رسول بخش پليجو
شاهه لطيفَ جا
فڪري پهلو ۽ انساني ڄاڻ جا سرچشما
شاهه لطيف 1689ع ۾
ڄائو هو ۽ 1752ع ۾ وفات ڪيائين. شاهه لطيف جي دؤر کي سمجهڻ لاءِ هڪ حد تائين ان جي
تاريخي ۽ ادبي پس منظر کي سمجهڻ لازمي آهي. سياسي طرح هي دور هڪڙو فيصلي ڪن دور هو.
برصغير
جي تاريخ ۾ توڙي ايشيا ۽ يورپ جي تاريخ ۾ ۽ عالمي سطح تي، هڪڙي دور جي خاتمي جو
نڪتو ۽ ٻئي دور جي آغاز جو نڪتو هو. سنڌ ۾ ڪلهوڙا دور جي شروعات ٿي چڪي هئي.
هندوستان ۾، جڏهن شاهه لطيف ڄائو هو، تڏهن اورنگزيب دکن روانو ٿي چڪو هو.
ماورالنحر ۽ افغانستاني بغاوتن کي ڪچلڻ لاءِ هن کي موڪليو ويو هو. اتان ٿي واپس
آيو. انهيءَ سال هن اچي شيواجي جي پٽ سنڀارجي تي حملو ڪيو هو ۽ ان کي قتل ڪيو
هئائين. مغل دور هندوستان مان موڪلائي ويو ۽ جيئن جيئن لطيف سائين جي جوانيءَ ۾
نادر شاهه 1739ع ۾ دهليءَ تي حملو ڪيو ۽ مغل شهنشاهه کي ڪاپاري ڌڪ هڻي ختم ڪيائين.
لطيف سائين جي وفات کان جلدي پوءِ 1765ع ۾ احمد شاهه ابدالي مغلن مرهٽن کي نيست ۽
نابود ڪري، انگريزن جي واپارين لاءِ هندوستان جو رستو کوليو. اهو دور هندوستان ۾
ترڪ ۽ مغل سلطنت جي خاتمي جو دور هو، مغلن جي زوال جو دور هو، افراتفريءَ جو دور
هو. ٻئي پاسي يورپ ۾ Age of Enlightment جو دور
هلندڙ هو. ان کان اڳ ۾ Reformation ۽ Counter Reformation هئي،
مذهبي سڌارن جو دور هو. تنهن کان اڳ ۾ ايجادن جو دور Age of Discoveries هو.
1458ع ۾ ترڪن قسطنطنيه تي قبضو ڪيو. تنهنڪري گوبي جي رڻ پٽ مان مشرق کان جيڪو رستو
يورپ ۾ ويندو هو، ان رستي جاوا، چين ۽ هندوستان جو جيڪو مال يورپ ويندو هو، ان جو
رستو ترڪن بند ڪري ڇڏيو. يورپ جا وڏا وڏا شهر، جيڪي واپار جا شهر هئا. انهن مان
اٽليءَ جي شهر ۾ هڪ نئون نظام شروع ٿيو، جنهن کي پاڻ سرمائيداري چئون ٿا، جنهن ۾
جاگيردارن جي مقابلي ۾ واپارين جاگيردارن سان وڙهي وڙهي پنهنجا نيم خودمختيار شهر
قائم ڪيا. انهن جو رستو قسطنطنيه کان هو، جيڪو ترڪن 1458ع ۾ بند ڪري ڇڏيو. نئين
رستي کي ڳولڻ لاءِ Age of Discoveries شروع
ٿيون. انهيءَ صدي 1496ع ۾ ڪولمبس آمريڪا ڳولي لڌو. 1498ع ۾ واسڪو ڊيگاما هندوستان
جي طرف آيو. ان کان پوءِ سمنڊ جي رستي مغرب جو سرمائيداري نظام، مغرب جو واپاري
نظام اوڀر ۾ ڦهليو. چين تي قبضو ٿيو، جاپان تائين پهتا، يعني سامراج جو سڀني کنڊن
تي ڇانئجڻ جو دور شروع ٿيو. ان کان ترت پوءِ جيڪي نوان خيال سامهون آيا، 1522ع
يعني سورهين صديءَ ۾ مارٽرن لوٿر چرچ جي مٿان ٿيسس لکيو ۽ چيو ته پوپ صحيح ناهي.
پوپ جي جيڪا يورپ ۾ روحاني آمريت هئي، تنهن کي چئلينج ڪيو ويو. ان کان پوءِ ٻي
Counter Reformation شروع ٿي، يعني روحاني آمريت جي طرفان جوابي حملو ٿيو.
سورهين صدي جي پڇاڙي تائين، يعني لطيف جي ڄمڻ واري دؤر تائين، خوني جنگيون ٿيون،
اها سڄي صدي هڪٻئي سان وڙهڻ، مقابلا ڪرڻ جي صدي رهي آهي. ان جو خاتمو
Treaty of West Falliea يعني هڪٻئي کي برداشت ڪرڻ جي ڳالهه ٿي جنهن ۾
ڪيٿولڪ ۽ پروٽيسٽن جي وچ ۾ ٺاهه ٿيو. اهو وقت يورپ ۾ اٿل پٿل ۽ نون خيالن جو دور
هو، نين سائنسن جو دور هو. ان کان اڳ ۾ تيرهين صديءَ ۾ Renaissance شروع ٿي چڪي هئي. ان
دور جا ٻه باني بڪيشو ۽ پيٽرياٽ هئا، جن نئين جاڳرتا شروع ڪئي، جنهن کي نئين
جاڳرتا جو دور چيو وڃي ٿو.
اديبن ۽ مفڪرن جو
خيال هو ته يورپ جي اصل ڄاڻ، سمجهه ۽ زندگي عيسائي مذهب جي اچڻ کان پوءِ صدين جون
صديون جيڪو Age of Darkness (اونداهون دور) رهيو، ان کان پوءِ شروع ٿي. ان کان اڳ
۾ حضرت عيسى جي ڄمڻ کان اٺ سئو سال اڳ پاڻ کي هومر ملي ٿو. هومر کان پوءِ يوناني
حڪومتن جو دور شروع ٿئي ٿو، جنهن ۾ يوناني سائنس آهي، جنهن ۾ سڪرات آهي، ارسطو
آهي، ٿيوسي ڊائيس آهي، اديب، شاعر، فصيح بيان مقرر، جنرل ۽ سياستدان اهو يونان جو
شاندار دؤر آهي. تنهن کان پوءِ روم جو دور رهيو. روم جي انجنيئرنگ، روم جا
روڊ، روم جا رستا ۽ Roman Law، يورپ جي سٺن ماڻهن جو خيال هو ته يورپ جو
اصل ورثو يونان ۽ روم هئا، عيسائين جي اچڻ ڪري اهو ورثو مري ويو، دفن ٿي ويو. ان
کان پوءِ ٻن ماڻهن پيٽرياٽ ۽ بڪيشو جي اڳواڻيءَ هيٺ علم، ادب ۽ افساني جي هڪ نئين
دور جو آغاز ٿيو. راڳ ۾، پينٽنگ ۾ ۽ موسيقيءَ ۾ نئين سياست ۾، نين روين ۾ نون
آدرشن ۾ نئين سجاڳي جو ادراڪ ٿيو. Universal Man (عالمگير انسان) جو
تصور پيدا ٿيو. ماڻهن ۾ نوان خيال ۽ تصور پيدا ٿيا. ماڻهن ۾ سماج جي باري ۾،
آسمانن جي باري ۾ جيڪي پراڻا تصور هئا، اهي بدلجي ويا. نئين سجاڳي جا مختلف تهه
آهن، مختلف پرت آهن. انهن ۾ پهريون Humanism (انسان دوستي) جو دور
آيو، يعني آسمان تي سوچڻ جي بدران انسان بابت سوچڻ، يعني انسان جو چهرو ڪهڙو آهي،
انسان جي صورت ڪهڙي آهي، انسان جي Body (جسم) ڪيئن آهي،
انسان جو جسم ڪيئن ٺهيل آهي. ادب جو، شاعريءَ جو، فن جو نئين سري سان جائزو ورتو
ويو. انهن تي يورپ ۾ تحريڪون هلڻ شروع ٿيون. ان جو نقطهء عروج ترڪن جي قسطنطنيه تي
قبضي کان پوءِ کوجنائون شروع ٿيون ۽ سامراج به پيدا ٿيو، ڪالونيون به پيدا ٿيون،
ملڪن تي قبضا ٿيڻ شروع ٿيا.
سترهين صدي اهڙي هئي
جيڪا رچي راس ٿي، انگلينڊ ۾ انقلاب آيو، اتي مئگناڪارٽا، Bill of Rights،
جمهوريت جو دور شروع ٿيو. شيڪسپيئر اچي چڪو هو. لطيف کان اڳ ۾ نيوٽن سائنس تي ڪم ڪري
چڪو هو، يورپ سماجي طور ڦوهه جواني ۾ پير پائي اچي چڪو هو. سترهين صديءَ جي آخر ۾،
جڏهن لطيف جي عمر يارهن سال هئي، تڏهن يورپ پنهنجي ترقي جي بلند ترين چوٽين طرف
روانو ٿي چڪو هو ۽ اوڀر ايشيا ۾ زوال شروع ٿي چڪو هو.
پاڻ اها ڳالهه ڪندا
هلون ته 500 صدي عيسويءَ کان وٺي تقريباً 1500سالن تائين ايشيا يورپ تي حاوي هو.
1458ع جي قريب قريب ايشيا جي يورپ مٿان
برتري ختم ٿي، ايشيا جي برتري جو آغاز ايران جي سلطنت جو قائم ٿيڻ ماورالنحر کان
وٺي پئسفڪ سمنڊ تائين پهچڻ، اسپين ۽ مالٽا جي علائقن تي قابض هجڻ، ايراني شهنشاهيت
جو آفريقا ۾ ڦهلجڻ، مصر تي قابض هجڻ، مالٽا، يونان، ترڪي، اهي سڀ علائقا ايراني
شهنشاهيت جي ماتحت هئا. پندرهين صديءَ تائين صليبي لڙايون هليون. ان دور ۾ اوڀر
طاقتور هو، ان وٽ پئسا هئا، ان وٽ دولت هئي، ان وٽ نظام هو، ان وٽ جنگي قوتون
هيون. ان وقت ۾ شام جي هڪ حڪومت صلاح الدين ايوبيءَ جي اڳواڻي هيٺ يورپ کي شڪست
ڏني. هڪڙي پاسي فرانس هو، انگلينڊ هو، سڄو يورپ هو، ٻئي پاسي صلاح الدين ايوبي،
جيڪو سيڪنڊ ڪلاس جو جنرل هو. هو نيپولين ۽ سڪندرِ اعظم جهڙو ڪونه هو، تيمورلنگ
جهڙو ڪونه هو، فوجي نقطهء نگاهه کان جنرل نه هو، منتظم هو، يگانو ماڻهو هو. ان دور
۾ اقتصادي صورتحال هيءَ هئي ته سنڌ ۽ هندوستان جو ڪپڙو سٺو هو، يورپ ۾ مقبول هو ان
ڪپڙي تي انگلينڊ بندش وجهي ڇڏي، ڇاڪاڻ ته اهو ڪپڙو انگلينڊ ۽ يورپ ۾ تمام گهڻو
مقبول هو. جڏهن ته انگلينڊ ۾ مانچيسٽر جي ڪارخانن ۾ کهرو ۽ گهٽ درجي جو ڪپڙو ٺهندو
هو، جنهن کي انگلينڊ جي ماڻهن نٿي ورتو، تنهن ڪري لطيف سائينءَ جي عمر ۾ سنڌ ۽ هند
جي ڪپڙي جي ڪوٽا تي انگلينڊ وارن بندش وجهي ڇڏي. ڇاڪاڻ جو انگلينڊ جا ڪارخانا بند
ٿي ويندا. يورپ اقتصادي طرح مس نئون اڀريو پئي. اسان جي اتر پاسي ۾ روس ۾ پيٽر
اعظم جي اڳواڻيءَ هيٺ روس نئين سر اڀريو. منگولن جي تباهين کان پوءِ، سوئيڊن جي
تباهين کان پوءِ يورپ ۾ نئون دؤر شروع ٿيو ۽ ان جو پهريون پهريون شاعر شيلي هو،
پشڪن بعد ۾ آيو. پهرين پهرين ابتدائي قسم جي شاعري ٿي ۽ يورپ ۾ هڪڙو تمام
وڏو ماڻهو پيدا ٿيو، جيڪو سائنسدان به هو، شاعر به هو، اهلِ قلم به هو، پر اهو
هڪڙو شروعاتي دور هو. توهان ڏسندؤ ته انهن ۾ اهي خيال نه هئا، جنهن جي پاڻ ڳالهه
ڪنداسين.
نائين صدي عيسويءَ ۾
هندوستان جي ڀڳتي تحريڪ جو پيشوا شنڪر آچاريه پيدا ٿيو. هي اهو دور آهي، جيڪو
مشرقِ وسطى ۾ مشهور ۽ معروف خليفي هارون رشيد ۽ مامون رشيد جو دؤر حڪومت آهي.
مسلمان دنيا اندر عقلي تحريڪ شروع ٿي چڪي هئي. هندوستان ۾ ڀڳتي تحريڪ جي نتيجي ۾
وڏا وڏا شاعر ميران ٻائي، تلسيداس پيدا ٿيا. اسين ان دور کي لطيف جي شاعريءَ جا
سرچشما جن ۾ اسين شمار ڪريون ٿا. ان دؤر ۾ سنڌي شاعري سمنگ چارڻ جي ”ڳاهن سان
ڳالهين“ واري شاعريءَ جيڪا شاعري جو هڪ قسم آهي ۽ دودي چنيسر جي ڪاهن جو دور آهي.
اها ابتدائي سنڌي شاعري، جيڪا نهايت خوبصورت آهي، ان کان پوءِ قاضي قاضن، شاهه
ڪريم ۽ ٽيون شاعر شاهه عنايت رضوي جيڪي تمام وڏا شاعر هئا، انهن جا شعر لطيف جي
شعرن جي مقابلي ۾ رکي سگهجن ٿا. انهن جا فڪري بنياد نهايت مضبوط آهن. قاضي قاضن جو
شعر آهي ته:
ڪنز قدوري قافيا، جي
پڙهي پروڙين سڀ،
ته ڪر منڊي ماڪوڙي کوهه
۾، ويٺي ڪڇي اُڀ.
شاهه ڪريم جو شعر
آهي ته:
آيل سهڻو رد، سهڻي ڪا
مَ وسهي،
ستي هُيڙم گڏ، جان
جاڳان تان ناهه پرين.
لطيف سائينءَ جي رسالي
۾ انهن جا ڪيترائي شعر شامل آهن. سمنگ چارڻ کان اڳ ۾ ڀاڳوڀان آهي، جنهن جو شعر آهي
ته:
ارڙهن ڌڪ ڌراڙ جا، لڳا
ننگر مٿي تان،
ته به ٽڪر ٽريو ڪين ڪي،
جبل جو سماءِ،
سان وڙهن جيئن سومرا،
جيئن ڳوڌا ڳاهه ڳهن.
هيءَ تمام اعلى درجي
جي شاعري آهي. پنجاب وٽ داستانن جي روايت آهي، اسان وٽ داستانن جي روايت گهڻي
ڪمزور آهي پر تمام نمايان آهي. حفيظ تيوڻي جي شاعري آهي:
جڏهن سوڍو اٿيو سنڀري،
ڪوپو ساهي ڪر،
موت ڏيارج مون ڌڻي،
آهيان تو آڌر،
هاڻ هڪ جيڏين ۾ تون، پت
رکين پروَر،
مامون ميري تي چڙهيو،
ڪري الله توهر،
ڦوڪو ڏين فراق مان، ڪي
ڪاريهر ڪر،
واٽ وڃڻ جي نه لڀي،
پکڙيون کوڙ کپر،
ممون ڳوهون ڳورپٽ ٻيا
ڀٽون ڀيڻي ڀر،
بر ۾ بلائون بڇڙيون،
ٻيون آفت اجگر.
تمام بي مثال شاعري
آهي. شاهه لطيف اڪيلو شاعر ناهي، اسان جا ٻيا به ڪيترائي شاعر آهن جيڪي پنهنجي سر
شاهه لطيف جي ڀرسان بيهي سگهن ٿا. اهي پنهنجي پنهنجي فن ۾ فنڪار هئا، لطيف سائين
غزلن جو شاعر نه هو، داستانن جو شاعر نه هو، ڳاهن جو شاعر نه هو. هڪڙو شعر جيڪو
خواجه فريد جو آهي ته:
ميڏا يار ڀي تون، ميڏا
دلدار وي تون
هيءَ تمام وڏي تخليق
آهي. برصغير جا ٻه وڏا شاعر، هڪ بلهي شاهه بي مثال، يگانو، روحاني آمريت جو دشمن،
جيڪو جارحانه انداز ۾ ڳالهه ڪندڙ آهي:
جي تون غازي بنڻا، لک
بن تلوار،
پهلي ملان مار ڪي، پڇون
ڪافر مار.
ان قسم جو بي مثال
شاعر، جنهن روحاني آمريت جي خلاف ڳالهه ڪئي آهي. لطيف سائينءَ جو پيش رو شاهه
حسين، جنهن چيو ته:
بريان بريان بريان
پريم ڪٽوري عرشون
اُتري، ڪيون بيتي ڪيون بيتي سجڻا،
سرت دي سئي پريم دا
ڌاگا، اسان گودڙي سيتي،
ڪيون بيتي ڪيون بيتي
سجڻا، ڪيون بيتي ڪيون بيتي سجڻا.
شاهه حسين جو لطيف
جي شاعريءَ تي تمام وڏو اثر آهي. ان کان پوءِ اسان جو تمام وڏو شاعر بابا فريد آهي.
فريدا! مين جاڻيا دک مجهه
ڪو، دک سوائي جڳ،
اُچي چڙهه ڪي ويکيا،
تان گهر گهر ايها آگ.
سنڌي سرائڪي شاعري
جو ميلاپ، يگانو شاعر، وڏو صوفي، وڏو انسان دوست، جيڪو تصوف جو سڀ کان وڏي اڏام جو
پايو رکندڙ آهي، چشتي طريقو، جيڪو سڀ کان وڌيڪ انسان دوستيءَ جي ويجهو اچي ٿو.
1521ع ڌاري ڄام نندي جي زماني ۾ ميران ٻائي ان زماني ۾ ننڍي ڇوڪري هئي، ان جي
شاعري آهي. جيڪا شاعري خاص ڪري اسان کي ويجهو آئي، اها مرهٽي ۽ گجراتي آهي پر شاهه
لطيف کي متاثر ڪندڙ ٻي روايت ايراني شاعريءَ جي آهي. ايراني تصوف واري شاعري، جنهن
جو باني ابو سعيد ابلخير آهي، حافظ ۽ رومي غزل جي شاعري جا وڏا علمبردار آهن، لطيف
سائين ٻنهي کان متاثر هو ۽ فارسيءَ جا ڪيترائي گهاڙيٽا، ڪيترا خيال لطيف سائينءَ
کي ويجها اچن ٿا، انهن کان متاثر ٿيو آهي. انهن جي ٻولي سکيو آهي.
لطيف
ڪبير کان، شاهه حسين کان، سنڌي شاعريءَ کان متاثر ٿيو آهي. ماڻهو سمجهن ٿا ته جيڪي
وڏا شاعر يا وڏا ماڻهو پيدا ٿين ٿا، اهي آسمان مان پيدا ٿين ٿا پر ايئن ناهي.
ماڻهو انهن کي ڊرامائي انداز ۾، بي پاڙي ول وانگر پيش ڪرڻ ۾ وڏو فخر سمجهن ٿا. اهي
معجزن جا پوڄاري آهن. تصوف جو ڏاڪي به ڏاڪي اڳتي وڌڻ ٻين کان متاثر ٿيڻ ۽ تاريخي
بيڪ گرائونڊ کان اچڻ، هڪٻئي کان متاثر ٿيڻ آهي. ڪائنات جو هڪ وڏي ۾ وڏو بنيادي
اصول آهي ته Things are
inter-dependant, inter-connected and inter-penetrating ”شيون، لقاءَ، ماجرائون ۽ ڪيفيتون
هڪٻئي کان متاثر ٿين ٿيون، هڪٻئي کي متاثر ڪن ٿيون، هڪٻئي کي تبديل ڪرڻ ۾ مدد ڪن
ٿيون ۽ هڪٻئي ۾ سمائجن ٿيون.“
جيئن اسلام ۾ ڳالهه
آهي ته حضور جن اوچتو پيغمبر ٿيا ۽ ان کان اڳ ۾ عرب ۾ ڪابه اهڙي شيءِ ڪانه هئي،
حالانڪ اها ڳالهه اڻ ڄاڻائيءَ تي ٻڌل آهي. حضور جن کان اڳ ۾ مشهور حنيف پيدا ٿيا،
جن عرب جي مذهب کان انڪار ڪيو. انهن مان هڪڙو حضرت عمر جو عزيز هو اهو ماڻهو تمام
گهڻو مشهور آهي. ان جي باري ۾ مشهور آهي ته هن ڪعبي ۾ گهڙي چيو ته، ”اي الله! مون
کي خبر ناهي ته آئون تنهنجي ڪيئن عبادت ڪريان، مون کي توسان بي پناهه محبت آهي.
مون کي خبر ناهي ته توسان ملڻ جو ڪهڙو رستو آهي.“ هر شيءِ جو تسلسل آهي. ان کان اڳ
۾ حنيفن جو وڏو تسلسل آهي. اهي پاڻ ۾ هڪڙي غار اندر لڪي ملندا هئا. حضور جن جي
زندگيءَ تي پهريون مستند ڪتاب ابنِ اسحاق جو آهي. ان ۾ اهي ڳالهيون وڏي وضاحت، وڏي
تفصيل سان موجود آهن. ان کان سواءِ ابو طالب جا مشهور قصيدا مشهور آهن، تبليغ جا
وڏا شاهڪار آهن، جيڪي ابنِ حشام ۾ آهن، اهي توهان پڙهندؤ ته توهان کي خبر پوندي ته
ابو طالب ڪيڏي وڏي پائي جو ماڻهو هو. اهڙيءَ طرح لطيف سائينءَ جا جيڪي پيش
رو هئا. انهن کان سکيو، انهن کان متاثر ٿيو، انهن جي اثر هيٺ آيو ۽ انهن کان
Inspire ٿيو.
هڪڙي روايت جيڪا
لطيف سائينءَ ۾ آهي، اها غريب دوستي آهي، غريب نوازي نه. غريب نوازي ۽ غريب
دوستيءَ ۾ فرق آهي. غريبن کي نوازيندڙ مٿين طبقن جا ماڻهو هوندا آهن، جيڪي انهن
سان گڏ ڪونه هوندا آهن، انهن سان هڪ ڪونه ٿيندا آهن، انهن منجهان پاڻ کي ڪونه
سمجهندا آهن. لطيف سائينءَ جي روايت غريب نوازيءَ جي نه آهي، غريب دوستيءَ جي آهي.
غريبن منجهان هجڻ جي آهي. اها روايت هن کي شاهه ڪريم کان ملي. شاهه ڪريم وٽ جڏهن
مهمان ايندا هئا ۽ سندس گهر ۾ ڪجهه ڪونه هوندو هو، پوءِ گڏهه تي چڙهي، ڳوٺن مان
اٽو وٺي، ماڻهن کي ماني کارائيندو هو. اها جيڪا نهٺائي جي، غربت جي، افلاس جي، پٽ
تي ويهڻ جي، غريب ترين ماڻهن سان گڏ ويهڻ جي روايت شاهه لطيف کي پنهنجي ڏاڏي شاهه
ڪريم کان ملي آهي ۽ پاڻ پنهنجي ڏاڏي جي شاعريءَ کان به متاثر هو ۽ ان روايت کي
برقرار رکيائين.
لطيف جي شاعريءَ تي
جڏهن اسين غور ٿا ڪريون ته حسن ۽ عشق جا لافاني داستان ان کان اڳ ۾ هومر جي زماني
کان وٺي آهن. هومر دنيا جو پهريون عظيم ترين شاعر آهي، جيڪو اٺ صديون قبل مسيح اڳ
جو آهي. ان جي شاعريءَ جا داستان يورپ ۾ مشهور آهن. جيئن اسان وٽ سنسڪرت شاعريءَ
جو بنياد پهرين صديءَ ۾ پيو، جيئن اسان وٽ عربيءَ ۾ وڏو شاعر عمر الڪيف آهي، جيڪو
پنجين صديءَ ۾ پيدا ٿيو، جيئن اسان وٽ فارسي شاعري رودڪيءَ جي زماني کان شروع ٿي،
اها تقريباً يارهين صديءَ ۾ شروع ٿئي ٿي. ايئن اسين ڏسون ٿا ته يونان جو ۽ دنيا جو
پهريون شاعر اٺ صديون اڳ پيدا ٿيو، اهو هومر آهي. سڄي دنيا جي شاعريءَ ۾ ڪيترائي
موضوع ساڳيا آهن، مثال طور: محبت جو موضوع ساڳيو آهي، عشق جو موضوع ساڳيو آهي،
سهڻين ڇوڪرين ۽ سهڻن ماڻهن کان سواءِ جانباز جوڌن، سورمن جا موضوع سڀني وٽ آهن.
قدرت جي سونهن جا موضوع بعد ۾ آيا. ان جو ڪوبه مثال سنسڪرت جي شاعريءَ سان مقابلو
نٿو ڪري سگهي. هر شاعريءَ جو پنهنجو پنهنجو مزاج، نفاست، قدرتي سونهن، انساني جذبن
جي باريڪي، اها سنسڪرت شاعريءَ تي ختم آهي. خيالن جو تفڪريت، جنهن ۾ فڪر هجي، اها
يوناني ۽ رومي شاعريءَ ۾ آهي. عقل، سوچ، خيال جي شوخي اسان کي ايراني شاعريءَ ۾
ملندي. جتي حافظ ۽ رومي ڳالهه ڪندا، انهن کي يورپ نه پڄندو. ڪيتريون ئي اهڙيون
ڳالهيون آهن، جن ۾ يونان کي مشرق نه پڄندو، ان جهڙو ٿي نه سگهندو. اها ڳالهه مارڪس
به ڪئي آهي ته يونان ۾ انسان جو ٻالڪپڻي جو جيڪو دور هو، ان زماني ۾ ٻار جيئن
معصوم ٿئي ٿو، سادو ٿئي ٿو، خوبصورت ٿئي ٿو، هڪڙو دلڪش ۽ پيار ڪندڙ ٿئي ٿو، اهڙو
ان دور ۾ يونان آهي، جيئن هر قوم جي شاعريءَ ۾ پنهنجون پنهنجون خصوصيتون ٿين ٿيون
۽ ڪي قدر مشترڪ ٿين ٿا، انهن ۾ محبت، وڇوڙو، پيار، سورهيائي، قرباني آهي. فارسي،
عربي، چيني، جپاني شاعري، جيڪا قديم زماني ۾ ٿي آهي، اها اسان جي سنڌي شاعريءَ جي
ويجهو آهي. ڪلاسيڪل ۽ فوڪ شاعريءَ ۾ جپاني شاعريءَ جو درجو چيني شاعريءَ کان وڌيڪ
آهي. جيتوڻيڪ چيني تمام سولائيزڊ آهن. جپاني شاعريءَ ۾ جيڪا سادگي آهي، جيڪو خلوص
آهي، جيڪا لهس آهي، ان جو مثال ڪونهي. لطيف سائينءَ جي شاعريءَ ۾ اهي سڀ شيون آهن.
ڪلاسيڪل
شاعريءَ کان وٺي فوڪ شاعريءَ کان وٺي، ڳاهن واري شاعريءَ کان وٺي جديد شاعريءَ
تائين، ميٺاج جي خيال کان، فڪر جي خيال کان، شيرين جي خيال کان، بي ساختگيءَ جي
خيال کان، اهي سڀئي شيون لطيف ۾ آهن. اسين جيڪي به هتي ويٺا آهيون، ان کان بخوبي
آشنا آهيون، پر ڪي ڳالهيون لطيف سائينءَ ۾ اهڙيون آهن، جن جو تعلق يونان سان آهي.
يونان جي باري ۾ مارڪس به چيو آهي ته، ”يوناني ماڻهن ڪي ڳالهيون محض قياس ۽ اندازن
جي بنيادن تي اهڙيون چيون، جيڪي صحيح هيون، پر هو انهن کي ثابت نه ڪري سگهيا، انهن
کي ثابت ڪرڻ لاءِ جيڪو سائنسي ثبوت کپي اهو پيش ڪري نه سگهيا، تنهن ڪري هو ثابت نه
ڪري سگهيا. انهن جون ڪيتريون ئي ڳالهيون هزار سالن کان پوءِ ثابت ٿيون.“
انساني تاريخ ۾
ڪيترا ماڻهو وقت کان پوءِ جون ڳالهيون ڪندا آهن. ٻيا ماڻهو ان دور جون ڳالهيون
ڪندا آهن. ڪيترائي ماڻهو پنهنجي وقت کان اڳي جون ڳالهيون ڪندا آهن. ٻيا ماڻهو
پنهنجي دور جون تُز ڳالهيون ڪندا آهن. تمام اهم ڪردار انهن ڳالهين جو آهي جيڪي وقت
کان اڳي ڪيون ويون هجن. ان تي تمام سٺو ڪتاب روسي ليکڪ E.I Parnov جو لکيل آهي. ان
انساني خيالن جي تاريخ لکي آهي. ڪتاب جو عنوان آهي “At the Cross Road of Infinities” جنهن جي
معنى آهي ”ابديت جي چوواٽن تي.“ ان لکيو آهي ته ڪنهن دور ۾ ڪي خيال ٽٻي هڻي ويندا
آهن، جيڪي ڪنهن ٻئي ملڪ يا ڪنهن ٻئي کنڊ مان ظاهر ٿيندا آهن، جيئن تصوف جي ڳالهه
آهي Transformation of Soul. هندوستان ۾ اها
ڳالهه هئي ته ٻي جوڻ ٿئي ٿي ۽ يونان ۾ پيٿاگورس به اها ساڳي ڳالهه ڪئي. انهن ٻنهي
ملڪن جو پاڻ ۾ لاڳاپو به ڪونه هو. ايئن تاريخ ۾ ڪيتريون ئي ڳالهيون ٿين ٿيون، جيڪي
دنيا جي هڪڙي ملڪ وارا ڪن ٿا، ساڳيون ڳالهيون دنيا جي ٻين علائقن ۾ ٿين ٿيون.
اهڙيون ڳالهيون ڪن ماڻهن ڪيون جيڪي ان دور جي ماڻهن قبول نه ڪيون.
اهي
ڳالهيون ڪنهن به ڪونه سمجهيون، ڪنهن انهن ڏانهن ڌيان به ڪونه ڏنو ۽ اهي ڳالهيون ان
وقت صحيح به ڪونه هيون، پوريون به ڪونه هيون، اجنبي هيون، اڻ پوريون هيون، پر پوءِ
ٻئي دور جي ماڻهن انهن ڳالهين کي ٿورو تبديل ڪري چيو ته هي ڳالهيون صحيح آهن. وقت
کان اڳ ۾ ڪيل ڳالهيون تن جو انساني تاريخ جي واڌاري ۾ تمام فيصلي ڪن ڪردار آهي.
جيئن گليلو سان ٿيو، جنهن چيو ته ڌرتي گول آهي. عيسائي ملن چيو ته ڌرتي گول آهي
ڳالهه انجيل ۾ ايئن لکيل ئي ڪونهي، تون ڪفر جي ڳالهه ٿو ڪرين. اهڙن ماڻهن لاءِ
لطيف سائينءَ چيو آهي ته:
ڪڇي ڪاڇوٽي، نانگن ٻڌي
نينهن جي،
جهڙا آيا جڳ ۾، تهڙا
ويا موٽي،
اُنين جي چوٽي، پورب
ٿيندي پڌري.
تنهن ڪري انسان ذات
جي ڳچيءَ ۾ جيڪو وڏي ۾ وڏو جنڊ پيل آهي، اهي پنهنجي دور جا خيال آهن. ڪنهن وڏي
مفڪر چيو آهي ته، ”جيڪو ماڻهو پنهنجي دور ۾ پنهنجن خيالن کي محدود رکندو، ان
ماڻهوءَ جي عمر پنهنجي دور تائين هوندي آهي. ان دور کان پوءِ سندس ڳالهيون مدي
خارج ٿي وينديون آهن.“ انهن ڏينهن ۾ اها ڳالهه چيل آهي ته ڪوبه ماڻهو دنيا ۾ اهڙو
پيدا نه ٿيو آهي، جنهن جا خيال ۽ سوچون، آدرش ۽ ويليوز پڻ ڪنهن نه ڪنهن حد تائين
پنهنجي دور جي آدرشن جا قيدي نه هجن، انهن دؤرن جو ٺپو لڳل نه هجي. معنى ته اهو
دور بدلجڻ سان اهي آدرش مدي خارج ٿي ويندا آهن. توهان دنيا جي مفڪرن جا خيال ٻڌندا
ته حيران ٿي ويندا. اهي ڪهڙا نه عجيب خيال هئا، جيڪي وقت گذرڻ سان مدي خارج ٿي
ويا، مثال طور: ابرهام لنڪن.
ان دور جو ڪوبه ڪتاب
کڻو، “Anthology of World History” يا
“The History of World Literature” هڪڙو ننڍڙو ڪتاب ملي ٿو ”عالمي ادب جي
تاريخ“. سنڌي اديبن کي عالمي ادب ضرور پڙهڻ کپي. انسائيڪلو پيڊيا ۾ سڀني قومن جي
ادب تي مقالا لکيا پيا آهن. هندوستان جي سمورن ادبن جي تاريخ لکيل آهي. عالمي ادب
تي هڪڙو ڪتاب دوستن مون کي ڪوٽ لکپت جيل ۾ موڪليو هو. انهن ڏينهن ۾ مون ڪتاب ”سندي
ذات هنجن“ پئي لکيو. آءٌ پڙهان ته ٻين ادبن ۾ ڇا آهي. توهان ڏسندؤ ته ڪي خيال جيڪي
لطيف ۾ آهن، ان دور جي اديبن ۾ ڪونه آهن ۽ اهي بنيادي خيال آهن، مثال طور: توهان
لطيف جي شاعريءَ جي انداز کي ڏسو، لطيف جي داستانن کي ڏسو، جن ۾ هڪڙو حصو مومل
راڻي، سهڻي ميهار جي داستانن جو آهي ۽ ٻيو حصو داستانن کان سواءِ آهي. مثال طور:
سونهن جي ڳالهه ڪئي اٿس، مثال طور:
جهڙا گل گلاب جا، تهڙا
مٿن ويس،
چوٽا تيل چنبيليا، ها
ها هُو هميش،
پَسيو سونهن سيد چئي،
نينهن اچن نيش،
لالن جي لبيس، آتڻ اکر
نه اُڄهي.
وارث شاهه هير جي
جيڪا تعريف ڪئي آهي، ان جي ڳالهه ٻي آهي. سنسڪرت شاعريءَ ۾ ”ڀرتري هري“ آهي، اهي
لطيف کان گهٽ نه آهن. هر شاعر وٽ پنهنجي پنهنجي سونهن آهي، پنهنجي پنهنجي دلڪشي
آهي.
لطيف جي فڪري پهلوئن
ڏانهن آئون توهان جو ڌيان ڇڪائڻ چاهيان ٿو. لطيف سائينءَ جو انداز هي آهي ته ڪنهن
به داستان کي داستان وانگر نه کنيو اٿس. لطيف داستان کي بنياد بڻائي پنهنجي ڪهاڻي
کي Reconstruct ڪيو آهي، Reinterpret ڪيو آهي.
هن کي جيڪو مواد فطرت کان مليو آهي، قومي ورثي ۾ مليو آهي، ان کي جيئن جو تيئن نه
کنيو اٿس. هن پنهنجي فنڪار جو حق استعمال ڪيو آهي. هن ڪهاڻين کي پنهنجي مقصد لاءِ
استعمال ڪيو آهي، مثال طور: توهان کي ڪٿي ڪٿي نظر ايندو ته لطيف روبرو بيٺو آهي.
لطيف جي ڏينهن سسئي يا سهڻي زنده آهي، پاڻ انهن سان ڳالهائي پيو ۽ ڄڻ ته سسئي يا
سهڻي لطيف سان روبرو ڳالهائي پئي، لطيف اکين اڳيان بيٺو آهي، مثال طور لطيف جو
مشهور بيت آهي، سسئي چوي ٿي ته:
ڪَ ڪي ڪَڙيان پير؟ ڪَ
ڪَڙهان ڪيچ ڌڻين لئه؟
اِيءُ ڏئون ڏيئي ڏير،
پاڻان پرانهان ٿيا.
لطيف سائين جواب ڏنس ته:
ڪڙهه پڻ ڪيچ ڌڻين لئه،
ڪڙ پڻ پير سندانِ،
اُنهي پر اُتانِ،
هوندينءَ مُنڌ! پهاڙ ۾.
ان کي لطيف صلاح ڏني
ان جي نتيجي طور سسئي وري ڇا ٿي ڪري:
ڪڙهي ۽ ڪڙي، پر ۾ پير پنهونءَ جو،
سڪ ٻڌائين سندرو، جانب
لئه جڙي،
لانچي لڪ لطيف چئي،
مُنڌ جهيڙي ۽ جڙي،
پڻيءَ تان نه پَڙي، جي
عمر سڀ ايئن ڪري.
*
مرج وٽ ميهار، متان
موٽين سهڻي!
ساهڙ جا سينگار، مڇڻ ڏم
ڏيکارئين!
ڄڻ آمهون سامهون
گفتگو پئي ٿئي. لطيف پاڻ بيٺو آهي هن کي چوي پيو ته:
دونهين پاسي دوست جي،
گهايل! تون نه گهار،
*
پوءِ سسئي کي پنهنجو
خيال آيو آهي ته:
مَ ڪي رو، مَ ڪي رڙ، مَ
ڪي ڪر دانهون،
لوڪ ستي لطيف چئي، ٻيئي
کڻج ٻانهون،
لڌي جت لائون، سو ڏيهه
پسندي مارئي!
مارئي جيڪا واپس
ويئي ته ان لاءِ وڏو عذاب ٿي پيو، پر:
عمر اڄ گڏيام، ڏوٿي
انهيءَ ڏيهه جا،
پاراڀا پِرين جا، اڀي
ان چيام،
لهي لوهه پيام، ويا سور
سنڌا ڪيو.
پرک هڪڙي آهي ته عام
انساني شاعري ڪرڻ جي روايت يا سوچن جي روايت، يورپ کان مشرق ۾ اڳ ۾ آئي. جيڪا سجاڳي
يورپ ۾ آئي، تنهن کان ٽي سئو سال اڳي اها سجاڳي هتي ايشيا ۾ اچي چڪي هئي. تصوف
يورپ ۾ پوءِ آيو، هتي پهرين آيو، يونان ۽ روم جي دؤر کي ڇڏي. سائنس يورپ ۾ پوءِ
آئي، سائنسيت هتي ايران، عراق، ماورالنحر ۾ پهرين آئي. سبب؟ مذهبي اختياري وارن جي
تسلط جي ڪري يوناني قسطنطنيه مان تڙجي آيا. انهن فلسفي کي، فڪر کي، سائنس کي، آزاد
خياليءَ کي تڙي ڪڍي ڇڏيو. اهي ماڻهو ايران ۾ آيا، جن کي جمشيد جڳهه ڏني.
عراق
۾ خليفي منصور انهن کي دارالحڪمت ٺاهي ڏني. اهي سڀئي علم، سائنس ۽ فلسفي جا ڪتاب،
ارسطو جا ڪتاب گهٽ افلاطون ۽ ٻين جا ڪتاب هتي آيا. هتان سائنس وڌي، عقلي تحريڪ
هلي. پهريون فلسفي الڪندي ملي ٿو، معظم الثاني ملي ٿو، جيڪو فلسفي جو امام آهي.
جنهن کان پوءِ فلسفين جو هڪڙو وڏو سلسلو ملي ٿو. ٻئي پاسي ايران ۾ بو علي سينا ملي
ٿو، ذڪريا الرازي ملي ٿو. البيروني جهڙو World Genius ملي ٿو. روم ۽ يونان
جي دور کي ڇڏي، پهريان وڏا ماڻهو مغرب ۾ نه، پهريان وڏا عالم، پهريان وڏا
سائنسدان، پهريان وڏا عقليت پسند، پهريان وڏا ترقي پسند، پهريان وڏا شاعر يورپ ۾
نه، هتي پيدا ٿيا. سنسڪرت شاعري چوڏهين صديءَ کان وٺي هتي ٺيڪ هئي، ان جو وڏو عروج
هو، پر فڪر جي حيثيت سان تخت ۽ مرڪز ايران ۽ بغداد هئا. ان کان سواءِ ماورا النحر
۽ مصر هئا. يونان ۽ روم دنيا ۾ پهريان پهريان علائقا هئا، جتي عظيم ڏاهپ پيدا ٿي.
ايران
۾ ٻه وڏي ۾ وڏا مبلغ حافظ ۽ رومي ملن ٿا ۽ انهن جو ٽيون پايو خيام آهي. خيام جو
شعر آهي ته:
گر بر فلڪ دست بدي تو يزدان
*
(جيئن هن ڪائنات تي الله سائينءَ جو اختيار
آهي، تيئن جي مون (عمر خيام) جو هن جهان جي مٿان اختيار هجي ته هن
جهان کي هٿ ۾ کڻي زمين تي اڇلايان جو ٽڪر ٽڪر ٿي وڃي ۽ ان جي جاءِ تي هڪ اهڙو جهان
خلقيان جتي آسائتيون دليون پنهنجا مقصد پورا ڪري سگهن.)
حافظ ان روايت کي
اڳتي وڌايو. اهي سڀئي ماڻهو وڏا جابر ماڻهو هئا. هتي مُلن جون حڪومتون هيون، مذهبي
ڊڪٽيٽرشپ هئي. ان دور ۾ منصور حلاج جهڙا ماڻهو ڦاسيءَ تي چڙهي چڪا هئا. اها دنيا
هڪ وڏي عذاب مان گذري چڪي هئي. اسلامي فلسفي جي تاريخ ٽن واليومن ۾
ڇپيل آهي، اها پڙهڻ کپي. ان دور ۾ فڪري تسلسل هو، جيڪو دٻاءُ هو، جيڪو ظلم هو،
جيڪا اونداهي ٿي چڪي هئي، هي ماڻهو ان دور مان اُڪري آيا هئا. حافظ چيو آهي:
آدمي درِ عالم خاڪي نمي آيد بدست،
عالمِ ديگر ببايد ساخت وزنو آدمي.
(هن مٽيءَ جي جهان ۾ ڪو ماڻهو نظر نٿو اچي.
هڪ نئون جهان ٺاهڻ کپي ۽ ڪو نئون انسان ٺاهڻ کپي.)
اتي توهان غور ڪريو.
هي ان زماني جي ڳالهه ٿو ڪري، جتي ولي به هئا، جتي امام به هئا، جتي پيغمبر به ٿي
گذريا آهن، جتي قلندر به ٿي گذريا آهن، ان جهان جي ڳالهه ٿو ڪري؛ يا روميءَ جي هنن
جملن تي غور ڪريو ته ڪيترا خطرناڪ جملا ٿو چوي.
من از قرآن مغز دا
برداشتيم،
استوخوان پيش سگان
انداختيم.
(اسان قرآن جو جيڪو مغز هو، اهو ڪڍي ورتوسين،
باقي جيڪي هڏا هئا، اهي ڪتن اڳيان اڇلائي ڇڏياسين. ڀلي پيا وڙهن ۽ هڪ ٻئي کي پٽين.)
ان قسم جي ٻولي
ڳالهائيندا هئا. حافظ چوي ٿو ته:
حلقه پير مغانم از ازلم
درگوش است،
برهما نيم ڪه بوديم
وغمان خواهد شد.
(مئي خاني جي مير جو والو اسان جي ڪنن ۾ پيل
آهي. اسين اهي ئي آهيون جيڪي اڳي ئي هئاسين. هاڻي توهان ڇا به ڪريو، اسين جنهن
ڳالهه تي بيٺل آهيون، ڏينهن قيامت تائين نه تبديل ٿينداسين، بيٺا آهيون ۽ بيٺا
رهنداسين.)
ان قسم جا ڪائنات کي
چئلينج ڪندڙ خيال، انهن سموري روحاني نظام کان انڪار ڪيو، ان تي هلائون ڪندڙ، ان
کي ٽوٽل ئي Deny ڪندڙ خيال ان دور ۾ پيدا ٿي چڪا هئا، جيئن
اسپنوزا چيو آهي ته، ”تصوف مهذب طريقي سان مذهب کان انڪار جو نالو آهي.“ اسپنوزا
پاڻ زبردست صوفي ٿي گذريو آهي. انهن کي سمجهڻ کپي، حافظ کي سمجهڻ کپي. حافظ جو شعر
آهي ته:
ترجمو: ”جنهن ڏينهن اسان عشق جي چشمي مان وضو
ڪيو، تنهن ڏينهن جيئن جنازي تي چار تڪبيرون پڙهبيون آهن، تيئن هن جهان ۾ جيڪي به
قاعدا قانون، ريتون رسمون آهن، تن تي اسان چار نمازون پڙهي، ان کي طلاق ڏيئي ڇڏي.“
اڻ سڌي ٻوليءَ ۾
انهن سڀ ڪجهه چئي ڇڏيو. هنن Parallel روحاني نظام قائم
ڪري ڇڏيو. ملان جي شريعت جي مقابلي ۾ هنن متبادل نظام پيش ڪري ڇڏيو. انهن کي
سزائون به مليون. انهن سان ٻيو ڇا ٿيو، اها هڪڙي وڏي تاريخ آهي. ان تي انگريزيءَ ۾
هڪڙو ڪتاب آهي ”مسلمان سائنسدانن جي ملائي روحاني آمريت جي خلاف جدوجهد“. اهو پڙهڻ
کپي. هڪڙي فارسي شاعر جو شعرجي معنيٰ آهي ته:
(شراب جو ڪوزو پني کڻي آيس. هوا جي ذريعي، تو
هڻي منهنجو پيالو اونڌو ڪري ڇڏيو. منهنجي لاءِ تو عيش جا دروازا بند ڪري ڇڏيا.
منهنجي وات ۾ ڌوڙ، پر منهنجا مولا! تون به ڪو پيتل ٿو ڏسجين، جو پراين ٽپڙن کي نٿو
سهين.)
هاڻي آءٌ پنهنجي
آخري نقطي تي اچان ٿو ته انهن سڀني شين کي ڳنڍي جيڪو تصوف فڪري طور بيهي ٿو، اهو
ناهي جيڪو لطيف ٿو پيش ڪري. هن سڄي شيءِ کي گڏ ڪري، پوءِ جيڪا شاعريءَ جي
Stage of Development ٺهي ٿي، ان کان لطيف گهڻو مٿانهون آهي. ان
ڪري آءٌ چوان ٿو لطيف پنهنجي شاعريءَ ۾ جيڪي عنصر (Element) وڌا، ان ڪري هو
پنهنجي دور کان اڳتي نڪري ويو. انهن جون صورتون واضح نه هيون. جيڪي ماڻهو پنهنجي
دور کان گهڻو اڳتي نڪري ويندا آهن، اهي صاف ۽ چٽا هوندا آهن. اهي
Specific گهٽ
هوندا آهن، انهن جي Range وڏي هوندي آهي. اهي
General ڳالهه
ڪندا آهن. لطيف سائينءَ پنهنجي دور ۾ اهي سڀ جنرل ڳالهيون ڪيون آهن، جن تي انسان
ذات سهڪي سهڪي مس مس ويهين صديءَ تائين پهتي آهي. انهن جا ڪي خيال اهڙا آهن جيڪي
هاڻي آيا آهن.
روحاني آمريت خلاف
ٻين سڀني واضح ڳالهايو آهي پر لطيف پنهنجي مخصوص فنڪارانه انداز سان ڳالهه ڪئي
آهي. ان ۾ ٻه- ٽي ڳالهيون نوٽ ڪرڻ جهڙيون آهن، جيڪي بلهي شاهه به ڪيون آهن، ايراني
شاعرن به ڪيون آهن، مثال طور: نماز ۽ روزا جيڪي ماڻهو رکن ٿا، لطيف
استاد ماڻهو آهي، هن پنهنجي Code Language ٺاهي. روزن ۽ نمازن
لاءِ هر ڪنهن صوفيءَ پنهنجا پنهنجا جملا ٺاهيا آهن. لطيف ان لاءِ چيو آهي ته اهو
چڱو ڪم آهي. هي استاد ماڻهو آهي، اکر اهڙا ٿو استعمال ڪري جنهن تي ڪوبه ماڻهو
اعتراض نٿو ڪري.
روزا ۽ نمازون، ايءُ پڻ
چڱو ڪم،
او ڪو ٻيو فهم، جنهن
سان پسجي پرينءَ کي.
جيڪي قابل ناهن،
عالم ناهن، روزا به نٿا رکن، سونهاري به ڪونه اٿن، پاجاما به صحيح پاتل ڪونه اٿن،
جبو به پاتل ڪونه اٿن، چريا کريا هلن پيا، رڳو نيت صاف ٿي ته ڪهڙو انصاف ٿيو؟ انهن
۾ ڪو افعال ئي ڪونهي.
هنن ماڻهن فڪري طرح
وڏا جهوناڳڙهه جهوري ڇڏيا آهن. ٻن ٽن سٽن ۾ هنن جا ڪم لاهي ڇڏيائون. لطيف سائينءَ
رڳو پنهنجو پاڻ کي روحاني آمريت خلاف جدوجهد تائين پاڻ کي محدود نه رکيو. لطيف
سائينءَ جيڪي وڏا تصور ڏنا آهن، اهي هي آهن، هڪڙو عوام دوستي آهي. اهو تصور اڳي نه
هو، نه ميران ٻائيءَ ۾ آهي، نه ابوالخير ۾ آهي، نه حافظ شيرازيءَ ۾ آهي. انهن وٽ
صرف فرد جي نجات جي ڳالهه آهي، عوام دوستيءَ جو تصور (Concept) ارڙهين صديءَ تائين
نه هو. People جو Concept جيڪو هو اهو مڊل
ڪلاس جو آهي. توهان جيڪڏهن يورپ ۽ انگلينڊ جي لبرل ازم جي تاريخ پڙهندؤ، ارڙهين ته
ڇڏيو، اوڻيهين صديءَ تائين چيائون ته جمهوريت هئڻ کپي، پارليامينٽ هئڻ کپي، سڀني
کي هڪجهڙا حق هئڻ کپن، پارليامينٽ بادشاهن کان مٿي هئڻ کپي، بادشاهن ۽ آمرن کي ڪو
حق ناهي ته هو عوام جي حقن تي ڌاڙو هڻي سگهن، پارليامينٽ ڪلي خودمختيار هجي، قانون
جو سرچشمو پارليامينٽ هجي، مذهبي ڪتاب ۽ ٻيا قانون نه هجڻ کپن، پر ٿوري ڳالهه اها
ته پارليامينٽ کي چونڊڻ لاءِ جيڪي ووٽ ڏيندڙ هجن، سي غريب نه هئڻ کپن، غريب کي ووٽ
ڏيڻ جو حق نه هجڻ کپي ۽ عورتن کي به ووٽ ڏيڻ جو حق نه هجڻ کپي ۽ غلامي به قائم
رهي. اها هئي برٽش لبرل ازم، يعني جمهوريت هجي پر غريبن لاءِ نه، عوام عوام روزاني
ڪبو، پر ان کي ووٽ جو حق نه هوندو، عوام جو مطلب ته مڊل ڪلاس، جنهن ۾ بئريسٽر،
وڪيل، جج، سرمائيدار ۽ دڪاندار شامل آهن. جيڪو هيتري ڍل نٿو ڀري، ان کي ووٽ ڏيڻ
جو حق ناهي. يورپ ۾ تمام دير سان عورتن کي ووٽ ڏيڻ جو حق مليو آهي. تمام
تاريخ ۾ ڪابه اهڙي
شيءِ ڪانهي، جيڪا سڌو سنئون آسمان مان ڪِري هجي. لبرل ازم به ايئن آهي، انسان
دوستي به ايئن آهي. هي جيڪو فرد جي بدران اجتماعي تصور آهي، اهو لطيف جو آهي. ٻيو
غريب تي رحم ڪرڻ جو تصور پراڻو آهي، پر غريب جي جاءِ تي پاڻ رکڻ ۽ غريب تي فخر
ڪرڻ، اهو فقط ۽ فقط لطيف وٽ آهي، ٻيو ڪنهن وٽ به ناهي. وطن غريب عوام لاءِ آهي.
لطيف جا هيرا ڏسو: ميهار، مينڌرو، پنهون يا ٻيا، پر لطيف جا هيرا اهي ٿوروئي آهن.
لطيف جا هيرا سنگهار آهن، سنگهارِ هڪڙو نه، پر سنگهارَ. مارئي رڳو مارئي ناهي، پر
سڀ مارو ماڻهو ان سان گڏ آهن، سڄو لشڪر مارن سان گڏ آهي، ان ۾ سڄي سنڌ ٿي اچي،
انهن جو اٿڻ، انهن جو ويهڻ، سڄو ملڪ، سڄو ڏيهه، سڄو معاشرو. مارو انهن جي علامت
آهي.
ننگا آهيون نکڻا، اسين
مارو لوڪ،
ٿر کي ڀائيون ٿوڪ، جو
ڍَٽَ ڍاٽيئڙن جو.
*
اڱڻ تازي، ٻاهر ڪنڍيون،
پکا پَٽ سُونهَن،
سرهي سيج، پاسي پرين،
مر پيا مينهن وسن،
اسان ۽ پرين، شال هُونِ
برابر ڏينهڙا.
هو به زنده هجي،
آئون به زنده هجان، مينهن پيا پون، اڱڻ تي تازي گهوڙا بيٺا هجن، ٻاهر ڪُنڍيون
مينهون هجن، پاسي ۾ پرين هجن، پوءِ مٿان مينهن ڀلي پيا وسن.
ٽيون
Concept سونهن
جو آهي، بي پناهه سونهن! جيڪو ڪم ٿئي تنهن ۾ ڪُنڍيون، گاهه، اَنَ، پٽ، عوام، ٽوٽل
سوسائٽي. عوام دوستي نه، دوستي گهٽ Concept آهي، عوام کي پنهنجو
ساهه ۽ پساهه قرار ڏيڻ. لطيف آدرشن جو جيڪو نظام ڏنو آهي، اهو هن جي رومانوي
شاعريءَ کان مٿي آهي. لطيف جي آدرشن کي سمجهڻ اسان جي وڏي وٿ آهي. لطيف هن ڪائنات
کي سمجهڻ جي جيڪا نگاهه ڏني آهي، ان تي غور ڪرڻ ضروري آهي. لطيف ته اينٽي سنڌي
آهي. سنڌي ماڻهن ۾ جيڪي گنديون عادتون آهن، تن کي ڪلٽي ڪريو ته لطيف جا آدرش ٿي
ويندا.
سنڌي ماڻهو چوي ٿو
ته سائين اسان جو مرشد به تون ته ڪتو به تون! تون وڃي منهن ڏي مسئلن کي! سنڌي
ماڻهن لاءِ چوندا آهن ته پينگهي مان هيٺ لٿو ته پرديس ويو هليو! جي ٿوهر هيٺان
ويٺو آهي ته ”ويٺل ڳوٺ پنهنجو.“ لطيف ان جي ٽوٽل ابتڙ آهي. وڏا آدرش، وڏيون
خواهشون، وڏيون منزلون ۽ وڏا مقصد، بحرِ بيڪران. هيڏڙيون قومون، هيڏڙا ماڻهو،
هيڏڙي ذهنيت، تنهن لاءِ چيائين ته:
سيوا ڪر سمنڊ جي، جت جر
وهي ٿو جال،
سوين وهن سير ۾، ماڻڪ
موتي لال،
جي ماسو ملئي مال، ته
پوڄارا پُر ٿئين.
لينن چيو آهي ته،
”هر قوم جي ثقافت ٺاهي ٿو اُن جو حڪمران طبقو، جيڪو رجعت پرست آهي. مجموعي طرح هر
قوم جي ثقافت رجعت پسند ۽ عوام دشمن آهي. ان ۾ فقط ڪي ترقي پسند عنصر آهن. روءِ
زمين جي سڀني قومن جا سڀئي ترقي پسند عنصر گڏ ڪري، ان مان عالمي ترقي پسند ثقافت
ٺاهيو، اها اوهان جي ثقافت آهي.“ ته اسين پنهنجي قوم جا ترقي پسند عنصر پنهنجا
ڪريون ٿا. اهي اسان جي ڪم جا آهن.
آڇاڙا عميق جا، گڏيا
غواصن،
جهَريون جهاڳي آئيا،
ڪارونڀار ڪُنن،
سمنڊ سوجهي جن، آڻي آڻي
املهه اوليا.
مٿان نه، سمونڊ جي
تري مان سپون ڪڍي آيا. لطيف جا آئيڊيلس ڪير آهن؟ لطيف جا هيرا ڪير آهن؟ لطيف جا
هيرا هي آهن. رڳو جکرو نه، رڳو پنهون نه، رڳو ميهار نه، اهي ٻين جا هيرا آهن. لطيف
انهن هيرن کي به ورتو آهي پر لطيف جا هيرا دراصل انهن کان مٿي آهن. هي ته ٽڪي جا
هيرا آهن جيڪي گهر ويٺا آهن سي ڇهه پئسا به ڪونه لهن.
اهي تصور ايران مان
آيا آهن، عالمي ثقافت مان آيا آهن. اسان جو هي دور لطيف جي ٻوليءَ کي سمجهڻ جي
پوزيشن ۾ اڃان ناهي آيو، ڇوته ايتري تعليم ڪانهي، عالمي ڪلچر کان آگاهي ڪانهي.
لطيف کي سمجهڻ لاءِ اڃان ٻه- ٽي صديون ٻيون کپن. مون ان تي گهڻو غور ڪيو آهي. لطيف
جي Implication ته ڏسو!
پتنگ چائين پاڻ کي، ته
اچي آڳ اُجهاءِ،
پچڻ گهڻا پچائيا، تون
پچڻ کي پچاءِ.
لطيف رڳو
Passive ناهي،
رڳو برداشت ڪرڻ ناهي، ٽائيم پاس ڪرڻ ناهي. لطيف جو تصور قصي کي الٽو ڪرڻ وارو تصور
آهي. الٽي ڪرڻ جي عمل کي اسين سنڌي ۽ اردو ٻوليءَ ۾ ”انقلاب“ چئون ٿا. انقلاب معنى
شين کي الٽو ڪرڻ. لطيف چيو آهي ته:
اک الٽي ڌار، وئون ابتو عام سين.
اُلٽڻ جي اکر ۾
انقلاب آهي. اهو لطيف کان پوءِ استعمال ٿيو آهي. انقلاب جو مقصد ڇا آهي؟ شيون جيڪي
هيٺ آهن، تن کي ٿورو مٿيرو ڪرڻ، جيڪي شيون مٿي آهن، انهن کي ٿورو هيٺ ڪرڻ. اهو عمل
انقلاب جو ناهي، اهو ارتقا جو عمل آهي. تصور آهي الٽو ڪرڻ، تنهن ڪري:
پتنگ چائين پاڻ کي، ته
اچي آڳ اُجهاءِ،
پچڻ گهڻا پچائيا، تون
پچڻ کي پچاءِ.
هي سماج جيئن جو
تيئن آهي، ان کي گهڙي گهڙي سٺو ڪن ٿا، دعائن سان نه، مفت ۾ نه، قاتل ڪمائي ڪري،
سخت محنت ڪري، جيڪي ماڻهو زهر کي ماکيءَ ۾ تبديل ڪري ڇڏيندا آهن، انهن وٽ وڃي
پياليون پيئجن. لطيف جا هيرا اهڙا ماڻهو آهن. ٻيا هيرا هيءُ ڏسو:
کاهوڙين کڻي، ساجهر ٻڌا سندرا،
ڏوريندي ۾ ڏونگرين، ڪيائون
پاڻ پڻي،
ڏکن ڏيل هڻي، ڇيهه
لڌائون ڇپرين.
اسٽيٽسڪو جيڪو موجود
آهي، ان جي Positive (مثبت) ڳالهين کي ڇڏي، ٻين ٽوٽل شين کي رد ڪرڻ
۽ جيڪو موجود ناهي تنهن کي تخليق ڪرڻ ۽ نئين دور ۾ شامل ٿيڻ. Art (فن) جو ڪم آهي ته
تصور ۾ اهي شيون موجود ڪري ڏيکاري، جيڪي موجود ناهن، پر پنهنجي
Art ذريعي
ماڻهوءَ کي اُهي تصويرون ڏيکاري، جيڪي سڀاڻي پيش اچڻ کپن يا ٿي سگهن ٿيون.
Art جو
ڪم اهو آهي. Art جو ڪم فوٽوگرافي ناهي. جيڪو موجود آهي، اهو
ڪافي ناهي. Art جو ڪلاسيڪل مقصد جيڪو موجود نه آهي اهو پيش
ڪرڻ آهي:
برو هو ڀنڀور، آرياڻي اُجاريو،
لاٿو سڀ لوڪ تان، هاڙهي
ڌڻي هور،
ڇوريون ڇرڻ سکيون،
پنهون ڪيائون پور،
آيو سو اتور، جنهن
ڏکيون ڏِک ويهاريون.
عمر خيام کان
پڇيائون ته، ”ڪائنات ۾ تضاد آهي؟“ چيائين ته، ”تضاد ڪائناتگير آهي.“ وري پڇيائونس،
”تضاد ڪٿان ٿو اچي؟“ چيائين ته، ”شين جي اندر موجود آهي.“ هي پهريون وڏو جبرو
ماڻهو آهي جنهن اها ڳالهه سمجهي ته تضاد شين جي اندر سمايل آهي. لطيف جي شاعريءَ
کي ان نگاهه سان ڏسو. تضاد جي هماگيريت تي لطيف جيڪو چيو آهي، ان تي غور ڪريو:
تري ۾ تن پياس، پاسائون
پاڻي وهي.
کوهو جهُرُجهڻو ٿيو،
لاڄو سڀ لڙياس،
جيلانهن سڌر سکاڻياس،
وهي تي وهه سامهون.
پر ڇاڪاڻ ته سکاڻ
(اڳواڻ) سڌر قابل ۽ ڪاريگر آهي، جيڪو وڏو پهاڙ جيڏو سمنڊ آهي، تنهن سان به مقابلو
ڪندو. ايڏي وڏي Conceptual Range لطيف ۾ آهي. لطيف جدوجهد جي سڀني منزلن جي نشاندهي
ڪري ٿو، جيڪي به امڪاني ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون، تن جو ذڪر ڪري ٿو، مثال طور: رستو
گم ٿي وڃي ته پوءِ؟ لطيف سائين چوي ٿو:
جان جان هئي جيئري،
ورچي نه ويٺي،
وڃي ڀونءِ پيٺي، سڪندي
کي سڄڻين.
(مختصر ڪيل)
No comments:
Post a Comment