شاهه جو رسالو

Saturday 5 December 2015

شاهه جي سُر مارئي جو جائزو ـــ ڊاڪٽر علي اڪبر اسير قريشي (DR. Ali Akber Aseer Qureshi)



ڊاڪٽر علي اڪبر اسير قريشي

شاهه جي سُر مارئي جو جائزو

 

قسمت قيد ڪياس، نه ته ڪير اچي هن ڪوٽ ۾،
”ونحن اقرب اليه من حبل الوريد“ وطن آئون ويندياس،
مارُن کي ملندياس، ڪوٺيون ڇڏي ڪڏهين.
سنڌ نه رڳو پنهنجي قدامت ۽ بيهڪ کان مشهور آهي، پر سندس ڪنڊ ڪنڊ شاعرن، عالمن، اديبن، بزرگن، درويشن ۽ صوفين سان مختلف وقتن تي سدائين سرشار پئي رهي آهي، اهڙو سلسلو اڻ کٽ ۽ جڳن کان هلندو پيو اچي، جيڪو سدائين جاري رهندو.
اهڙا سنڌ جا سپوت ۽ سپورنج نه رڳو پنهنجي علم ۽ عمل، ڏاهپ ۽ سياڻپ سبب نمايان حيثيت جا مالڪ آهن، پر سندن شيوو رهيو آهي ته انسان جھڙي اشرف المخلوقات جي اندر ۾ اعلى اخلاق ۽ گڻ پيدا ڪرڻ، جنهن سان انسانيت ۽ اشرف المخلوقات جو مليل لقب برقرار رهي سگھي. اهڙن اعلى ڪردارن ۽ اعلى اخلاق پيدا ڪرڻ لاءِ سنڌ ۾ اڄ تائين جن به اهم شخصيتن جنم ورتو آهي، تن ۾ شاعرن جي سرتاج، ڀلاري ڀٽ ڌڻي، ڀٽائي گھوٽ، لاکيڻي لال ۽ سدا حيات شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو نالو سرفهرست آهي. ڀٽائي گھوٽ سان اسان جي والهانه عقيدت ۽ محبت آهي، اسان وٽ سندس ڪلام موجود آهي، جنهن جي وسيلي سنڌ ۽ سنڌين جو هر دور ۾ مان مٿاهون پئي رهيو آهي. اڄ تائين جيڪو ڀٽائي گھوٽ کي مقام حاصل ٿيو آهي، سو مقام ڪنهن به ٻئي شاعر کي نه مليو آهي، سندس ڪلام ئي آهي، جنهن سبب اسان کي فخر و ناز آهي ۽ رهندو.
ڀٽ جي گھوٽ پنهنجي ڪلام وسيلي انسان جي اندر انسانيت جا اعلى گڻ ۽ اعلى اخلاق، حسن ۽ حق، عشق ۽ آشتي جي بهترين خوبين کي اعلى نموني اجاگر ڪيو آهي، جنهن جوڳ ڪو مثال ملڻ مشڪل آهي، ان کان علاوه عشق ــ الاهي، عشقِ رسول، انسان دوستي ۽ حب الوطنيءَ جا انيڪ جذبا جاڳائي ويو آهي، پر سندس ڪلام پاڪ خيالن، جوش ۽ جذبن ۽ عشق جي امنگن جي صحيح صحيح ترجماني ۽ رهنمائي ڪري رهيو آهي ۽ ڪندو رهندو. سندس ڪلام ۾ پنهنجو پنهنجو مزو ۽ ميٺاج، خوبي، لذت، رنگ ۽ تاثير وغيره آهي، هر ڪو پنهنجي خيالن آهر سندس ڪلام مان مزو ماڻيندو رهي ٿو.

شاهه جو پيغام امن، آزادي ۽ انسانيت ــ محمد بخش ڏاهري (Muhammad Bux Dahri)



محمد بخش ڏاهري

شاهه جو پيغام امن، آزادي ۽ انسانيت
جڏهن سنڌ جي عظيم ڌرتي تي هن جو جنم ٿيو هو، تڏهن سنڌ جا سج، چنڊ، تارا، ڪتيون آزاد وطن جي هوائن جا سلامي ٿيندا هئا سندس جنم سنڌ جي ڌرتي جو ڳاٽ اوچو ڪري ڇڏيو هو. وهمن وسوسن ۾ وڪوڙيل ان سنڌ ۾ ان وقت نه فقط فارسي ٻولي ڳالهائي ويندي هئي، پر ڪلهوڙا حڪمران ڌارين حملي آورن جو ڏن به ڀريندا هئا، جنهنڪري سنڌ جو رت ست نابود ٿيڻ لڳو هو، شاهه حبيب جي گهر ۾ جنم وٺندڙ عبداللطيف پيدائشي باغي هو، جيڪو ان وقت ننڍپڻ ۾ ئي ان جو اظهار ڪري وجهندو هو. هالا جي ويجهو “ڀئين پور” هڪ ننڍڙو ڳوٺڙو هو، جنهن جا آثار اڄ به ڀٽ شاهه کان چار پنج ڪلو ميٽر ڏکڻ اولهه ڪنڊ تي موجود آهن، ڪن محققن ان ڳوٺ کي ڪوٽڙي (ڪوٽلي) به لکيو آهي، پر ان ڳوٺ تي ڪا خاص تحقيق نه ٿي آهي، چون ٿا ان علائقي ۾ بيگ جي ڪا حويلي  هئي جيڪي پنهنجي دور جا وڏا با اثر ماڻهو ۽ مذهبي ڪٽرپرست هئا. هو عورتن جي پردي جا سخت پابند هئا. ان ڪري حويلي کان ٻاهر ڪنهن به عورت کي نڪرڻ ته ڇا پر آسمان ڏانهن نهارڻ جي به اجازت نه هوندي هئ، ان حويلي ۾ جيڪڏهن ڪا عورت بيمار ٿيندي هئ ته اهي شاهه حبيب کي ڌاڳي ڦيڻي لاءِ وٺي ويندا هئا، سائين جڏهن جواني جي منزل کي رسيو هو ته هو روحاني رازن سان پڻ ٽمٽار ٿي چڪو هو. چون ٿا هڪ ڀيري بيگ برادريءَ جي ڪا عورت ناچاڪ ٿي پيئي، شاهه حبيب جي طبيعت به ٺيڪ ڪا نه هئي، ان ڪري دعا ڪرڻ لاءِ هن شاهه عبداللطيف ڀٽائي کي موڪليو شاهه لطيف جڏهن حويلي ۾ داخل ٿيو ته ان نواجوان ڇوڪري کي ويڙهيو ويو هو، پر فقط ان جي هڪ چيچ ظاهر ڪري لطيف جي هٿ ۾ ڏنائون ته هو ڦيڻو رکي، روحاني منزل تي رسيل لطيف سرڪار ان جي چيچ پنهنجي هٿ ۾ جهليندي چيو ته “جنهن جي چيچ سيد جي هٿ ۾ تنهن کي لهر نه ڪو لوڏو.” ان کان پوءِ بيگ ڏاڍا ڪاوڙيا ۽ لطيف سائين لاءِ ڌرتي تنگ ڪري ڇڏيائون، شاهه صاحب ايترو ته تنگ ٿيو جو هڪ بيت چيائين:
بيگ تنهنجي بيگي ڪوٽڙيءَ ۾ رهندي ڪا نه،
اٿم آس الله ۾، دل مارنيئي مات.

Wednesday 2 December 2015

شاهه لطيف جي ڪلام جي ادبي، فني ۽ لسانياتي پرک ـــ ڊاڪٽر احسان دانش (DR. Ahsan Danish)



ڊاڪٽر احسان دانش


شاهه لطيف جي ڪلام جي ادبي، فني ۽ لسانياتي پرک

شاهه لطيف جي حقيقي عظمت سمجڻ لاءِ سندس شاعريءَ جي فني، ادبي ۽ لسانياتي پرک ڪرڻ نهايت ضروري آهي. هن وقت تائين ڀٽائي جي ڪلام جي اهڙي پرک ٻن سطحن تي ٿي آهي. پهريون مقامي ۽ ٻيو بين الاقوامي. مقامي سطح تي شاهه کي سندس ٻوليءَ جي خاصيتن، علم البيان توڙي مروج شعري اصولن، موسيقيت ۽ ٻين خوبين جي بنياد تي پرکي اسان جي عالمن ۽ محققن کيس هڪ وڏي شاعر جي حيثيت ڏني آهي ۽ اهڙي ريت ٻين عالمن وري سندس شاعريءَ کي بين الاقوامي ادبي اصولن، معيارن ۽ قدرن تي پرکي عظمت جي بلندين تي بيهاريو آهي. هن مقالي ۾ مون ڀٽائي جي ڪلام جي مقامي سطح تي يا ننڊي کنڊ جي سنڌي عالمن ۽ محققن مطابق، مروج فني، ادبي ۽ لسانياتي اصولن کي سامهون رکندي  ڪيل تحقيق ۽ پرک جي حوالي سان مختصر تحقيقي جائزو پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

ڊاڪٽر گربخشاڻي پنهنجي ڪتاب ”مقدمه لطيفي“ ۾ لکيو آهي ته ”شاهه لطيف جهڙو هر وجه ڪامل ۽ هر دلعزيز شاعر، سنڌ ۾ اڃا ڪونه پيدا ٿيو آهي.... سندس شاعراڻيءَ ”خستوريءَ جي خوشبوءِ سڀ ولات واسي ڇڏي آهي. شاهه ئي آهي جنهن ۾ هڪ وڏي شاعر جون ڪُلي لياقتون موجود آهن. سندس خيالي قوت جو هڪ وڏو پرياڻ هي آهي، ته جيئن جيئن اسين سندس شعر تي اونهو غور ڪندا سين، تئين تئين اسان ۾ نئين حيرت اتپن ٿيندي.“ (1) ساڳي ڪتاب ۾ گربخشاڻي صاحب شاهه جي شاعريءَ جي جمالياتي پهلوءَ تي روشني وجھندي چيو آهي ته ”ڪنهن به شاعر جي بزرگي اوتري قدر قبول ڪئي ويندي، جيتري قدر منجھس جمال جي مشاهدي ماڻڻ جي قابليت آهي ۽ جيتري قدر ان مشاهدي جي ڪري سندس جيءَ ۾ جذبا ۽ امنگ اٿن ٿا. جمال جا پڻ ڪيترا ئي قسم آهن جهڙوڪه طبعي، جسماني، اخلاقي ۽ روحاني. مگر درحقيقت سڀ حسن جو مول هڪ ئي آهي ۽ جنهن جنهن ويس ۾ پاڻ کي پڌرو ڪري ٿو، تنهن تنهن ويس جي پسڻ سان نينهن کي نوان نوان نيش اچن ٿا.“ (2) جماليات بيشڪ شاعريءَ جو روح آهي ۽ دنيا جي سمورن وڏن شاعرن جي شاعري حسن ۽ جمال جي خوبي سان ڀريل آهي. جتي فارسي جي عظيم شاعرن رومي، سعدي، حافظ، فردوسي، جامي ۽ تبريزي جي ڪلام ۾ حسن ۽ جمال جي جوت جرڪي ٿي اُتي عربي جي سبعه معلقات وارن ستن قادرالڪلام شاعرن امرءُ القيس، زهير بن ابي سلمى، عمرو بن ڪلثوم التغلبي، طرفه ابن عبدالبڪري، عنتره بن شداد العبسي، لبيد بن ربيعه العامري ۽ حارث بن حِلزه اليشڪري ۾ پڻ جمال جا جلوى نظر اچن ٿا. ائين ئي هندي ڪوتاڪارن ۾ جئين رامانند، ڀرتري هري، ميران ٻائي، دادو ديال، سورداس، ڀڳت ڪبير، تلسيداس ۽ ڪاليداس جا شبد سونهن جا پُر پيالا آڇين ٿا تئين ئي انگريزي ۽ يورپي شاعرن شيڪسپيئر، ورڊس ورٿ، گوئٽي، ٽي ايس ايليٽ، والٽ وٽمن ۽ بادليئر جي نظمن ۾ به جماليات جھلڪندي محسوس ٿئي ٿي. ان جماليات شاهه جي شاعريءَ ۾ به انوکو نکار پيدا ڪيو آهي. ان ڳالهه جي عملي ثبوت ۽ تحقيقي نتيجي طور نوجوان محقق ڊاڪٽر شير مهراڻي جي پي ايڇ. ڊي ٿيسز ”شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ جماليات“ پڻ موجود آهي.

شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ رنگ، خوشبو ۽ لباس ـــ ڊاڪٽر بشير احمد شاد (Dr. Bashir Ahmed Shad)

ڊاڪٽر  بشير  احمد  شاد

شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾
رنگ، خوشبو ۽ لباس

شاعري جيسيتائين فن ۽ فڪر جي حسناڪين سان مالا مال نه آهي، تيسيتائين اها پنهنجو مڪمل ڪارج ادا نه ٿي ڪري سگھي. شاهه لطيف سنڌي ٻوليءَ جو هڪ اهڙو شاعر آهي جنهن جي ڪلام ۾ فن جو آسمان به نظر اچي ٿو ته فڪر جو وهندڙ درياهه پڻ. ڀٽائيءَ جي شاعريءَ جو مطالعو ڪرڻ سان معلوم ٿيندو ته منجھس مختلف عڪسن جو ڀرپور ذڪر ٿيل آهي. ان حوالي سان ڊاڪٽر تنوير عباسي سٺو ڪم ڪيو آهي پر وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت کي محسوس ڪندي مون هن مقالي ۾ شاهه جي عڪسي شاعريءَ منجھان رنگ، خوشبو ۽ لباس جا حوالا يڪجا ڪيا آهن. انهن مان رنگ ۽ خوشبو جو تعلق سڌو سنئون عڪسي شاعريءَ سان آهي ۽ لباس جو تعلق ڪلچر سان. پر لباس جا به مختلف رنگ ۽ روپ ٿين ٿا. ان ڪري هي مقالو انهن ٽنهي جو سنگم آهي.
شاعريءَ ۾ عڪس پيدا ڪرڻ جا مختلف طريقا ٿي سگھن ٿا. يا ته ڪنهن نظاري جي چٽسالي، يا ڪنهن ماڻهوءَ جي مهانڊن جو ذڪر اهڙيءَ ريت ٿيل هجي جو هو بهو اهڙو نظارو اکين اڳيان چٽائيءَ سان اڀري اچي. ان قسم جي عڪس کي نظري عڪس (Visual Image) چئبو آهي. فطرت جي رنگن جو نظارو انهيءَ قسم جي عڪس منجھان اڀري ٿو. ائين وري ڪنهن ماحول يا چيز جو ذڪر اهڙيءَ ريت ڪجي جو ان جي خوشبوءِ يا بدبوءِ جو احساس ٿئي ته ان کي چئبو آهي سنگھڻ جو عڪس (Olfactory Image). ٻين عڪسن ۾ آوازي عڪس (Auditory Image)، چکڻ جو عڪس (Test Image)، ڇهڻ وارو عڪس (Tactile Image) ۽ ٿڌي گرم جو تاثر پيدا ڪرڻ وارو عڪس (Thermal Image) شامل آهن. اسان جي هن مقالي جو تعلق نظري ۽ سنگھڻ وارن عڪسن سان آهي.
لطيف سائين ماڻهن جو ڌنار هو، سندس شاعري ڪتابن جي مطالعي بدران فطرت جي مشاهدي مان ڦٽي نڪتي آهي. هن مشاهدي واري اک سان پنهنجي آس پاس جيڪي ڪجھ محسوس ڪيو ان جو اظهار نهايت خوبصورتيءَ سان برملا ڪري ڏنو. ان ڪري سندس شاعريءَ ۾ ڪٿي رنگن جو ذڪر آهي ته ڪٿي خوشبو جو. ائين ئي ڪٿي وري هن مادي ڪلچر جي جھلڪ طور لباس جا رنگ چٽيا آهن. شاهه جي رسالي ۾ ڪي اهڙا بيت به ملن ٿا جن ۾ هڪ ئي وقت رنگ، خوشبو ۽ لباس جو ذڪر ملي ٿو. هتي اسين پهريان شاهه جي رسالي مان چونڊيل بيتن جي روشني ۾ ٽنهي جو الڳ الڳ ذڪر ڪندا سين ۽ آخر ۾ اهڙا بيت ڏيندا سين جن ۾ ٽنهي شين جو گڏيل طور ذڪر ٿيل آهي.

ڪوڙين ڪايائون …… - ارشاد ڪاغذي (Irshad Kaghzi)



ارشاد ڪاغذي

ڪوڙين ڪايائون ……
ڪوڙين ڪايائُون تنهنجون، لِکَن لَکَ هَزار... ( شاه لطيف)
شاه لطيف (جنم: 1102 هجري بمطابق1689ع ــ وفات: 14 صفر 1165 هجري بمطابق 1752ع) سنڌ جو سدا حيات شاعر سنڌ ۽ سنڌي قوم جو ترجمان ۽ ڪامل رهبر آهي. شاه لطيف پنهنجي شاعري ۾ ڏاهپ جا ڏس ۽ پيار جو پيغام ڏيئي سنڌين کي اڳواٽ ئي تيار ڪيو هو ۽ سوين سال گذرڻ بعد بـ شاه جو سنيهو سچائي، سونهـ جو ساکي ۽ امين آهي. شاه لطيف پنهنجي دور ۽ سنڌي سماج کان بغاوت ڪئي، ان جو مطلب هي آهي تـ ڏاها ۽ انقلابي  پنهنجي سماج سان بغاوت ڪندا آهن ۽ مروج چالو ريتن رسمن جي خلاف باغي بنجي لوڪ کان الڳ پنهنجي واٽ اختيار ڪري سماج ۽ عوام  جي ذهن  ۾ نئون روح ۽ ساه ڦوڪي مئل، مرڻينگ ۽ ويساه وسوڙيل دل، ذهن، ضمير ۾ نئين توانائي، جوش ۽ جذبو پيدا ڪندا رهندا آهن.
اکِ اُلٽِي ڌارِ، وَنءُ اُلٽو عام سين؛
جي لَهِوارو لوڪُ وَهي، تون اُوچو وهُ اوڀارِ؛
منجهان نُوچَ نِهارِ، پُرُ پُٺيرو پرينءَ ڏي.
لطيف سائين بـ اهڙو ڪم ۽ ڪرت ڪيو ۽ اک الٽي ڌاري سموري سنڌي سماج کي بدلائڻ لاءِ پنهنجي پوري حياتي ارپي ڇڏي، ۽ سماج جي غلط ريتن رسمن ۽ رواجن جي خلاف بغاوت جو جهنڊو بلند ڪيو ۽ قوم جي تقدير بدلائڻ لاءِ ڪمر ڪشي هڪ اهڙي واٽ ورتي جيڪا اڳ مروج ڪانـ هئي. مسڪين، پورهيت پنهوارن، ماروئڙن، جانگيئڙن ۽ سانگيڙن جو ڀرجهلو ٿي بيٺو ۽ عوام دوست جي روپ ۾ ظاهر ۽ نروار ٿيو، نـ فقط سماج کي بدلائڻ جو گس ڏنو پر ان جي خلاف جدوجهد ۽ جاکوڙ ڪرڻ، ڄمي مقابلو ڪرڻ ۽ توڙ تائين ويڙه ڪرڻ جو پيغام پڻ ڏنو. اهڙيءَ ريت شاه لطيف سنڌي سماج ۾ نئون ساه وڌو. شاه لطيف املهـ ۽ بي بدل شخصيت ۽ تاريخ جو ست ۽ عرق ۽ نچوڙ آهي. اهڙن مهان ماڻهن جي ساٿ، سنگت، صحبت ۽ اڳواڻي جي ڪري انقلاب جا رستا ۽ راهون روشن ٿيو وڃن.
سُرمون سُرخيءَ جو، جڏهن پاتو جن؛
تڏهن ڏٺي تن، رونق ريٽي جهڙي.