شاهه جو رسالو

Thursday, 22 January 2015

صنفي حساسيت ۽ لاکيڻو لطيف ــ پروفيسر امير گل ڪوٽهار (Prof. Ameer Gul Katohar)



پروفيسر امير گل ڪٽوهر
صنفي حساسيت ۽ لاکيڻو لطيف
Gender Sensitization & Latif

جنس مردن ۽ عورتن ۾ بائلاجيڪل فرقن کي ظاهر ڪندو آهي جڏهن ته صنف سماج ۾ جنس جي بنياد تي مردن ۽ عورتن جي ڪردار ۽ ڪم ڪار کي ظاهر ڪندو آهي. جنس قدرت طرفان مليل وصف آهي جنهن کي مٽائي ڪونه ٿو سگھجي جڏهن ته سماج اندر ڪردار جي حوالي سان جوڙيل قانون اسان انسانن جا آهن. ان ڪري انهن ۾ وقت ۽ حالتن جي مدنظر ڦير گھير ٿيندي رهندي آهي. هڪ وقت هيو جڏهن پوري دنيا تي عورتن جو راڄ هوندو هيو جنهن کي مدري دؤر جي نالي سان ياد ڪيو ويندو آهي. اهو دؤر صدين تائين هلندو رهيو ۽ ان کان پوءِ پدري دؤر آيو جنهن ۾ مردن جي بالادستي قائم ٿي. اهو دؤر اڄ به هلندڙ آهي. مردن ۽ عورتن جي ۾ جيڪڏهن ڪو وڏو فرق آهي ته اها سندن جسماني بناوٽ ئي آهي. پر اسان وٽ ڪيئي ڳالهيون ڀٿر تي ليڪ ڪري سمجھيون وينديون آهن. خاص طور تي مذهبي بنياد پرست عورتن جي حقن جا سخت مخالف آهن. ”ڊيموڪريٽڪ ڪميشن فار هيومين ڊويلپمنٽ“ پاران ڇپرايل ڪتاب “رواداري” ۾ وجاهت مسعود پنهنجي مضمونبنياد پرستي ڇا آهي؟” ۾ صنفي متڀيد متعلق مذهبي بنياد پرستي جي حوالي سان لکي ٿو ته “مختلف مذهبي روايتن سان واسطو رکندڙ بنياد پرست صنفي برابري جي اصولن جي هڪجهڙائي شد و مد سان مخا لفت ڪندا آهن. صنفي ۽ توليدي حقن جي باري ۾ هڪجهڙائي رجحان رکندا آهن ۽ پاڻ ۾ گوناگون اختلافن جي باجود سڀئي بنياد پرست گروهه عورتن کي مردن کان ڪمتر سمجھندا آهن.
ڪجھ بنياد پرست هي تاويل پيش ڪندا آهن ته عورتن جي لاءِ هڪ مخصوص دائري ڪار ۽ رهڻ ڪرڻ جا زبردستي عائد ڪيل ظابطا دراصل ان جي حفاظت ۽ احترام جي عڪاسي ڪندا آهن،...” هو اڳتي هلي وڌيڪ لکي ٿو ته عورتن ۽ مردن جي اڪيلي معروضي متڀيدي لڪير عورت ۽ مرد جو جسماني فرق آهي. جديد معاشرو حياتياتي قيمتن ۽ عضون جي فرق کي انساني عقل، صلاحيت ۽ امڪان جو بنياد نه ٿو سمجھي، دراصل بنياد پرست گروهه عورت ۽ مرد ۾ لڪير ڇڪي انساني جسم جي احترام کان انڪار ڪري ٿو. جيڪڏهن انسان پنهنجي جسم جو احترام وڃائي ويهن ۽ پنهنجي جسماني خصوصيتن تي فخر ۽ شرمندگي جهڙن احساسن جا شڪار ٿي وڃن ته اهي معاشري جي سياسي شڪل، فڪري بلوغيت ۽ گڏيل فيصلي سازيءَ ۾ ڪارگر آواز ڪڍڻ جا اهل ناهن رهندا.
هن مرداڻي جڪڙ ۾ آيل سماج ۾ ڪجھ بي بنياد ۽ غلط تصور عورتن ۽ مردن وچ جوڙيا ويا آهن. اهي ڪجھ هن طرح آهن ته؛
1.      مرد فطري خود مختيار آهي جڏهن ته عورت بي اختيار پيدا ڪيون ويون آهن.
2.      عورتون ڪمزور هونديون آهن جڏهن ته مرد طاقتور ٿيندا آهن.
3.      مرد ماهر جڏهن ته عورتون نااهل هونديون آهن.
4.      مرد جي حيثيت مڃيل، عزت ۽ دٻدٻي واري جڏهن ته عورتون هيٺين درجي جي حيثيت واريون هونديون آهن.
5.      عورتون جذباتي هونديون آهن جڏهن ته مرد منطقي سوچ ڌاريندڙ هوندا آهن.
6.      مرد فيصلا ڪندا آهن ۽ انهن تي عورتون عمل ڪنديون آهن.
7.      مرد گھر لاءِ ڪمائي ڪندڙ ۽ عورتون گھر جون ڪم ڪندڙ هونديون آهن.
8.      مرد ليڊر جڏهن ته عورتون سندن مددگار هونديون آهن.
9.      مرد دلير جڏهن ته عورتون خوف ۾ مبتلا رهندڙ هونديون آهن.
10.  عورتون امن پسند جڏهن ته مرد اڳرائي ڪندڙ هوندا آهن.
11.  مرد ڳالهائڻ مهل کَلي ڳالهائيندا آهن، جڏهن ته عورتون شرمائنديون آهن.
12.  مرد سرگرم، پرجوش رهندڙ جڏهن ته عورتون غير سرگرم هونديون آهن.
سنڌ جي سماج اندر به اهي ڳالهيون صدين کان رائج آهن. ڪن ڳالهين ۾ ته اسان پوري دنيا کان چوٽ تي چڙهيل نظر ٿا اچون. مثال طور ڇوڪرين جي پڙهائڻ ۽ سندن رشتن ناتن ۾ ساڻن مشورو ڪرڻ کي انتهائي بي غيرتي سمجھيو ويندو آهي. ا ڪارو ڪاري جي نالي ۾ هلندڙ نياڻين جي قتلام کي مڙس ماڻهپي سان جوڙيو ويو آهي. حالانڪه اهي سوچون اسان وٽ ٻاهرين قومن وٽان پهتيون آهن، جن کي اسين هاڻي آسماني صحيفو سمجھي پوڄي رهيا آهيون. سماج اهي ترقي ڪندا آهن، جن وٽ زندگيءَ سان سلهاڙيل ڪن تمام اهم ڳالهين متعلق واضع. چٽو مؤقف هوندو آهي. انهن کي خبر هوندي آهي ته ڪهڙي ڳالهه سندن فائدي واري جڏهن ته ڪهڙي نقصانڪار آهي. صنفي فرق کي سمجھڻ بنا اسان ترقي نه ٿا ڪري سگھون. جڏهن قوم جي اڌ آبادي ترقيءَ لاءِ هلندڙ سموري وهنوار کان الڳ هجي، بلڪ انهن کي انسان ئي نه سمجھيو وڃي، ته پوءِ اسان تيزيءَ سان تبديل ٿيندڙ دنيا سان ڪيئن قدم بقدم هلي سگھنداسين. انهن ڳالهين کي سمجھڻ لاءِ ڪن آمريڪا ۽ يورپ جي ڏاهن جي ڪيل ڪم تائين اسان جي ڀلي ته پهچ نه به هجي پر اسان جو لاکيڻو لطيف پنهنجي شاعريءَ ۾ اسان لاءِ ڪيئي ڏاهپ ڀريا سبق ڇڏي ويو آهي. انهن صنفي تصورن کي ذهن ۾ رکي جڏهن سنڌ جي عظيم شاعر شاهه عبدالطيف جي شاعريءَ جو مطالعو ڪبو، سندس شاعري ۾ ٻڌايل فلسفي کي اڄوڪي د‍ؤر ۾ مردن ۽ عورتن سان سماج اندر هلندڙ روين سان ڀيٽ ڪبي ته ڪيئي ڳالهيون کَلي ڪري آشڪار ٿي پونديون. . ڊاڪٽر فهميدهه حيسن پنهنجي ڊاڪٽوريٽ جي مقالي ”شاهه لطيف جي شاعري ۾ عورت جو روپ“ ۾ لکي ٿي ته ” عورت جي ڪردار کي ڪڏهن صنف نازڪ ۽ ڪڏهن جنسِ لطيف جهڙين خوبصورت لفظن ۾ بيان ڪري مٿس ڪمزوري ۽ بزدليءَ جو ٺپو لڳايو ويندو آهي. شاهه صاحب جي ڪردار وارين عورتن ان تصور کي غلط ثابت ڪيو آهي.” سنڌ جي مڃيل سياستدان ۽ اديب رسول بخش پليجي ”وهڻ مون نه وڙاءِ“ ڪتاب ۾ لطيف سرڪار لاءِ لکيو آهي ته هو اهڙن ڏاهن ۾ شمار ٿيندا آهن جن ... انسانن جي روح ۾ جھاتي پائي انسانن جا دک درد سندن جذبا ۽ احساس ڏٺا هئا.“ پنهنجي ڳالهه کي اڳتي وڌائيندي پليجو صاحب لاکيڻي لطيف لاءِ وڌيڪ لکي ٿو تههن سنڌ جي عام ماڻهن، مردن ۽ عورتن خاص ڪري عورتن جي جذبن جي جنهن خلوص امنگ ۽ جذبي سان ترجماني ڪئي آهي، تنهن جي بيان لاءِ دفتر کپن.
سسئي جي روپ ۾ هڪ اهڙي بهادر عورت جيڪا پنهنجي ور جي ڳولها لاءِ حد لاحد لنگھي ٿي وڃي. جھنگ، جبل، روهه، ڪنڊا، بک، اڃ، اڻ ڏٺل واٽ تي ايندڙ سموريون تڪيلفون کيس سندس عزم تان هڪ انچ به پوئتي هٽائي نه ٿيون سگھن. سسئي صرف هڪ جدوجهد ڪندڙ ڪردار طور سامهون نه پئي اچي پر هوءَ ليڊر طور پنهنجا فيصلا پاڻ ٿي ڪري. جھنگ جھاڳڻ، لنڊيون لتاڙڻ، جھنگلي جانورن سان مهاڏو اٽڪائڻ وارا ڪم ڪو خوف ۾ مبتلا رهندڙ انسان ڪيئن ٿو ڪري سگھي! لطيف سائين پنهنجي شاعريءَ وسيلي ان غير منطقي سوچ کي ڀنڃي ڀورا ڪري ڇڏيو آهي ته عورتون ڪمزور، خوف ۾ مبتلا رهندڙ هونديون آهن. سسئيءَ جي روپ ڌاريندڙ عورت جي نالي ڪير چوندو ته اها ڪمزور هئي. هوءَ پنهنجي محبوب وَر پنهونءَ ڏانهن ويندڙ راهه تي ملندڙ هر تڪليف کي هڪ چئلينج ڪري ٿي وٺي ۽ پنهنجي پرين سان والهانه محبت ۽ عقيدت ڪري کيس اهي تڪليفون، ڏک ڏاکڙا به سک ٿا لڳن؛
ڏاگھن ڏيرن ڏونگرن تنهي ڏنم ڏک،
سي سڀ ڀانيم سک هيڪاند ڪارڻ هوت جي.
هوءَ پنهنجي ساهيڙين کي چئي پئي ته سندس سفر اڻانگو ۽ ڏکيو آهي، ان ڪري خالي سڌون ڪرڻ واريون مون سان نه هلو، صرف اهي سندس ساٿ ڏين جيڪي پنهنجي جان جي پرواهه نه ڪن؛
سڌائتي سڀ ڪا بک نه باسي ڪا،
جيهيءَ تيهيءَ ذات جي، جنبش ڪانهي ڪاِ،
مون سين هلي سا، جا جيءُ مٺو نه ڪري.
هوءَ مسلسل جدوجهد جي حامي آهي، منزل صرف اهي ماڻيندا آهن جيڪي منزل طرف ويندڙ راهن تي ويهي ڄاڻو، ڏاهن انسانن کان رهنمائي حاصل ڪندا رهندا آهن، اهي ڪڏهن به منزل ماڻي نه ٿا سگھن جيڪي ستل هجن، گھر جي ڪنڊ ۾ ويٺل هجن. سسئي جي عزم، حوصلي، همٿ، جذبي، بهادري وارين روين کي چٽي طرح سمجھائيندڙ ڪجھ بيت هيٺ ڏيان ٿو؛
ويٺي ور نه پون، ستي ملن نه سپرين،
جي مٿي رندن رئن، ساڄن ملي تن کي.
ڪر ڪو واڪو وس، وهه مهَ منڌَ ڀنڀور ۾،
چڙهي ڏاڍهين ڏونگرين، پير پنهون جو پس،
ڏورڻ منجھان ڏس، پوندين هوت پنهونءَ جو.
هن بيت ۾ لطيف سائين سسئيءَ کي صلاح پيو ڏئي ته سؤ ڪوهه پنڌ جا ته سڀڪو ڪندو آهي، پر جڏهن تون صفا کهين پئين، ٿڪجي پئين ته ان وقت به هلندو رهجانءِ؛
سؤ ڪوهه ڪري سڀڪا، تون کهي کڻج وک،
تاڻج منجھان تک، ته پنڌُ پاسي ڀر نبري.
منزل ماڻڻ واريون اهي هونديون آهن جيڪي ڪا به لالچ يا لوڀ نه رکنديون آهن، اهي هر وقت سڄاڳ رهنديون آهن؛
سڀ ننگيون ٿي نڪرو، لالچ ڇڏي لوڀ،
سپيريان سي سوڀ ننڊون ڪندي نه ٿئي،
هن بيت ۾ سسئي جو پنهنجي پرين پنهونءَ سان لاڳاپو ته ڏسو، جو کيس وڻن مان به آري ڄام جو واس پيو اچي، ۽ سندس حوصلو اجھو هيءُ آهي ته چئي پئي ته جي جھنگ جا مرون سندس ماس به کائي ويندا ته به سندس هڏا هوت ڏانهن هلندا؛
لڏيندي لباس، جتن جيڏو ئي ڪيو،
اچي آري ڄام جو وڻ وڻ منجهان واس،
مرون کينم ماس، هڏا هلندا هوت ڏي.
سسئي جي روپ ۾ اسان کي اورچ، بهادر، مظبوط ارادي واري هڪ اهڙي عورت ٿي نظر اچي جيڪا پنهنجي مقصد جي حاصلات لاءِ ڪنهن به رڪاوٽ، تڪليف، خوف کي پنهنجي ويجھو اچڻ ئي نه ٿي ڏي. اتي ٿورو ساهي پٽي اسان عورتن لاءِ هوائي توائي ڳالهين جي ڇنڊ ڇاڻ ڪندا سين ته اهي سڀ نظريا ڪوڙا ثابت ٿيندا جنهن مطابق ته اهي صنف نازڪ آهن، منجھن ڏکيا ڪم ڪرڻ جي صلاحيت، طاقت ۽ حوصلو ئي ناهي.
ڀٽائي بک هڙتال تي“ ڪتاب ۾ ڊاڪٽر ملڪ نديم پنهنجي مضمون ”سرڪاپائتي ململ منجھان سون“ ۾ لطيف سرڪار پاران معاشري ۾ عورتن جي هڪجهڙين حقن لاءِ کي هن نموني بيان ڪيو آهي “ڀٽائي عورت کي گھرو يا ملڪي ترقي ۾ هڪ جهڙي حيثيت ۾ حصي نه وٺڻ واري زرعي اخلاقي قدرن جي سخت مخالفت ڪئي ۽ پنهنجي شاعريءَ ذريعي سُر ڪاپائتي يا ٻين سرن ۾ عورت لاءِ محنت يا محبت جي آزادي جي حمايت ڪئي. محبت جي آزادي لاءِ سر سهڻي ڀٽائي جو نمائندو سُر آهي ته محنت جي آزادي لاءِ سُر ڪاپائتي لطيف جو اڳواڻ سر آهي.” ساڳي ڪتاب ۾ اڳتي هلي ڊاڪٽر ملڪ نديم سرڪاپائتي ۾ عورت جي محنت کي گھر جي عظمت سان ملائيندي لکي ٿو تهڀٽائي سر ڪاپائتي ۾ عورت کي پورهئي ۽ هنر جي آزادي حاصل ڪرڻ سان گڏ پنهنجي ڪٽنب ۽ ڀتار ڪانڌ سان وفاداري سان ساڳيو پيار قرب ۽ وفاداري قائم رکڻ جي تلقين ڪئي آهي، ٻئي پاسي پورهئي کان لنوائيندڙ عورت کي خبردار ڪيو آهي ته کيس ڪانڌ ۽ ڪٽنب ۾ عزت ۽ محبت نه ملندي.
ارٽ اوڏو نه ٿئين، ڀوري ڀوري سيئن،
ڪنڌ کڻندين ڪيئن، اڱڻ عجيبن جي.“
لطيف جي ٻئي عورت ڪردار مارئي جو مثال ٿا وٺون ته ڪيئن نه هوءَ هڪ ڏاڍائي ڪندڙ بادشاهه جي آڏو پنهنجي حقي مؤقف تي اٽل ٿي بيهي رهي. هن سندس پاران ڏنل سڀني عيش عشرت جي زندگيءَ جي لالچن کي ٺڪرائي پنهنجي غريبي حال تي فخر ۽ وڏائي جو اعلى مثال قائم ڪيو ته ان مان صاف ظاهر آهي ته عورت مظبوط ارادي واريون به ٿينديون آهن، جيڪي وقت اچڻ تي جبل جيان اٽل ٿي بيهي رهنديون آهن. مارئي انهن منجھان هڪ هئي جنهن عمر بادشاهه پاران سمورن سهولتن کي وٺڻ کان انڪار ڪندي اهو چيو ته؛
پٽولا پنهواريون مور نه مٿي ڪن،
جه لاک رتائون لوئيون، ته سالنئا سونهن،
ان ايلاچنيون اڳري، بخمل بافتن،
سکر ڀانئيان سومرا کٿي کان کنڀن،
جا ڏنيم ڏاڏاڻن سان لاهيندي لڃ مران.
يا سندس هي ڪيڏو نه خوبصورت خيال آهي ته؛
ڪراين ڪروڙ جا، چوڙا ڪوڙا جن،
سو مرڪ ماروئڙن، جئان لوڪ لڄ ٿئي.
يعني ته ڪراين تائين جيڪي چوڙيون چڙهيل آهن، اهي آهن ته ڪوڙيون، پر سندن قيمت ڪروڙن ۾ آهي، ٿر ڄائيون اهو ڪم ڪنديون آهن، جنهن کان لوڪ کي لڄ ايندي آهي.
ان سلسلي کي اڳتي وڌائيندي مارئي چوي ٿي ته اها ته اسان جي ريت ئي ڪانهي ته پکن، جھوپڙن ۽ چؤنئرن ۾ رهندڙ ڪا عورت پنهنجي عزت، سيل، وقار جو سودو محلن ماڙين ۽ ٻين بادشاهي سهولتن سان ڪري؛
اي نه مارن ريت، جيئن سيڻ مٽائين سون تي،
اچي عمر ڪوٽ ۾ آءُ ڪنديس ڪان ڪَريت،
پکن جي پريت، ماڙي مور نه مٽيان.
در اصل مارئي هڪ علامت طور تي پيش ڪئي ويئي. هڪ اهڙي بهادر، وطن دوست، سچار، پنهنجي عزت ۽ عظمت جي حفاظت ڪندڙ عورت جيڪا وقت جي جابرن آڏو پنهنجي حقي ڳالهه ڪندي ڪانه هٻڪندي آهي. سنڌ ڄائي شهيد بي نظير ڀٽو کي به ان ڪري مارئي ملير جي ڪري ياد ويندو آهي ته اها وطن جي حب ۾ سرشار هئي، کيس وطن جي غريب ماڻهن سان عقيدت هئي، هوءَ چاهي پئي ته هن ملڪ جي ماڻهن جي زندگيءَ ۾ ڪا بنيادي تبديلي اچي. جڏهن هڪ بهادر، اڻموٽ ۽ اورچ عورت سان وقت جا ”عمرجڏهن سندس مقابلو ڪري نه سگھيا ته کيس جسماني طرح ختم ڪيو ويو.
اڄ جي دؤر ۾ سنڌ جي عورتن کي انسان ته سمجھيو ئي نه پيو وڃي، عورتن جي قتل جون خبرون اسان روز پڙهندا آهيون. 2009ع ۾ ڪل ملائي 284 عورتون سڄي سنڌ ۾ قتل ٿيون، جن مان گھڻائي اهڙين جي هئي جن تي ڪارو ڪاري جو الزام لڳائي بيدرديءَ سان ڪٺو ويو هيو. سنڌ جي دامن تي ڪاروڪاريءَ جي نالي ۾ ڪٺل نياڻين جي اڻ لکيل ايف آئي آر هڪ بدنما داغ آهي. سنڌ ۾ عورتن سان مت ڀيد جي حوالي سان جيڪي ڏاڍايون جاري آهن انهن ۾ سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ، خوني ۽ دهشتناڪ ڪارو ڪاري جو هلندڙ وهنوار آهي. لطيف جي رسالي ۾ سُر سهڻي ان سموري نام نهاد وهنوار مان مانڌاڻي ٿو ڦيري ڇڏي. سهڻي هڪ شادي ٿيل عورت هئي جنهن کي سندس مرضيءَ خلاف ڏم نالي همراهه سان پرڻايو ويو هيو، جڏهن ته سندس دل اندر ميهر (ساهڙ) جي محبت ايندڙ ويندڙ ساهن جيان سمايل هئي. هوءَ روز رات جو گھڙو کڻي پنهنجي محبوب سان ملڻ لاءِ دريا پار ڪندي هئي. سندس ان عشق جي خبر سندس مڙس ۽ ٻين گھر جي ڀاتين کي به هئي جيڪي کيس طعنا طنقا به ڏيندا هيا.
ڏم ڏيهاڙي ڏي، سندا ميهر مهڻا،
جھليم ٿي جھولي ۾ پلئه پايو سي،
مرجان چاليهه چي، سڱا سپرين جي،
ڏم پاران مون کي ميهار سان ملڻ لاءِ روزانا طعنا ٻڌڻا پوندا آهن، پر جيڪڏهن مون کي اهڙا چاليهه طعنا روز ملن ته به مان پنهنجي محبوب سان ملڻ کان ڪين ڪيٻائندس. اهڙي صورتحال هوندي به ڪڏهن نوبت خون خرابي تائين نه پهتي. بقول سنڌ جي ”امر جليل“ جي ته ”سهڻي دنيا جي اها واحد عورت آهي جيڪا شادي شدهه هوندي به ٻي ڪنهن سان پيار ٿي ڪري ۽ دنيا وارا کيس عزت جي نظرن سان ڏسن ٿا.“ منهنجي خيال ۾ ته جنهن نموني لطيف سرڪار سندن عشقه داستان کي بيان ڪيو آهي، اهو ان جو ئي ڪمال آهي. هونئن جي اڄ جي وڏيرن، سردارن جو جوڙيل اصولن (نام نهاد) کي سامهون رکي پرک ڪنداسين ته سهڻي ته سراسر ڪاري هئي، جنهن کي سرعام قتل ٿيڻ گھرجي ها ۽ سندس لاش کي ڪنهن ڪارين جي الڳ قبرستان ۾ وڃي دفن ڪجي ها جت انهن ريگناهه ماريل نياڻين جي قبرن تي قلن پڙهڻ کي به بي غيرتي سمجھيو ويندو آهي. پر ان جي ابتڙ لطيف ته ان کي عظيم سورمي، بي باڪ، نڊر، بهادر، محبت جهڙي عظيم جذبن جو ترجمان ڪري پيش ڪيو آهي ۽ کيس صلاح ٿو ڏئي ته؛
مرج وٽ ميهار، متان موٽئين سهڻي،
ساهڙ جا سينگار متان ڏم ڏيکارئين.
يعني سهڻي کي مرڻ ئي ميهار وٽ گھرجي، ۽ هن جيڪي سينگار ساهڙ لاءِ ڪيا آهن اهي ڏم (سندس مڙس) کي نه ڏيکارڻ گھرجن.
صنف جي موضوع تي سنڌي ادب ۾ تمام گھٽ لکيو ويو آهي. پر صديون اڳ يگاني عالم، ڏاهي، فلسفي شاعر شاهه عبدالطيف ڀٽائي جنهن فنڪارانه نموني عورتن جي حقن، سندن آزادي، برابري لاءِ آواز اٿاريو آهي ان ڳالهه جو نظير ملڻ به مشڪل آهي. محبت جي ماريل عورتن جي اڌمن جي اپٽار، پنهنجن ورن جون واٽون نهاريندڙ ونين جو انتظار، ظلم جي آڏو جبل وانگر اڏول ٿي بيٺل عورتن جي للڪار ن کي لفظن جو روپ ڏئي جنهن نموني شاهه عبدالطيف ڀٽائي صديون اڳ جڏهن اڃا صنف تي جديد تحقيق جو تصور به موجود نه هيو ته هن عورتاڻي جذبن جي عڪاسي اهڙي ته فنڪارانه انداز ۾ ڪئي آهي جنهن کي پڙهي ۽ ڏسي سندس عظمت کي سوَ سلام ڪرڻ لاءِ دل ٿي چوي. سهڻي جي روپ ۾ لطيف سائين چوي پيو ته :
واهُڙ وهن نوان، اڃا وَههُ اڳي ٿيو،
گھَرَ ويٺيون گھڻا ڪريو، سَرتيون سـڱ نوان،
صورت جا ساهڙ جي ساجي ڏٺي مان،
هوند نه پليو مان، گھڙو سڀئي گھڙا کڻي.
هن شعر ۾ لطيف سهڻي جي روپ ۾ چوي پيو ته جيئن مون ساهڙ (محبوب) کي پسيو آهي، محسوس ڪيو آهي، ۽ جي اها حقيقت اوهان به پروڙ ي وٺو ته هوند اوهان به ڪنهن (نام نهاد، ظاهري، ڪوڙي) عزت جي انا کي پاسي رکي مون وانگر گھڙا کڻي وچ سير ۾ ٽپي پئو. اهو ڪهڙو محبوب جو روپ هو جيڪو سهڻيءَ جي روپ ۾ لطيف سائين کي نظر آيو هيو. منهنجي خيال ۾ ته انوقت ۽ اڄ به جيڪي نام نهاد غيرت جا غليظ رويا مرد عورتن سان رکي ٿو، عورتن کي هيچ سمجھي انهن کي پنهنجي پير جي جتي ڀانئي ٿو، عورتن کي سمورن بنيادي حقن جنهن ۾ محبت، پيار، عشق به شامل آهي انهن کان محروم رکي ٿو انهن جي اپٽار ڏاڍي فنڪارانه انداز ۾ ڪئي آهي. سهڻي هڪ شادي شدهه عورت هئي، جنهن کي وري هڪ ٻئي مرد ميهار سان عشق ٿي ويو. لطيف وٽ اهو ڪوبه گناهه نه آهي. لطيف جي سورمين ۾ سهڻيءَ جو شمار هڪ اوچي مقام رکندڙ هڪ اهڙي باوفا، بهادر، پيار جي لطيف جذبن سان ٽمٽار عورت جو آهي، جنهن پنهنجي وصل جي خواهش کي عملي روپ ڏيڻ خاطر پنهنجي جان جو نظرانو ڏيڻ کان به ڪين ڪيٻايو. ان مان صاف ظاهر ٿو ٿئي ته لطيف وٽ ڪارو ڪاري جو ڪوبه تصور نه هيو.
لطيف جي شاعريءَ ۾ ٻين بهادر ۽ ڏاهين عورتن جو ذڪر ايندڙ مضمون ۾ ڪندس پر آخر ۾ اهو ضرور چوندس ته اسان جو سماج هڪ اهڙي انڌ جي گھوڙي تي سوار آهي، جنهن جي ڪابه منزل طئي ٿيل نه آهي. اسين خواريءَ جا کارا کڻي هنڀوچيون پيا هڻون ته اسان وڏا ”غيرت مند“ آهيون. منهنجي خيال ۾ ته اڄ جي دؤر ۾ حقيقي غيرت مند اهو آهي جيڪو واقعي به پنهنجي نياڻين کي ست قرآن سمجھي کين زندگيءَ جون سموريون سهولتون مهيا ڪري ڏئي، کين برابري جا حق ڏئي جيڪو مٿن ٿورو نه آهي پر اهو انهن جو بنيادي انساني حق آهي. اچو ته سنڌ جي نياڻين کي بااختيار بڻايون، کين تعليم جي زيور سان آراسته ڪرڻ جا گس کوليون، اسان کي سنڌ جي عظيم روايتن جي پاسداري ڪندڙ عظيم انسانن (جهڙوڪر لطيف سائين) جي ڏسيل واٽ تي هلڻ گھرجي، جو ان ۾ ئي نجات آهي، جيئين شاهه صاحب چئي ويا آهن؛
پڙاڏو سوئي سڏ، ور وائيءَ جو جي نه لهين،
هئا اڳهين گڏ، ٻڌڻ ۾ به ٿيا.

3 comments:

  1. ادا احسان دانش، هيءُ ليکڪ عامر گل ڪوٽهار نه بلڪه امير گل ڪٽوهر آهي، سائين پيشي جي لحاظ کان پروفيسر ۽ ادب جو سٺو ڄاڻو آهي، نالي جي درستگي ڪريو...

    ReplyDelete
  2. درستگي لاءِ مهربانيون...

    ReplyDelete
  3. سائين توهان جا قربَ.

    ReplyDelete