شاهه جو رسالو

Monday 14 November 2016

شاهه لطيفَ جا فڪري پهلو ۽ انساني ڄاڻ جا سرچشما ـــ رسول بخش پليجو (Rasool Bux Palijo)

رسول بخش پليجو

شاهه لطيفَ جا فڪري پهلو ۽ انساني ڄاڻ جا سرچشما

شاهه لطيف 1689ع ۾ ڄائو هو ۽ 1752ع ۾ وفات ڪيائين. شاهه لطيف جي دؤر کي سمجهڻ لاءِ هڪ حد تائين ان جي تاريخي ۽ ادبي پس منظر کي سمجهڻ لازمي آهي. سياسي طرح هي دور هڪڙو فيصلي ڪن دور هو. برصغير جي تاريخ ۾ توڙي ايشيا ۽ يورپ جي تاريخ ۾ ۽ عالمي سطح تي، هڪڙي دور جي خاتمي جو نڪتو ۽ ٻئي دور جي آغاز جو نڪتو هو. سنڌ ۾ ڪلهوڙا دور جي شروعات ٿي چڪي هئي. هندوستان ۾، جڏهن شاهه لطيف ڄائو هو، تڏهن اورنگزيب دکن روانو ٿي چڪو هو. ماورالنحر ۽ افغانستاني بغاوتن کي ڪچلڻ لاءِ هن کي موڪليو ويو هو. اتان ٿي واپس آيو. انهيءَ سال هن اچي شيواجي جي پٽ سنڀارجي تي حملو ڪيو هو ۽ ان کي قتل ڪيو هئائين. مغل دور هندوستان مان موڪلائي ويو ۽ جيئن جيئن لطيف سائين جي جوانيءَ ۾ نادر شاهه 1739ع ۾ دهليءَ تي حملو ڪيو ۽ مغل شهنشاهه کي ڪاپاري ڌڪ هڻي ختم ڪيائين.
لطيف سائين جي وفات کان جلدي پوءِ 1765ع ۾ احمد شاهه ابدالي مغلن مرهٽن کي نيست ۽ نابود ڪري، انگريزن جي واپارين لاءِ هندوستان جو رستو کوليو. اهو دور هندوستان ۾ ترڪ ۽ مغل سلطنت جي خاتمي جو دور هو، مغلن جي زوال جو دور هو، افراتفريءَ جو دور هو. ٻئي پاسي يورپ ۾ Age of Enlightment جو دور هلندڙ هو. ان کان اڳ ۾ Reformation ۽ Counter Reformation هئي، مذهبي سڌارن جو دور هو. تنهن کان اڳ ۾ ايجادن جو دور Age of Discoveries هو. 1458ع ۾ ترڪن قسطنطنيه تي قبضو ڪيو. تنهنڪري گوبي جي رڻ پٽ مان مشرق کان جيڪو رستو يورپ ۾ ويندو هو، ان رستي جاوا، چين ۽ هندوستان جو جيڪو مال يورپ ويندو هو، ان جو رستو ترڪن بند ڪري ڇڏيو. يورپ جا وڏا وڏا شهر، جيڪي واپار جا شهر هئا. انهن مان اٽليءَ جي شهر ۾ هڪ نئون نظام شروع ٿيو، جنهن کي پاڻ سرمائيداري چئون ٿا، جنهن ۾ جاگيردارن جي مقابلي ۾ واپارين جاگيردارن سان وڙهي وڙهي پنهنجا نيم خودمختيار شهر قائم ڪيا. انهن جو رستو قسطنطنيه کان هو، جيڪو ترڪن 1458ع ۾ بند ڪري ڇڏيو. نئين رستي کي ڳولڻ لاءِ Age of Discoveries شروع ٿيون. انهيءَ صدي 1496ع ۾ ڪولمبس آمريڪا ڳولي لڌو. 1498ع ۾ واسڪو ڊيگاما هندوستان جي طرف آيو. ان کان پوءِ سمنڊ جي رستي مغرب جو سرمائيداري نظام، مغرب جو واپاري نظام اوڀر ۾ ڦهليو. چين تي قبضو ٿيو، جاپان تائين پهتا، يعني سامراج جو سڀني کنڊن تي ڇانئجڻ جو دور شروع ٿيو. ان کان ترت پوءِ جيڪي نوان خيال سامهون آيا، 1522ع يعني سورهين صديءَ ۾ مارٽرن لوٿر چرچ جي مٿان ٿيسس لکيو ۽ چيو ته پوپ صحيح ناهي. پوپ جي جيڪا يورپ ۾ روحاني آمريت هئي، تنهن کي چئلينج ڪيو ويو. ان کان پوءِ ٻي Counter Reformation شروع ٿي، يعني روحاني آمريت جي طرفان جوابي حملو ٿيو. سورهين صدي جي پڇاڙي تائين، يعني لطيف جي ڄمڻ واري دؤر تائين، خوني جنگيون ٿيون، اها سڄي صدي هڪٻئي سان وڙهڻ، مقابلا ڪرڻ جي صدي رهي آهي. ان جو خاتمو Treaty of West Falliea يعني هڪٻئي کي برداشت ڪرڻ جي ڳالهه ٿي جنهن ۾ ڪيٿولڪ ۽ پروٽيسٽن جي وچ ۾ ٺاهه ٿيو. اهو وقت يورپ ۾ اٿل پٿل ۽ نون خيالن جو دور هو، نين سائنسن جو دور هو. ان کان اڳ ۾ تيرهين صديءَ ۾ Renaissance شروع ٿي چڪي هئي. ان دور جا ٻه باني بڪيشو ۽ پيٽرياٽ هئا، جن نئين جاڳرتا شروع ڪئي، جنهن کي نئين جاڳرتا جو دور چيو وڃي ٿو

شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ هڪ اهم سماجي قدر سَچُ ـــ ڊاڪٽر احسان دانش (Dr. Ahsan Danish)



ڊاڪٽر احسان دانش



شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ هڪ اهم سماجي قدر 

سَچُ


سَچُ هونءَ ته انساني گڻ ۽ صفت آهي پر ان کي هڪ اعلى سماجي ۽ اخلاقي قدر پڻ ڄاتو وڃي ٿو. جيڪي سماج سچ جو ساٿ ڏيندا آهن، اهي دنيا ۾ اتم مقام ماڻيندا آهن. سچ ۽ سچائيءَ جو رستو ڏکيو ضرور آهي پر دائميت به انهيءَ رستي کي آهي. دنيا جا وڏا ڏاها، فلسفي، دانشور ۽ صوفي انهيءَ رستي تي ثابت قدمي سان هليا ۽ پنهنجي سرن جو نذرانو ڏيڻ کان به نه ڪيٻايو. تاريخ ۾ سقراط، عيسى عه، امام حسين عه، منصور، سرمد، شاهه عنايت، مخدوم بلاول ۽ ٻين ڪيترن ئي عظيم انسانن جا نالا ملن ٿا، جن سچ خاطر پنهنجا سر فدا ڪري ڇڏيا. سچ جي راهه مشڪل به ان ڪري ئي آهي جو اها قرباني گھري ٿي. اهي جوڌا ۽ جونجھار، جوان ۽ جان نثار جيڪي سچ جي رند تي پنڌ ڪندا آهن اهي ڪنهن به دک ۽ تڪليف کان نه ڪيٻائيندا آهن ۽ سچ جي مچ مٿان پتنگن جيان پنهنجا سر گھوري ڇڏيندا آهن.

پتنگن پههُ ڪيو، مڙيا مٿي مچ،
پسي لـهس نـه لُچيا، سڙيا مٿي سچ،
سندا  ڳچين  ڳچ،  ويچارن  وڃائيا. (سُر يمن ڪلياڻ، د 3)

Sunday 13 November 2016

شاهه لطيف جي ڪلام تي پنجابي شاعريءَ جا اثر ـــ ڊاڪٽر احسان دانش (Dr. Ahsan Danish)

ڊاڪٽر احسان دانش


شاهه لطيف جي ڪلام تي پنجابي شاعريءَ جا اثر


شاهه سائين جي شاعريءَ جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته سندس ڪلام تي عربي، فارسي ۽ هندي کان سواءِ ڏيهي ٻولين مان پنجابيءَ جو گھرو اثر آهي. هن مضمون ۾ اسان شاهه جي انهن پنجابي متقدمين جو ذڪر ڪندا سين جن جو سندس ڪلام تي چٽو اثر آهي. ڪتاب ”شاهه عبداللطيف ۽ پاڪستاني ٻولين جا صوفي شاعر“ جي ليکڪن ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو ۽ طارق عزيز شيخ لکيو آهي ته رگ ويد ۾ ’سپت سنڌو‘ جي حوالي سان جن ستن درياهن جو ذڪر ملي ٿو، انهن مان پنجن درياهن (چناب، جهلم، راوي، ستلج ۽ بياس) جي سرزمين کي پنجاب جو نالو ڏنل آهي. جنهن جو پنهنجو ڪلچر ۽ پنهنجي ٻولي آهي. سنڌو درياهه جو تسلسل هئڻ ڪري پنجابي ڪلچر ۽ ٻوليءَ جو سنڌي ڪلچر ۽ سنڌي ٻوليءَ سان پراڻو تعلق آهي، اهو ئي سبب آهي جو هتان جي قومي ڪلاسيڪي شاعرن جي ڪلامن ۾ حيرت انگيز هڪ جهڙائي ملي ٿي.“ (1) پنجاب جيتوڻيڪ هن وقت پاڪستان جو هڪ صوبو آهي پر ان حقيقت کان به منهن موڙڻ ممڪن ئي نه آهي ته پنجاب قديم سنڌ جو حصو رهيو آهي. تاريخ جا در کولڻ سان ان جا ڪيئي ثبوت ملندا. سنڌ ڌارين جي حملن ۽ سياسي اثرن سبب صدين کان سڪڙجندي رهي آهي، ورنه قديم سنڌ جون جاگرافيائي حدون ملتان کان ڪشمير تائين پکڙيل ڏسبيون. ان طرح پنجاب قديم سنڌ جي ڀاڪر ۾ نظر ايندو. جڏهن اسين ڀٽائي جي سماجي فڪر واري شاعريءَ توڙي سندس شاعريءَ جي مجموعي فلسفي تي ڏيهي متقدمين جي اثرن جي ڳالهه ڪريون ٿا ته پنجاب کي به سنڌ ڏيهه جو حصو سمجھندي هي مطالعو پيش ڪيو پيو وڃي. هونءَ به ساڳين جاگرافيائي حدن ۾ رهندي مختلف ٻولين ۽ ٻولين جي شاعرن جا هڪ ٻئي تي اثرَ پوڻ هڪ فطري لقاءُ آهن. شاهه لطيف کي نه رڳو پنهنجي دور جي اهم پرڏيهي ٻولين جي اهم شاعرن جي ڪلام جو ادراڪ هو پر پنهنجي آس پاس وارين پاڙيسري ٻولين جي شاعرن کي پڻ غور سان پڙهيو هيو ۽ سندن ڪلام منجھان ڪي خاص نڪتا ڳولي پنهنجي شاعراڻي اظهار ۾ اهڙي نموني پيوست ڪيا جو فڪري هم خيالي باوجود اهي نڪتا اڄ تائين شاهه جي مخصوص لهجي ۽ ماحول سبب نڪور پيا لڳن.
شاهه لطيف پنجابي ٻوليءَ کان سڌو سنئون متاثر نظر نه ٿو اچي، ڇوته سندس سموري ڪلام ۾ ڪنهن به جاءِ تي ڪا هڪ سٽ به اهڙي ڪانه آهي، جيڪا پنجابي ٻوليءَ ۾ لکيل هجي. البته شاهه جو ڪلام پڙهندي مٿس پنجابي زبان جي شاعرن جو اثر نمايان نظر اچي پيو. خاص طور بابا فريد، گرو نانڪ، شاهه حسين، سلطان باهو ۽ بلهي شاهه پنجابي زبان جا اهڙا شاعر آهن جن کان اسان جو سهڻو شاهه ڪافي متاثر ٿو ڏسجي. شاهه سائين انهن شاعرن جا ٻن حوالن سان اثر قبول ڪيا آهن. پهريون بنيادي فڪري نڪتي جي حوالي سان. يعني ساڳئي نڪتي يا خيال کي ڌار ماحول ۽ تشبيهن سان بيان ڪرڻ ۽ ٻيو فڪري نڪتي ۽ بيان جي هڪ جهڙائي جي حوالي سان. جنهن ۾ شاعريءَ جو سماجي فڪر پڻ شامل آهي. هيٺ پنجابي شاعرن سان ڀٽائي جي شاعريءَ جو تقابلي مطالعو پيش ڪندي اهي ٻئي حوالا ڏنا ويندا.

Saturday 12 November 2016

شاهه لطيف تي هڪ نئين نظر ــــ راز شر Raz Shar



راز شر
شاهه لطيف تي هڪ نئين نظر




ريني ڊيڪارٽ جو قول آهي ته مان سوچيان ٿو، ان ڪري مان آهيان، ماڻهوءَ جي وجود ۽ عزم کي سندس سوچ ئي ڌار ڪري ٿي. انسان کي سندس سوچ ئي ان جي منصب لاءِ مجبور ڪيو ته انسان اشرف المخلوقات سڏائي. اشرف المخلوقات مان مراد مڙني تخليقن کان اعليٰ ۽ اُتم. اهو به ان ڪري جو انسان نه رڳو سوچي ٿو پر ڳالهائي به ٿو، ان ڪري هُن اهو منصب پنهنجي لاءِ چونڊي ورتو. نه ته انسان پنهنجي عادتن، خصلتن ۾ جانور کان به هيٺئين درجي وارو مقام رکي ٿو. توهان ڪڏهن جانور کي ٽوٿ برش ڪندي نه ڏٺو هوندو، پر پوءِ به ان مان ڌپ نه ايندي آهي، پر انسان جيڪڏهن ٻه ڏينهن ڏندڻ نه ڏئي ته ان جي ڀرسان بيهڻ به ممڪن نه هوندو آهي.
انسان بنيادي طور تي اشرف المخلوقات ناهي پر اها ان جي منزل آهي يا جيڪو هن خدا جي بابت سوچي رکيو اها ئي مخلوقي اشرافيت يا مٿانهون درجو آهي، جنهن کي هو پنهنجي لاءِ ڪنسيڊر ڪري ٿو.
اسان جي صوفين مخلوقيت جي ان شرافيت کي حاصل ڪرڻ لاءِ جيڪا تبليغ ڪئي آهي اُها ئي هن خطي جي فڪر جو حاصل مطلب آهي، پر عجب اهو آهي ته هتان جي صوفين جي ان تبليغ کي ڪن اسلامي رنگ ڏنو ته ڪن وري هندو مت جي چادر ۾ ويڙهڻ جي ڪوشش ڪئي. اها مذهبي ٺيڪيدارن جي هٿ ٺوڪي ۽ شعوري ڪوشش هئي. هاڻي ته اهڙن بزرگن جا پونير انهن کي فرقي پرستي يعني شيعي ۽ سنيءَ جي سنگھرن ۾ ٻڌي ويٺا آهن. اسان جا صوفي ته الله کي به اورتي ڇڏي پرانهين پنڌ پيا آهن. بقول صديق فقير جي ته:
الله ڇڏيائون اورتي، پرانهين پنڌ پيا،
بنا نالي سپرين، اڃا ڪي ٻيا،
واڪيندا ويا، صادق ٻڌي سندرا

شاھ سائين جي ڪلام ۾ تشبيهن جو ڪمال ـــ ڊاڪٽربشير احمد شاد (Dr. Bashir Ahmed Shad)



ڊاڪٽربشير احمد شاد
شاھ سائين جي ڪلام ۾ تشبيهن جو ڪمال

تشبيھ مان مراد آهي هڪ شيءِ جي ٻي شيءِ سان سندس گڻن ۽ اوگڻن ۾ هڪ جهڙائي ڏيکارڻ. پوءِ اهي گڻ يا اَوگڻ ڪهڙي به نوعيت جا هجن. مثلاً قد بت، شڪل شباهت، رنگ ڍنگ، عادات اطوار وغيره وغيره. سولن لفظن ۾ ٻن اسمن جي هڪ ٻئي سان ڀيٽ ڪرڻ کي تشبيھ چئبو. ڪنهن به سڌريل ۽ ادبي ٻوليءَ ۾ تشبيھ جو استعمال عام هوندو آهي. کڻي چئجي ته تشبيهون ادبي ٻوليءَ جي جان هونديون آهن.
پنهنجو مطلب ۽ مفهوم سمجھائڻ لاءِ به تشبيهن جو سهارو وٺڻ ضروري هوندو آهي. اسان جي سنڌي زبان تشبيهن جي دولت سان مالا مال آهي.لطيف سائين جي رسالي جو مطالعو ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته ان جا سمورا سُرَ تشبيهن سان ٽمٽار آهن. تشبيهون به اهڙيون ته موزن مناسب ۽ موقعي مهل توڙي مفهوم جي لحاظ کان آنديون ويون آهن جو پڙهندڙ حيران ٿي وڃي ٿو ۽ لطيف سائين جي مشاهدي کي داد ڏيڻ کان سواءِ رهي نه ٿو سگھي. هتي رسالي جي ڪجھ سُرن مان خوبصورت تشبيهن جا مثال پيش ڪجن ٿا. جنهن مان لاکيڻي لطيف جي فن، فڪر ۽ مشاهدي جو بخوبي اندازو لڳائي سگھجي ٿو. سُر يمن ڪلياڻ جو هڪ بيت آهي.
ڪاتب لکن جيئن، لايو لام الف سين
اسان سڄڻ تيئن، رهيو آهي روح ۾
لام (ل) کي الف (ا) سان ملائڻ جون ٻه صورتون آهن. هڪ ’لا‘ ۽ ٻي ’لا‘. لطيف سائين لام کي الف سان ملائڻ جي ڳالھ ٿو ڪري. هتي پهرين شڪل ۾ لام ۽ الف ڌار بيٺا آهن. يا انهن کي ڌار ڪري سگھجي ٿو. جڏهن ته ٻي شڪل ۾ لام ۽ الف اهڙي صورت اختيار ڪئي آهي جو انهن کي هڪ ٻئي کان ڌار ڪري ئي نه ٿو سگھجي. جي انهن کي ڌار ڪبو ته انهن جي شڪل ئي بگڙي ويندي. لاکيڻي لطيف محبوب جي عاشق جي روح ۾ رچي وڃڻ واري تشبيھ ان ڪاتب جي لام الف واري ڳانڍاپي سان ڏني آهي. جنهن مان سندس فڪر جي بلنديءَ جو پتو پوي ٿو.

ڀٽائيءَ جي محبت جا معيار ـــ سرور نواز ٻگهيو (Sarwar Nawaz Bughio)



سرور نواز ٻگهيو
ڀٽائيءَ جي محبت جا معيار


ڀٽائي دنيا جي شاعرن ۾ نرالي حيثيت جو مالڪ آهي، جنهن جي شاعريءَ ۾ نه رڳو فڪري گهرائي آهي پر الهام، مُتشابهه- شعر، انسانيت، ٻولي جي سونهن، موسيقي، ثقافت، تاريخ، تهذيب، تمدن، عاجزي ۽ بُلند پايي جو ڪردار به موجود آهي. ڀٽ ڌڻي، دنيا جي شاعرن ۾ الڳ ٿلڳ مقام جو مالڪ آهي. جڏهن سندس شاعري پڙهجي ٿي ته ماڻهو ڪنهن ٻي دنيا ۾ هليو وڃي ٿو، جيڪا آهي سندس تخليق ۽ فڪري اُڏام جي دنيا ۾.
سُر کنڀات جو تعارف لکندي، ڊاڪٽر گربخشاڻي لطيف سائينءَ جي ترتيب ڏنل رسالي۾ لکن ٿا ته ”کنڀات هڪ شهر جو نالو آهي جو گُجرات جي اُلهندي طرف کنڀات جي نار جي مُهڙ تي بيٺل آهي. کنڀات ڪنهن سمي، هڪ مشهور وسيل بندر هوندو هو ۽ ديسان ديس سندس واپار هلندو هو. عرب واپاري به هن بندر ۾ گهڻي تعداد ۾ ايندا هئا. هن سُر کي کنڀات انهيءَ ڪري سڏين ٿا جو اصل اُتي جي ڪنهن نامياري گويئي جو رچيل آهي. هن سُر کي سُر ڪماچ به ڪري چوندا آهن ۽ رات جو ڏهين بجي ڌاري ڳائبو آهي. سندس ڳائڻ سان من ۾ ڌيرج ۽ ڳنڀيرتا اُتپن ٿيندي آهي. مضمون جي بيهڪ ۽ عبارت مان معلوم ٿئي ٿو ته هي سر شاهه صاحب جي جوانيءَ جي وقت جو چيل آهي ان ڪري ئي هن سُر جو مضمون تازو ۽ دلڪش آهي.“ سُر کنڀات جي شروعات ئي لطيف سائينءَ پرين جي تعريف ۽ واکاڻ سان ڪئي آهي فرمائين ٿا:
ڀلائي جا ڀير، پيشانيءَ ۾ پرين جي
اڱڻ اُڪنڍين جي، ڏي پاٻوهي پير،
قمر پاڙي ڪير، شمس سُپرين سين.

ڀٽائي، احساساتي سگهه جو ڪِيٽس کان به وڏو شاعر ــــ شبنم گل (Shabnam Gul)



شبنم گل

ڀٽائي، احساساتي سگهه جو ڪِيٽس کان به وڏو شاعر



جڏهن شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعري انگريز شاعرن جي شاعري سان ڀيٽيون ٿا ته شاهه سائين موضوع، گهرائي، ٻوليءَ جي نج پڻي ۽ صوفياڻي مزاج ۾ کانئن گهڻو مٿاهون نظر اچي ٿو. شاهه سائين احساساتي شاعر آهي، سندس شاعري ۾ منظر، آواز، فطرت جي موسيقي ۽ راڳ جي سونهن محسوس ٿئي ٿي. لفظن پڙهڻ سان ذهن ۾ ان منظر جي تصوير اچي وڃي ٿي. حسياتي شاعريءَ ۾ ادراڪي ڪيفيت نمايان طور ملي ٿي. انگريزي جي رومانوي شاعرن ۾ جان ڪيٽس اهو منفرد شاعر آهي، جنهن کي حسياتي شاعر سڏيو وڃي ٿو. هو احساس وسيلي زندگي، فطرت ۽ ڪائنات جي چرپر گهرائيءَ سان محسوس ڪري ٿو. ڪيٽس 1795ع ۾ انگلينڊ ۾ پيدا ٿيو، سندس والدين ننڍپڻ ۾ فوت ٿي ويا هئا. ان احساس محرومي جو اثر هن جي شخصيت تي سڄي ڄمار رهيو. ڪيٽس ٻن ڀائرن جارج ۽ ٽام جي گهڻو ويجهو هو. سندس لکيل نظمن Ode on Grecian Urn, Ode to Autumn  ۽ Ode to Nightingale تمام گهڻي شهرت ماڻي. سندس شاعريءَ جو عرصو محض پنجن سالن تائين محدود رهيو. ڀاءُ ٽام جي موت ۽ محبوبه فيني بران سان ناڪام عشق جي ڏک ڪيٽس جي شاعري لازوال بڻائي ڇڏي. کيس نوجواني ۾ تپ دق جي بيماري وڪوڙي ويئي. ڪيٽس جنهن طريقي سان غم سان رومانس ڪري ٿو، ان جو ذڪر ٻئي انگريزي شاعر وٽ نه ٿو ملي. توڙي جو هن جي همعصرن ورڊز وَرٿ، شيلي، بائرن، ڪولرج، رابرٽ برائوننگ ۽ ٽيني سَن خوبصورت نظم تخليق ڪيا آهن، پر ڪِيٽس واري تڙپ ۽ درد جي گهرائي ٻئي ڪنهن شاعر وٽ نه ٿي ملي.
Ode to Nightingale ۾ هو چوي ٿو ته:
My heart aches, and a drowsy numbness pains my sense,
As though of hemlock I had drunk
Or emptied some dull opiate to the drains,
One minute past, and Lethe–wards had sunk.

لطيف سائين جي فلسفي کي ڪيئن سمجھجي؟ ـــ غلام رسول چانڊيو



غلام رسول چانڊيو
لطيف سائين جي فلسفي کي ڪيئن سمجھجي؟

حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو سمورو ڪلام سون آھي. جنھن ۾ ڪائنات جي سمورين حسناڪين سميت انساني سماج جي اھڙي ته خوبصورت اڏاوت ٿيل آھي جو جيڪڏھن ان تي عمل ڪجي ته ھوند ھيءَ دنيا حسين بڻجي پوي. پر بدقسمتيءَ سان اسان لطيف سائينءَ کي ”ڏکيو“ چئي، جڏھن پڙھڻ کان ئي پري آھيون ته پوءِ لطيف سائينءَ کي سمجھڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ ته ماڳھين ڏکي ڳالھ ٿي وئي. اھڙيءَ صورتحال جو نتيجو اھو نڪتو آھي جو اڄ اسان جنھن سماجي حالت تي بيٺل آھيون، اھا انتھائي شعوري ڏڪار جو شڪار آھي ۽ ظاھر آھي ته جنھن سماج ۾ شعور جو ڏڪار ھجي ته پوءِ ان سماج جا ٻيا پاسا به ابتريءَ جو ڏيک ڏيندا ۽ اھو سچ آھي ته اسان پنھنجي جُملي معنائن ۾ تنزليءَ طرف وڌي رھيا آھيون.
لطيف سائين تي جيترو به ڪم ٿيو آھي، اھو مختلف ڌارائن ۾ ٿيو آھي. ظاھر آھي اھڙي صورتحال ۾ ڀٽائي صاحب جو اصل سچ سامھون نه اچي سگھيو آھي ۽ ھر ڪنھن لطيف سائين کي پنھنجي تناظر ۾ ڏٺو آھي يا وري پنھنجون تاويلون ۽ معنائون ڏئي محدود ڪرڻ يا ڪنھن خاص ڌارا ۾ رکڻ جي ڪوشش ڪئي آھي، نتيجي ۾ لطيف سائين جو پنھنجو اصل سچ ماڻھن تائين نه پھچڻ جي ڪري، ڀٽائي صاحب عقيدن تائين محدود رھجي ويو آھي ۽ ھر ڪنھن ان کي پنھنجي مقصد لاءِ پئي استعمال ڪيو آھي جو اسان وٽ تحقيق جا جديد رجحان اڃان پيدا نه ٿي سگھيا آھن ۽ ٻيو ته سماجي سائنس جي علمن ۾ اسان تحقيق جي سلسلي ۾ غيرجانبدار ٿيڻ ۾ ناڪام ويا آھيون، جنھن جو لازمي نتيجو اھو ئي نڪرڻو آھي جو لطيف سائين يا ته اسان وٽ انقلابي اڳواڻ آھي يا وري ڪنھن خاص مذھبي ڌارا جو ترجمان شاعر بڻيل آھي ۽ ان صورت ۾ اسان جي سماج تمام گھڻو نه رڳي ڀوڳيو آھي، پر لطيف سائين جي سلسلي ۾ گھڻن مونجھارن جو شڪار ھوندي، ماڳھين ڀٽائي کان پري ٿيندو ٿو وڃي، نتيجي ۾ سماجي سطح تي اسان ھڪ خوفناڪ شعوري ڏڪار جي ور چڙھي ويا آھيون.