شاهه جو رسالو

Sunday, 29 November 2015

لطيف جي دنيا - اعجاز منگي (Aijaz Mangi)



اعجاز منگي
لطيف جي دنيا

 اياز وڏو اناپرست هو. اهڙي تهڙي اديب تي ته هن جي اک ئي نه ٻڏندي هئي. ڀلي هو سيني تي “نوبل انعام” جو ميڊل سجائي بيٺو هجي. اياز هن طرف تڪيندو به نه هو. اردو اديبن تي هو تلخ طنز جو مزو وٺندو هو. هو انهن کي وئشيائون قرار ڏيندو هو. هو مشاعرن کي ادبي مجرا قرار ڏيندو هو. هن کي “آداب عرض” کان نفرت هئي. سنڌي اديبن کي ته هو گدو بندر مان ڀڄي آيل مريض سمجهندو هو. هن سدائين پاڻ کي ادب جي عالمي ڪلب جو مانوارو ميمبر سمجهيو. جتي هن جي نظر ناظم حڪمت تي هوندي. هو پابلو نرودا کي پيار سان تڪيندو هو. ماياڪو وسڪيءَ سان هن کي محبت هئي. ٽئگور تي ته هو ٽونڪون به ڪندو هو. هو چوندو هو ته ٽئگور جي مني معترائب ته هن جي ميڪ اپ ۾ آهي. هن جي ڊگهي ڏاڙهي، وڏا وار ۽ ويڪرا ڪپڙا! هو سياڻو هو. سڀ سمجهندو هو. هن کي معلوم هو ته ادب جا عالمي ايوارڊ سياسي مفادن سبب ڏنا ويندا آهن. پر هو فيض جو قدر ڪندو هو. غالب لاءِ هن جي دل ۾ وڏي عقيدت هئي. فارسيءَ جي ڪلاسيڪل شاعريءَ ۾ هو چونڊ جو قائل هو.
هو جيڪو پاڻ کي ايشيا جو ادبي هماليا سمجهندو هو، سو ان وقت ڀري پوندو هو، جڏهن هن جي دل جي چپن تي ڀٽائيءَ جو نالو ايندو هو. ان وقت جي ڪيفيت غالب جي ان شعر جهڙي ٿي ويندي هئي ته:
“زبان په بار خدايا يه ڪس نام آيا
ڪه ميري نطق ني بوسي ميري زبان ڪي ليي”
اهو ڪو اتفاق نه هو ته جيستائين هو سرڪشيءَ سان شاعري ڪندو هو، تيستائين هو پنهنجن شعري مجموعن جا نالا لطيف جي لفظن ۾ تلاش ڪيا.
 “ڀونئر ڀري آڪاس”، “ڪلهي پاتم ڪينرو”، “ڪي جو ٻيجل ٻوليو”، “وڄون وسڻ آئيون”، “ڪپر ٿو ڪن ڪري”، “لڙيو سج لڪن ۾”، “پتڻ ٿو پور ڪري“، “ڪتين ڪر موڙيا” “هينئڙو ڏاڙهون گل جئين” ۽ “جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي”
اياز انهن ڪتابن جي ڪري ته اياز ٿيو!

اياز جي انهن سمورن ڪتابن جا نالا لطيف جي لات جا حوالا آهن. هو پنهنجي هر نئين شعري مجموعي تي “شاهه جي رسالي” مان نالو ڪڍي ايئن سمجهندو هو، ڄڻ لطيف هن جي مٿي تي آشيرواد وارو هٿ ڦيري رهيو هجي. ڄڻ هن کي چئي رهيو هجي “واهه اياز واهه”
اياز لاءِ اهو ڪافي هو.
اياز پنهنجي ادبي احتساب جو حق صرف ڀٽائيءَ کي بخشيو هو. هن جي وڏي خواهش هئي ته هو ڀٽائيءَ تي شاعراڻو ناول لکي. پر هن اها ڪڏهن همت نه ڪئي!
هو جيڪو لطيف کي ڪنڀر ۽ پاڻ کي مٽي سمجهندو هو. سو! پنهنجي تنها موڊ ۾ سوچيندو هو ته “مٽيءَ کي ڪهڙي مجال جو ڪنڀر تي اظهار خيال فرمائي!”
پر هن کي ڏاڍي تڪليف ٿيندي هئي، جڏهن هو مراد علي مرزا جي نام نهاد ناول جو اڻپورو مسودو پڙهندو هو. تڏهن هن جي دل چوندي هئي ته هو ڳهڻي جهڙي حسين ۽ ڳنڍير جهڙي ڳتيل شاعر جي تصوراتي ڳلين مان گذري ۽ گذاري!
اسان جي مانواري دوست عمر قاضيءَ جو اهو اعتراض اجايو آهي ته “اياز کي سمنڊ جي ڪناري تي ڇو نه پوريو ويو؟”
هو سمنڊ جي ڪناري ته مدفون آهي. هن ئي ته لکيو هو:
 “ڀٽائيءَ تمر کي چيو
 “تمر توکي معلوم آهي ته مون تنهنجو نالو تمر ڇو رکيو؟ تمر ان گاهه کي چوندا آهن، جيڪو سمنڊ جي ڪناري تي ڦٽندو آهي. تنهنجي ڀرسان هڪ سمنڊ آهي”
لطيف هڪ سمنڊ آهي. هڪ ساگر آهي. مهاساگر! سرن جو ساگر! احساسن ۽ جذبن جو ساگر! تصورن ۽ تخيلن جو ساگر!
هن جي لوڇ پوڇ ۽ هن جي گهرائي ۽ هن جي وسعت سامونڊن جهڙي ئي ته آهي.
ان سمنڊ جون ڇوليون هميشه ڇتيون ٿي پونديون آهن، جڏهن گلابي سياري جي گهگهري پائي صفر جو صاف چنڊ آسمان جي نيري دريءَ مان نهاريندو آهي. تڏهن ڀٽ شاهه تي تنبورن جون تارون فقيرن جي آڱرين سان الجهي پونديون آهن ۽ سلجهي پوندو آهي جيون جو سشيل ۽ سريلو گيت!
اهو گيت جيڪو اڄ وري وارئنوار وڄي رهيو آهي، ان پار، جنهن پار کان ايندڙ صدا ٻڌي اياز جهڙي انا پرست شاعر لکيو هو:
 “ٿئي شال ڪوئي ڀليءَ جو ڀلو ڙي
وري ڀٽ پاسي، هلو ڙي هلو ڙي!”
اها ڀٽ! اهو ڪراڙ جو ڪنارو! وري ان رات جي موج ۾ آهي “جڏهن سامي سفر هليا”
اهو کاهوڙي! اهو “رام ڪلي جو رمتو“ سرديءَ جي سواگت جو، عرس جي اوٽ ۾ اهتمام ڪندو آهي.
اڄ هن جي آتڻ تي وري تنبوري جي تارن جا ڌاڳا ڌڙڪي رهيا آهن. وري رولاڪ روح رقصان آهن. وري ڪتيون ڪر موڙي رهيون آهن. وري ميري اجرڪ ۾ لاڙ جي سانورين نارين جا لڙڪ ماڪ جي ڦڙن وانگر جذب ٿي رهيا آهن. وري اهو سوال سياري جي پهرين مچ وانگر ڀڙڪو کائي پڇي رهيو آهي ته “هو ڪير هو؟”
هو جنهن ڪنهن وجد واري ڪيفيت ۾ پاڻ کي ميڙي سهيڙي لکيو هو:
 “راڻي وٽان رات، نئون نياپو آيو”
اهو نئون نياپو، جيڪو پراڻي سنڌيءَ جي پوتيءَ ڪنڊ ۾ ڪنهن سوکڙيءَ جهڙي سڳي وانگر ٻڌل آهي.
جيڪو سائنس جي سموري سنسار مٿان پنهنجو ٻاجهه ڀريو هٿ ڦيري رهيو آهي. جيڪو ليکي جي ليڪن ۾ ڦاسي پيل انسانن کي سرن ۾ سمجهائي رهيو آهي ته:
 “تون گهڙ، ڪي م نهار، ٻڏندن جي ٻاجهون ڪري”
جيڪو افق کي ڇهندڙ عمارتن جي اجرن شيشن مان جهرمر ڪندڙ روشنين جي شهر کي تڪيلف سان تڪيندڙ شخص کي ٻهراڙيءَ جا اهي منظر پسائي رهيو آهي! جن منظرن ۾ وڻن تي ڪانگ ويٺل هوندا آهن ۽ وچين ويلا ڪندي آهي!!
جيڪو ڪک ڇتي رت نڪرندڙ نازڪ انسانن کي ٻڌائي رهيو آهي ته: واڍوڙن جا وڍ ڇا ٿيندا آهن؟ گهاو گلن وانگر تن بدن جي ٽارين مٿان ڪئين ٽڙي پوندا آهن؟ هيئنڙو ڏاڙهون گل وانگر ڇڪ سان ڪئين ڇڄي پوندو آهي؟ محبت جي ميدان ۾ لال ڪئين لڇندا آهن؟ واڳونءَ جي وات ويندي به ساميئڙا ڪيئن نه ڪڇندا آهن؟ جڏهن وجود مان ڪانَ ڪڙ ڪڙ ڪري گذري ويندا آهن تڏهن به عاشق پرينءَ جو پتو پاٻوهي ڪيئن پڇندا آهن؟
 “اديون عبدالطيف چئي! اندر آڳ اٿئون”
ڪهڙي برهه جي باهه هن جي ڪايا کي آلي ڪاٺين وانگر ڪڏهن تيز ته ڪڏهن آهستي آهستي ساڙيندي رهندي هئي!
هو جنهن جو ايمان هو ته ڪوئي به انسان ڪيف کان سواءِ هن جهان ۾ جيئرو رهي نه ٿو سگهي!
سو پنهنجي بي چئي من کي ڪيتري نه ات اڪير سان محبت ڀريو مهڻو ڏيندي چوندو هو ته:
“ڪلاڙئنون ڪاءِ، مت نه سکين مون هينئان
روئيندي رات وهاءِ، چڪائيندي بٺيون”
ان اڃان تائين اڄاتي انسان جي عرس جي سڳنڌ اتر جي واءُ سان گڏ سموري سنڌ کي مهڪائي رهي آهي.
اها محبت جي مند ڪجهه پڇي رهي آهي ۽ ڪجهه سمجهائي رهي آهي. جڳ جي جوٺين رسمن ۽ ريتن مان پيار کي پار ٽپائي رهي آهي. اها جيڪا پنهنجي ماٺيڻي ۽ مخصوص انداز سان جهونگاري رهي آهي ته:
 “وچان وران ڪيئن؟ ڪنڌيءَ منهنجو ڪارڻي”
هي لڙڪن جو لهرون ۽ هي دل جي گهڙي تي گهڙيل سڪ جي سهڻي!
هي ڪاڪ محل جي روئيندڙ رات ۽ شڪ جو ڌڪ کائي موٽندڙ مينڌرو!
هي ڪينجهر جي ڪناري تي لڏندڙ ڪشتي ۽ هي نورا پائي نچندڙ نوري!
هي ڏکڻ جي هير، هي جيءَ جا جهير، هي موکي جي مرڪ ۽ ان تي سر گهوريندڙ مينڌرا!
هي مڻيي جو موهه، هي لالچ جو ڏوهه، هي چنيسر جا چاڳ ۽ هي ليلا جا ڀلي پيل ڀاڳ!!
هي ملير جي مهڪ، هي وڄ جا ٽهڪ، هي ڪڪرن جا رويئندڙ نيڻ ۽ مارئيءَ جي دل ۾ وري آيل ويڻ!!
هي سسئي جو ساهه، وندر ويساهه، لڪن ۾ لهندڙ سج ۽ پٻ ۾ تازو پير پنهونءَ جو!!
هي جو شهر ڀنڀور، گهڙي گهنگور، ڪنارا سمنڊ ۽ سارو ٿر!!
هي سامين جو جڳ، نه ڪائي واٽ نه ڪوئي دڳ! انهيءَ ۾ الجهيل ڪو امڪان ۽ کاهوڙين جي کير!
اتر جي هير......!! سڀ علامتون آهن. سڀ ساديون ڳجهارتون آهن. ڳالهيون ڪرڻ نه جهڙيون! سلڻ نه جهڙيون!!
ڪهڙيون ڪري؟ ڪهڙيون ڪجن؟
ان ڪري وصل ۽ فراق جي فرق کي سمجهندڙ فقير چوندا هئا “نه پڇ، نه ڪڇ! سنگ ۾ سانت ڪري ويهه! تنهنجو وارو به ايندو! جڏهن توکان پڇيو نه ويندو پر توکي چيو ويندو ته اٿ! اٿي ۽ پيءُ!!
اهو جام جنهن جي مستيءَ ۾ هر لفظ جي معنيٰ پنهنجي مک تان پاڻ ئي گونگھٽ لاهيندي آهي.
جڏهن سڪ پاڻ ساز ٿي ويندي آهي ۽ اندر جي ماٺ آواز ٿي ويندي آهي. تڏهن روح رقص ڪندو آهي ۽ گوندر گهنگهرو بڻجي وڄندا آهن. جيستائين رتو راس ٿئي! تيستائين پنهنجي اڃ پاڻيءَ سان نه اجهاءِ! پرينءَ کي پيئڻ جي لاءِ توکي اڃان انتظار جي گهٽيءَ ۾ گذرڻو آهي.
زندگي ايترو دور ته ڪونهي. جنهن لاءِ ويزا وٺجي!
زندگي اتي ڪٿي آهي؟
ڪنهن کبڙ جي کاري خوشبوءِ ۾!
ڪنهن اڪ جي زهر ڀري اک ۾!
ڪنهن صحرا تي هلندڙ هوا ۾!
ڪنهن اداس عورت جي خاموش نهار ۾!
ڪنهن سرڪش مرد جي شرميلي پيار ۾!
هي واري تي وٿاڻ، هي ڏٺل اڻ ڏٺل اهڃاڻ!
اها ئي ته ان لطيف جي دنيا، جتي لڪن لڳ رهاڻ ڪنهن وقت کان وٺي انهن انسانن جو اوسيئڙو ڪري رهي آهي، جيڪي وڃي نه وريا آهن!
جيڪي دنيا جي منافق ميلي ۾ معصوم ٻارن وانگر وڃائجي ويا آهن. انهن کان اهو به وسري ويو آهي ته انهن کي آخر ۾ ڪراڙ جي ڪنڌيءَ تي ملڻو هو!
اها انتظار جي گهڙي، اڃان تائين اک ڇنبڻ کان سواءِ انهن جي واٽ تڪي رهي آهي، جن کي واپس ورڻ ۾ گهڻي دير ٿي وئي آهي. جيڪي اين جي اوز جي نيم سياسي سيمينارن ۾ ويهي وقت وڃائي رهيا آهن. جيڪي وڏن ايئرپورٽن جي ننڍڙين ڪرسين تي ويٺا اوٻاسيون ڏئي رهيا آهن. جيڪي گوگل جي گهٽين ۾ پنهنجو پاڻ کي تلاش ڪري رهيا آهن.
هو جيڪي انگريزيءَ کان سواءِ ٻي ٻوليءَ ۾ ڪجهه به ٻڌڻ نه ٿا چاهن. ڇا انهن جي لاءِ اياز جي شاهدي ڪافي ناهي؟ اياز ته عالمي ادب جو عظيم استاد هو. جڏهن هو به چوندو هو ته “ڀليءَ جو ڀلو ڀٽ پاسي ٿيڻو آهي” ته پوءِ هو پنهنجي من جي ميي جي مهاڙ ان طرف ڇو نه ٿا موڙين!
جنهن طرف سک ڏکن جو سينگار ڪن ٿا،
۽ ٽي سئو سالن کان پاڙي ۾ رهندڙ پرينءَ جو انتظار ڪن ٿا!!
(روزاني عبرت 27 نومبر 2015)

No comments:

Post a Comment