شاهه جو رسالو

Tuesday, 2 June 2015

انسان دوستي ءَ جو فڪر ۽ شاھ لطيف ــ ڊاڪٽر شير مهراڻي (Dr. Sher Mehrani)



ڊاڪٽر شير مهراڻي
انسان دوستي ءَ جو فڪر ۽ شاھ لطيف
انسان دوستي ڏاڍو همه گير ۽ گهرو موضو ع آهي. ڇاڪاڻ ته ان جي شروعات انسان جي تاريخ سان گڏ ٿي آهي ۽ ان ڪيترائي لاها چاڙها ڏٺا آهن. تبديلين ۽ تغيرات جي تيز وهڪري انسان کي ڪڏهن پنهنجي ويجهو ڪيو آهي ته ڪڏهن خود کان ڪوهين ڏور پولارن ۾ ڦٽو ڪيو آهي. هو جڏهن جڏهن به پنهنجي وجود جي ويجهو آيو هن پاڻ تي سوچيو ۽ معلوم ڪرڻ لاءِ ووڙيندو رهيو. ڄاڻڻ جي اڃ جي احساس ۽ اثر هيٺ انسان جو ڪائنات جي تخليق بابت نامعلوم حقيقتن  کي معلوم ڪرڻ جو سفر يوناني ڏاهي ٿيليس   (Thales 624-546 BC)کان شروع ٿي اڄ بگ بينگ جي ٿيوري تي پهتو آهي. ان ۾ انسان ڪٿي ڀوڳيو آهي ته ڪٿي سر ڏئي سرخرو ٿيو آهي. آدم جي هن ٻچڙي علم ۽ ڄاڻ جي پويان با ثمر ۽ بي ثمر ڪيتريون ئي ڪوششون ڪيو آهن. جن کي ڪجهه وريو آهي تاريخ انهن جا نالا ياد ڪيا آهن باقي جيڪي ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي راھ ۾ اجل جي ور چڙهيا اهي نه تاريخ ۾ موجود آهن نه وري ڪنهن جي ذهن ۾ انهن جي ڪوششن جو خاقو آهي. پر هڪ حقيقت آهي ۽ ان حقيقت جا صرف اهڃاڻ ئي ملن ٿا ته ڳولا جي عظيم ۽ اجهاڳ پنڌ ۾ ڪيترائي ماڻهو ماريا ويا آهن. ٿيلس چيو هو ڪائنات پاڻي مان پيدا ٿي آهي. ڇاڪاڻ ته سڪل ٻجن کي به جيسيتائين پاڻي نٿو ملي اهي نٿا ڦٽن. ٿيلس اهو پڻ چيو هو ته سڀني شين ۾ تخليقيت جي سگهه موجود آهي. ٿيليس جي پنهنجي ئي شاگرد انيگزيمينڊر610 - 546 BC) ) Anaximander سندس نظريي کي ڪُلي طور تي ته رد نه ڪيو پر ان ايترو ضرور چيو ته سڀ شيون برابر سمنڊ مان پيدا ٿيون آهن. پر انهن شين جي تخليق صرف ان وقت ممڪن آهي جڏهن سمنڊ ۾ خشڪي نمودار ٿئي ٿي. يعني پاڻي جي عمل دخل کانپوءِ شيون مٽي مان پيدا ٿين ٿيون. انيگزيمينڊر پهريون فيلسوف هو جنهن موسميات، سيارن جي علم ۽ جاگرافي تي ڪم ڪيو.
ساڳي ئي ڪڙي جي ٽئين فيلسوف انيگزامينس   Anaximens (585-528BC) چيو هو شيون هوا مان پيدا ٿيون آهن. هن چيو هو هوا جي دٻاءَ گهٽ ۽ وڌ ٿيڻ سبب شيون ٺهن ٿيون. يعني هوا جو دٻاءُ نارمل آهي ته هوا؛ هوا ئي رهندي پر جي اهو دٻاءُ گهٽجي وڃي ٿو ته پهريان پاڻي پوءِ مٽي ۽ آخر ۾ پٿر ٺهن ٿا. هيرا قليطس (480_540ق م  Heraclitus)  وري ائين چيو ته هر شئي جي بڻجڻ ۾ باھ جو عمل دخل آهي. هيرا قليطس ئي اهو عظيم فيلسوف هو جنهن چيو هو وقت وهندو/گذرندو رهي ٿو. هن چيو هو اوهان وهندڙ نديء جي پاڻي کي ٻيهر نٿا ڇهي سگهو.
“You cannot step into the same river twice,” the river changes because “fresh waters are ever flowing in upon you.”[1]
هيگل ۽ نٽشي جهڙن ديو قامت ڏاهن پڻ هيرا قليطس جي واکاڻ ڪئي آهي. انسان جي ڳولها جو سفر هگس بوسن جي ٿيوري تائين پهتو آهي. جنهن جو خيال آهي ته اڄ کان 16 ارب سال پهريان ڪائنات هڪ نڪتي تي بيٺل هئي جو هڪ عظيم ڌماڪو ٿيو. ڌماڪي سبب ڪائنات نڪتي مان ڦهلاءُ ۾ هلي وئي ۽ ڪروڙين سالن کانپوءِ گرمي پد گهٽجڻ شروع ٿيو ته ڪائنات بڻجڻ شروع ٿي. ڪائنات جيڪا اڃا تائين بڻجڻ جي مرحلن مان گذري رهي آهي ۽ انسان ان بڻجڻ جا راز تلاش ڪرڻ ۾ رڌل آهي. سائنس ايسيتائين ته چيو آهي ته ڪائنات ۾ سسڻ ۽ ڦهلجڻ جو سلسلو جاري آهي. جڏهن ڪائنات ڦهلجي آخري نڪتي تي پهچي ٿي ته هڪ لمحو ان نڪتي تي بيهي وري سسڻ شروع ٿئي ٿي تان جو وري هڪ عظيم ڌماڪي جي نوبت اچي ٿي. سائنس توڙي مذهب اڃا تائين اهو ناهن ٻڌائي سگهيا ته هن وقت تائين ڪيترا ڌماڪا ٿي چڪا آهن ۽ هن ڪائنات ۾ اهو ڌماڪن جو سلسلو ڪيسيتائين رهندو. مذهبن ۾ ستن آسمانن ۽ زمينن جي ذڪر سان ڪجهه پڌرائي ٿئي ته امڪان آهي ته ست ڪائناتون ٿين.
غالب درست ئي چئي ويو آهي،
هئي ڪهان تمنا ڪا دوسرا سِرا يا رب
هم ني دشت امڪان ڪو ايڪ نقش پا پايا
(اي خدا تمنا جو ٻيو ڇيڙو/دنگ ڪاٿي آهي؟ اسان ته امڪان (ممڪنات) جي رڃ کي پير جو هڪڙو نشان سمجهيو آهي) ممڪنات جنهن انسان لاءِ پير جو هڪڙو نشان هجن، اهو انسان ڇا ٿو سوچي سگهي؟ اهو سوچڻ جي حدن کان شايد اڳتي جو سوال هجي.
بحر حال انسان ڳولها جي سفر ۾ آهي. ڳولها جي ان سفر ۾ هن ٻيو به گهڻو ڪجهه ڪيو آهي. هو هڪ ٻي سان وڙهيو آهي، رسيو آهي، پرچيو آهي. اڃا تائين وڙهندو رهي ٿو، رسندو رهي ٿو، پرچندو رهي ٿو. پر اها ڳالهه پڻ درست آهي ته انسان ڪائنات کي تسخير ڪرڻ جي پنڌ ۾ بحرحال مصروف ضرور رهيو آهي ۽ اڃا تائين آهي. عظيم يوناني ڏاهپ جو دور سقراط کان شروع ٿي ارسطو وٽ پهتو، ٻيا به ڪيترائي ڏاها آيا پر نيٺ يونانين جو زوال شروع ٿيو. رومين رڻ ٻاري ڏنو. اونداهو دورشروع ٿي ويو، ڏاهن وري سوچڻ شروع ڪيو. مڊل ايج  آئي ۽ نيٺ نئين جاڳرتا شروع ٿي. ۽ انسان دوستي هڪ نئين امنگ سان اڀرڻ لڳي. هن تحريڪ جي شروعات هونئن ته گهڻي قديم آهي پر ان جا واضح پيرا اسان کي 1453ع کان ملن ٿا جڏهن قسطنطنيه جو زوال ٿيو ان جي زوال جا عوامل پڻ پنهنجي جاءِ تي اهم ۽ دلچسپ آهن. افلاطون “جمهوريه” مان شاعرن کي ڪڍڻ جي رڳوڳالهه ڪئي هئي .  پر قسطنطنيه مان شاعر توڙي فلسفي عملي طور ملڪ بدر ڪيا ويا. کين ايران جي بادشاھ پناھ ڏني ۽ گنڊاپور نالي هڪ شهر کين اڏي ڏنو ته جيئن هو پنهنجو ڪم ڪري سگهن. پر تڪڙو ئي پوءِ بغداد ۾ مسلمانن هنن جي لاءِ “دالحڪمه ” جوڙايو. جتي ويهي هنن يوناني ڪتابن جا ترجما ڪيا. اها به نئين جاڳرتا جي هڪڙي صورت هئي.
نئين جاڳرتا اصل ۾ پنهنجي عظيم ماضي ۾ ڪيل عظيم ڪمن کي مڃوتي ڏيڻ ۽ انهن کي وري جيارڻ واري تحريڪ هئي. اها تحريڪ جنهن سان انسان دوستي ٻٽ بيٺل هئي، شروع ته اٽلي مان ٿي پر ڏاڍو تڪڙو روم، فرانس، جرمني ۽ انگلينڊ تائين پهچي وئي.
The word ‘Renaissance’ designates ‘rebirth’, a metaphor applied, from its beginnings, to a cultural vision that originated in Italy... Italian civic humanism was meant to be of use not only to specialists but to all citizens. Humanism has thus been linked by some scholars to the civic ideals of city states such as the Venetian and Florentine republics, although humanism continued as an influential pursuit under other regimes (such as the Medici in Florence). In Italy, the humanist movement was fuelled in part by a patriotic and quasi-nationalist desire to reclaim and re-establish a link between contemporary Italy and ancient Rome.[2]
 انسان دوستي جو پهريون فڪر ڪٿان شروع ٿيو؟ پڪ سان ڪجهه نه ٿو چئي سگهجي. جيڪڏهن ائين چئون ته ٿيلس کان انسان دوستي شروع ٿي ته تڏهن  به غلط نه ٿيندو. ڇاڪاڻ ته ٿيلس جڏهن انسان ۽ ڪائنات بابت سوال اٿاري انهن جا جواب تلاش ڪري ٿو ته اها پڻ انسان دوستي جي هڪ صورت ئي چئبي. پر هڪ ڳالهه مڃڻي پوندي ته اها انسان دوستي جي هڪ ڌنڌلي صورت هئي. يونان جي ئي هڪ ڏاهي پروٽوگورس(490_420 ق م) جڏهن چيو ته
“Man is measure of all things, of the things that are, that they are, and of the things that are not.”[3]
يعني انسان سڀني شين جو پئمانو آهي. اهوئي اصل فلسفو آهي جيڪو انسان دوستي جو بنياد ثابت ٿيو آهي. جيڪڏهن وسيع تر منظر نامي تحت ڏٺو وڃي ته سارتر جي انسان دوستي پروٽوگورس جي فلسفي جي تمام گهڻو ويجهڙو نظر ايندي. ڇاڪاڻ ته سارتر چوي ٿو،
There is no other universe; except the human universe, the universe of human subjectivity.[4]
پروٽوگورس کان سارتر تائين انسان دوستي لڳ ڀڳ اڍائي هزار سالن جو سفر طئي ڪيو آهي. ۽ ان وچ ۾ ڪيترائي لاها چاڙها آيا، انسان کي انسان ئي لاچار بڻايو، قتل ڪيو، سزائون ڏنيون. انهن هاڃن جا ڪيترائي ڪارڻ هئا. پرانهن وڏين تباهين جا ٻه اهم ڪارڻ هئا. هڪ اختيار ۽ دولت ۽ ٻيو خدائي خليفي جا هجڻ جون دعوائون. چوٿين صدي عيسوي ڌاري عيسائيت زور پڪڙڻ شروع ڪيو. ۽ پاپائيت يا پوپ کي اهميت ملڻ لڳي. ياد رهي ته ان دور ۾ پوپ کي پاپا جي نالي سان پڻ سڏيندا هئا. گريگوري اهو پهريون پادري هو جنهن پاڻ کي پوپ سڏرايو. ۽ خدائي نمائندي هجڻ جي دعوا ڪئي. ان دور ۾ عام انسان اڳ ئي گهڻا ڊنل هئا  انڪري پوپ جي چئي کي جهڙوڪر خدا جو چيو سمجهي قبول ڪندا هئا. پوپ ماڻهن جي معصوميت مان فائدو وٺندي کين جهل جي کوھ ۾ اڇلائڻ لاءِ عقل ۽ علم کان ڪم وٺڻ کان بلڪل روڪي ڇڏيو ۽ ان کي خدائي حڪم قرار ڏئي ڀڃڪڙي ڪندڙن کي عبرتناڪ سزائون ڏيارڻ شروع ڪيائين. علم ۽ عقل جي راھ ۾ سزائن جو اهو سلسلو 1808ع تائين جاري رهيو. رڳو 1480ع کان 1808ع تائين 3 لک 40 هزار ماڻهن کي سزائون ڏنيو ويون. جن مان ٻٽيهه هزار ماڻهن کي جيئرو باھ ۾ ساڙيو ويو.[5]
پوپ جيئن ته پاڻ کي خدا جو نائب ۽ نمائندو سمجهندو هو ۽ گهڻو اختيار کيس بادشاهن طرفان پڻ مليل هو. بادشاھ/راڻي طرفان وري پوپ کي  انڪري اختيار ڏنا ويندا هئا جو خود نئين بادشاھ جي چونڊ ڪندڙ ستن نمائندن جي ٽيم ۾ ٽي نمائندا پوپ جا هوندا هئا. پوپ گناهن جا ڪفارا پاڻ طئي ڪندو هو. سترهين صدي تائين ته باقاعده معافي ناما وڪرو ٿيندا هئا. ۽ پوپ وڏي واڪي چيو ته جيڪڏهن ڪو ماڻهو پاڻ حڪومت طرفان طئي ڪيل جنگ ۾ شرڪت نٿو ڪري سگهي ته هو پئسن تي پنهنجي جاءِ تي ڪنهن کي به موڪلي سگهي ٿو. هن ايسيتائين پڻ چيو ”اسان ان نتيجي تي پهتا آهيو ته انسان شريعت پٽاندڙ سٺا عمل ڪرڻ کان سواءِ به ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهي ٿو.“[6] 
معافي نامن جي وڪري سبب يورپ ۾ برايون ۽ بد فعليون ڪاهي پيون. ايتري تائين جو هڪ 1450ع ۾ آڪسفورڊ يونيورسٽي جي هڪ چانسلر ٽامس گئسڪين لکيو ته
”اڄڪلهه ڏوهاري هر هنڌ اهو چوندي پيا نظر اچن ته کين ڏوهن جي ڪا پرواهه ناهي، ڪيترا به ۽ ڪهڙا به گناھ ڪجن انهن جي تلافي لاءِ معافي نامون وٺي سگهجي ٿو، ڪڏهن چئن پئسن ۾ ته ڪڏهن جوا جي هڪڙي داو تي. معافيون وڪڙندڙ هر هنڌ ويٺا آهن. ڪڏهن کين چار پيسا ڏيون جان ڇڏايون ٿا اچون ته ڪڏهن شراب جي هڪڙي پيگ تي ته ڪڏهن رنڊي جي هڪڙي ڌڪ جي عيوض معافي ورتيون ٿا اچون.“[7]
ڪجهه ڏاهن اهڙي ڳڻتي جوڳي صورتحال تي آواز اٿاريو ۽ چيائون ته اهي پادري ٻين کي ڪيئن ٿا گناھ بخشي ڏئي سگهن جيڪي پاڻ گناهن ۾ غرق آهن.  پر اهڙو آواز اٿاريندڙن جي لاءِ باھ جا اوڙاھ تيار هوندا هئا. ايسيتائين جو جان وائي ڪلف نالي هڪ ڏاهي جي لاش قبر مان کوٽي ڪڍي ان کي باھ ۾ ساڙيائون. جيڪي 32 هزار ماڻهو پوپ سان مهاڏو اٽڪائڻ جي ڏوه ۾ ساڙيا ويا برونو پڻ انهن ۾ شامل هو. عيسائيت جي عقيدي جي برخلاف زمين جو سج ٻاهران ڦرڻ واري ڳالهه ڪندڙ عظيم ڏاهو گليلو به صرف انڪري بچي ويو هو جو سندس شاگرد با اثر هئا. ان هوندي به گليلو کي پنهنجي سچي نظريي کي اعلانيه رد ڪرڻو پيو ۽ قوم کان معافي وٺڻي پئي. ان دوران مارٽن لوٿر هڪ انتهائي سگهارو آواز ٿي اٿيو ۽ 95 سوالن تي ٻڌل هڪ دستاويز تيار ڪري ڪليسا کان انهن جا جواب گهريائين ۽ آخر جواب نه ملڻ تي 12 آڪٽومبر 1517ع تي سوالن وارو دستاويز هڪ گرجا گهر جي دروازي تي ڪوڪي سان وڃي هنيائين. کيس ڪجهه مقامي ماڻهن ۽ ڪجهه پرڏيهي حاڪمن جي پٺڀرائي پڻ حاصل هئي. انڪري هن جي خلاف ترت ڪا ڪاروائي نه ٿي سگهي البته ڪجهه ڏينهن کانپوءِ پادرين جي هڪ جيوري سندس 95 مان 41 سوالن کي مذهب جي خلاف بغاوت قرار ڏني ۽ ٻن مهينن اندر کيس معافي وٺڻ لاءِ چيو ويو. ڪجهه وقت کيس جيل ۾ به بند ڪيو ويو پر جرمن شهزادن جي مداخلت تي کيس ڇڏيو ويو. لوٿر جي تحريڪ ڪيٿولڪ فرقي کي لوڏي ڇڏيو نيٺ پروٽيسٽنٽ جي صورت ۾ لوٿر جي جدوجهد جو ثمر نڪتو.  ڪيٿولڪ ۽ پروٽيسٽنٽن جي وچ ۾ ڪيترائي ڀيرا محاذ آرائي ٿي. نئين فرقي سبب شروع ۾ ته ڪيترائي ماڻهو پروٽيسٽنٽ ٿيا پروٽيسٽن جي ئي پٺڀرائي ورتل ڪرامويل انگلينڊ ۾ فوجي ايڪشن ڪيو ۽ 40 پارليامينٽرين کي گرفتار ڪري بادشاھ چارلس پهرئين جو سر قلم ڪيو. جيسيتائين ڪرامويل جيئرو رهيو هو ڏنڊي جي زور تي حڪومت ڪندو رهيو. پر  سندس مرڻ کانپوءِ سندس لڏي جو تختو اونڌو ٿيو ۽ چارلس ٻيو بادشاھ ٿي ويٺو. چارلس ٻئي ڪرامويل جي لاش قبر مان ڪڍرائي شاهي دفتر جي سامهون ٽنگرائي ڇڏي. هن هڪ دفعو ٻيهر پروٽيسٽن خلاف رڻ ٻاري ڏنو هڪ اهڙو به وقت آيو جو ظلم کان تنگ اچي صرف ٻن هفتن دوران 82 هزار ماڻهن پنهجو فرقو مٽايو. اها يا ان سان ملندڙ جلندڙ صورتحال ٻي جنگ عظيم تائين جاري رهي ۽ ٻي جنگ عظيم دوران، برطانيا جي ڪم ايندڙ يا گم ٿيندڙ انهن سپاهين جو تعداد 3 لک 3 هزار 2 سو 40 هو جن کي مئل تصور ڪيو ويو. جن ۾ جيڪڏهن هندستان ۽ ٻين نون رياستن ۾ ماريل هڪ لک نو هزار سپاهين کي شامل ڪيو وڃي ته اهو انگ 4 لک 12 هزار 2سو 40 وڃي بيهي ٿو. انهن مارجي ويلن ۾ برطانيه جا اهي 60 هزار 500 عام شهري شامل ناهن جيڪي هوائي حملن ۾ ماريا ويا نه ڪو وري نيوي جا اهي 30 هزار اهلڪار شامل آهن جيڪي ان ويڙهه دوران ماريا ويا. ٻي پاسي آمريڪا جا 3 لک 22 هزار188 سپاهي پڻ ان ٻي عالمي ويڙهه جو کاڄ بڻيا.”[8]
ايڏين تباه ڪارين دوران انسان پنهنجي وجود تي ضرور ويچاريندو رهيو. ريني ڊيڪارٽس چيو، هو آئون سوچيان ٿو تڏهن آهيان. سندس فلسفي ڪيترن ئي ڏاهن کي متاثر ڪيو ۽ کيس انسان دوستي جي هڪ سڳي ۾ پوئي رکيو. پر اقتدار جي بکايلن کي وقت ئي ڪاٿي هو جو هنن ڏاهن ڏانهن ڌيان ڌرين. هزارين هاڃن جي باوجود  پهريان پروٽو گورس پوءِ سيسرو ۽ گهڻو پوءِ پيٽرارڪ ۽ بڪيشو ۽ ٻيا انهن جهڙا ڪيترائي ڏاها علم ۽ عقل جي ڳالهه ڪندا رهيا. ۽ انسان دوستيءَ جو دم ڀريندا رهيا. پيٽرارڪ ئي انسان دوستي جو ابو ڪري مڃيو ويو. ڇاڪاڻ ته هن پنهنجي شاعري وسيلي مذهبي هڪ هٽي کان بيزاريت ڏيکاري. جنهن ڪري کيس ڪجهه وقت جلا وطن پڻ رهڻو پيو. کيس قديم شاعري جو شهنشاهه پڻ سڏيو ويو آهي. هن جي افڪار ۾ انسان دوستيءَ جي فڪر جا سڀ اهڃاڻ موجود هئا. هو پاڻ کي علامت بڻائي انسانيت جي ڳالھ ڪرڻ وارو ڏاهو هو. پيٽرارڪ هڪ هنڌ لکيوهو،
A law was imposed on me together with my body when I was born, that from its association with me I must suffer many things which I would not suffer otherwise.[9]
سنجيدگي ۽ گهرائي سان ڏٺو وڃ ته اسان کي پيٽرارڪ جي ڳالهين ۾ سارتر جي وجوديت بکندي نظر ايندي جنهن جي لاءِ خود سارتر چوندو هو ته انسان دوستي ئي اصل م وجوديت آهي. پيٽرارڪ جي هنن ڳالهين مان سارتر جي فلسفي جي شاهدي ملي ٿي.
But if you choose to consult yourself (te ipsum consulere) and to speak with yourself rather than with others, I would never stop expecting great things from you and would call you most happy since you serve as your own judge, and I would consider you worthy of envy rather than of pity.[10]
حيراني جي حد تائين سارتر اسان کي پيٽرارڪ جي فڪر ۽ فلسفي کان متاثر نظر اچي ٿو. توڙي جو پيٽرارڪ کي انسان دوستي جو ابو ۽ سارتر کي انسان دوستي جو عظيم فيلسوف مڃيو وڃي ٿو، پر ڪنهن به ادبي توڙي فيلسوف نقاد اڄ ڏينهن تائين سارتر جي اهڙي طرح پيٽرارڪ کان متاثر ٿيڻ جي ڳالهه ناهي ڪئي.
انسان دوستي جي تحريڪ سان واڳيل رهڻ يا نه رهڻ کانسواءِ به ڪيترائي ڏاها انسان جي ڀلي لاءِ لکندا رهيا. رابرٽ برنس 1719-1789)) جوماڻهوءَ لاءِ لکيل مشهور نظم ڏٺو وڃي ته جهڙوڪر انسان دوستي جو ترانو ٿو لڳي، جنهن جون آخري سٽون آهن
For all that, and all that,
 its coming yet for all that,
 That Man to Man, the world power,
 Shall brothers be for all that.[11]
ٻي پاسي مارڪس جو سمورو فلسفو انسان دوستي تي ٻڌل ڏسجي ٿو. مارڪس جي انسان دوستي هڪ ڊگهو بحث آهي، جنهن تي لکڻ جي ضرورت پنهنجي جاءِ تي موجود آهي.
 انسان دوستي جي جديد تحريڪ پنهنجي پر ۾ تمام وڏو پس منظر رکي ٿي جنهن تي مختصر طور اسان بيان ڪري آيا آهيون. مغربي ڏاهن انسان دوستي کي ڪجهه هن طرح پڻ بيان ڪيو آهي.
 Humanism has meant many things: “It may be the reasonable balance of life that the early Humanists discovered in the Greeks; it may be merely the study of the humanities or polite letters; it may be the freedom from religiosity and the vivid interests in all sides of life of a Queen Elizabeth or a Benjamin Franklin; it may be the responsiveness to all human passions of a Shakespeare or a Goethe; or it may be a philosophy of which man is the center and sanction. It is in the last sense, elusive as it is, that Humanism has had perhaps its greatest significance since the sixteenth century...Contemporary Humanism includes the most enduring values of Renaissance Humanism, but in philosophic scope and significance goes far beyond it.[12]
ٻي پاسي ڊاڪٽر مبارڪ علي پنهنجي ڪتاب،“يورپ ڪا عروج” ۾ لکي ٿو ، “جن ماڻهن يونان ۽ روم جي علمن مان لاڀ پرايو ۽ سندن ڏاهپ ۽ فڪر جي آڌار پنهنجن نظرين ۽ خيالن  جو بنياد وڌو، انهن کر هيومنسٽ يا انسان دوست سڏيو ويو. انهن جي ڪوشش هئي ته علمن کي مذهبي وهمن کا ڇوٽڪارو ڏياريو وڃي ۽ ان جي نئين سر اهڙي جوڙجڪ ڪئي وڃي جيڪا ڏهاڙي جي زندگي ۾ لاڀائتي ثابت ٿئي. جنهن جو لاڳاپو نه صرف فرد جي نجي زندگي سان هجي بلڪه ان ۾ پوري معاشري جي مفادن کي پڻ نظر ۾ رکيو وڃي ته جيئن ايندڙ وقتن لاءِ رٿا بندي ڪري سگهجي.” [13]
لاشڪ انسان دوستي گوناگون موضوع آهي. ڇاڪاڻ ته   انسان دوستي  جي تحريڪ جون ڪيتريون ئي ڏسائون آهن. جن مان اهم عنصر اهو آهي ته يورپ ۾ انسان دوستن فرد کي چرچ جي هٺ ڌرمي مان آجپو ڏياريو. هڪ ويڳاڻيل فرد کي رستو ڏنو ۽ سوچڻ لاءِ ان کي ڏس ۽ گس ڏنو.اهو انسان دوستي جو هڪ پهلو آهي. ان کانسواءِ به انسان دوستي هڪ فڪر طور ڪيترين ئي معنائن ۾ ورتو ويو آهي . هڪ ڳالهه مڃڻي پوندي ته يورپ ۾ موجود انسان دوستيءَ جو تصور سنڌ ۾ موجود انسان دوستي جي تصور کان ڪي قدر مختلف بلڪه ڪٿي ڪٿي ته متضاد پڻ آهي. البته پنجاب ۾ انسان دوستي جا اهڙا مثال ملن ٿا جنهن مان سارتر واري انسان دوستي جي بوءِ اچي ٿي. ڇاڪاڻ ته مرزا صاحبان جي لوڪ پنجابي قصي جو هيرو ميرزا رزميه انداز ۾ چوي ٿو،
ميڏي گهوڙيِ تون ڏرن فرشتي
تي ميتون ڏري خدا...[14](نعوذ بالله)
سارتر به پنهنجي سموري انسان دوستي واري فلسفي ۾ ساڳي ڳالهه ڪندو رهيو ۽ نٽشي جو “سپر مين” پڻ ساڳي منظرنامي جو ڏس ڏئي ٿو.
اسان سنڌ ۾ جڏهن انسان دوستي جو اصطلاح ڪتب آڻيون ٿا ته خالصتن ان مان انساني ڀلائي جي تصور جي معنيٰ ٿا وٺون. يعني  هر اهڙو ڪم، عمل، اڳڀرائي يا هلچل جنهن ۾ انسان جي ڀلي، محبت، پيار، پنهنجائپ، آزادي، آجپي، امن، خوشحالي، چڱائي، سڪون، سهنج، سک ۽ سهولت جي ڳالهه ڪئي ويندي اها انسان دوستي جي زمري ۾ ايندي، جڏهن ته يورپ ۾ انسان دوستي باقاعدي هڪ تحريڪ طور اڀري آئي آهي. جنهن جا منشور، مول متا، قاعدا ۽ ضابطا پڻ طئي آهن. انسان دوستي جي تحريڪ يورپ ۾ ڪيترن ئي مرحلن مان گذري ارتقا جا مرحلا طئي ڪري موجوده دور جي پوسٽ ماڊرن ڀونچال سان مهاڏو اٽڪائي بيٺل آهي.
 اسان وٽ سنڌ ۾ انسان دوستي پنهنجي الڳ ۽ عجب رنگ ۽ ڍنگ ۾ موجود رهي آهي. ڇاڪاڻ ته سنڌ جو فڪر بيٺل ۽ انسان دوستي جي ان عظيم منشور تي آهي، جنهن ۾ انسان سان بنان ڪنهن ويڇي جي پيار ڪرڻ، امن بحال ڪرڻ ۽ پنهنجائپ جو درس ڏنل آهي. سنڌ جي سموري اساسي توڙي جديد شاعري جو جيڪڏهن ڇيد ڪڍيو ويندو ته انسان دوستي اهو واحد عنصر هوندو جيڪو ان ۾ بدرجه اتم موجود هوندو. شاھ عبداللطيف ڀٽائي جيئن ته اساسي شاعري جو معراج آهي ان ڪري سندس شاعري ۾ انسان دوستي پڻ انتهائي اعليٰ مقام تي موجود آهي. سندس  شاعريءَ ۾ انسان دوستي جون سڀ ڏسائون موجود آهن. هو جڏهن “دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين” جهڙي آفاقي دعا گهري ٿو ته سندس اڳيان سموري ڪائنات جا انسان هڪ ٿي بيٺل نظر اچن ٿا. ۽ حقيقي معنيٰ ۾ اهو ئي انسان دوستي جو معراج آهي. شاھ سائين وٽ انسان دوستي جو فڪر انتهائي عميق ۽ عجيب آهي. هو ان کي پڻ انسان جي خصلت ٿو سمجهي ته،
صوفِي لاڪوفِي، ڪونَ ڀانئيس ڪيرُ؛
منجھيان ئِي مَنجِھ وڙهي، پڌر ناهِس پيرُ؛
جنين ساڻس ويرُ، ٿئي تنين جو واهَرُو.

(سر يمن ڪلياڻ: داستان پنجون، بيت 4)
يعني اصل انسان دوست ته اهو آهي جيڪو ويرين جو واهرو ٿئي. دشمن سان نيڪي ڪرڻ جو عنصر ۽ اشارو صرف سنڌي شاعري ۾ ئي موجود آهي. اهو انڪري آهي جو سنڌ جي خمير ۽ ضمير ۾ ماڻهپو، محبت، ميٺ، خلوص ۽ سچائي شامل آهي.
شاھ سائين اهڙي ئي فڪر جو وارث ۽ امام آهي، جنهن ۾ عالم جي خوشحالي جي ڳالهه شامل آهي، جنهن ۾ ويرين سان واهرو ٿيڻ جو فڪر موجود آهي، جنهن ۾ اگهن جي مدد ۽ انهن سان ٻانهن ٻيلي ٿيڻ جو درس آهي، جنهن ۾ مسڪينن سان ونڊ ڪرڻ کي وندر جو درجو ڏنل آهي، جنهن ۾ ڏکين ۽ بکين کي ڀاڱي ڀائيوار ڪرڻ جون خصلتون موجود آهن. (اهي ٻي ڳالهه آهي ته اهڙين آفاقي عادتن سبب سنڌ کي ڪيترو ڀوڳڻو پيو آهي). شاھ سائين اگهن انسانن لاءِ سڪار ۽ سک جو طالبو آهي.
بَرَ وَٺا، ٿرَ وَٺا، وَٺِيُون تَرايُون؛
پِرِهَ جو پَٽَنِ تي، ڪَنِ وِلوڙا وايُون؛
مَکَڻَ ڀَريِن ھَٿَڙا، سَنگھارِيُون سايُون؛
ساري ڏُھن سامُھِيُون، ٻولايُون، رانيُون؛
ٻانِھِيون ۽ ٻايُون، پَکي سُنھَنِ پانھنجي.

(سر سارنگ: داستان پهريون، بيت 13)
بَرَ وَٺا، ٿَرَ وٺا، وَٺي ڪَڇَ ڪِنارَ؛
پونياڙِيءَ پَٽَنِ تي، ڏِسُ! نايائُون نارَ؛
سَٻاجھي سَتارَ، لاٿا ڏُرتَ ڏيہَ تان.

(سر سارنگ: داستان پهريون، بيت 15)
ڏيهه تان ڏک ۽ ڏولا وا لهڻ جي تمنا ڪري شاھ سائين انسان دوستي جو اهڙو درس ڏنو آهي، جنهن ۾ سموري سچائي سان انسان سان پريت جي ريت قائم رکڻ جو وچن شامل آهي. سنگهارن لاءِ سک جي تمنا شاھ سائين جي انسان دوستي جي اهم دلالت آهي.
سارَنگَ! سارَ لَهيجِ، اَللھَ لَڳِ اُڃِيَنِ جِي؛
پاڻِي پُوڄَ پَٽَنِ ۾، اَرزان اَنَّ ڪَريجِ؛
وَطَنُ وَسائيجِ، ته سَنگھارَنِ سُکُ ٿِئي.
(سر سارنگ: داستان پهريون، بيت 16)
سارَنگَ کي ساريِنِ، ماڙھُو، مِرگَھ، مينھِيُون؛
آڙِيُون اَبَرَ آسِري، تاڙا تَنوارِينِ؛
سِپُون جي سَمُونڊَ ۾، نَئين سِجَ نِھارِين؛
پَلَرُ پِيارِينِ، ته سَنگھارَنِ سُکُ ٿِئي.

(سر سارنگ: داستان پهريون، بيت 17)
ڀِرِي ڀِٽَ تي آئِيو، سارَنگُ سُھِجَ مَنجھان؛
کِڙِيُون کَٽَڻَ ھارَ جِئَن، وِڄُون اُتَرَ واءِ؛
سُرَھا سَبِزا ٿِيا، ڊامَڻَ ڊِٻَ ڪَيا؛
پَھرِي پَٽَنِئان، ڀَرِيائِين ڪُنَ ڪِراڙَ جا.

(سر سارنگ: داستان ٻيو، بيت 2)
مندَ ٿِي مَنڊَلَ مَنڊِيا، ڪي اوھِيڙَنِ اوڪَ؛
ڇاڇَرِ ٿِي ڇَنَنِ ۾، مينھِيُون چَرَنِ موڪَ؛
سَرَھِيون ٿِـيُون سَنگھارِيُون، پُويو پائِنِ طَوقَ؛
ميھا، چِڀِڙَ، ڦنگِــيُون، جِتِ ٿِيَنِ سَڀيئي ٿوڪَ؛
لاھِئين مَٿان لوڪَ، ڏولائي جا ڏِينھَڙا.
(سر سارنگ: داستان ٽيون، بيت 2)
مُندَ ٿي مَنڊَلَ مَنڊِيا، تاڙي ڪِي تَنوارَ؛
ھارِيُنِ ھَرَ سَنباھِيا، سَرَھا ٿِيا سَنگھارَ؛
اَڄُ مُنھِنجي يارَ، وَسَڻَ جا ويسَ ڪَيا.

(سر سارنگ: داستان ٽيون، بيت 3)
جتي شاھ سائين انسان جي سک ۽ سڪون جي ڳالهه ڪري ٿو اتي کيس انسان جي بدلجڻ ۽ پنهنجي بنيادي انسان دوست قدرن کان ڦرڻ ۽ ٿڙڻ تي پڻ ڳڻتي آهي شاھ سائين ڪرندڙ انساني قدرن جي نشاندهي  ڪري انسان دوستي جو نئون گس ڏسيو آهي.
حُڪُمُ ٿِيو بادَلَ کي، ته سارَنگَ ساٺَ ڪَجَنِ؛
وِڄُون وَسَڻَ آئِيُون، ٽَہَ ٽَہَ مِينھَن ٽِمَنِ؛
جِنِ مَھانگي لَئه ميڙيو، سي ٿا ھَٿَ ھَڻَنِ؛
پَنجَنِ مَنجھان پَندِرھَن ٿِيا، اِئَن ٿا وَرِقَ وَرَنِ؛
ڏُڪارِيا ڏيہَ مان، مُوذي شالَ  مَرَنِ؛
وَرِي وَڏي وَسَ جُون، ڪَيُون ڳالِھيُون ڳَنوارَنِ؛
سَيّدُ چوي سَڀنِ، آهِ توهِ تُنھنجِي آسِرو.

(سر سارنگ: داستان چوٿون، بيت 8)
شاھ سائين انهن زخيره اندوزي ڪندڙن کي نندي ٿو جيڪي خلق خدا جي غربت مان فائدو پرائي غريبن ۽ مسڪينن کان پنهنجي شين جو وڏو اگهه ٿا وٺن. شاھ سائين جهڙوڪر انهن موقعي پرستن کي بد دعا ٿو ڏئي ته جن مسڪينن کي لٽڻ ۽ ڦرڻ جو بندوبست ڪيو هو “شال موذي سڀ مرن” مينهن جي وسڻ ۽ پلر جي پالوٽ جي ڪري پنجن مان پيا پندرنهن ٿين يعني سک ۽ خوشحالي پئي اچي. انسان دوستي جو اهڙو مثال شايد ئي ڪٿي ملي. جنهن ۾ انهن اگهن سان پيار آهي، جيڪي صرف پالڻهار جي آسري آهن. اهي مسڪين“جنين ڏاند نه ٻج، تنين تنهنجو آسرو...” جي مصداق آهن. شاھ سائين جهڙوڪر مسڪينن ۽ غريبن جي زبان بڻجي پالڻهار اڳيان سندن سک لاءِ دعاڳو آهي. جتي هو انسان جي سک جي طلبگار آهي، اتي کيس آدمين جي اخلاص مٽائڻ تي ڳڻتي پڻ آهي.
آدِمِيُنِ اِخلاصُ، مَٽائي ماٺو ڪَيو؛
هاڻِ کائي سَڀُڪو، سَندو ماڙُهُوءَ ماسُ؛
دِلبَرَ! هِنَ دُنيا ۾، وَڃِي رَهندو واسُ؛
ٻئي سَڀُ لوڪَ لِباسُ، ڪو هِڪَدِلِ هُوندو هيڪِڙو.

(سر بروو سنڌي، داستان3، بيت 3)
آدمي جي اخلاص مٽائڻ معنٰي انسان جي انسان سان ڪپت ڪرڻ؛ ۽ شاھ سائين اهڙي عمل تي الاهي رنجيده آهي، هن کي ڳڻتي آهي ته آخر انسان ان حد تائين ڪيئن هليو ويو آهي جو، “هاڻِ کائي سَڀُڪو، سَندو ماڙُهُوءَ ماسُ؛” جي صورتحال اچي وئي آهي. شاھ سائين اهڙي ڪرندڙ قدر جي نشاندهي ڪري انسان سان پنهنجي والهانه محبت جو اظهار ڪيو آهي. شاھ سائين جي ڪردارن تي جيڪڏهن سوچجي ٿو ته سندس شاعري ۾ موجود سمورا ڪردار انسان دوستي جي جذبي سان سرشار آهن. يعني شاھ سائين چونڊ ئي اهڙن ڪردارن جي ڪئي آهي، جن وٽ انسان دوستي جو وکر موجود آهي.
انسان دوستي؛ انسان سان محبت، پيار ۽ پنهنجائپ جو بنيادي فڪر آهي. انسان دوستي جي ابتدا تڏهن ئي ٿي جڏهن انسان پاڻ تي سوچڻ شروع ڪيو. هر معاشري ۾ انسان دوستي ان معاشري جي ثقافتي ۽ تاريخي تسلسل سان مليل آهي. يورپ ۾ انسان دوستي جو رنگ ۽ نمونو سنڌ جي انسان دوستي کان بلڪل مختلف بلڪه ڪجهه هنڌن تي ته بنهه متزاد آهي. شاھ سائين وٽ انسان دوستي جو تصور سنڌ جي اساس ۾ موجود انسان دوستي جي فڪر جو ئي تسلسل آهي. جنهن ۾ ماڻهن سان پيار، پنهنجائپ، انسان جي ڀلي، محبت، آزادي، آجپي، امن، خوشحالي، چڱائي، سڪون، سهنج، سک ۽ سهولت جي ڳالهه شامل آهي. يعني فرد جو هر هاڪاري رويو شاھ سائينءَ جي انسان دوستي جي زمري ۾ اچي وڃي ٿو. اهوئي سبب آهي جو شاھ سائين جي انسان دوستي عالمي سطح تي ممتاز ۽ معتبر نظر اچي ٿي.
حوالا

1.       Philosophy history and problems. Samuel Enoch Stumph, James Fieser, 7th Edi. McGraw-Hill pp.12
2.       A companion to English renaissance literature and culture, edited by Michael Hattaway, Black Well London, 2003, Page, 14
3.       Philosophy history And Problems, Samuel Enorch, , McGrahill New yark, 2008, page, 28
4.       Jean Paul Sartre, Existentialism is humanism, Methuen, London, 1966, page. 55
5.         اردو شاعري ۾ انسان دوستي، ڊاڪٽر محمد گل عباس، عثمان پبليڪيشنز لاهور، صفحو 20
6.         مطالعه اديان و مذاهب، ڊاڪٽر عبدالرشيد، طاهر سنز ڪراچي، 2012ع، صفحو 282
7.         اردو شاعري ۾ انسان دوستي، ڊاڪٽر محمد گل عباس، عثمان پبليڪيشنز لاهور، صفحو 21
8.         حوالو ساڳيو، صفحو 34
9.       Petrarch’s Humanism and the Care of the Self, Gur Zak, Cambridge University Press, P. 88
10.    Petrarch’s Humanism and the Care of the Self, Gur Zak, Cambridge University Press, P. 88
12.    The Philosophy of Humanism, Eighth Edition: CORLISS LAMONT , BY HALF-MOON FOUNDATION, INC.1997. p. 12
13.      يورپ ڪا عروج، ڊاڪٽر مبارڪ علي، فڪشن هائوس لاهور، ٽيون ڇاپو، 2005ع، صفحو، 92
14.     http://www.youtube.com/watch?vPE14tMaC1c8



[2] A companion to English renaissance literature and culture, edited by Michael Hattaway, Black Well London, 2003, Page, 14
[3] Philosophy history And Problems, Samuel Enorch, , McGrahill New yark, 2008, page, 28
[4] Jean Paul Sartre, Existentialism is humanism, Methuen, London, 1966, page. 55
[5] اردو شاعري ۾ انسان دوستي، ڊاڪٽر محمد گل عباس، عثمان پبليڪيشنز لاهور، صفحو 20
[6] مطالعه اديان و مذاهب، ڊاڪٽر عبدالرشيد، طاهر سنز ڪراچي، 2012ع، صفحو 282
[7] اردو شاعري ۾ انسان دوستي، ڊاڪٽر محمد گل عباس، عثمان پبليڪيشنز لاهور، صفحو 21
[8] حوالو ساڳيو، صفحو 34
[9] Petrarch’s Humanism and the Care of the Self, Gur Zak, Cambridge University Press, P. 88
[10] Petrarch’s Humanism and the Care of the Self, Gur Zak, Cambridge University Press, P. 88
[11] http://www.robertburns.org/works/496.shtml
[12] The Philosophy of Humanism, Eighth Edition: CORLISS LAMONT ,  BY HALF-MOON FOUNDATION, INC.1997. p. 12
[13] يورپ ڪا عروج، ڊاڪٽر مبارڪ علي، فڪشن هائوس لاهور، ٽيون ڇاپو، 2005ع، صفحو، 92
[14] http://www.youtube.com/watch?vPE14tMaC1c8

No comments:

Post a Comment