شاهه جو رسالو

Saturday, 12 November 2016

ڀٽائيءَ جي محبت جا معيار ـــ سرور نواز ٻگهيو (Sarwar Nawaz Bughio)



سرور نواز ٻگهيو
ڀٽائيءَ جي محبت جا معيار


ڀٽائي دنيا جي شاعرن ۾ نرالي حيثيت جو مالڪ آهي، جنهن جي شاعريءَ ۾ نه رڳو فڪري گهرائي آهي پر الهام، مُتشابهه- شعر، انسانيت، ٻولي جي سونهن، موسيقي، ثقافت، تاريخ، تهذيب، تمدن، عاجزي ۽ بُلند پايي جو ڪردار به موجود آهي. ڀٽ ڌڻي، دنيا جي شاعرن ۾ الڳ ٿلڳ مقام جو مالڪ آهي. جڏهن سندس شاعري پڙهجي ٿي ته ماڻهو ڪنهن ٻي دنيا ۾ هليو وڃي ٿو، جيڪا آهي سندس تخليق ۽ فڪري اُڏام جي دنيا ۾.
سُر کنڀات جو تعارف لکندي، ڊاڪٽر گربخشاڻي لطيف سائينءَ جي ترتيب ڏنل رسالي۾ لکن ٿا ته ”کنڀات هڪ شهر جو نالو آهي جو گُجرات جي اُلهندي طرف کنڀات جي نار جي مُهڙ تي بيٺل آهي. کنڀات ڪنهن سمي، هڪ مشهور وسيل بندر هوندو هو ۽ ديسان ديس سندس واپار هلندو هو. عرب واپاري به هن بندر ۾ گهڻي تعداد ۾ ايندا هئا. هن سُر کي کنڀات انهيءَ ڪري سڏين ٿا جو اصل اُتي جي ڪنهن نامياري گويئي جو رچيل آهي. هن سُر کي سُر ڪماچ به ڪري چوندا آهن ۽ رات جو ڏهين بجي ڌاري ڳائبو آهي. سندس ڳائڻ سان من ۾ ڌيرج ۽ ڳنڀيرتا اُتپن ٿيندي آهي. مضمون جي بيهڪ ۽ عبارت مان معلوم ٿئي ٿو ته هي سر شاهه صاحب جي جوانيءَ جي وقت جو چيل آهي ان ڪري ئي هن سُر جو مضمون تازو ۽ دلڪش آهي.“ سُر کنڀات جي شروعات ئي لطيف سائينءَ پرين جي تعريف ۽ واکاڻ سان ڪئي آهي فرمائين ٿا:
ڀلائي جا ڀير، پيشانيءَ ۾ پرين جي
اڱڻ اُڪنڍين جي، ڏي پاٻوهي پير،
قمر پاڙي ڪير، شمس سُپرين سين.

معنيٰ: لطيف سائين هن بيت ۾ فرمائين ٿا ته پرين جي پيشانءَ ۾، منهن مبارڪ ۾، ڀلائي جا خزانا موجود آهن جي هو آسوندين جي اڱڻ تي مُرڪي، پير ڌري ته جيڪر ڇا ڳالهه چئجي! سج، چنڊ به سپرين جي سونهن برابر نه ٿو ڪري سگهجي.
نقطا: (i) هن بيت ۾ لطيف سائين محبت ۽ حُسن جي ڳالهه عورت جي واتان چوائي آهي، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته محبت جو اصل مهور عورت آهي.
(ii) محبوبن کي ڀلو ٿيڻ جُڳائي ۽ هر ڪم پيار ۽ سرهائيءَ سان ڪرڻ گهرجي.
(iii) اهو ته محبت جو سچو جذبو ئي آهي، جيڪو پرين يا سُپرين کي چنڊ ۽ سج کان به سوايو ڪري ٿو بيهاري. سُر کنڀات، داستان پهرين جو هڪ شعر آ (شاهه جو رسالو، ترتيب: علامه آءِ آءِ قاضي)
هُت ٿو پسين پرينءَ کي، تون چنڊ اُهو ئي،
اُڏت چئج اُن کي، ڏاينءِ جو روئي،
هيڪانديءَ هوئي، سانگ م پوري سڄڻين.
معنيٰ: لطيف سائين فرمائين ٿا ته: اي چنڊ! تون اُهو ئي آهين، جيڪو هتي پرينءَ کي ڏسين ٿو. هڪڙي مون تي مهرباني ڪر، ته آئون جيڪو پيغام ڏيانءِ اهو منهنجي پاران روئي پرينءَ کي ڏجانءِ ۽ چئجانس ته ڪو آهي، جيڪو توکانسواءِ اڪيلو ٿي ويو آهي ۽ تنهنجي اچڻ جي آس ۾ آهي. جيڪڏهن سفر ڪيو ته الله لڳ اُن ڏانهن ڪجو. ڪنهن ٻئي پاسي سفر تي نه هليا وڃجو!
هن شعر ۾ لطيف سائين جيڪي نقطا رکيا آهن، اُهي هي آهن:
نقطا: (الف) هن شعر ۾ دل جي حقيقت، پيغام جي صورت  ۾ محبوب ٿو موڪلي پنهنجي عاشق ڏانهن، جيڪو اصل ۾ عاشق ئي آهي. ٻُڌائڻ اهو مقصود آهي ته ڪڏهن ڪڏهن محبوب به عاشق بڻجي ويندو آهي.
(ب) روئي پيغام تڏهن ئي ڏبو آ جڏهن اڳلي سان، اُن جي مُحبت کان به وڌيڪ مُحبت هوندي آ.
(ج) ۽ ٽيون نقطو اهو آهي ته محبوب کانسواءِ ماڻهو اڪيلو ٿي وڃي ٿو ۽ سخت انتظار ڪرڻ لڳي ٿو.
(د) محبت ڪرڻ گهرجي ته سچي ۽ اُن ۾ به نهايت عاجزي اختيار ڪرڻ گهرجي.
سر کنڀات جي پهرئين داستان جو هڪ ٻيو بيت آهي ته:
سهسين سجن اُڀري، چوراسي چنڊن،
باالله رِي پرين، سڀ اونداهي ڀانئيان.
معنيٰ: لطيف سائين فرمائين ٿا ته جيڪڏهن سوين سج ۽ چوراسي چنڊ اُڀري پون، پر جي پرين موجود نه هجن ته الله جو سنهن، اها ايڏي روشني به اونداهه محسوس ٿيندي.
نقطا: (i) جيڪڏهن محبوب موجود هجي ٿو ته روشني ئي روشني محسوس ٿئي ٿي پر پرين جي غير موجودگي اوندهه برابر آهي، توڻي سوين سج ۽ چنڊ موجود هجن.
(ii) پرين جي موجودگيءَ جي اهميت ڏيکاري وئي آهي.
(iii) محبت جي روشني هر ٻي روشنيءَ کان وڌيڪ هُجي ٿي.
داستان پهرئين جو هڪ ٻيو شعر آهي:
اونڌائيءَ اڌ رات ۾، پرينءَ پسايو پاڻ،
چنڊ ڪتين ساڻ، پيهي ويو پڙلاءَ ۾.
لطيف سائين فرمائين ٿا ته جڏهن اڌ رات جي اونداهي ۾ پرينءَ ديدار ڪرايو ته سندس سوُنهن جي اڳيان چنڊ به بيهي نه سگهيو ۽ ڪتين کي ساڻ ڪري پاتار ۾ اُلهي ويو.
نقطا: هن بيت جا نقطا هي آهن:
(i) محبت جي روشني لطيف سائينءَ وٽ ايتري ته ڳري تيز ۽ اهم آهي جو قدرتي روشني به ان جي اڳيان بيهي نه ٿي سگهي.
(ii)محبوب جو ديدار، باقي سڀ شين کي گُم ڪيو ڇڏي.
(iii)سِنڌي پرين اُن وقت ايترا ته مجبور هئا جو ديدار، آڌيءَ رات جو ڪرائيندا هئا.
داستان پهرين جو ئي هڪ بيت آهي ته:
کڻي نيڻ خمار مان، جان ڪيائون ناز نظر،
سورج شاخون جهڪيون، ڪُوماڻو قمر،
تارا ڪتيون تائب ٿيا، ديکيندي دلبر
جهڪو ٿيو جوهر، جانب جي جمال سين.
معنيٰ: جڏهن خُماريل نيڻ کڻي، ناز واري نظر ڪيائون، تڏهن سج جا شعاءَ جهڪا ٿي ويا ۽ چنڊ ڪومائجي ويو. دلبر کي ڏسندي، تارا ۽ ڪتيون به ادب سان پيش پيا ۽ سج، چنڊ، تارن ۽ ڪتين جو جوهر، (جوت) به جهڪو ٿي ويو.
نقطا: (i) هن شعر مان ظاهر ٿئي ٿو ته ڀٽائي سرڪار جي پسند ڇا هئي!
(ii) هن شعر جي پڙهڻ سان اهو به محسوس ٿئي ٿو ته ڀٽائيءَ جي پيشڪش جو ڇا انداز هيو!
(iii)جنهن شخص جي حُسن سڀني کي مات ڏئي ڇڏي، اُها آهي ڀٽائيءَ جي تخليقي سگهه.
ڀٽائي جي محبت جي معيارن جي حوالي سان هن سُر پڙهڻ ۽ پرجهڻ سان اسان کي پيغام مليو ته سُونهن عظيم آهي، سُونهن حق ۽ حقيقت آهي. سُونهن آس ۽ اُميد آهي. سونهن ميل ۽ ملاقات آهي. سونهن دل جو ٻل ۽ هيڪلائپ کان ڇوٽڪارو ۽ سُونهن اها طاقت آهي جنهن جي سڪ ۽ اُڪير هميشه هميشه جي لاءِ دل ۾ رهي ٿي.
سونهن جي اڳيان باادب ٿي رهڻ گهرجي. سونهن لاءِ جاکوڙڻ گهرجي. قرباني ڏيڻ گهرجي ۽ پاڻ کي هيٺ ڪري به سونهن جو مان مٿانهون ڪرڻ گهرجي. سونهن لاءِ جهد ۽ ڪشالا به ڪڍڻ گهرجن. سونهن کي وڌيڪ وقت ڏيڻ گهرجي، سونهن جي راءِ سان هلڻ گهرجي ۽ سونهن کي ڪڏهن به ناراض يا ڏکارو نه ڪرڻ گهرجي. ڇو ته سُونهن قدرت جي طرفان ڏنل هڪ انعام آهي، جنهن جو هميشه احترام ۽ عزت ڪرڻ گهرجي. ڇا ته ڀٽائي سائين فرمايو آ:
سَڌين سينءَ نه هون، نينهن نياپي نه ٿئي.


No comments:

Post a Comment