ماڻهوءَ منجهان لطيف پاڻ کي تبديل ڪيو ۽ اهڙو پاڻ کي عظيم
انسان ٺاهيائين، تيئن اسين به پنهنجي سوچ، عمل، مشاهدي، تجربي، پورهيي ۽ زندگيءَ
جي ڍنگ ۾ فرق آڻيون، تبديلي آڻيون ۽ روايتي يا بيٺل پاڻيءَ جهڙن ماڻهن مان بدلجي
وهندڙ درياهن جيان متحرڪ ۽ سگهارا ٿيون.
لطيف جي به پيرن ۾ سوين فڪري، روحاني، احساساتي، ثقافتي،
ماحولياتي، سماجي ۽ تاريخي وَنگَ هئا، پر هن سڀئي ڇني، نون تصورن جو جهان تخليق
ڪيو. ان ڪري لطيف جو پيغام ئي اهو آهي ته اهڙو عظيم ٿي سگهجي ٿو، اهڙا تصور ڪري
سگهجن ٿا، اهڙا خيال پيدا ڪري سگهجن ٿا، اهڙا خيال اختيار ڪري سگهجن ٿا، اهڙا خواب
ڏسي سگهجن ٿا، اهڙا آدرش رکي سگهجن ٿا، اهڙا پنڌ ڪري سگهجن ٿا، ماڻهو مارئيءَ جيئن
پنهنجي وطن سان لازوال محبت ڪري سگهن ٿا، ماڻهو سسئيءَ وانگر ايڏا بهادر ۽ اڻ ورچ
ٿي سگهن ٿا، ماڻهو تماچيءَ وانگر به تبديل ٿي سگهن ٿا، اوهان سُر ڪاموڏ پڙهو، ان ۾
لطيف چئي ٿو:
کِکيءَ هاڻيون کاريون، ڇِڇِيءَ هاڻا ڇَڄَ، پاندُ جِنِ ۾ پاندَ
سين، لڳو ٿئي لَڄَ، سمو ڄامُ سُهَڄَ، اُڀو ڪري اُنَ سين.
يعني وقت جو بادشاهه ڄام تماچي کِکِي هاڻين کارين ۽ ڇِڇِيءَ
هاڻن ڇَڄَن تي پاڻ بيٺو آهي. وڏي فخر ۽ خوشيءَ سان بيٺو آهي ۽ مهاڻن کي پيو ٿو
نوازي. ان سڄي سُر کي پڙهندي ايئن محسوس ٿيندو ته ڄام تماچي مهاڻن کي نوازي ٿو پر
لطيف آخري بيت ۾ راز جي ڳالهه ڪئي آهي ۽ حيرت انگيز ڳالهه ڪئي آهي، لطيف چئي ٿو ته:
”نوريءَ جي نوازيو.....“
معنيٰ نوريءَ ڄام کي نوازيو آهي، اصل ۾ ڄام نوريءَ کي ۽ سندس
مائٽن کي ڪونه نوازيو آهي، هو راز جي ڳالهه ٿو ٻڌائي ته:
نوريءَ جي نوازيو، ٿيو تماچي تي.
اهو تماچي، اهڙو تماچي تڏهن ٿيو آهي جڏهن نوريءَ جي محبت ۽ عشق
کيس نوازيو، ۽ رڳو ايتري ڳالهه نه ٿو ڪري، اڳتي چئي ٿو:
نوريءَ جي نوازيو، ٿيو تماچي تي، گاڏيءَ چاڙهي گندريءَ، ماڻهو
ڪيو مي،
بادشاهه ته اندر جا کاڌل ٿيندا آهن، اُهي ته روين ۽ سوچ ۾
ماڻهو ئي نه هوندا آهن، نوريءَ هن تماچيءَ کي نوازي ماڻهو ڪيو آهي. هو اڳتي چئي ٿو:
نوريءَ جي نوازيو، ٿيو تماچي تي، گاڏيءَ چاڙهي گندريءَ، ماڻهو
ڪيو مي، ڪينجهر چوندا ڪي، سچ سَڀا ئي ڳالهڙي.
اها ڳالهه ڪينجهر ۾ ڪي ٿورا ئي ڏاها ماڻهو سمجهندا ۽ چوندا ته
اصل ۾ ڪنهن، ڪنهن کي نوازيو آهي؟
مطلب ته ماڻهو تبديل ٿي سگهن ٿا، ماڻهن کي تبديل ٿيڻ گهرجي،
ماڻهن کي تبديل ڪرڻ ممڪن آهي. اسان لطيف کي بيان ڪري پوءِ ان جي هيبت جو اهڙو ته
ڄار ٿا اُڻون جو ماڻهو هيسجي وڃن ٿا ته هيئن ڪير ٿيندو؟ حقيقت اها آهي ته لطيف
جهڙو ٿي سگهجي ٿو، لطيف جهڙا تصور اختيار ڪري سگهجن ٿا، لطيف جي واٽ وٺي سگهجي ٿي،
لطيف جي ڀر ۾ بيهي سگهجي ٿو، لطيف جي ٻُڌايل پنڌ تي هلي سگهجي ٿو، ان ڪري هي جيڪي
اهڙيون هيبت واريون ڳالهيون ٿين ٿيون ته لطيف جهڙو ڪوبه نٿو ٿي سگهي، اهي غلط آهن.
لطيف جهڙو ٿي سگهجي ٿو. هو به ايئن ئي ٿيو هو، هو ڪو ڄائي ڄم کان اهڙو نه هو، هن
پاڻ کي ٺاهيو هو.
ماڻهوءَ کي حالتون به ٺاهين ٿيون پر ماڻهو بنيادي طور پنهنجي
پاڻ کي پاڻ به ٺاهي ٿو. عظيم ماڻهن کي ته تاريخ ۾ ڪڏهن به سازگار حالتون نه مليون
آهن. اُهي ماڻهو ته پاڻ نين حالتن جا خالق هوندا آهن، جيڪي ايندڙ نسلن ۽ دؤرن کي
سازگار ٿي ملنديون آهن. لطيف اهڙن ماڻهن ۾ سرموڙ آهي. سنڌ جهڙو صدين کان پسمانده ۽
ڪُنڊائتو سماج ۽ لطيف جهڙو شاعر ۽ مفڪر!؟ هونئن معجزا مڙئي ماڻهوءَ جي ذهن جو
اختراع هوندا آهن پر جيڪڏهن سچ پچ به ڪي معجزا سماج ۽ دنيا ۾ ٿي سگهن ٿا ته لطيف
ان جو زندهه مثال آهي. جيڪو ماڻهو لطيف سان ٺلهي عقيدت ٿو ڪري ۽ کيس ٻُڌي، پڙهي ۽
سمجهي نٿو اهو مڙئي خود فريب سَڌڙيو عاشق آهي، ۽ اها محبت رڳو ڏيکاءُ واري آهي؛ ۽
پوءِ ظاهر آهي ته نتيجي ۾ بي روح آهي. لطيف سان محبت معنيٰ ان کي سمجهجي ۽ عقل ۽
شعور سان پروڙجي. ان معاملي ۾ مون وٽ هڪ معيار آهي: جيڪو ماڻهو لطيف پڙهي تبديل
نٿو ٿئي، معنيٰ اهو لطيف جي ٻوليءَ ۾ ”شراب“ جون پچارون ڪندڙ ”سَڌڙيو“ آهي. لطيف
معنيٰ زندگي، سوچ، فڪر ۽ احساسن ۾ اُٿل پُٿل، جا بنيادي تبديلي آڻي، نه ته لطيف
پاڻ ئي چئي ويو آهي ته:
”پڙهيو ٿا پڙهن، ڪڙهن ڪين
قلوب ۾، پاڻان ڏوهه چڙهن، جي ورق ورائن ويترا“
(لطيف)
يا هن هڪ ٻئي هنڌ چيو آهي:
محروم ئي مري ويا، ماهر ٿي نه مُئا، چِڙيءَ جيئن چُنهب هڻي،
لڏيائون لُئا، حُباب ئي هئا، انهيءَ واديءَ وچ ۾.
(لطيف)
لطيف سنڌ جي صدين ۽ هزارين سالن جي پسماندگيءَ جي تلافي (Compensation) آهي. هڪڙو
سماج صدين کان پسمانده، ڪُنڊائتو، علم ۽ عمل جي عظيم روايتن کان پري رهيو، پر
لطيف، تاريخ جي اهڙي محروميءَ ۽ پسماندگيءَ جي تلافي آهي. يعني هڪ ماڻهو ته اهڙو
آهي جيڪو هڪ شعبي ۾ سڄيءَ دنيا کان مٿي آهي. لطيف جي ان معجزي مان اسان کي قومي
طور سکڻ گهرجي. اسان جو عوام ۽ سماج اڄ به تمام پوئتي پيل آهي پر سنڌي سماج کي
مختلف شعبن ۾ سنڌ نه پر عالمي سطح جا ماڻهو پيدا ڪرڻ گهرجن- فقط تڏهن ئي اسان
پنهنجي تاريخي پسماندگيءَ جو ازالو ڪري سگهون ٿا. هر ڪارائتو ماڻهو هڪ نه پر سئو
ڪارائتن ماڻهن جو ڪم ڪري. هڪ سماج جتي ماڻهو پڙهن نٿا، اتي ڪجهه ماڻهن کي تمام
گهڻو پڙهڻو پوندو، جتي ماڻهو معياري ذهني پورهيو نٿا ڪن، اُتي ڪن ماڻهن کي
غيرمعمولي ذهني پورهيو ڪرڻو پوندو، جتي ماڻهو گهر جا ڪُڪُڙ ٿيو ويٺا آهن، اُتي ڪن
ماڻهن کي حقيقي معنيٰ ۾ بين الاقوامي شهري ٿيڻو پوندو، پر ان جو لاڀ پنهنجي وطن ۽
ماڻهن لاءِ هئڻ گهرجي. لطيف جي ٻوليءَ ۾ سنڌي ماڻهن کي ”محروميءَ“ کان ”مهارت“
ڏانهن سفر ڪرڻو پوندو. هڪ نئين سنڌ جي اڏاوت فقط تڏهن ئي ممڪن آهي.
اصل ۾ لطيف شناسيءَ جو مسئلو به آهي ۽ لطيف شناسي ڪو سؤلو ڪم
نه آهي. اهو مڙئي رسمي تحقيق وارن جي سطح ۽ وَسَ کان مٿي جو ڪم آهي. لطيف تي تحقيق
يا سندس پرک اهو ماڻهو ئي ڪري سگهندو، جنهن علم جي ستن سمونڊن جا پاڻي پيتا هوندا؛
جيڪو ادب، شاعريءَ ۽ ٻوليءَ سان گڏوگڏ فلسفي ۽ انساني فڪر جي سموري تاريخ کان به
چڱيءَ طرح نه رڳو واقف هوندو، پر ان جو ڄاڻو ۽ پارکو به هوندو. لطيف شناسيءَ جي
حوالي کان ڪجهه اسڪالرن جو ڪم اهم آهي. ٻوليءَ جي حوالي کان ڊاڪٽر نبي بخش خان
بلوچ جو ڪم غيرمعمولي ۽ بي مثال آهي. شاهه لطيف جي ٻوليءَ جي محقق طور ڊاڪٽر بلوچ
جيڪو ڪم ڪيو آهي، اهو بي مثال آهي. سندس ڪيل ان پيار جي پورهيي جي مڃتا طور اسان
سڀني کي پوريءَ قوم طرفان ڊاڪٽر بلوچ صاحب کي محبتون ڏيڻ گهرجن ته هن ماڻهوءَ
پنهنجي حياتيءَ ۾ شاهه لطيف تي ايڏو ڪم ڪيو آهي. ايڇ ٽي سورلي جيتوڻيڪ پنهنجي ڪتاب
”ڀٽ جو شاهه“ (Shah Latif of Bhit) ۾ لطيف تي گهٽ لکيو آهي پر لطيف جو همعصر دؤر
ڪهڙو هو ۽ هن ڪهڙين حالتن ۾ شاعري ڪئي، ان تي ايڇ ٽي سورلي تمام سُٺو ڪم ڪيو آهي.
سائين محمد ابراهيم جويي جو ڪتاب ”شاهه، سچل، سامي“ ان حوالي کان اهم آهي ته هن
لطيف جي دؤر تي پنهنجي انداز سان لکيو آهي ۽ ٻُڌايو اٿس ته لطيف جي دؤر جون سياسي
حالتون ڪهڙيون هيون. لطيف شناسيءَ جي حوالي کان انهن ٽن اسڪالرن هن وقت تائين
غيرمعمولي ڪم ڪيو آهي. لطيف تي سڀ کان پهريائين ڪم ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻيءَ
ڪيو. لطيف کي تڏهن فقط اولياءُ سمجهي کانئس ڌيئرون ۽ پُٽ پئي گهريا ويا، اُنَ چَٽيءَ
مان لطيف جي جان ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ ڇڏائي. سڀ کان اڳ ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ چيو ته لطيف
ته شاعر هو، لطيف هڪ مفڪر هو، لطيف هڪ عالم ماڻهو هو، هيءُ هڪ ڏاهو ماڻهو هو- ڪو
اولياءُ يا پير نه هو. هن لطيف کي هڪ شاعر طور پيش ڪيو ۽ هن لطيف جي، هڪ ڌيئرون ۽
پُٽ ڏيندڙ پير واريءَ سڃاڻپ مان جان ڇڏرائي. ان حوالي کان ڊاڪٽر هوتچند مولچند
گربخشاڻيءَ جو وڏو ڪم آهي. لطيف شناسيءَ جي حوالي کان ٻيو وڏو ڪم سائين جي ايم سيد
ڪيو آهي، جنهن ”پيغامِ لطيف“ نالي ڪتاب لکيو، جنهن چيو ته لطيف نه رڳو هڪ شاعر،
مفڪر ۽ آرٽسٽ آهي پر بنيادي طور هو سنڌ جو قومي شاعر آهي. لطيف سنڌي قوم جو ترجمان
شاعر آهي. ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ چيو ته لطيف ڪو پير نه آهي، پر هڪ عظيم شاعر آهي، اها
ڳالهه ان وقت جي حساب سان وڏي ڳالهه هئي، ان ۾ سائين جي ايم سيد اضافو اهو ڪيو ته
لطيف نه رڳو عظيم شاعر آهي پر هو سنڌ جو قومي شاعر آهي. ان لحاظ کان پيغامِ لطيف،
لطيف شناسيءَ جي ڏِس ۾، هڪ زبردست ڪتاب آهي.
اهو ڪتاب پنهنجي دؤر جو هڪ نمائنده
ڪتاب آهي. (اهو ڪتاب سنڌ جي هر ماڻهوءَ کي پڙهڻ گهرجي، هتي ماڻهو رڳو شين کي پوڄين
ٿا، پڙهن ڪونه ٿا ۽ سائين جي ايم سيد جا پوئلڳ ته خاص طور تي کيس نه پڙهندا آهن). ان
ڪتاب ۾ اها ڳالهه سُٺي نموني سمجهائي وئي آهي ته لطيف ڪيئن سنڌ جو قومي شاعر آهي؟
لطيف ڪهڙو فڪر پيش ڪري ٿو؟ لطيف ڪهڙا رويا ٿو پيش ڪري؟ جنهن مان اهو سمجهجي ٿو ته
لطيف وٽ هڪ وطن ۽ قوم، سنڌ جو تصور آهي. اها ان زماني ۾ سنڌي سماج جي قومي سوچ جي
اؤسر جي لحاظ کان هڪ وڏي ڳالهه هئي؛ ۽ لطيف شناسيءَ جي حوالي کان ٻيو ڏاڪو هو.
ٽيون ڏاڪو رسول بخش پليجي طئي ڪيو آهي. ڊاڪٽر گربخشاڻي اهو چئي پهريون ڏاڪو طئي
ڪيو ته هي ڪو اولياءُ نه هو پر هڪ عظيم شاعر هو، سائين جي ايم سيد اهو چئي ٻيو
ڏاڪو طئي ڪيو ته لطيف نه رڳو عظيم شاعر آهي پر هيءُ سنڌ جو مفڪر ۽ قومي شاعر آهي.
پليجي صاحب اهو چئي ٽيون ڏاڪو طئي ڪيو ته لطيف نه رڳو شاعر آهي، نه رڳو سنڌ جو
قومي شاعر آهي پر لطيف هڪ عوام سان محبت ڪندڙ، عوام سان عشق ڪندڙ، عوام تي رحم نه
کائيندڙ، عوام کي ڪمزور نه سمجهندڙ، ۽ عوام کي رومينٽيسائيز ڪندڙ ۽ عوام تي فخر
ڪندڙ هڪ يگانو عالمي انقلابي شاعر آهي. جيتوڻيڪ پليجي صاحب لطيف تي لکيو گهٽ آهي
پر هن جا لطيف تي سوين ليڪچر ۽ تقريرون رڪارڊ تي آهن. هن لطيف کي رڳو سنڌ نه پر
عالمي پسمنظر ۾ کنيو ۽ سندس فڪر جي يگاني انداز ۾ پرک ڪئي؛ ۽ هو چوندو آهي ته
سماجي انقلابيت جي حوالي سان لطيف جي سطح جو شاعر انساني تاريخ ۾ اڄ تائين ڪوبه ٿي
نه گذريو آهي. پليجو صاحب لطيف کي ڪڏهن به سنڌ يا ننڍي کنڊ يا اورينٽل فلاسافيءَ (Oriental Philosophy) جي پسمنظر ۾ نه ڏسندو آهي، هو کيس انقلابيت جو علمبردار عالمي
شاعر سمجهي ٿو، ۽ ان انداز سان هن لطيف کي پيش ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪئي آهي. منهنجي
ذاتي راءِ ۾ هو لطيف جي فڪر جو وڏي ۾ وڏو پارکو آهي. پر لطيف جي ٻوليءَ، فن ۽ فڪر
جا پاسا تمام گهڻا آهن، انهن تي تحقيق ٿيڻ گهرجي. هن جي هڪ هڪ پاسي کي ڊاڪٽر بلوچ
۽ پليجي صاحب جي پايي جا محقق ۽ شارح گهرجن. لطيف تي ڪجهه ٻين اسڪالرن به تمام سٺو
ڪم ڪيو آهي. ڊاڪٽر
تنوير عباسيءَ جو ڪم به ان حوالي کان ساراهه جوڳو آهي، ڊاڪٽر الهداد ٻوهيي جا
مضمون به لطيف شناسيءَ جي حوالي کان فڪر انگيز آهن.
لطيف وٽ جيڪي تصور آهن، لطيف جو جيڪو ماڻهو آهي، لطيف پنهنجي
شاعريءَ ۾ جنهن قسم جي انسان جي تخليق ٿو ڪري ته ماڻهو هيئن هجي، ان جا ڪجهه خد و
خال آهن، اهي لطيف هيئن بيان ڪري ٿو:
آيل ان مَ وسهان، هنجون جي هارين.......
ڪمزور سماج جي ماڻهن جي ڪمزوري ئي اها ٿيندي آهي ته هو ٻه وکون
کڻي ڊهي پوندا آهن ته اسان ههڙو آسمان ڪيرائي وڌو، اسان هيئن ڪيو، اسان هونئن ڪيو،
پوءِ ته به ڪجهه نه ٿيو. ڪو چوندو ته مون سنڌ لاءِ ڏهه سال ڪم ڪيو، ڪجهه نه ٿيو،
مان تباهه ٿي ويس، ڪيترائي ماڻهو اهڙيون خبرون پيا ڪندا آهن، جنهن ماڻهوءَ چار
ڏينهن ڪم ڪري ڪجهه ماڻهو ٺاهيا آهن، تنهن وري ڏهه ڏينهن ڪم ڪري ماڻهو کاريا آهن.
اکين ۾ ڳوڙها، اوڇنگارون، پاڻ تي رحم، خود مذمتي- اهو هنن فيشن ٺاهي ڇڏيو آهي.
لطيف انهن شين کي وڏو عيب سمجهي ٿو. هو چئي ٿو:
آيل ان مَ وسهان، هنجون جي هارين، آڻيو آب اکين ۾، ڏيهه کي
ڏيکارين،
لطيف چئي ٿو ته ڇا به ٿي پئي، ڪجهه به ٿي پئي، ڪهڙي به قيامت
ڪڙڪي پئي، اکين ۾ ڳوڙها آڻي زماني کي ڏيکارڻ، ڏک جي سرِ بازار نمائش ڪرڻ، درد جي
نمائش ڪرڻ لطيف وٽ وڏو عيب آهي. لطيف وٽ درد جي هيبت ۾ اچڻ، درد جي زير ٿيڻ، ڏک جو
شڪار ٿيڻ به عيب آهي. لطيف ڏک سان مقابلو ڪرڻ جي روش رکي ٿو. ڪنهن ماڻهو نيپولين
بوناپارٽ کان پڇيو ته اوهان کي ڊپ ٿيندو آهي؟ هن چيو ته مان انسان آهيان، مون کي
ڊپ ٿيندو آهي. دنيا
جي بهادر ترين ماڻهوءَ کي به ڊپ ٿيندو آهي، ڀاڙيي ۽ بهادر ۾ فرق اهو هوندو آهي ته
ڀاڙيو ڊپ جو مقابلو نه ڪندو آهي، ۽ بهادر ماڻهو ڊپ جو ڄمي مقابلو ڪندو آهي. ڏک هر
ماڻهوءَ کي ٿيندو آهي، ڏک نواب خير بخش مريءَ کي به ٿيو هوندو، جنهن جي بهادريءَ
تي اسان کي يقين نه پئي آيو ته ههڙي دؤر ۾ هن جو بالاچ جهڙو جوڌو پُٽ مارجي ويو،
ته به هن جي اک ۾ ڪو ڳوڙهو نه هو. نواب خير بخش مريءَ کي ڏک ضرور ٿيو هوندو پر اها
هن جي بهادريءَ جي سطح آهي، جتان هن ڏک سان مقابلو ڪيو هوندو، هن پنهنجي پاڻ کي
سنڀاليو هوندو. لطيف چئي ٿو:
آيل ان مَ وسهان، هنجون جي هارين.
اهو سنڌ ۾ فيشن ٺاهي ڇڏيو اٿن، جيڪو ٻه ڏينهن ڪم ڪري ٿو، پوءِ
ڏهه ڏينهن روئي پِٽڪو ٿو ڪري ته مون ههڙا ڦاڙها ماريا، ڪجهه نه ٿيو، تنهن ڪري هاڻي
اڳتي ڪجهه نه ٿيندو. اهو ماڻهو ڪهڙي به پارٽيءَ ۾ هو، ان سنڌ لاءِ ڪم پئي ڪيو، هن
پنهنجي پيار جو پورهيو پئي ڪيو نه؟ کيس چئجي ته بابا تو ڪنهن ليڊر تي ٿورو پئي ڪيو
ڇا؟ تو پنهنجي ضمير سان سمجهيو ته هيءُ پنڌ صحيح آهي ۽ تون هلئين. هاڻي جيڪڏهن تون
نه به هلين ته خير جهڙي ڳالهه آهي. ماڻهو خراب ٿي سگهن ٿا، وڪامي سگهن ٿا ۽ ناڪام
به ٿي سگهن ٿا پر پنڌ ته سجايو آهي نه! لطيف وٽ پاڻ تي ترس کائڻ کان وڏو ڪو عيب
ٻيو ناهي. هو عشق جي راهه ۾ ڏکن، اهنجن، ناڪامين ۽ درد کي ته وڏو درجو ٿو ڏئي ۽
رڳو سَڌون ڪرڻ هن وٽ ميار آهي:
ڪنڌيءَ اُڀيون ڪيتريون، ”ساهڙ ساهڙ“ ڪن، ڪنين سانگو ساهه جو،
ڪي ”گهوريس“ ڪيو گهِڙن، ساهڙ سندو تنِ، گهاگهائي گهِڙن جي.
هيءُ تصور ڏسو!
ڪونهي آڳههُ اهڙو، جهڙي محبت مَنِ، اُڀيون اورئين پار ڏي،
ڪوڙيون ڪَکَ پڇن، ندي تنين نيڙُ ٿئي، جي ريءَ تُرهي تَرَنِ، سِڪَ رسائي، سهڻي!
اَصلِ عاشقن، سي جهليون ڪين ڪُنن، پُڇن جي ميهار کي.
سُر معذوريءَ ۾ به لطيف ڪمال جي ڳالهه ڪئي آهي:
هلندي هوت پنهونءَ ڏي، کُهجن ڪي کُوٽيون، پهڻ تنين پَٽُ ٿئي،
جي لئه لالڻ لُوٺيون، سڀ سهيليون سِڪَ کي، چُنجهون ۽ چُوٺيون، ٻانڀڻِ! ٿي ٻُوٽيون،
ته ڪُتا کينَئِي ڪيچ جا.
هاڻي تون اوڇنگارون ڏئي، خود قياسي ڪري، سڄيءَ قوم ۾ مايوسي
پيو پکيڙين، اهو تنهنجو عمل لطيف وٽ عيب آهي.
لطيف اهڙا ماڻهو ڏسڻ نٿو چاهي، لطيف
کي هن قسم جا ماڻهو گهرجن:
منجهان منهنجي روحَ، جي وڃي ساڄن وِسري، ته مَرُ لڳي لُوءَ،
ٿَرَ ٻاٻيهو ٿي مران!
حُسينيءَ ۾ چئي ٿو:
مَرُ، مٿا ڏيئي، پنهونءَ ڪارڻ پَٻَ ۾، ته سرتيون سڀيئي،
واکاڻينئي ويٺيون.
جڏهن ماڻهو اهڙا رويا اختيار ڪري ٿو ۽ زندگيءَ ۾ بهادريءَ ۽
سورهيائيءَ جي ان مقام کي رسي ٿو ته پوءِ سچ پچ به منزلون پاڻ اچي پيش پون ٿيون.
لطيف جو هيءُ تصور ڪيڏو نه غير معمولي آهي، هو چوي ٿو:
کاري کيڙائو، مٿي مِٺي موٽيا.
کيڙائو جي معنيٰ کيڙيندڙ آهي، جيڪو زمين کيڙي اهو هاري آهي،
جيڪو پاڻي کيڙي اهو مهاڻو آهي، هاڻي اوهان لطيف جي ٻوليءَ جو ڪمال ڏسجو، جيڏو هن
جو فڪر غير معمولي آهي، اوترو ئي هن جي ٻولي به غير معمولي آهي. هو ٻوليءَ جو به
تمام وڏو تخليقڪار آهي. کاري کيڙائو جو مطلب ٿيو جيڪي کارو پاڻي کيڙين ٿا، معنيٰ
سمنڊ جا کيڙائو- ملاح. لطيف چئي ٿو:
کاري کيڙائو، مٿي مِٺي موٽيا.
شاعريءَ کي تمثيل گهڻ-پاسائون ڪندي آهي. هتي ظاهري طرح ٻُڌايو
ويو آهي، ته ملاح کاري مان مِٺي يعني درياهه ۾ موٽيا آهن، ”موٽيا“ ان معنيٰ ۾ ته
اهي اصل ۾ درياهه جا آهن. سفر جي موٽ پنهنجي ماڳ ڏي ٿيندي آهي. تمثيلي حساب سان،
کارو معنيٰ زندگيءَ جون تڪليفون، زندگيءَ جا ڏک، زندگيءَ جون رڪاوٽون، مصيبتون،
مايوسيون، محروميون وغيره، جيڪي سامهون ڏسجن ٿيون، جيڪي ماڻهو کارو کيڙين ٿا، پوءِ:
مَٿي مِٺي موٽيا......
نيٺ هو زندگيءَ جي کاراڻ جا مرحلا طئه ڪري مٺاڻ يعني سُک ۽
سُڪون کي رَسيا، ۽ سندن منزل به اهائي هئي، ۽ انهن جي انا جو مقام ته ڏسو:
کاري کيڙائو، مَٿي مِٺي موٽيا، سودو ڪن نه سون جو، وڏا وِهائو،
موتي جي مهراڻ جا، تِن جا طامائو، سامونڊي سائو، لنڪا لُٽي آئيا.
مان ادب جو ماڻهو آهيان ۽ چوان ٿو ته علم، ادب ۽ فن جي دنيا ۾
ڪوبه اجايو نيشنلزم ڪونه ٿيندو آهي. پنهنجو شاعر جيڪڏهن ڪمزور هوندو ته اهو به
مڃبو ۽ جيڪڏهن ڪو ٻيو عظيم شاعر هوندو ته به اهو مڃبو. هاڻي مان لطيف جي جيڪا
ڳالهه ڪرڻ وارو آهيان، اها ڳالهه اڄ تائين روءِ زمين تي ڪنهن به مفڪر نه ڪئي آهي.
اسان دنيا جي تاريخ ۽ تنقيدون پڙهون ٿا، ڪجهه اسان کي به خبر آهي. لطيف سُر سسئيءَ
۾ چئي ٿو ته:
عمر سڀ عشق سين، پنهون جي پڇن.
لطيف چئي ٿو ته سسئي سڄي ڄمار رڳو پنهونءَ جون پُڇائون ڪندي
مري کپي وڃي، هتي جيڪڏهن ڪو عام شاعر هجي ها ته چئي ها ته:
عمر سڀ عشق سين، پنهون جي رَسن.
پر هن لاءِ رَسڻ جي ڳالهه ڪرڻ ته عيب جي ڳالهه آهي، جيڪو ماڻهو
پنهنجي پنڌ کي پنهنجي محبوب کي ماڻڻ سان مشروط ڪري ٿو، لطيف ان کي عيب سمجهي ٿو.
عمر سڀ عشق سين، پنهون جي پُڇن.
لطيف چئي ٿو ته سڄي عمر سسئي پنهونءَ جون پڇائون ڪندي مري وڃي
ته پوءِ ڇا ٿيو؟ هتي ماڻهو ٻه ڏينهن ڪم ڪري ٿو، پوءِ وتي اوڇنگارون ڏيندو ته مون
سان هيئن ٿي ويو، مون سان هونئن ٿي ويو، مان تباهه ٿي ويس، نه ته مان ڪو ڪمشنر
ٿيان ها يا الاءِ ڇا ٿيان ها، وڏو پئسي وارو هجان ها، گاڏيون هجن ها، بنگلا هجن ها،
هي هجي ها، هو هجي ها وغيره. هاڻي مان تباهه ٿي ويس، ڇو ته مون ٻه ڏينهن پنهنجي
وطن ۽ قوم لاءِ ڪم ڪيو. لطيف چئي ٿو:
عمر سڀ عشق سين، پنهون جي پُڇن، رِيسَ، ريزاليون تِن سين،
ڪُڄاڙي کي ڪَن، وڏا طالع تن جا، مارڳ جي مرن،
انهن جو درجو، انهن جو مقام وڏو آهي، جيڪي پڇائون ڪندي مري وڃن
ٿا، لطيف اتي مارڳ ”پنڌ- پرينءَ جي پنڌ“ کي ٿو چئي. لطيف ايئن هلڻ ۽ پُڇڻ ۽ ايئن
ڪندي مري وڃڻ کي ”طالع“ يعني ڀاڳ ڀانئي ٿو. منزل کان وڌيڪ سفر کي اهميت ٿو ڏئي،
اها لطيف جي يگانيت آهي، منزل کان وڌيڪ سفر کي اهميت ڏيڻ جو تصور دنيا جي ٻئي ڪنهن
شاعر وٽ نه آهي. هاڻي
ڏسو ته لطيف کي ڪهڙا ماڻهو ٿا گهرجن، لطيف چئي ٿو:
نااُميدي آجپو، اوڇڻ آديسين.
معنيٰ جيڪي بنا اُميد جي پنڌ ڪن ٿا؛ عشق ۽ محبت ۾ جيڪو ماڻهو
اميد رکي هلي ٿو، ۽ ان کي منزل نٿي ملي ته اهو مايوس ٿئي ٿو. جيڪو ڪونه ڪو آسرو
رکي هلي ٿو، اهو ٿڪجي پئي ٿو.
نااُميدي آجپو، اوڇڻ آديسين، ڪڏهن تازيءَ پُٺِ تي، ڪڏهن هيٺ
هلن، ساميئڙا سمنڊ ۾، تنبي جيئن ترن، واڳونءَ وات ورن، ته به ڪُسن ڪُڇن ڪينڪي.
لطيف اهڙا ڪردار پيش ڪري ٿو، سسئيءَ ۾ چئي ٿو:
سَوَ ڪوهه ڪري سڀڪا، تون کُهي کڻج وِک.
دراصل ڀٽائي شاعريءَ ۾، سسئيءَ جي تمثيل ۾ ڪردار پاڻ سان ٿو
ڳالهائي، هو چئي ٿو ته جيڪا سَوَ ڪوهه ڪري ٿي، اها ته عام ڳالهه آهي، اهو ته جيڪو
گهران نڪري ٿو، اهو به ڪري ٿو؛ پر تو ته عشق جي هامَ هنئي آهي، تون کُهي کڻج وک.
کهجڻ سنڌيءَ ۾ ان ڪيفيت کي چئبو آهي، جڏهن ماڻهو کان هڪ وِکَ نه کنئي ٿئي، لطيف
چئي ٿو:
سَوَ ڪوهه ڪري سڀڪا تون کُهي کڻج وِکَ.
جڏهن تون سَوَ ڪوهه ڪري ٿڪجي پئين، کُهجي پئين، ٽُٽي پئين، ختم
ٿي وڃين، توکان وِکَ کَنئي نه ٿئي، پوءِ وک کڻجانءِ ۽ رڳو ايترو ئي ڪافي نه آهي.
سَوَ ڪوهه ڪري سڀڪا، تون کُهي کڻج وِک، تاڻج مٿان تِکَ، ته پنڌ
پاسي ڀَرِ نِبري.
لطيف جي فڪر ۾ جيڪي تصور آهن، جيڪي رويا آهن ۽ هن جيڪو ماڻهو
تخليق ڪيو آهي، اهڙا ماڻهو هتي پيدا ٿي پون ته هن قوم جي تقدير بدلجي پوي. اهڙا
ماڻهو جيڪڏهن انسانذات ۾ پيدا ٿي پون ته انسانذات عظيم بلندين تي پهچي وڃي؛ ڇو ته
لطيف اهڙي ڪردار، اهڙي تصور ۽ اهڙي ماڻهوءَ جي ڳالهه ٿو ڪري، جيڪو هيئن ئي ٿي سگهي
ٿو، هو چئي ٿو:
چانگا! چندن نه چرين!
اي منهنجا نڀاڳا اُٺ! تون ٻاهر چرڻ وڃين ٿو پر چندن (مشڪ، عمدو
گاهه) نه ٿو چرين.
چانگا چندن نه چرين، ميا پيئين نه موڪ، اگر اوڏو نه وڃين،
ٿُڪيو ڇڏين ٿوڪ.
اي منهنجا اُٺ! تون چندن نٿو چرين، جيڪڏهن اهو تنهنجي وات ۾
اچي ٿو وڃي ته تون ٿُڪيو اُڇليو ڇڏين، توکي چرڻو آهي ته پوءِ چندن ڇو نٿو چرين؟
اهو چندن معنيٰ عظيم خيال، تصور ۽ عمل. ماڻهو زندگيءَ ۾ ڇَسا، فرسوده ۽ دقيانوسي خيال رکي انهن جهڙي
زندگي به گذاري سگهي ٿو ۽ ماڻهو خيالن، تصورن ۽ عملن جا چندن چري به شانَ سان
زندگي گهاري سگهي ٿو. هڪڙي زندگي وقت جو زيان ۽ زماني تي بار مثل آهي ۽ ٻي حياتي
بهار جي مُند جيان آهي، جنهن مان هر ڪو هٻڪارون ۽ هيرون ماڻي ٿو. اهڙي حياتي
ماڻهوءَ جي ذات ته ڇا پر سڄي زماني لاءِ کيرون لهندي آهي ۽ انهن لاءِ ڀاڳَ بخت ۽
روشنيءَ جا دَرَ کوليندي آهي. لطيف اها ميار ان لاءِ ٿو ڏئي ته زندگيءَ ۾ چندن چرڻ
گهرجي. چندن هتي تمثيل آهي. هو اڳتي چوي ٿو:
لاڻين وچان لوڪ، تو ڪهڙي اکر آئڙي.
يعني تون سڀ شيون ڇڏي ڪيئن ٿو لاڻيون چٻاڙين؟ اهي توکي ڪيئن
ٿيون وڻن؟ ان بيت کي تمثيل ڪري وٺو ته زماني ۾ ڪردار، خيال، ماڻهو، قدر، تصور ۽
رويا لاڻين جهڙا به آهن ته مشڪ جهڙا به آهن، سوال اهو آهي ته ماڻهو چري ڇا ٿو؟ سڄو
سوال اهو آهي. ڪجهه ماڻهو آهن جيڪي خيالن ۽ عملن جون لاڻيون ڪونه ٿا چرن، اهي مشڪ
۽ چندن چرن ٿا، انهن جي روش بيان ڪندي لطيف چئي ٿو ته:
ويهي منجهين وَڳَ، کٿوريءَ ڏار چري.
جيڪڏهن ماڻهو، ماڻهوءَ کان نرالو آهي، جنهن جا تصور وڏا آهن،
جنهن جا آدرش وڏا آهن، جي ان ۾ ٺِڳَ ۽ آڪڙ اچي وئي، وڏائي ۽ ڪوڙي انا اچي وئي،
علمي، ثقافتي، ذهني، فڪري، سماجي ۽ احساساتي ٽرڙپائي ۽ هلڪڙائي اچي وئي ته پوءِ اهو
ڪنهن جي به ڪم جو نه آهي. لطيف چئي ٿو ته ”ويهي منجهين وَڳَ“ هلي ڀلي عام اُٺن سان گڏ،
ڀلي انهن سان گڏ گهمي ڦري پر اها انهن کي خبر ئي نه پئي ته کٿوريءَ ڏار چرڻ وارو
کانئن ڌارَ بيٺو آهي. هو آخري سٽ ۾ چئي ٿو:
ويهي منجهين وڳ، کٿوريءَ ڏار چري، ماءِ، منهنجي ڪَرهي، پَڌَرَ
پڳَ نه لَڳَ، جڳ سين جهڙو جڳ، هنئين سي هُتِ چري.
بظاهر سڀني اُٺن سان عام اُٺ ٿي هلي، پر جڏهن چري ته هن جي دل
ڪنهن ٻئي پاسي چري. اها تمام وڏي ڳالهه آهي.
ڇاڪاڻ ته ماڻهو ”چندن“ چري پوءِ
”لاڻيون“ چرڻ وارن جي ”وَڳَ“ کان ڪٽجي ۽ ڌار به ٿي سگهي ٿو. ماڻهوءَ ۾ برتريءَ جو
احساس به اچي سگهي ٿو. ماڻهو عوام سان نفرت به ڪري سگهي ٿو. پوءِ عوام سان گڏ هلڻ
۾ پنهنجي گهٽتائي به محسوس ڪري سگهي ٿو ۽ جي ايئن ٿيو ته پوءِ ”چندن“ چرڻ جو ڪهڙو
فائدو؟ لطيف جي نظر ۾ ڪمال جي ڳالهه اها آهي ته ماڻهو ”وَڳَ“ سان گڏ به هلي ۽ لاڻيون
به نه چري. اهو تصور گهڻو اڳي هلي مارڪس پيش ڪيو پر اڳ ۾ اهڙو تصور انساني تاريخ ۾
نٿو ملي. اڳ ۾ ماڻهو يا هِن پاسي هو يا وري هُن پاسي؛ پر اهو امتزاج ڪمال جو ۽ غير
معمولي آهي، جو ماڻهو ”اک الٽي“ به ڌاري ۽ لوڪ سان به گڏ هلي ۽ اُها اُلٽي اک هو
رڳو پنهنجي شعوري تسڪين لاءِ نه پر لوڪ کي ”اوچو ۽ اوڀارو“ وهائڻ لاءِ ڌاري.
لطيف جي شاعري، لطيف جو فڪر، لطيف جا تصور مان سمجهان ٿو ته
سنڌي سماج ۽ سموري انسانذات لاءِ هڪ عظيم ورثو آهن. لطيف هڪ مفڪر، هڪ فيلسوف هو.
لطيف صحيح معنيٰ ۾ هڪ يگانو دانشور هو. (اڄڪلهه رڳو ڪوڙا دانشور پيا هلن، اخبارن ۾
پڙهون ٿا ته فلاڻي هنڌ پنجهٺ دانشور گڏ ٿيا، فلاڻي هنڌ ٽيهٺ، فلاڻي هنڌ ٻاهٺ، جنهن
قوم ۾ ٻاهٺ يا ٽيهٺ حقيقي دانشور هوندا، اها قوم ههڙي هوندي؟)
حقيقت ۾ سنڌي قوم ڀاڳ واري آهي، جنهن کي لطيف جهڙو شاعر مليو
آهي، پر رڳو لطيف جي رسالي کي چميون ڏئي پوڄڻو نه آهي، ان کي پوتي پارائي گهر ۾
رکڻو نه آهي، رڳو ان سان ٺلهي عقيدت نه رکڻي آهي، لطيف تي ڪوڙو فخر نه ڪرڻو آهي،
لطيف کي سمجهڻو آهي. لطيف جيڪي ڳالهيون ڪيون آهن، اهي دل سان هنڊائڻيون آهن. لطيف
جيڪي تصور ڏنا آهن، اهي پنهنجي زندگيءَ ۾ اختيار ڪرڻا آهن، جيڪي رويا لطيف تخليق
ڪري ڏنا آهن، اهي جيترا ٿي سگهن، اختيار ڪرڻا آهن. جيڪڏهن اسان لطيف جا اهي آدرش
رهبريءَ طور کڻنداسين ته اسان جي سنڌ ههڙي غلام، ههڙي نڌڻڪي، ههڙي يتيم ۽ ههڙي
لاوارث نه هوندي. لطيف جو فڪر ايترو ته سگهارو آهي جو ان جي اڳيان زماني جا بند
ڪجهه به نه آهن پر سوال آهي ته اسان سندس فڪر کي ڪيترو سمجهون ٿا، پرکيون ۽
پروڙيون ٿا ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته هن جي فڪر جي رهبريءَ ۾ ڪيترو ۽ ڪهڙو پنڌ ڪريون
ٿا. هو پاڻ به چئي ويو آهي ته:
”هُئين ته ويڄن وٽ، تون
ڪيئن جيءَ جڏو ٿئين؟ سِرُ ڏيئي ۾ سَٽِ، ڪوههُ نه ڪيهءِ ڊَبَڙا؟
۽ پوءِ پاڻ ئي ان جو جواب ڏئي ٿو ته:
ترس طبيبن جو، جڏن ڪيو نه جاتِ، جو ويڄن جي واتِ، دارونئان
تنهن دور ٿيا.
پوءِ هو ان جو حل ۽ واٽ به ڏَسي ٿو، جو لطيف رڳو خود قياسيءَ ۾
ويساهه نٿو رکي:
دارون ۽ ڪارون، جان ڪي ڪيا ويڄَ مون، ٻُڪي ڏيندا ٻاجهه جي،
نهاري نارون، جن جون سيڻَ لهن سارون، تن تان ڏکندو ڏور ٿئي.
اچو ته لطيف جي فڪر جي اصل روح کي سنڌ ۽ دنيا ۾ عام ڪريون،
ڇاڪاڻ ته لطيف جو فڪر انسان ۽ انساني معاشري جي نئين سر مِٽي ڳوهي هڪ نئون انسان ۽
جهان تخليق ڪري ٿو.
وجهج واٽڙئن تي، ميخاني جي ماڪَ، ٿيندي سُڌِ سڀ ڪنهن، هنڌ هنڌ
پوندي هاڪَ، پرهه جا پياڪ، جُه سي اڱڻ آئيا.
(لطيف)
No comments:
Post a Comment