شاهه جو رسالو

Monday, 1 June 2015

شاهه جو رسالو ۽ ڊاڪٽر بلوچ ــ اياز عالم ابڙو (Ayaz Alam Abro)

اياز عالم ابڙو

شاهه جو رسالو ۽ ڊاڪٽر بلوچ

شاهه جي رسالي تي ٿيندڙ سوڌ سهيڙ جي سلسلي ۾ هڪ پرڏيهي عالم ارنيسٽ ٽرمپ رسالي جا قلمي نسخا هٿ ڪري 1866ع ۾ جرمني مان شايع ڪرائي، شاهه جي رسالي جو پهريون نسخو ڇاپي سنڌ ۾ آڻي پڌرو ڪيو. جيڪو سرن جي سٽاءُ مطابق اڻپورو (26 سُر) هو. ڊاڪٽر گربخشاڻي جا سهيڙيل ٽي جلد (مرحليوار 5، 6 ۽ 7) ڪل 18 سر 1923ع، 1924ع ۽ 1931ع ۾ شايع ٿيا. ان غير مڪمل ڪم جي سوڌ سهيڙ جي سلسلي ۾ 1951ع ۾ ڊاڪٽر دائود پوٽي (مرحوم) اڳڀرائي ڪندي ڀٽ شاهه آيو ۽ تمر فقير جي اوطاق تي ويهي گنج شريف جو مطالعو ڪيو ۽ هڪ مستند رسالي جي پڌرائي جي سلسلي ۾ 8 سال ووڙ ولوڙ دوران 22 نومبر 1958ع ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. ان حوالي سان ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو (مرحوم) پنهنجي هڪ مقالي ”شاهه جي رسالي جي باري ۾ تحقيق جو مختصر جائزو“ (شايع ٿيل: بين الاقوامي سنڌي ادبي ڪانفرنس/فيبروري 1988ع) ۾ ڄاڻايو ته: ”ڊاڪٽر دائود پوٽي جي نياڻي سانئڻ خديجه خانم دائود پوٽو جي گهر (سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري واري بنگلي ۾) ڊاڪٽر دائود پوٽو جو شاهه جي رسالي بابت ڪيل ڪم هڪ بئگ ۾ ڇڙ وڇڙ حالت ۾ مليو...“
ڊاڪٽر دائود پوٽي جي رحلت کان پوءِ 1966ع ۾ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز جي هڪ گڏجاڻيءَ ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ شاهه جي رسالي جو هڪ معياري ۽ مستند متن پڌرو ڪرڻ لاءِ تجويزون پيش ڪيون. ڪاميٽي انهن تجويزن کي قبول ڪندي، ان ڪم جي اڪلاءَ جون ذميواريون ڊاڪٽر بلوچ جي حوالي ڪيون. ان حوالي سان اسان ڏسون ٿا ته 1866ع ۾ ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ کان پورا هڪ سئو سال پوءِ 1966ع ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي شروع ڪيل عملي پورهئي سان شاهه جي رسالي بابت سوڌ سهيڙ، تحقيق يا اڪلايل ۽ جاري ڪمن جي مڪمل تاريخ اسان وٽ موجود آهي، جيڪا ڊاڪٽر بلوچ مرحوم جي تحقيق ڪيل شاهه جي رسالي جي ڏهن جلدن کان علاوه ثقافت کاتي طرفان ڇپايل (هڪ مڪمل اضافي ڇاپي سميت) 2009ع تائين هند سنڌ جي لائبريرين، ڪجهه ذاتي ڪتب خانن ۽ مارڪيٽ ۾ موجود آهي. جن مان مختلف مڪتبه فڪر جا ماڻهو پنهنجو پنهنجو ڪارج ماڻڻ لاءِ ۽ گهرج آهر مطالعو مشاهدو ڪن ٿا.
ان حوالي سان ٿيو هيئن آهي ته ڪنهن به جاکوڙي ڪم تي ٿيندڙ سوڌ سنوار، تحقيق، تنقيد ۽ ڇنڊ ڇاڻ نئين روشني ۽ ڏسَ گَس مهيا ڪري ٿي، پر ان جي ابتڙ سواءِ ڪنهن مطالعي يا تحقيق جي اهو لکي ڇڏڻ ته: ”ڊاڪٽر بلوچ جي جلد....۾ فلاڻو سر ۽ وائي شامل ناهي، جڏهن ته ڄاڻايل سر ۾ وائي موجود آهي، جيئن استاد لغاري شاهه جي رسالي جي سرائيڪي ترجمي ”شاهه دا رسالا“ جي مقدمي: صفحي 11 ۽ 12 تي ڄاڻايو آهي ته: ”مون هي منظوم سرائيڪي ترجمو لڳ ڀڳ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي تحقيق ڪيل جلد ڏهين کي سامهون رکي ڪيو آهي ۽ پنهنجي طرفان هن سرائيڪي ترجمي ۾ ٻه اضافا ڪيا آهن، جيڪي مون پنهنجي ذاتي دلچسپي ۽ شوق جي آڌار تي ڪيا آهن، سي آهن ”سر ڪيڏارو“ ۽ ”سر گهاتو“ جي هڪ وائي، جنهن جو ٿلهه آهي: ”جيڪس جهليا مڇ، گهاتو گهر نه آيا“، اهي ٻئي شيون ڊاڪٽر بلوچ واري نسخي (جلد 10 هين) ۾ شامل ناهن....“
جڏهن ته ڊاڪٽر بلوچ واري جلد ڏهين جي فهرست تي نظر وجهجي ته ”سر ڪيڏارو“ 13 نمبر تي ۽ رسالي اندر سر ڪيڏاري جو متن صفحي 188 کان 195 تي، پرک ۽ سمجهاڻي صفحي 809 کان 813 تي موجود آهن ۽ ڄاڻايل سر گهاتو واري وائي ”جيڪس جهليا مڇ “ صفحي 34 تي ڇپيل آهي ۽ سر ڪيڏارو جي سلسلي ۾ ڊاڪٽر بلوچ جي تحقيق پڌري آهي. ان سلسلي ۾ ڊاڪٽر مرحوم ”سر ڪيڏاري“ جو هڪ اضافي داستان پڻ هٿ ڪري داستان نمبر ستين طور شامل ڪيو آهي. جيڪو ثقافت ۽ سياحت کاتي طرفان ڇپايل ”شاهه جو رسالو“ ڇاپو پهريون 2009ع جي اضافي جلد جي سٽاءَ (فهرست) ۾ 30 نومبر تي ۽ صفحي 413 کان 421 تائين موجود آهي. استاد لغاري پاران ڪيل اهو سرائيڪي منظوم ترجمو جنوري 2010ع کان گردش ۾ آهي ۽ سوين ماڻهن جي مطالعي هيٺ هوندو، ان لاءِ ضروري ڄاتو ويو ته ان اوڻائي کي پڌرو ڪجي ته جيئن رڪارڊ درست رهي.

No comments:

Post a Comment