شاهه جو رسالو

لطيف سائين جي زندگي جو احوال



لطيف سائين جي زندگي جو احوال
 شاهه صاحب جو جنم
شاه عبداللطيف ڀٽائي سنه 1689ع ۾ حيدرآباد ضلع جي هالا تعلقي ۾، هالا حويلي جي ڳوٺ ۾ ڄائو. شاه عبداللطيف، سيد حبيب الله ججو پُٽ، سيد عبدالقدوس شاه جو پوٽو ۽ سيد جمال شاهه جو پڙپوٽو هو. سيد جمال شاه،
شاه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جو ٽيون پُٽ هو، شاه، تاڃيءَ پيٽي سيد هو. سندس والده به مخدوم دياني جي خاندان مان هئي. مخدوم دياني جو مقبرو، پراڻن هالن جي اُڀرندي طرف آهي. شاه جي ڄمڻ کان ٿورو ئي پوءِ، شاه حبيب، هالا حويليءَ مان لڏي، وڃِ ڪوٽڙي ۾ رهيو. هالا حويلي، ڀٽ کان نو ڪوهه پري آهي ۽ ڪوٽڙي ٻه ڪوهه. ٻئي ڳوٺ هاڻ ويران پيا آهن.

شاهه جي تعليم ۽ تربيت
چون ٿا ته شاهه حبيب، پنهنجي پُٽ کي، وائي ڳوٺ جي مشهور عالم آخوند نور محمد ڀٽيءَ وٽ علم پرائڻ لاءِ موڪليو. وائيءَ جو ڳوٺ، ڀٽ کان ڇهه ۽ اُڏيري لعل کان ٻه ڪوهه پري آهي. چون ٿا ته شاهه ”الف“ اُچاري ”ب“ چوڻ کان نابري واري. شاه صاحب اُمي (اڻ پڙهيل) هو يا نه، تنهن بابت جدا جدا عالمن، جدا جدا رايا ڏنا آهن. ڪن صاحبن جو رايو آهي ته هو هڪ يگانو عالم هو، ۽ ڪن صاحبن جو رايو آهي ته مٿس ”علم لدني“ نازل ٿيو هو، جو ڌڻيءَ طرفان ڪامل ولين کي عطا ٿيندو آهي.
شاهه صاحب سان اڪثر ٽي ڪتاب همراه هوندا هئا: قرآن شريف، مولانا جلال الدين روميءَ جي مثنوي ۽ شاه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جو رسالو. انهن ڪتابن تي ڪنهن به هنڌ ڪجهه لکيل ناهي، جنهن کي شاه جو دستخط چئجي. مير علي شير قانع ٺٽوي، جو شاه جو معتقد هو ۽ سندس ئي زماني ۾ رهندو هو، سو پنهنجي ڪتاب ”تحفه الڪرام“ ۾ لکي ٿو: ”اگرچه حضرت شاه لطيف اڻ پڙهيل هو، ته به ساري عالم جو علم سندس دل جي لڪل تختيءَ تي لکيل هو“ ”تحفح الڪرام“، شاه صاحب جي وفات کان صرف سورنهن سال پوءِ، يعني 1768 ۾، لکيل آهي. انهيءَ ڪري ڪي عالم، هُن کي هڪ اهم سد ٿا سمجھن. حقيقت ۾، عارفن ۽ اوليائن جو ذڪر ڪندي، مير علي شير وڃي ڪرامتن ۽ معجزن جي عشق ۾ گرفتار ٿيو آهي. سندس دفتر مان ڪو خاص تاريخي يا شخصي احوال خير ٿو ملي.

شاهه جو عشق
روايت آهي ته شاهه ويهن ورهين جو هو ته کيس مجازي محبت جو ڪان لڳو. چون ٿا ته ڪوٽڙيءَ جي مرزا مغل بيگ جو شاهه حبيب ۾ ڪامل ويساهه هو ۽ کيس دعا ڦيڻي لاءِ اڪثر پنهنجي گهر ۾ وٺي ايندو هو. هو ارغون هو ۽ سندس گهر ۾ سخت پردو هوندو هو. سندس گهر ۾ اُگهائي ٿي پوندي هئي ته مرشد کي عرض ڪري دعا لاءِ وٺي ايندو هو. قضا سان، هڪ دفعي سندس نياڻي بي چاڪ ٿي پيئي. اتفاق سان، ساڳئي وقت شاهه حبيب جي طبيعت به ناساز هئي. انهيءَ ڪري مرزا بيگ جي عرض تي، پنهنجي پُٽ عبداللطيف کي ساڻس وڃڻ جي هدايت ڪيائين، شاهه، مغل جي دختر جو حسن ڏسندي بيخود ٿي ويو، ۽ سندس آڱر پنهنجي هٿ ۾ جھليندي، چيائين:
”جنهن جي آڱر دست ۾، تنهن کي لهر نڪو لوڏو.“
اِهي سخن سڻي، مرزا ۽ سندس عزيز غصي ۾ لال ٿي ويا، پر ٻاهران صبر اختيار ڪيائون. اُن کانپوءِ اندران ئي اندران، سيدن کي به اهڙو ته تپائي کنيائون، جو هو لاچار ٿي، ڪوٽڙي ڇڏي، اُتر طرف ڪجهه مفاصلو پري، وڃي ڌار حويلي اُڏي ويٺا.
عشق جي ڪان لڳڻ کانپوءِ شاهه هرڻ ۽ هما وانگر، صحرائن ۽ بيانن ۾ سرگردن ۽ حيران ٿي پيو ڦرندو هو. هڪ دفعي ته ٽي ڏينهن ساندهه، هڪ هنڌ غش ئي عش پيو هو. سندس جسم تي واري جا تهه چڙهي ويا ۽ رڳو سندس هڪ ڪپڙي جو پلاند ٻاهر پئي ڏٺو. قضا سان، هڪ پنوهار جي وڃي مٿس نظر پيئي، جنهن سارو احوال وڃي شاهه حبيب کي سڻايو. شاهه حبيب اُڏامندو اچي انهيءَ هنڌ پهتو ۽ ڏاڍي سوز مان چيائين:
”لڳي لڳي واءُ، ويا انگڙا لٽجي“
شاهه بيخوديءَ جي حالت مان ڇرڪ ڀري اُٿيو ۽ ٺهه پهه جواب ۾ چيائين:
”پيئي کڻي پساهه، پسڻ ڪارڻ پرينءَ جي.“
ڪي صاحب انهيءَ خيال جا آهن ته هن شعوري زماني ۾، اُهڙي روايت کي ”ڏند ڪٿا“ ڪري شمار ڪرڻ جڳائي ۽ اُنيءَ کان گريز يا ڪنارو ڪرڻ واجب آهي.

شاهه جو سير و سفر
هڪ ڏينهن، شاهه، اوچتو ئي اوچتو، بنا ڪنهن کي ٻڌائڻ چتائڻ جي، جوڳين جي سنگ ۾، هنگلاج ڏانهن هليو ويو، ڏسجي ٿو ته هو ساڻن گنجي ٽڪر واري واٽ ئي ويو هو، ۽ سندن صحبت ۾ ٽي ورهين سفر ۽ سياحت ۾ رهيو. جوڳين جي صحبت ۾، جيءَ کي اڻيڪ جفائون ڏنائين، جھاني تجربا پرايائين ۽ املهه آتمڪ خزانا هٿ ڪيائين. هنگلاج ڏانهن ويندي جيڪي هنڌ ۽ مڪان ڏٺائين، تن جو ذڪر سسئيءَ وارن سرن، سرڪاهوڙي، سر رامڪلي وغيره ۾ ڪيو اٿس. هنگلاج کان موٽندي، شايد ٺٽي کان سنڌونديءَ وارو پتڻ اُڪري، مغلڀين، لکپت، هالار، دواراڪا، پوربندر، جھونا ڳڙهه، گرنار ۽ کنڀات گهميو آهي. چون ٿا ته ٺٽي ۾ مخدوم معين ۽ ٻين عالمن فاضلن سان به رهاڻيون ڪيائين. مخدوم معين کي ”مخدوم تارو“ به چوندا هئا. وطن ڏانهن ورندي، جيسلمير ۽ ٿر به گهمندو آيو ٿو ڏسجي. ”سرمارئي“ ۾ ٿر جي نظارن ۽ ٿرين جي زندگيءَ جو اکين ڏٺو احوال ڏنو اٿس. ممڪن آهي ته جيسلمير کان پنج ڪوهه پري، لڊاڻو ٽڪري ۽ ان سان لڳل ڪاڪ ڪنڌي به ڏسي آيو هجي. ”سر مومل راڻو“ اهڙي شاهدي ڏئي ٿو.
ساري ڏج، سيد چني لڊاڻي تان لاه
لنگر ٺٽي ڏانهن ورندي، هڪ غار ۾ هڪ شخص کي ڏٺائين، ته هيءَ مصرع، نهايت دردناڪ نوع ۾ پيو چوي:
هيڪلياڻي هيل، پورينديس پنهونءَ ڏي.
پڇڻ تي معلوم ٿيس ته هو هڪ جت هو، ۽ هالن جي ڀرسان لنگهندي، فقيرن جي واتان اها مصرع ٻڌي هيائين. شاهه چيس ته ”جي چاهين ته بيت جون باقي ٻه مصراعون به سڻايان،“ اُنهيءَ تي، جت خوشي ڏيکاري، شاهه تنهن تي ٻي مصرع چئي ٻڌايس:
اُڏا ڏونگر لڪايون، سوريون سڄڻ سيل:
ٻي مصرع ٻڌندي ئي، جت وجد ۾ اچي ويو، ٽي مصرع ٻڌڻ لاءِ بيتاب ٿيو، جنهن تي شاهه ٽي مصرع چئي ٻڌايس:
 ته ڪر ٻيلي آهن ٻيل، جي سور پريان جا ساڻ مون
 شاه جو بيت ختم ڪرڻ تي جت جو فوت ٿيڻ. شاه جي ارمان ۽ عجب جي حد نه رهي. پوءِ جت کي اُتي دفن ڪيائين. اُنهيءَ جت جي قبر اڃان تائين واٽهڙن کي ڏسڻ ۾ ايندي آهي. شاه، اڪثر چوندو هو ته، ”انهيءَ جت جهڙو درد وارو انسان، مون ڪڏهن ڪونه ڏٺو.“
 شاه حبيب، پُٽ جي فراق ۾ بيهال ٿي پيو هو، ۽ رات ڏينهن، پيو ڌڻيءَ در باڏائيندو هو، ته سندس پُٽ کيس وري سلامت اچي ملي.
 مخدوم نوح جي درگاهه تي به، هر روز اها ئي دعا پنندو هو. هڪ ڏينهن اوچتو ئي اوچتو، شاه عبداللطيف اچي پنهنجي گهر سهڙيو. پيءُ جون اکيون ٺري پيئون؛ ورهين جو وڇوڙو هڪ لحظي ۾ لهي ويو.

شاهه جي شادي
شاه جي گهر موٽي اچڻ کانپوءِ ستت ئي پوءِ مٿس شادي جو ٻنڌڻ پيو. جنهن جي ڪارڻ، گهڻو وقت بيتاپ ٿي، جھنگ واديون ۽ رڻ ڦريو هو، تنهن سان ئي قدرت سندس ناتو جوڙيو. اُها هئي مرزا مغل بيگ جي نياڻي، بي بي سيده بيگم، جنهن کي شاه صاحب جا مُريد، پوءِ ادب وچان، تاج المخدرات (ستين جو ڇٽ) سڏيندا هئا.
شاهه جي شادي ڪيئن ٿي، سا به هڪ حيرت جهڙي ڳالهه آهي. هڪ ڏينهن، اتفاق سان ائين ٿيو جو ڪي دل ذات جا رهزن، مردن جي غير حاضري جو فائدو وٺي، مرزا مغل بيگ جي گهر تي ڪاهي آيا، سارو قيمتي مال ٻهاري رمندا رهيا. پوءِ مغل هٿياربند ماڻهون ساڻ ڪري، ڌاڙيلن جي ڪڍ لڳا، ۽ اچي شاهه جي پاڙي مان لانگهاڻو ٿيا. اها روئداد ڏسي، شاهه سچي نيت سان، پنهنجون ۽ پنهنجن ماڻهن جون خذمتون آڇين، پر مرزا، ان کي حقارت سان ٿوڪاري ڇڏيو. شاهه کي انهيءَ تان ڏاڍو رنج رسيو. چون ٿا ته سندس زبان مان بي اختياري بددعا نڪري ويئي. مرزا پنهنجن ماڻهن سميت شاهينگن هٿان مارجي ويو. اهو حادثو 1124 هجري مطابق سنه 1813ع ۾ ٿيو. مغلن جي زالن، سيدن جي رنج مٿائڻ لاءِ، اچي کائن معافي ورتي، پوءِ مرزا مغل بيگ جي نياڻيءَ جي شادي، شاهه سان ڪرايائون. بيبي صاحبه هڪ نهايت پاڪدامن، پارسا ۽ نيڪ اطوار عورت هئي. شيخ سعديءَ جو فرمودو آهي:
 زن نيڪ وففرزائجه وپارسا. ڪند مرد درويش را پادشا
 معني نيڪ، سياڻي ۽ پارسا عورت، فقير مرد کي به بادشاهه بڻائي ٿي ڇڏي. هن جي سڳوريءَ صحبت، جي شاه کي هڪ روحاني سلطان بڻائي ڇڏيو ته ڪهڙو عجب!
هوءَ پاڻ سان پنهنجو ننڍو ڀاءُ گولو وٺي آئِ هئي، جو جلدئي گذاري ويو.

شاهه جو اولاد
شاه کي ڪو اولاد ڪونه ٿيو. چون ٿا ته بيبي صاحبه کي هڪوار اُميد واري ٿي هئي، پر پوءِ، ڪهياءِ ٿي پيس. انهيءَ جو ڪارڻ، هن ريت ڄاڻايل آهي:
 هڪ ڏينهن شاه پنهنجي هڪ فقير کي، پري کان سهڪندو ايندو ڏٺو؛ پڇڻ تي معلوم ٿيس ته بيبي صاحبه کي پلي تي دل ٿي هئي؛ ۽ اهو فقير، ڊوڙي وڃي گهڻي پنڌ تان پلو هٿ ڪري آيو هو. اهو حال ڏسي، شاهه چيو ته ”اهڙو اولاد ئي گهوريو، جو ڄمڻ کان اڳي ئي منهنجي فقيرن کي ٿو رلائي.“
 شاه هميشه چوندو هو ته، ”هي فقير ئي منهنجو اولاد آهن، جن جون دليون عشق کان گهايل آهن.“ تحقيق درويش جا مُريد سندن نوري پُٽ آهن.

شاهه جي عبادت ۽ رياضت
هاڻي شاهه جي زندگي هموار ۽ موزون نموني ۾ گذرڻ لڳي. شاهه صاحب سمورو وقت، رياضت، عبادت، شعر گوئي ۽ قدرت جي جمال پسڻ ۾ صرف ڪندو هو. قدرت جا من موهيندڙ نظارا، کيس وجد ۾ آڻي ڇڏيندا هئا. اڪثر اونهي ويچار ۾ گذاريندو هو ۽ ”انسان ڇا آهي؟ عالم ڇا آهي؟ حق ڇا آهي؟“ جي باريڪ مسئلن تي غور ڪندو هو. تصوف ۾ به انهن ئي باريڪ نڪتن تي ويچار آيل آهن: ”انسان، جهان ۽ خدا ڇا آهن؟“
شاه جي باجهاري طبيعت، نيڪ اطوارن ۽ پاڪدامنيءَ ڪيترن ئي انسانن کي مٿس مفتون ڪري ڇڏيو. هڪ هو اڳيئي سيد، ٻيو سڀاءَ جو هو سڀاجھو، سو ته ويتر ماڻهن کي موهي وڌائين. شاه، پاڻ پوڄائڻ کان پري هو، ۽ پيري شيخي، دل کي نه وڻندي هيس:
پوڄا ڪر پاڻ کي. جوڳي! رکج جوڳ،
خلق خادم جئن ڪرين، اي راول! وڏو روڳ.
پر خلق خود ڏانهنس ڇڪجي ٿي آئي. ماڻهن وٽ شاه جي ايڏي عزت، آسپاس جي پيرن ۽ ميرن کان سٺي نٿي ويئي، مطلب ته سمورو حسد، پيريءَ مخدوميءَ تان هو: شاه، ذاتيءَ طرح پاڻ به ان جي خلاف هو. پر جن جي اکين ۾ موريسر، سي ڪئن سچ ڏسن! سڀني پنهنجي پرِ ۾، کيس تنگ ۽ پريشان ڪرڻ سان گهٽايو ڪين؛ بلڪ، ميان نور محمد ته کيس صفحه هستيءَ تان اُڏائڻ جي به ڪوشش ڪئي، پر شاه جا مڙيئي دشمن، کيس ذرو به ضرر رسائي نه سگهيا.

شاهه ۽ ميان نور محمد ڪلهوڙو
شاه کي اچي خيال ٿيو ته شاهه عبدالڪريم جو مقبرو جوڙايان، سو ڪاشيءَ جي سرن آڻڻ ڪاڻ، ملتان ڪهي ويو، موٽندي جڏهن خداباد م پهتو، تڏهين ڪئين ماڻهو سندس قدمبوسيءَ لاءِ آيا، ميان نور محمد ڪلهوڙي، هڪ معجون جي دٻلي نذراني طور ڏياري موڪليس، شاه، دٻلي وٺندي ئي، درياهه ۾ اڇلي ڇڏي ۽ چيائين ته ”ڀل ته سارو عميق، هن معجون جو فيض وٺي.“ معجون ۾ زهر قاتل ملايل هو. چون ٿا ته پاڻيءَ مٿان اوڏي مهل ئي مئل مڇيون ترنديون نظر آيون. ٻئي دفعي وري دعوت ڏيئي، هڪ سرڪش گهوڙِي، سونن سنجن سان سينگهاريل، تحفي طور ڏنائيندس. شاه، لغام کي پري اُڇلي، گهوڙيءَ کي اڙي هڻي، اتان طوفان جيان نڪري ويو، ۽ ٿوري وقت کانپوءِ، صحيح و سلامت ساڳئي منزل تي موٽي آيو. ميان نور محمد ڪلهوڙو پنهنجي ڪئي تي ڏاڍو پشيمان ٿيو، ۽ دشمن مان ڦري، سندس معتقد ٿي پيو، چون ٿا ته ميان نور محمد کي، ميان غلام شاهه ڪلهوڙو، شاهه جي دعا سان ڄائو.

شاهه جي ڀٽ وسائڻ
شاه کي هاڻي خلوت جي عشق، ڪوٽڙيءَ ۾ آرام نه ڏنو، پنهنجي سير جي دوران ۾، نون هالن کان ٻن ڪوهن جي مفاصلي تي، ڪراڙ ڍنڍ نزديڪ، هڪ دٻن ۽ دٻين جي وچ ۾ بيٺل، ۽ ڪرڙن ۽ ڪنڊن ۾ ويڙهيل، واريءَ جو دڙو چتائي ڇڏيو هيائين. سندس نظر ۾، اهو سڃهرو، عبادت لاءِ هڪ آدرشي آستان هو. نهايت ڪشالي ۽ محنت سان ان کي پنهنجي محبوب ”ڀٽ“ جي صورت ڏنائين. فقيرن سان گڏ انهيءَ واريءَ جي دڙي مٿان چيڪي مٽي وڌائين، ۽ پوءِ پنهنجي لاءِ هڪ جھوپڙو اڏيائين. هڪ ننڍڙي مسجد ۽ پنهنجي اَبي ۽ اَمڙ لاءِ هڪ حويلي به اڏرايائين، ۽ فقيرن کي به رهڻ لاءِ حدون مقرر ڪري ڏنائين، مينهن جي موسم ۾، ڀٽ، هڪ رونقدار ويس پهريندي هئي. شاه، ”سر سارنگ“ ۾ اُن رونق ڏانهن ڪي اشارا فرمايا آهن.
چون ٿا ته شاهه عبدالڪريم، هڪ لڱا انهيءَ هنڌان لنگهندي، اتي، نماز پڙهي هئي ۽ پڻ فرمايو هئائين ته ”اسان جي اولاد مان هڪ ولي ۽ وڏو شاعر، هن هنڌ پنهنجو آستانو جوڙيندو.“ اُن وقت شاه عبدالڪريم، هالن واري مخدوم نوح کي ملڻ لاءِ وڃي رهيو هو، ڇو ته مخدوم صاحب ۽ شاه عبدالڪريم پاڻ ۾ گهرا دوست هوندا هئا.

شاهه حبيب جو بيمار ٿيڻ ۽ وفات
شاه اڃان ڀٽ کي تيار ڪرڻ جي ڪم ۾ ئي لڳل هو ته پنهنجي والد سڳوري جي سخت بيماري جي خبر مليس. شاهه حبيب قاصد هٿان پٽ ڏانهن هي نياپو ڏياري موڪليو:
ڪنهن جنهن نينهن ننڌاءِ، جي مون واجھائيندي نه ورو،
جيڪي مئي ڪنداه، سو جانب ڪريو جيئري.
شاه پنهنجي والد کي گڏجڻ لاءِ بيحد بيتاب ٿيو ۽ قاصد کي جوا ۾ هي بيت ڏنائين:
متان ٿئين ملور، ڪين اڳاهون آهيان
ڏسڻ ۾ ڪر دور، حد ٻنهيءَ جي هيڪڙي.
شاهه حبيب کي پٽ جو نياپو مليو ته اندر کي آرام اچي ويس. شاه، نياپي موڪلڻ کان ترت ئي پوءِ پنهنجي والد سڳوري کي ملڻ لاءِ روانو ٿيو. اَفسوس جو سندس پهچڻ کان اڳيئي شاه حبيب جو روح وڃي حق سان هِڪ ٿيو. پيءُ جي وفات ڪري شاه کي ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ هو ڪيترا ڏينهن ماتم ۾ رهيو.
شاه حبيب جي وفات کان پوءِ، کيس شاه جي هدايت موجب، محمود فقير جي سيرانديءَ کان دفن ڪيائون. هاڻي مقبري مٿان گنبد ٺهيل آهي. اِهو گنبد شاه صاحب جي مقبري کان اُتر طرف اٺن نون وکن جي مفاصلي آهي. شاه حبيب سن 1742ع ۾ وفات ڪئي. اها تاريخ محمد صادق نقشبنديءَ جي عربي مصرع مان نڪري ٿي: ”اَلموت جسر يوصل الحبيب ليٰ لقاءَ الحبيب“ يعني موت هڪ پُلِ آهي، جنهن تان هڪ دوست لنگهي وڃي ٻئي دوست کي ملي ٿو.

شاهه جا آخري ڏينهن ۽ وفات
شاه صاحب، پيءُ جي وفات کان پوءِ، رڳو ڏهه ورهيه زنده رهيو. پيءُ جي گذرئي کان پوءِ اٽالي سميت، ڪوٽڙي ڇڏي، وڃي ڀٽ تي رهيو. سندس هاڪ، هينئر هنڌين ماڳين پکڙجي ويئي، ۽ ڪٿان ڪٿان جا ماڻهو، سندس ديدار لاءِ آيا ٿي.
وٽس سارو ڏينهن سرود ۽ سماع جاري رهندو هو. دهليءَ جا ٻه مشهور گويا، اَٽل ۽ چنچل به، اَچي سندس خذمت ۾ حاضر ٿيا. راڳ، شاهه صاحب جي جان هو. موسيقي سا ڳائڪيءَ جو ڪامل ڄاڻو هو. پاڻ به پنهنجو چيل ڪلام ڳائيندو هو. چون ٿا ته وفات کان ٿورو اڳ، گهڻو ڪري هيٺين ڪافي چوندو رهندو هو. اِها ڪافي ”سر سهڻي“ جي پهرئين داستان کان پوءِ اَچي ٿي.
ڪهڙي منجهه حساب؟ هئڻ منهنجو هوت ري، لا....
حياتيءَ جي پڇاڙيءَ ۾ اچي سڪ ٿيس ته ڪربلا شريف جي زيارت ڪري اَچان. قضا سان واٽ ۾ هڪ خدا رسيدو مريد گڏيس، جنهن چيس ته، ”سائين سڳورا! اوهين ماڻهن کي چوندا آهيو ته اوهان جو ڪفن دفن ڀٽ تي ٿيندو، پوءِ هينئَر ڪيئن پڇاڙيءَ جي وقت هيڏي سفر تي نڪتا آهيو؟“ شاهه جي دل ۾ اِهي سخن تير مثل پيهي ويا، ۽ هو ڪربلا جي زيارت جو خيال ترڪ ڪري، ڀٽ ڏانهن واپس وريو. ڀٽ تي پهچڻ سان، ڪارو ويس ڪري، اَمامن جي ماتم ۾ ”سر ڪيڏارو“ چيائين. پورا ايڪيهه ڏينهن اڪيلائپ ۾ رهيو، ۽ اُنهيءَ عرصي ۾، ٻن ويلن جيتري ماني مس کاڌائين. جڏهين ٻاهر نڪتو، تڏهين غسل ڪري هڪ چادر مٿان وجهي، مراقبي ۾ ويهي رهيو. پوءِ سرود ۽ سماع جو اِشارو فرمايائين. ٽي ڏينهن برابر فقيرن جو راڳ روپ پئي هليو. آخر راڳ ختم ٿيو، پوءِ شاه جي ويجهو ڇا وڃي ڏسن ته سندس روح مبارڪ پرواز ڪري، وڃي رب سان مليو هو!
شاه صاحب صفر مهيني جي چوڏهين تاريخ سنه 1165هه مطابق 1752ع ۾ جهان مان لاڏاڻو ڪيو. سندس عمر، غضرت محمد ﷺ ۽ حضرت عليءَ جي عمر جيتري ٿي، يعني 63 ورهيه.
شاه صاحب جو لاش مبارڪ، سندس وصيت موجب، ڀٽ تي، محمود شاه جي پيرانديءَ کان دفن ڪيو ويو. ميان غلام شاه ڪلهوڙي پنهنجي خرچ سان، سندس تربت مٿان سنه 1754ع ۾، هڪ عاليشان مقبرو، وقت جي نامياري عيدن رازي کان جوڙائي راس ڪرايو. ميرن جي صاحبيءَ ۾ مير نصير خان، انهيءَ مقبري ۾ مسجد جي عمدي مرمت ڪرائي. سنس سوٽ مير محمد خان، قبي کي چانديءَ جو دروازو وجهايو، جو اڄ تائين قائم آهي. دروازي مٿان، توڙي ديوارن تي، ڪيترائي سهڻا فارسي بيت نقش ڪيل آهن، جن مان شاهه صاحب جي وفات جي تاريخ ملي ٿي.
شاه صاحب جي تربت سڳوري، هينئر عام و خاص لاءِ هڪ زيارتگاهه آهي. اُن جو ديدار، قلب کي آرام ڏيندڙ آهي.
ساري رات سبحان، جاڳي جن ياد ڪيو،
اُن جي عبداللطيف چئي، مٽيءَ لڌو مان،
ڪوڙيين ڪن سلام، آڳهه اَچيو اُن جي.
هر جمع رات، ڀٽ شريف تي، فقير، شاه صاحب جو ڪلام ڳائيندا آهن. ڪلام رات جو ڏهين بجي ڌاري شروع ٿيندو آهي، ۽ صاف صبوح تائين هلندو آهي.

شاهه جي رسالي جو جنم
”شاهه جو رسالي“ ۾ ڪلام، وجد واري حالت ۾ چيل آهي. شاهه صاحب جڏهين انهيءَ حالت ۾ ايندو هو، تڏهين ويندو هو شعر چوندو، جي سندس فقير بروقت قلم بند ڪندا ويندا هئا. هڪ روايت آهي ته وفات کان ٿورو وقت اڳ، سارو رسالو ڪراڙ ڍنڍ ۾ داخل ڪري ڇڏيائين، ڇو ته اهو خيال اچي ٿيس ته متان ماڻهو سندس رمزون نه سمجهي، وڃي گمراهيءَ ۾ پون. چون ٿا ته شاه جي ائين ڪرڻ تي، فقيرن کي ماتم وٺي ويو، ۽ پاڻ مٿن رحم آڻي، هڪ مريدياڻي، مائي نيامت (نعمت) کي فرمايائين ته فقيرن کي اُهو لکارائي ڇڏي. چون ٿا ته انهيءَ مائيءَ کي شاه جي ڪلام جو ڳچ حصو ياد هو. پوءِ انهيءَ نئين سر تيار ٿيل رسالي کي ”گنج“ 1 ڪري سڏيائون ۽ تمر فقير جي حفاظت ۾ ڇڏيائون. فقير جا پويان اڃا تائين اُن جي حفاظت ڪندا ٿا اچن.

شاهه جي صورت ۽ سيرت
شاهه صاحب جو ڪلام، سندس سيرت جو آئينو آهي. جن گڻن کي پنهنجي ڪلام ۾ واکاڻيو اٿس، تن مڙني جو مجسم هو. سندس متو هو هر حال ۾ تواضع ۽ خاڪساري ڪرڻ ۽ ”سڀني سين، من ماري ميڻ ڪرڻ“ جيڪي خاڪ ۾ ڏٺائين، سو عالم جي ٻي ڪنهن به شيءِ ۾ نه ڏٺائين:
سو نه ڪنهن شي ۾، جيڪي منجهه تراب
شاه صاحب جي واٽ، نيستيءَ واري هئي، نه هستيءَ واري. نيستيءَ ۾ هستي ۽ نابوديءَ ۾ بود ڏٺائين.
شاه صاحب کائيندو پيئندو ۽ پهريندو سادو هو. اِلاهي محبت ۾ رڱيلن جي، نه ڪڏهين پوشاڪ سان پيئي آهي، نه خوراڪ سان. شاه صاحب جي، ظاهري لباس، سينڌ سرمي ۽ ٺاهه ٺوهه سان نه پوندي هئي.
شاه صاحب جي پوشاڪ، ڪاري ڌاڳي سان سبيل هڪ گيڙوءَ رتي ڪفني هوندي هئي. مٿي تي سفيد رنگ جي وڏي ٽوپي يا ڪلاهه ۽ اُن جي مٿان ڪاري رنگ جي ڪپڙي جو ٽڪر ويڙهيل هوندو هوس. هٿ ۾ جوڳين جي بيراڳڻ جهڙي لٺ کڻندو هو. کاڌي پيتي لاءِ هڪ ڪشتو يا ڪشڪول هوندو هوس. اُهي شيون اَڃا تائين ڀٽ شريف تي پوري حفاظت ۽ اَحترام سان سانڍيل آهن. پور پوندو هوس ته جتي پائيندو هو، نه ته پيرين اُگهاڙو پنڌ ڪندو هو. اوچي بستري تي نه، پر هڪ پراڻيءَ ڪٿائين گودڙيءَ تي سمهندو هو. ڪڏهين به ڪنهن دنيوي فرحت کي اوڏو نه ويو. ننڊ به نهايت ٿوري ڪندو هو. جهڙيون رياضتون شاه صاحب ڪڍيون، تهڙيون ڪنهن ورلي ڪڍيون هونديون. سمهندو به هڪ صندل تي هو، جو اَڃا تائين موجود آهي.
شاه، لاطمع به هڪڙو ئي هو. ڪڏهين به ڪ نهن جو ٿورو کڻڻ نه چاهيندو هو. پاڻي به پنهنجن هٿن سان ڀري پيئندو هو، ڇو جو ڪنهن کي پاڻي آڻڻ لاءِ چوڻ به، سندس خيال ۾ سوال ۾ داخل هو.
چون ٿا سندس هڪ مريد، هر سال جڏهين سندس زيارت لاءِ ايندو هو، تڏهين هڪ کٿو پاڻ سان نذراني طور آڻيندو هو. هڪ سال، مسڪينيءَ سببان، ويچارو کٿو ڳنهي نه سگهيو، تنهنڪري شاه صاحب وٽ لڄ وچان آيو ئي ڪين. ٻئي سال، دستور موجب کٿو کڻي، شاه صاحب وٽ آيو. شاه صاحب پڇيس ته ”پر سال ڇو نه منهن ڏيکاريءِ؟“ جواب ڏنائين ته ”پر سال توفيق نه هيم جو سائين جن لاءِ کٿو ڳنهي کڻي اَچان: چيم ته هٿين سکڻو ڪيئن اَچان.“ اِنهيءَ تي شاه صاحب فرمايو ته ”اُهو کٿو ئي گهوريو، جو دوست کي دوست کان دور ڪري.“

شاهه، اعليٰ انسانيت جو مثال
شاه صاحب جو قلب نهايت ڪومل هو. نه رڳو اِنسان ذات لاءِ، پر پکين ۽ پسن سان اَٿاهه قرب هوس. حياتيءَ ۾ ڪڏهين ڀلئي ڀلائي به، ڪنهن پکيءَ پرندي ۽ پسونءَ کي ڪو ڏک نه رسيائين. شڪارين کي اَجل جي ياد گيري ٿو ڏياري، جئن ويچارن گگدامن کي مارڻ کان باز اَچن. (اِها، عام انسانن لاءِ به، هڪ هدايت آهي.)
شڪار تون شهباز جو، تون تان منجهه شڪار!
ڪونجڙين کي شڪار ٿيندو ڏسي، سندس دل درد کان رجيو ٿي وڃي. اُنهن معصومڙين جي دل مان به ڄڻ پيهي نڪتو هو. ماريءَ جي ڄار ۾ ڦاسڻ وقت، اَندر ۾ اُهو ئي وڍ پيو پوين، ته سندن پٺيان، سندن ٻچا ڪيئن ڪندا.
ڪونجيون ٿيون ڪڻڪن، جيڪي هلڻ هاريون،
ٻچا پوءِ اُٿن، وڃن وانڌا ڪنديون.
ڪونجڙين کي اَندر ۾ وڍ پوندا ڏسي، سندس اَندر جا به چاڪ ٿي چڪيا. اُنهن جي درد وارين دانهن، سندس فراق جا ڦٽ آلا ٿي ڪيا:
ڪونجڙي ڪالهه لنئين، سڄڻ وڌم چت،
آئون جنهن ريءَ هت، گهنگهر گهاريان ڏينهنرا.
دل ايتري قدر ته نرم هيس، جو ڪهل وچان، ٻن ڪتن کي پنهنجن هٿن سان پاليو هيائين، ڇو ته اُنهن جي ماءُ، کين نڌڻڪي حالت ۾ ڇڏي ويئي هئي. اُنهن مان هڪ کي ”موتي“ ۽ ٻئي کي ”کينهو“ ڪري سڏيندا هئا.
شاه صاحب نهايت پرهيزگار ۽ پاڪدامن هو. مجازي عشق ڪمايائين، پر اُن ۾ اَٽڪي بيهي نه رهيو. شاديءَ کان پوءِ پنهنجي تڙڏاڏيءَ شآه عبدالڪريم وانگر، ڇڙائيءَ جي واکاڻ ڪندو هو.
راڳ تي ايتري قدر ته مفتون هو، جو وصال به راڳ ٻڌندي ڪيائين. سارو وقت وٽس سرود ۽ سماع لڳو ئي پيو هوندو هو. سماع هلندي، سر جي به سمڪ نه هوندي هيس. تندن جي تانن ۾ روحاني راز پروڙيائين.
تان نه آهي تند جو، رون رون ڪري راز.
راڳ جو سچو قدر ”سر سورٺ“ ۾ ڪيو اَٿس. راڳ جي عشق جي لحاظ کان، راءِ ڏياچ، شاه پاڻ آهي.

شاهه جا صحبتي
شاه صاحب وڏي ڏيا ۽ حشمت جو صاحب هو. سندس حضوريءَ ۾ ڪنهن کي به ڪا گستاخي ڪرڻ جي مجال نه هئي. هميشه ڳورو ۽ ڳنڀير گذاريندو هو. اَلبت، ”وڳند“ يا ”ورو فقير“ سان، وقتي چرچا ڳهبا ڪندو هو. ”سر بلاول“ ۾ اِنهيءَ ”جسم ۾ جڏي“ فقير سان چڱو مذاق ڪيو اَٿس. شاه صاحب جي هن جڏڙي سان اهڙي ڪا خاطر هئي، جو هن جي صدقي، ظريفانو شعر به چيو اَٿس. وڳند کي گهڻن ئي مذاقي لفظن سان ياد فرمايو اَٿس: ”بدو“، ”نسوروئي نرڳ“، ”بي نماز“، ”ڪلاٺ“، ”نرڳي“. هن جي گدلائيءَ ۽ پيٽوڙپائپ تي چڱائي چرچا گهٻا ڪيا اَٿس. اِهو فقير ڪوٽڙيءَ جو ئي هو. ٻيا فقير، جي شاه صاحب جي مريدن ۾ داخل هئا، سي هئا: تمر فقير، سندس خاص خليفو، جنهنجو اولاد اَڄ ڏينهن تائين سندس درگاه ۾ مجاور آهي: محمود شآ جو اَميري ترڪ ڪري فقير ٿيو هو، ۽ جنهن لاءِ شاه صاحب کي ايڏي عزت هئي، جو پنهنجي تربت، هن جي پيرانديءَ کان ڪرڻ جي وصيت ڪئي هئائين: شاه عنايت، هڪ وڏي زميندار جو پٽ، ميون هاشم علوي ريحان پوٽو، جو راڳيندڙ به هو ۽ لکپڙهه جو ڪم به ڪندو هو: ۽ بلال، جنهن سان ايڏي محبت هيس، جو ڪڏهين ڪڏهين هن جي ملاقات لاءِ هن جي ڳوٺ ڪهي ويندو هو.
شاه کي ڪامل درويش سان رهاڻين ۽ ملاقاتون ڪرڻ جو شوق هو ۽ اڪثر پاڻ وٽن ڪهي ويندو هو. شاه جي زماني ۾ سنڌ ۾ گهڻيئي ڪامل فقير هئا. شاه صاحب پنهنجي حياتيءَ جي عرصي ۾ گهڻن ئي الله لوڪن سان ملاقاتون ۽ رهاڻيون ڪيون. ڦوهه جوانيءَ جي زماني ۾ شاه عنايت جهوڪ واري سان ملاقات ڪيائين. چون ٿا ته شاه عنايت کيس ڏسندي ئي هيٺيون بيت چيو، اُن ۾ سالڪ کي طريقت جي واٽ وارين مشڪلاتن جو شير دليءَ سان مقابلو ڪرڻ بابت هدايت فرمايل آهي:
ڏسي ڏونگر ڏار، متان هلڻ ۾ هيڻي ٿئين،
ڪي مجازاڻيون موٽيون، سڻي پنڌ پچار،
پويون پائج پرينءَ کي، حقيقت جو هار،
سِگهي لهندءِ سار، آريچا عنايت چئي.

شاه صاحب جواب ۾ هيٺيون بيت فرمايو:

پسي ڏونگر ڏاه! جم هلڻ ۾ هيڻي وهين،
لانچي لڪ، لطيف چئي، پٺيءَ ڪيچين ڪاه،
پڇي پورج، سسئي! بلوچاڻي باه،
اِن وڙائتي ور جي، آسر هڏ م لاه،
جو اکنئون اوڏو اه، سو پرين پرانهون م چئو.
شاه عنايت جي شهادت وقت، شاه 31 سالن جو هو. خواجه محمد زمان لواريءَ جي ملاقات لاءِ به پاڻ ڪهي ويو هو، جيتوڻيڪ عمر جي لحاظ کان، خواجه صاحب، شاه صاحب کان گهڻو ننڍو هو. شاه صاحب خواجه صاحب جي ڪماليت کان اَهڙو ته متاثر ٿيو هو، جو جڏهين به وٽس هن صاحب جو ذڪر نڪرندو هو، تڏهين ازخود زبان مان هي بيت ڇٽڪي نڪرندو هوس:
مون سي ڏٺا ماءِ، جنين ڏٺو پرينءَ کي،
ڪري نه سگهان ڪاءِ، اُئين سندي ڳالڙي.
شاه صاحب، مخدوم محمد معين، ٺٽي جي مشهور عارف وٽ، گهڻو ايندو ويندو هو.
مخدوم صاحب، جو ”اويسيه“ نالي رسالو لکيو، سو به شاه صاحب جي اِستدعا تي، ڇو جو شاه صاحب جو، اويسي طريقي سان خاص پيوند هو. بلڪ اِئين چئجي، ته شاه صاحب پاڻ هڪ اويسي عارف هو. شاه صاحب جي مرشد جي ڪل، ڪنهن کي به نه رهي آهي: هو صاحب، رياضتن ۽ ڪشالن جي ذريعي ئي، روحاني ڪماليت کي رسيو.
”تحفته الڪرام“ ۾ آيل آهي ته جڏهين مخدوم صاحب جي وفات جو وقت ويجهو آيو، تڏهين شاه صاحب پنهنجن فقيرن کي فرمايو ته، ”هلو ته پنهنجي دوست سان پڇاڙيءَ جي ملاقات ڪري اَچون.“ فقيرن اُتي پهچي، سماع شروع ڪيو. مخدوم صاحب تي سماع جو ايڏو ته اثر ٿيو، جو هو ذوق ۽ حال ۾ اَچي، پنهنجي حجري ۾ هليو ويو، ۽ ساعت کان پوءِ سندس روح وڃي حق سان هِڪُ ٿيو.
شاه صاحب جي، سچل فقير جي ڏاڏي ميان صاحبڏني سان به ملاقات ٿي. هن صاحب اُن وقت کٻڙن جي ويڙهه ۾ پاڻ لڪائي ويٺي رياضت ڪڍي. شاه صاحب کيس ڏسي فرمايو ته، ”يار کي لڪائڻ نه گهرجي، پر هن کي ٻاهر آڻجي.“ اِنهيءَ تي هُو صاحب ٻاهر نڪري آيو. وري ٻئي دفعي جڏهين درازن ۾ آيو، تڏهين پنجن ورهين جي ٻالڪ کي ”سچل“ کي ڏسي فرمايائين ته، ”اَسان جيڪو ڪنو چاڙهيو آهي، تنهنجو ڍڪڻ هي لاهيندو.“
چون ٿا ته مخدوم دين محمد صديقي سيوهاڻيءَ جي به، شاه صاحب سان گهاٽي دوستي هوندي هئي. اِنهيءَ ڪري، شاه صاحب جو، گهڻيئي دفعا، سيوهڻ ۾ وڃڻ ٿيو. ٻنهيءَ جي پاڻ ۾ ايڏي ته محبت هئي، جو هڪ لڱا، پاڻ ۾ دستارون بدلائي، پڳ مٽيا يار بڻيا هئا.
شاه صاحب جي، مدن ڀڳت سان به، گهاٽي پريت هئي. مدن صاحب، ڪوٽڙي مغل جو ويٺل هو، ۽ وڏي پهچ وارو فقير هو. شاه صاحب، هن هندو صوفيءَ سان به چڱيون رهاڻيون ڪيون.
شاه صاحب جو روحاني طريقو ڪهڙو به هجي: سندس ڪلام مان ظاهر آهي ته هو مذهبي اِختلافن کان مٿي هو: هر شيءِ ۾ حق جو جلوو پسندڙ هو.

ڏسڻ ڏسين جي، ته همه کي حق چوين.

شاهه جو مذهب
شاه صاحب نڪي شيعو، نڪي هو سني. هڪ لڱا، سوال پڇيو ويس ته، ”سائين اوهين سني آهيو يا شيعا؟“ جواب ۾ فرمايائين ته، ”مان ٻنهي جي وچ ۾ آهيان.“ چيائونس ته ”قبلا! ٻنهي جي وچ ۾ ته ڪي ڪين آهي.“ فرمايائين ته، ”آهيان ته اِهو ڪي ڪين.“
پڇيو ئي جان دوست، تان پاسي ڪر پرهيز کي،
جئين ڏٺو هوت، تن دين سڀيئي دور ڪيا.
جيتوڻيڪ باطن ۾ هڪ صوفي عارف هو، ته به ظاهري طرح، ماڻهن جي صحيح هدايت لاءِ شريعت جا سڀ حق پوريءَ ريت بجا آڻيندو هو. باطن ۾ توڙي ظاهر ۾، هڪ ڪامل هادي ۽ رهبر هو. سندس هدايت آهي:
ڪر طريقت تڪيو، شريعت سڃاڻ،
هنئون حقيقت هير تون، ماڳ معرفت ماڻ،
هوءِ ثابوتي ساڻ، ته پسڻ کان پالهو رهين.

3 comments: