شاهه جو رسالو

Monday 1 June 2015

شاهه لطيف جي بيتن جو وزن ۽ سنڌي اچار جا مسئلا ـــ ڊاڪٽر الياس عشقي



ڊاڪٽر الياس عشقي

شاهه لطيف جي بيتن جو وزن ۽ سنڌي اچار جا مسئلا


     
سن 1991ع جي آخر ڌاري  پنجابي زبان جي برک ليکڪ، ناقد ۽ محقق محترمه دوست محمد آصف خان، ايڊيٽر ٽماهي پنجابي ادب لاهور مون کي هڪ خط ۾ لکيو  ته ”اوهان جي مضمونن مان مون کي معلوم ٿيو آهي ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي بيتن جو وزن دوهي تي ٻڌل آهي ۽ انهن جي جوڙ جڪ دوهي ۽ سورٺي جي ميلاپ سان ٺهي آهي، پر مون کي بيتن جي  مصراعن ۾ وزن گهٽ وڌ نظر آيو آهي، تنهن ڪري مون ڪن سنڌي شاعرن ۽  اديب دوستن کان ان باري  پڇا ڪئي هئي پر ڪنهن  به مون کي خاطري جوڳو جواب نه ڏنو، هاڻي مهرباني ڪري اوهين ٻڌايو ته شاهه جي مصراعن جي وزن ۾ اها گهٽ وڌ ڇو آهي، جيڪڏهن اوهين  مثال  ڏئي ۽ تقطيع ڪري ان فرق کي واضح ڪندا ته شڪر گذار رهندس رهندس، اهو مسئلو مون کي پريشان ڪري رهيو آهي “ان زماني ۾  مون شاهه لطيف جي شاعريءَ جي فن تي هڪ مضمون پئي لکيو، جنهن ۾ شاهه جي بيتن جو وزن به ويچار هيٺ هو، تنهن ڪري ان موقعي  مان فائدو وٺندي شاهه لطيف جي ڪن بيتن جي تقطيع ڪري پنهنجي دوست کي سندس سوال جو جواب لکي موڪليو، منهنجو جواب پوءِ هڪ  مضمون جي صورت ۾ ”شاهه جي شاعري ۾ فن جي اُپٽار “ جي سري هيٺ ٽماهي مهراڻ جنوري جون 1992ع ۾ ڇپيو، بعد ۾ مهراڻ جولاءِ-سيپٽمبر 1992ع ۾ برادر محترم ڊاڪٽر تنوير عباسي جو هڪ مختصر خط شايع ٿيو، جنهن ۾ موصوف لکيو ته ”عشقيءَ جو  مضمون پڙهيم “ ان ۾ شاهه لطيف جي شاعريءَ جو ڇيد (تقطبع ) غلط ڪيو اٿائين، ان ڪري بيت جي سٽن ۾ ڇهن ماترائن جو فرق آهي، ان باري ۾ مضمون لکان پيو جلد موڪليندس “. مون کي ان مضمون جو انتظار رهيو، جيڪو پوءِ ٽماهي مهراڻ آڪٽوبر –ڊسمبر 1992ع ۾ شايع ٿيو.

اهو مضمون پڙهڻ کانپوءِ مون محسوس ڪيو ته ان جي ڪري بيت جي وزن بابت ادب دوستن ۾ غلط فهميون پيدا ٿيڻ جو امڪان آهي، تنهن ڪري مون پنهنجن خيالن کي هڪ مختصر خط ۾ لکي ايڊيٽر ”مهراڻ “ ڏانهن موڪليو، پر انهن ڏينهن ۾ ”مهراڻ “ جي عملي جي تبديليءَ جي ڪري منهنجو اهو خط ڇپجي نه سگهيو، مان وري ٻين ڪمن ۾ مصروف ٿي ويس پر ٻٽي ڏينهن ٿيا ته ڊاڪٽر تنوير جو ان موضوع تي لکيل مضمون نظر آيو،مون اهو غور سان پڙهيو ۽ آئون وري  به ان نتيجي تي پهتس ته ان مضمون جي ڪري شاهه لطيف جي بيتن جي وزن بابت غلط فهمي پيدا ٿيندي ۽ ضروري سمجهم ته ان سلسل ۾ هڪ مختصر مضمون لکان.حقيقت ۾ ڇند وديا (پنگل) جو معاملو ايترو سولو ڪونهي، جو ڄيٺمل ڀاوناڻي جو ڪتاب ”سنڌي شعر “ يا ڪو ٻيو ڪتاب پڙهي وزن جو صحيح اڀياس ڪري سگهجي وزن ۾ بنيادي ڳالهه ته ماترائن جي ڳڻپ جي آهي پر اهڙي ڳڻپ ڪرڻ وقت ڪن ٻين ضروري ڳالهين جو خيال رکڻ به ضروري هوندو آهي، جن جي مفصل بيان جو هي موقعو نه آهي، منهنجي مضمون۾ وزن جي بنياد بابت غورڪندي Prosody جي اصطلاح Vowel Sounds جو ذڪر ڪرڻ ضروري هو،   ڇاڪاڻ ته  عروض ۾ سبب، وتر ۽ فاصلا ۽ پنگل ۾ ننڍيون وڏيون ماترائون ۽ واول سائونڊز مختلف زبانن جا اصطلاح آهن، پر ڳالهه ساڳي آهي، هر زبان ۾ شاعري ۽ موسيقي جو بنياد انهن واول سائونڊز تي هوندو آهي، اهي آواز جا ننڍي ۾ ننڍا ماپا هوندا آهن، منهنجي ان مضمون ۾ محترم ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي هڪ مضمون جي حوالي سان تلفظ جو مسئلو به زير بحث آندو ويو هو، انهن ٻنهي ڳالهين جي فرق جو خيال شايد برادر محترم تنوير عباسي کي نه هو، جنهن سبب هن Prosody جي هڪ اصلاح Syllable جو ذڪر ڪيو آهي، جنهن جو سنئون سڌو اچار سان تعلق نه آهي، ساڳي وقت ان علم جي ٻين اصلاحن جهڙوڪ: ”Iambus“، ”Anapest “، ”Trochee“جو اچار سان تعلق سمجهي انهن جوذڪر ڪيو ويو آهي.
ظاهر ۾ عروض، پنگل Prosody ۾ ڪو فرق نظر نه ٿو اچي، پر زبانن جو فرق هڪ وڏو فرق آهي، انگريزي ۽ ٻيون مغربي زبانون جن جي موزونيت جو فن Prosody آهي، Long، Short، Un-streessed)) Stress جون زبانون آهن، جڏهن ته مشرقي (خاص ڪري ننڍي کنڊ جون ٻوليون) اهڙيون زبانون نه آهن، مغربي زبانن ۾ لفظن جي ڪن سليبلز تي Strees))  يا (Accent ) مقرر هوندا آهن، ۽ ڪنهن به صورت ۾تبديل ٿي نه ٿا سگهن، پر اسان جي ٻولين ۾ زور يا Strees، Accent لفظ جي ڪنهن مقرر   حصي تي نه هوندو آهي، ان جو مدار ڳالهائڻ واري جي موڊ يا جذباتي ڪيفيت تي هوندو آهي، ان ڪري ئي اسان جي ٻولين ۽ انگريزي ۽ ٻين مغربي ٻولين جي Rythm ۾ فرق آهي، جيڪو انهن زبانن جي موزنيت ۽ وزن ۾ ظاهر ٿئي ٿو، اهو ئي سبب آهي جو ٻه اڍائي سئو سالن تائين  انگريزي ادب ۽ شاعري پڙهڻ کانپوءِ به اسين اڄ  تائين نه انگريزي شاعري جي وزن کي محسوس ڪري سگهون ٿا نه انگريزي شاعري کي موزون پڙهي سگهون ٿا، مطلب ته اسان کي موزونيت جي سلسلي ۾ Prosody جي انهن  اصطلاحن تي اکيون ٻوٽي ڀروسو نه ڪرڻ گهرجي، اچار جي ڳالهه ته Long، Short واولز Accented، Stressed ۽ Nonaccented  Un-streessed))  سليبلز جي نوعيت مان ظاهر ٿي چڪي آهي.
اچار جو  تعلق علم لغت (Lexicography) سان آهي، ان ڪري وزن جي علم Prosody جي اصطلاحن Lambus, Anapest, Trochee سان اچار جو ڪو به  واسطو ڪونهي، جيڪڏهن وزن جي چونڊ صحيح آهي ته بحر ۾ اچار ايندو، اچار صحيح جو مسئلو زبان ۽ لغت جو آهي، وزن جو آهي وزن جي فن جو ڪونهي.
هاڻي اچو ته ڏسون ته وزن ”Metre“ ڇا آهي.
''It is a Regular rythmic unit determined by the relation of stronger and weaker stresses or accents in the component syllables.  A  combination of accented and unaccented syllables constitutes a foot .The feet commonby
distinguished ind English verse are;-
1.      Iambic جنهن ۾ هڪ Un accented سليبل کانپوءِ هڪ Accented سليبل هوندو آهي.
2.      Anapestic جنهن ۾ ٻن Un accented سليبلز کان پوءِ هڪ Accented سليبل اچي ٿو.
3.      Trochaic جنهن ۾ هڪ Accented سليبل کانپوءِ هڪ Un accented سليبل ايندو آهي.
4.      Dactylic جنهن ۾ هڪ Accented سليبل کانپوءِ ٻه Un accented سليبلز هوندا آهن.
5.      Spondiac جنهن ۾ هڪ کانپوءِ ٻيو Accented سليبل ايندو آهي.
حقيقت ۾ اهي عروض جي ارڪان افاعيل جا خاص هنڌ آهن، جن جو وزن سان تعلق هوندو آهي ۽ اچار سان انهن جو ڪو به سنئون سنڌو تعلق نه هوندو آهي.
هاڻي اچار جي مسئلي تي غور ڪرڻ گهرجي.
سنڌي ۾ اچار جي مسئلي تي لغت  مرتب ڪرڻ وارن گهٽ غور ڪيو آهي، ان اهم معاملي سان منهنجو تعلق منهنجي ملازمت واري زماني ۾ رهيو آهي، ان معاملي تي ويهين ايڪيهن ورهين کان غور ڪندو رهيو آهيان، موسيقي جي فنڪارن جو اچار صحيح ڪرڻ لاءِ اسان سنڌي جي ناميارن اديبن ۽ شاعرن جهڙوڪ: سيد منظور نقوي، محمد خان غني، مظفر حسين جوش، زيب عاقلي ۽ ٻين کي قرار ڪيو هو، جيڪي فنڪارن جو اچار صحيح ڪرايندا هئا، ڪيترن ئي  اچارن تي انهن دوستن  ۾ به اختلاف ٿيندو هو، ان ڪري ڪنهن  ڪنهن لفظ جي اچار ۾ فرق ٿي ويندو هو ۽ اسين پاڻ ۾ بحث مباحثو ڪري ڪنهن نتيجي تي پهچندا هئاسين، سنڌي لفظ جي پڇاڙي واري حرف تي زير زبر ۽ پيش چٽي نموني ۾ اچارڻ سان سنڌي لفظ جو تلفظ صحيح سمجهيو ويندوآهي، ان کان اڳ واري  اعراف  اعراب جي فرق سان تلفظ ۾ فرق نه ٿو پوي.اصول اهو قائم ڪيو ويو هو ته هڪ لفظ جو اچار هڪ هنڌ ساڳيئي  ساڳيو ئي ٿيڻ گهري، پاڻ ۾ اختلاف جي هوندي به اسين ان اصول تي متفق رهياسين، پر هر ڪو پنهنجي پنهنجي اچار کي صحيح سمجهندو هو، اچار جو اهو فرق اسان کي ۽ ڪتابن کانسواءِ سنڌ جي اديبن ۽ شاعرن ۽ سگهڙن جي گفتگو ۾ پڻ محسوس ٿيندو هو، اچار جي معاملي ۾ آئون ذاتي طرح ان نتيجي تي پهتو آهيان ته هر ٻوليءَ ۾ڌارين  ٻولين جا  لفظ اچي پنهنجو اچار ڦيرائيندا آهن، پر سنڌي ٻوليءَ ۾ اهڙي بدليل اچار جي  هڪ کان وڌيڪ صورت ملي ٿي، مثال لاءِ عربي لفظ محبت کي ڏسو، سنڌي ۾ ان جو اچار ڪڏهن مُحّبت هوندوآهي، ڪڏهن مُحبتُ ۽ ڪنهن مُحّبِت پر منهنجي خيال ۾ اهي ٽئي اچار صحيح آهن، عربي تلفظ مُحبتُ غلط آهي، ڇاڪاڻ ته سنڌي ۾ لفظ جي وچ ۾ شد نه ايندي آهي، بلڪ سنڌي ٻوليءَ ۾ شد آهي ئي ڪو نه، سنڌي ٻولي ۾شد جي  مسئلي تي ڪنهن غور ئي نه ڪيو آهي، سنڌيءَ ۾ شد رڳو ٻه حرفي لفظن تي ايندي آهي يا تمام گهٽ صورتن ۾ لفظن جي آخري ٻن حرفن تي هوندي آهي،جيئن مصري شاهه جي مشهوري ڪافي جي مصراعن ۾ اچي ٿي: ديدن ڪيو درسن- موج ڪري پيو من.
هاڻي انهيءَ شد جا مثال (جنهن کي اصل سنڌي ٻوليءَ جي شد چئجي) شاهه عنايت رضوي، خليفي نبي بخش ۽ شاهه لطيف جي ڪلام ۾ به ملن ٿا.
مثال طور:           
شاهه عنايت:
اڄ اڏيائون اڏ، دل ۾ ديواريون ڪري،
سڄڻ ساهه پساهه جين،مون سين آهينِ گڏّ،
ڪهڙا ڪريين سڏ، هِهڙن هيڪاندن
خليفو نبي بخش:
جند ڳاري ۾ ڳمّ، ساڳ سلوڻا راڇڙين،
گندم ساڻ غريب جو، قاسم ڪونهي ڪم،
دارو! منهنجو دم، پرتوهت پِنهوار سين.        (ص81)
شاهه لطيف:
لوڍي لک اچنّ، روءِ راڻي جي ناهه ڪو،
هيڪ اکيون ٻيا آنگڙا، پر ۾ ٿا پڇنّ،
سي ڪئن مينڌرا مڃنّ،جي توسوڍا سوري چاڙهيون
(ص 500)
شاهه لطيف:
هن مند مارو سنرا، ڍنگر  ڍار رهنّ،
پاڻي پوڄ پٽن ۾، پکي پاند پينّ،
هن کي لوهه لطيف چئي، هو کائر ۾ کلن،
کاٽونڀا کاڄن، مينهن وسندا موٽ تون.
(ص506)
شاهه
  لطيف:
چرن چڻڪن چت، گهارين مٿي گهٽّ،
که مانڌاڻو مکڻي، ڍولئين پاسي ڍٽّ،
پنهوارئين پکڙين، وڃي ڪريان وٽّ،
 ساڻهه سامهين سٽّ، ڪنديس ڀڃي ڪڙن کي.
(رسالو ڊاڪٽر بلوچ ٽن قلمي نسخن وارو)
ڊاڪٽر تنوير عباسي صاحب جي تقطيع ۾ شد هن ريت اچي ٿي:
1.      ويڄ مگ ٻڪي ڏي، الا چڱي م ٿيان.
2.      سڄڻ مان اچي  ڪر لاهوتي  ڪڏهن.
        اهو ڪهڙو سنڌي لهجو ۽ روايتي اچار آهي، جو ٻڪي، چڱي، سڃڻ ۽ ان کانسواءِ ڏکي، وٽان ۽ وڏي جهڙن لفظن کي شد سان لکيو ويو آهي، جيڪو سنڌي ٻولي ۽ عوامي  لهجي جي برخلاف آهي، مون شاهه جا بيت پنهنجي طرفان نه لکيا آهن پر رسالي مان  نقل ڪيا آهن، پر ڊاڪٽر تنوير عباسي شاهه جي سڀني خطي ۽ ڇپيل رسالن جي برخلاف پنهنجي مرضيءَ سان بيتن جون پڙهڻيون ڏنيون آهن ۽ سنڌي ٻولي سنڌي ٻولي جي برخلاف شدي سنڌي کي غلط لکي پنگل کي پنهنجي مرضي  مطابق آڻي منهنجي تقطيع کي غلط ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، مون ته علمي ڳالهه پيش ڪري شاهه جي بيتن جي وزن ۽ اچار بابت  جنهن غلط فهمي جو امڪان پيدا ٿيڻو  هو ان کي صاف ڪري  حقيقت حال کي ظاهر ڪيو آهي.

No comments:

Post a Comment