ڊاڪٽر احسان دانش
شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ هڪ اهم سماجي قدر
سَچُ
سَچُ هونءَ
ته انساني گڻ ۽ صفت آهي پر ان کي هڪ اعلى سماجي ۽ اخلاقي قدر پڻ ڄاتو وڃي ٿو. جيڪي
سماج سچ جو ساٿ ڏيندا آهن، اهي دنيا ۾ اتم مقام ماڻيندا آهن. سچ ۽ سچائيءَ جو رستو
ڏکيو ضرور آهي پر دائميت به انهيءَ رستي کي آهي. دنيا جا وڏا ڏاها، فلسفي، دانشور
۽ صوفي انهيءَ رستي تي ثابت قدمي سان هليا ۽ پنهنجي سرن جو نذرانو ڏيڻ کان به نه
ڪيٻايو. تاريخ ۾ سقراط، عيسى عه، امام
حسين عه، منصور، سرمد، شاهه عنايت، مخدوم بلاول ۽ ٻين ڪيترن ئي عظيم انسانن جا
نالا ملن ٿا، جن سچ خاطر پنهنجا سر فدا ڪري ڇڏيا. سچ جي راهه مشڪل به ان ڪري ئي
آهي جو اها قرباني گھري ٿي. اهي جوڌا ۽ جونجھار، جوان ۽ جان نثار جيڪي سچ جي رند
تي پنڌ ڪندا آهن اهي ڪنهن به دک ۽ تڪليف کان نه ڪيٻائيندا آهن ۽ سچ جي مچ مٿان
پتنگن جيان پنهنجا سر گھوري ڇڏيندا آهن.
پتنگن
پههُ ڪيو، مڙيا مٿي مچ،
پسي لـهس نـه لُچيا، سڙيا مٿي سچ،
پسي لـهس نـه لُچيا، سڙيا مٿي سچ،
سندا ڳچين
ڳچ، ويچارن وڃائيا. (سُر يمن ڪلياڻ، د 3)
شاهه لطيف
سچ کي هڪ اعلى ۽ عظيم سماجي قدر سمجھي ٿو. هن پنهنجي رسالي ۾ ان قدر کي اجاگر ڪرڻ لاءِ
ڪيئي بيت چيا آهن.
جي نه
سڃاڻن سچ کي، ويهه مَ تنين وٽِ،
املهه کي اڌ ڪري، پاڻان هڻندئي پٽِ،
املهه کي اڌ ڪري، پاڻان هڻندئي پٽِ،
وڃي
مهر تني وٽ مٽ، جي پارکو پارس جا. (سُر سريراڳ، د 4)
®®®®®®
امُلهه
آڇ مَ ان کي، جي نه پروڙن مَٽِ،
جت گڏجيئي جوهري، ماڻڪُ تتهـين مَٽِ،
جت گڏجيئي جوهري، ماڻڪُ تتهـين مَٽِ،
جنين
سونَ سين سَٽِ، تن هڻي ريءُ رَدِ ڪيو. (سُر سريراڳ، د 4)
ڀٽائي اهڙن
ماڻهن جي صحبت کان ڏور رهڻ جو ڏس ڏئي ٿو، جن وٽ سچ جي سڃاڻ واري نگاهه نه آهي. اهي
بي سمجھ املهه کي اڌو اڌ ڪرڻ ۾ به دير نه ڪندا آهن. املهه جي لفظي معنى ’بي بها‘
آهي. سُر سريراڳ ۾ شاهه سائين انهن سچن موتين کي املهه ڪوٺيو آهي، جيڪي پاتال مان
ملندا آهن. پر وسيع معنى ۾ ’املهه‘ سچ جي علامت طور ڪم آندل آهي. لطيف انهن وٽ وڃڻ
لاءِ چوي ٿو جيڪي پارس جا پارکو آهن، جن کي
کوٽي ۽ کري جي خبر آهي، جيڪي سچ جا ساٿاري آهن. ان کان علاوه ڀٽائي اهو به فرمايو
ته جن وٽ ڪوڙ، مَٺُ ۽ کوٽ کي پرکڻ واري نظر نه آهي، تن سان سچ جو سودو نه ڪر.
ماڻڪُ، جيڪو سچ جو اهڃاڻ آهي تنهن جي پروڙ ڪنهن جوهري کي ئي هوندي آهي، تنهن ڪري
ان کي اهڙي پارکوءَ اڳيان رک جنهن کي سون ۽ سچن موتين جي سڃاڻ آهي ۽ وٽس سچ ۽ ڪوڙ
جي پرک جا ماڻ ۽ ماپا آهن.
سچ،
مثبت سماجي تبديليءَ لاءِ هڪ اهم قدر جي حيثيت رکي ٿو. ڀٽائيءَ جي نظر ۾ سچ هڪ
املهه چيز آهي، جنهن وسيلي معاشري جو نقشو تبديل ڪري سگھجي ٿو. ڪوڙن ۽ ڪُڌن ماڻهن
کي سچ جي اهميت جو اندازو نه هوندو آهي، اهي نه رڳو اهڙي سچ جي بيمثال قوت کان اڻ
واقف هوندا آهن ۽ ان کي قبول ڪرڻ کان به انڪار ڪندا آهن پر ان قوت کان خوف زده ٿي
ان تي وار به ڪندا آهن. ڀٽائي سچ کي ماڻڪ جي علامت طور پيش ڪيو آهي، انهن ماڻڪن
(سچن ۽ کرن ماڻهن) جي سڃاڻپ اهڙن اصلاح پسند فردن وٽ هوندي آهي، جيڪي پنهنجي وقت ۽
دور جا نبض شناس هوندا آهن. اهي سماج ۾ سچ کي آشڪار ڪرڻ جو هنر رکندا آهن. ڀٽائي
جن ماڻڪن (سچن) جي ڳالهه ڪئي آهي اهي ماڻڪ ۽ موتي سماج مان ڪوئلي جهڙي ڪوڙ (ظلم ۽
ڏاڍ) جي خاتمي جو ڪارڻ بڻبا آهن ۽ ائين معاشرو هاڪاري تبديليءَ سان اڳتي وڌندو
آهي.
لطيف سائين
سماج ۾ حق جو ڳاٽ اوچو ڪرڻ لاءِ سچائيءَ جي قدر کي اتم ۽ اعلى ڄاڻي ٿو. هن
ڪوڙ جو ڪاروبار ڪندڙ ان استحصالي طبقي کي نندي، عام ماڻهوءَ کي سچ ۽ سچائيءَ جي
اهميت جو احساس ڏياريو آهي ۽ ٻڌايو آهي ته اهو ئي هڪ رستو آهي، جيڪو مشڪل ته آهي
پر ازلي ڪاميابي عطا ڪري ٿو. شاهه ان غاصب ۽ استحصالي طبقي کي چور ڪوٺيو آهي، جنهن
جي انهن املهه ماڻڪن تي نظر آهي جيڪي سچ جي سوداگرن محنت سان ميڙيا آهن. لطيف چوي
ٿو ته اهي ماڻهو سڀاڳا آهن جيڪي انهن املهن کي انهن چورن کان بچائڻ ۾ ڪامياب وڃن
ٿا.
جتي
ماڻڪ ماڳ، تتي چوران تڪيو،
سنئون تـن
سڀاڳ، اَمل جن اوباهيو. (سُر سريراڳ، د 6)
ڀٽائي سچ ۽
سچائيءَ کي اهڙي وٿ قرار ڏئي ٿو جيڪا ماڻهوءَ کي سماج ۾ مانائتو مقام عطا ڪري ٿي.
شاهه هڪ عاشق کي به اهو ئي چوي ٿو ته جڏهن محبوب جي اڳيان وڃين ته اهو ڌيان ۾
رکجان ته پلئه ۾ ڪوڙ نه هجئي. پنهنجي اندر مان ڪوڙ ۽ ڪدورت کي ڪڍي ڇڏجان ورنه سڄڻ
جي سامهون توکي شرمندو ٿيڻو پوندو. تون سچ جو سوداگر ٿي ۽ اهڙو وڻج وهائيج جنهن
سان توکي سرخروئي ملي.
مانَ
پڇنئي سُپرين، چِتَ ۾ چيتاريج،
ڪڍج ڪائي ڪچ کي، ڪوڙ مَ ڪمائيج،
ڪڍج ڪائي ڪچ کي، ڪوڙ مَ ڪمائيج،
وڻج وهائيج،
سڀ سوداگر سچ جــــو. (سُر سريراڳ، د 1)
لطيف، سماج ۾ سچ جي سوداگرن جي گھڻائي چاهي ٿو ۽ ڪوڙن، قاتلن، ۽ غاصبن کان
نفرت ڪري ٿو. هن وٽ ڪائو ۽ ڪَچ ڪا اهميت نه ٿو رکي. جيتوڻيڪ اڄ جيان ڪالهه به سماج
۾ ڪوڙ جو ڪاروبار عام هيو. محنت بدران، شارٽ ڪٽ وارو فارمولا جيڪو اڄوڪي دور جي
خاص سڃاڻپ آهي، ڪوڙ، ٺڳي ۽ بليڪ ميلنگ سماج کي تباهه ڪري ڇڏي ٿي، ۽ اڄوڪي دنيا ان
کي چالاڪي ۽ حرفت سڏيندي جائز قرار ڏيڻ لاءِ آتي آهي. پر لطيف ان سموري ٽڪساٽ جو
مخالف آهي. ڇوته هو سچ ۽ سچن جو ساٿاري آهي. سچ سماج جي انهن سمورين قدورتن جو ٽوڙ
آهي. ڀٽائيءَ جي دور ۾ به ڪوڙ ۽ برائي جون بلائون موجود هيون، هن کي پتو هيو ته
انهن کي ختم نه ڪيو ويو ته سڀاڻي اهي سوسائٽي جي ڍانچي کي تباهه ڪري ڇڏينديون. ان
ڪري لطيف صديون اڳ سماج ۾ سچ جو وڻج وهائڻ تي زور ڏنو.
شاهه سائين
پنهنجي رسالي جي مختلف سُرن ۾ سچائيءَ جو سهڻو سبق ڏنو آهي. لطيف ڪافر کي به
پنهنجي ڪفر سان سچو رهڻ جي تلقين ڪري ٿو ۽ ڪفر سان به ڪوڙو ٿيڻ کي پسند نه ٿو ڪري.
ڀٽائي چيو ته اهڙو هندو جيڪو ڪفر سان ڪوڙو آهي تنهن کي هندو سڏائڻ نه ٿو جڳائي ۽
نه ئي کيس جڻيو ٿو سونهين. لطيف وٽ اهو مشرڪ وڌيڪ مانائتو آهي جيڪو پنهنجي شرڪ سان
به سچو آهي.
ڪوڙو
تون ڪفر سين، ڪافر مَ ڪوٺاءِ،
هندو هڏ نه آهيين، جڻيو تـــو نـه جُڳــاءِ،
هندو هڏ نه آهيين، جڻيو تـــو نـه جُڳــاءِ،
تلڪ
تنيين کي لاءِ، سچا جــي شــرڪ سين. (سُر آسا، د 4)
هتي اصل
۾ لطيف سائين فرد جي پنهن جي مقصد سان ڪمٽمينٽ جي اهميت کي ظاهر ڪيو آهي. هن جو
چوڻ آهي ته رستو ڀلي غلط ئي ڇونه هجي پر جي مستحڪم ارادو آهي ته ماڻهو ڪاميابيءَ
سان ضرور هم ڪنار ٿئي ٿو. سچ انهيءَ مستحڪم ارادي جو نالو آهي، جنهن تي بيهي رهڻ
ضرور سڦلتا بخشي ٿو.
جهڙي ريت
ڀٽائي کي ڪفر سان ڪوڙو ڪافر نه ٿو وڻي، تهڙي ريت اهڙو صاحبِ ايمان به پسند نه ٿو
اچي جنهن جي ظاهري شڪل صورت ته موسى جهڙي هجي پر سندس اندر ۾ ابليس ويٺل هجي. اهڙي
ڪوڙي ۽ ٻهروپي کي لطيف نفرت جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ اهڙي انسان سان مخاطب ٿي فرمائي
ٿو تون پنهنجي اندر مان ان شيطان کي ڪڍي ڇڏ ته جيئن تنهنجو اندر ٻاهر هڪ ٿي وڃي ۽
سچ جي جوت سان جرڪي پوي.
منهن ته
موسى جهڙو، اندر ۾ ابليس،
اهڙو
خامُ خبيس، ڪڍي ڪوههُ نه ڇڏيين. (سُر آسا، د 4)
ٻين
لفظن ۾ لطيف اهڙي سچ کي به قبول نه ٿو ڪري جيڪو ڪوڙ جي لبادي ۾ ويڙهيل هجي. سچ، سج
وانگر اجرو هوندو آهي، دوکو، ٺڳي ۽ ڪوڙ ان کي گرهڻ لڳائي ڇڏيندو آهي. ان ڪري ڀٽائي
ڪوڙ جي ملاوٽ واري اهڙي سچ کي مڃڻ لاءِ تيار نه آهي. هو ان اڌ سچ کي سماج لاءِ
هاڃيڪار سمجھي ٿو.
شاهه لطيف جي
جنهن دور ۾ ذهني ۽ شعوري واڌ ويجھ ٿي اهو ماڻهن جي ڪال وارو دور هيو ۽ سماج جا
اعلى قدر پنهنجي معنى تبديل ڪري اهميت وڃائي رهيا هئا. پيڙيل ۽ غلام سماجن ۾ اعلى
۽ مثبت قدر به ادنى ۽ منفي بڻجي ويندا آهن. ڀٽائي جو دور به ڪجھ اهڙو ئي هيو جتي
سچ جهڙي عظيم سماجي قدر کي به ڪو اختيار ڪرڻ لاءِ تيار نه هيو. ان سماج ۾ ڪوڙ ۽ ڪچ
جو ڪاروبار عام هيو ۽ ماڻڪن جو ملهه ڪنهن نه ٿي ڄاتو. اهڙين حالتن ۾ پلئه ۾ سچ هجڻ
باوجود ڪنهن کي آڇيندي لڄ ايندي آهي.
اگھيو ڪائو
ڪچُ، ماڻڪن موٽ ٿي،
پـلئه پايـــو
سچ، آڇيندي لڄ
مــــران. (سُر سريراڳ، د 4)
هتي ماڻڪ
ڪنهن ازلي سچ جي اهڃاڻ طور آيو آهي. اهو ازلي سچ جنهن جو وقت يا زماني سان ٺاهه نه
رهيو آهي، ان جي مقابلي ۾ ڪوڙ ۽ ڪچ، اگھبا رهيا آهن. شاهه جو مٿيون بيت نه رڳو سندس
دور پر موجوده سنڌي سماج جي به عڪاسي ڪري ٿو. اڄ به
اهڙو دور آهي، جنهن ۾ ڪوڙ جو ڪاروبار زورن تي آهي ۽ ڪوئي سچ جو وکر وٺڻ لاءِ تيار
نه آهي. منفي نموني سان ٿيندڙ اها قدرن جي تبديلي زوال پزير سماج جي نشاني آهي.
ڀٽائي صديون اڳ سچ ۽ سچائي تي انهيءَ ڪري زور پئي ڏنو ته جيئن سماج مان ڪوڙ جو ڪڌو
عمل ۽ قدر پاڙان پٽجي وڃي، ڇوته شاهه لطيف کي ان وقت به پنهنجي سماج ۾ سچ جا
سوداگر ۽ اهڙا قدردان گھٽ ٿي نظر آيا جن وٽ سچائيءَ جي پرک هجي. ماڻڪن ۽ موتين جو
قدر اهڙن صرافن کي هوندو آهي جيڪي اکين ۾ خوردبين وجھي وڏي ڌيان سان سچن موتين جي
پرک ڪندا آهن. پر اهڙن پارکن جي ڪمي سبب املهه ماڻڪ به بي قدرن جي هٿ لڳي وڃن ٿا.
ڀٽائي اهڙي سماجي بي قدري تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي.
قدر
وارا ڪم ٿيا، کُٽا خريدار،
پاڻيٺ جي پرکڻا، ويا سي وينجھار،
ڪينر پائي اکيين، لهن سڀ ڪنهـن سار،
پاڻيٺ جي پرکڻا، ويا سي وينجھار،
ڪينر پائي اکيين، لهن سڀ ڪنهـن سار،
صـرافنئــون
ڌار، مـــاڻڪ ملاحـظــو ٿئـــــي. (سُر سريراڳ، د 4)
No comments:
Post a Comment