شاهه جو رسالو

Tuesday 15 October 2019

شاهه عبداللطيف ڀٽائي هڪ عالمي شاعر ۽ مفڪر .... مقبول احمد ڀٽي (Maqbool Ahmed Bhatti)


مقبول احمد ڀٽي

شاهه عبداللطيف ڀٽائي هڪ عالمي شاعر ۽ مفڪر


شاعر فطرت:

گل جي خوشبوءِ، چنڊ جي چانڊوڪي، ساز جو دلنواز آواز، انڊلٺ جي روح پرور رنگيني، عطر جي دلپذير هٻڪار جيئن ازخود پنهنجو پاڻ مهڪائي، حسن ازل جو جوهر جرڪائيندي آهي ۽ ان جي خوبيءَ لاءِ ڪنهن به دليل يا بيان جي ضرورت نه ٿيندي آهي، تيئن هڪ حقيقي شاعر جي اثر پذيري ۽ هر دلعزيزيءَ جي ثبوت لاءِ پڻ ڪنهن وڪالت جي ضرورت نه آهي. شاعر فطرت کي صانع قدرت طرفان سچ ۽ حق جي پرک جو هڪ اهڙو ملڪوتي ملڪو، تخليقي صلاحيت ۽ اصلاحي قوت وديعت ٿيل هوندي آهي، جو هو ماحول کان متاثر ٿيڻ بجاءِ، زماني تي اثر انداز ٿي، انسانيت جي فلاح ۽ عام طور ۽ پنهنجي سماج جي سڌاري لاءِ پنهنجو مخصوص ماحول پاڻ پيدا ڪندا آهن. سندن زندگيءَ جو هر لمحو ۽ زبان مان نڪتل هر لفظ انهيءَ منزل ڏانهن هڪ سنگ ميل ثابت ٿيندو آهي. دنيا جي تاريخ تي سرسري نظر وجهڻ سان ئي معلوم ٿيندو ته هر دور جي خوشگوار تبديلي ۽ انقلابي اصلاح ڪنهن اهڙي ئي شاعر فطرت جي وجود مسعود جي مرهون منت هوندي آهي.

شاهه جي عالمي حيثيت

سيد الشعراءَ شاهه عبداللطيف ڀٽائي اهڙن ئي عالمي شاعرن جي سٿ مان هڪ هو، جي زمان ۽ مڪان جي قيد کان آزاد، ملڪي حد بندين ۽ قوميتن جي سرحدن کان گهڻو پري، بني نوع انسان جي بهبوديءَ جا علمبردار مڃيا ويا آهن. سندن ابدي ۽ ازلي پيغام، هر دور لاءِ پيغام حيات هوندو آهي.
شاهه جي شاعريءَ کي پوريءَ ريت پڙهي پروڙڻ کان سواءِ جيئن کيس سمجهڻ جو حق آهي، سندس سهڻي سٽاءَ جو ڪاٿو ڪرڻ محال آهي. شاهه صاحب جنهن خلوص ۽ سچائي، سادگي ۽ سلاست سان انساني فطرت جا نرالا رنگ روپ نروار ڪري ڏيکاريا آهن جذبن ۽ احساسن، امنگن ۽ ارادن، حسرتن ۽ تمنائن، اميدن ۽ آسرن، خطرن ۽ خدشن، شڪن ۽ گمانن، ڏکن ۽ سکن جي اثرائتي انداز سان عڪاسي ڪئي آهي، ان ۾ هڪ فنڪار جو فن، هڪ عالم جو علم، هڪ مدبر ۽ هڪ مفڪر جو فڪر مليل جُليل معلوم ٿئي ٿو.

غير رواجي شاعرانه فطرت:
شاهه صاحب جي شاعري، شاعرانه تعلي، تصنع، تڪلف، خود ثنائي ۽ هر قسم جي نقاليءَ کان پاڪ، اهڙي اصلي احساس جي ترجماني ڪندڙ آهي، جا لفظن جي لطيف ڀڃ گهڙَ جون باريڪ منزلون طئي ڪري، مخاطب جي جذبات سان بلڪل ٺهڪي ڦهڪي اچي ٿي. سندس اندروني ذهانت ۽ سنجيدگي، گهرائي ۽ ماٺائي، ڪٿي عميق بحر، ته ڪٿي پهاڙي نديءَ جي روان دوان ۽ تيز تر ڇر جيان ڇلڪندي نظر چڙهي ٿي.
امراء القيس جي رزم آرائي، انوريءَ جي بزم سنجي، متنبيءَ جي معنيٰ خيزي، عرفيءَ جي سخن گيري، فردوسيءَ جي فصاحت، سنائيءَ جي پندو نصيحت، روميءَ جي رواني، سعدي جي سادگي ۽ سلاست، غالب جي بلاغت، اقبال جي بلند پروازي ۽ ٽيگور جي مدبرانه سنجيدگي، شاهه جي شعر جي هر سٽ مان جهاتيون پائي جهلڪندي ڏسڻ ۾ اچي ٿي.

شاهه جي ڪلام ۾ عشق جو تصور ...... محمد عمر چنڊ (Muhammad Umar Chand)


محمد عمر چنڊ

شاهه جي ڪلام ۾ عشق جو تصور

جيڪڏهن اڳيون زمانو هجي ها ته آئون سنئون سڌو عشق مجازيءَ جي تصور کان آڻي عشق حقيقيءَ تائين جذباتي روايتي دليلن سان مقالي کي کڻي پورو ڪيان ها. پر اڄ هڪ ذميدار نقاد جي لاءِ علمي توضيح ۽ حقيقت پسندي ناگزير آهن. انهيءَ ڪري ڊپ اٿم ته متان ڪنهن ذاتي غلط تصور جي بناءِ تي غلط بيانيءَ کان ڪم وٺي، شاهه صاحب جي روح اقدس يا سامعين ڪرام جي دل آزاري ڪريان. بهرحال بقول رومي:

زانکه دل جوهر بود گفتي عرض،
پس طفيل آمد عرض جوهر غرض.

عشق جو جيتوڻيڪ سڀڪنهن شاعر وٽ آراڌو تصور هوندو پر بهر صورت ان جي اصليت وري به هڪ ئي آهي. اهو بقول سگمنڊ فرائڊ، جنسي جذبي کان شروع ٿي، سڄي نوع انسان جي حياتيءَ تائين ترقي ڪندو ٿو وڃي. اڄ خود طبعيات به عشق ۽ نفرت کي نظر انداز نٿي ڪري سگهي. طبعيات جي آڏو سڄي ڪائنات جو نظام Attraction and Repulsion تي ٻڌل آهي. جيڪڏهن ڪو به سيارو يا ستارو انهن ڪشش جي حدن کان ٻاهر نڪري وڃي ته سندس وجود انهيءَ پل ۾ ختم ٿي ويندو. مرحوم خليفي عبدالحڪيم ”فڪر اقبال“ ۾ ابن عربيءَ جي ڪتاب ”حڪمت الاشراق“ تان نقل ڪيو آهي ته ”هر بلند نور کي هيٺئين نور تي غلبو ۽ اقتدار حاصل آهي ۽ هيٺيون نور مٿئين نور سان محبت ٿو رکي ۽ گويا سندس وصل جو خواهان آهي ۽ انهيءَ قهر و مهر Attraction and Repulsion سان نظام عالم جو وجود قائم آهي. هر قسم جي حقيقي ترقي عشق جي ئي بدولت ٿي سگهي ٿي. پر شرط اهو آهي ته مطلوب، طالب کان ارفع هجي. ڇو ته عشق حقيقيءَ جو رجحان هميشه ڪمال ڏي هوندو آهي. پر پرينديئي عشق حقيقي جو تصور ڪرڻ بي معنيٰ آهي. ابتداءَ جي لاءِ ضروري آهي ته مطلوب متشڪل هجي. متشڪل شيءِ جو حسن ئي انسان جي دل ۾ لاڪس محبت ٿو پيدا ڪري. انهيءَ ڪري هو عشق حقيقي توڙي حوس پرستي جنس کان شروع ٿي ٿئي. اهري عشق کي صوفيانه اصطلاح ۾ عشق مجازي چئبو آهي. اهو رڳو شاهه صاحب تي ٻڌل ڪونهي پر هڪ فنڪار، شاعر، صوفي توري فلسفي عشق مجازيءَ جي منزل مان ٿو لنگهي.
نفسياتي نقطي نگاهه سان ڪا عادت جيڪڏهن ناخوشگوار آهي يا جي ڪنهن خواهش جي تڪميل جي آس نٿي رهي ته اها عادت يا خواهش پنهنجي آسودگيءَ لاءِ نيٺ هڪڙو نئون رستو کڻي سفر ڪندي. جيئن پاڻيءَ جي وهڪ آڏو جيڪا رنڊڪ اچي وئي ته هو پنهنجو وهڪرو ٻئي پاسي بدلائي پنهنجي وهڪ جو سلسلو جاري رکندو. انهيءَ کي نفسيات ۾ انتقال چئبو آهي. عشق، جيئن مٿي ٻڌايو ويو. مجاز کان شروع ٿئي ٿو. پر جڏهن سندس جنسياتي خواهش جي تڪميل نٿي ٿئي ته هو پنهنجو رستو بدلايو وجهي ۽ عشق حقيقي ڏي لاڙو ٿيو پويس. پهريائين پهريائين اهو انتقال منهنجي خيال موجب، رڳو ”انا“ جي تسڪين لاءِ هوندو آهي. پر پوءِ وجدان ۽ عشق حقيقيءَ ۾ بدلجو وڃي.
انهيءَ ساڳئي انتقال جي مسئلي جي وضاحت لاءِ اسان وٽ فلسفيانه دليل اهو آهي ته ”خداوند رب العزت هر شيءِ کان زياده خوبصورت ۽ مڪمل آهي ۽ چئني پاسي کيس پنهنجو ئي ڪمال ٿو نظر اچي“. انهيءَ ڪري هو عاشق به پاڻ آهي ته معشوق به پاڻ، جيئن شاهه صاحب فرمايو:

پاڻ ئي پسي پاڻ کي، پاڻ ئي محبوب،
پاڻ ئي خلقي خوب، پاڻ ئي طالب تن جو.

شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ سونهن جا سوين رنگ ..... ڊاڪٽر شير مهراڻي Dr. Sher Mehrani


ڊاڪٽر شير  مهراڻي


شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ سونهن جا سوين رنگ


سونهن ڪائنات جو اهو عظيم مظهرآهي، جنهن ۾ جهان جون سموريون وسعتون سمايل آهن. حسن پنهنجي پيڪر ۽ نمونن ۾ ازل کان ئي ڪشش جو سبب بڻجندو رهيو آهي. ڪن ڏاهن حسن کي حقيقت سڏيو آهي ته ڪن وري حسن کي خير، نيڪي، سچائي ۽ ڀلائي سان تعبير ڪيو آهي. ڪجھ دانشور حسن کي معروضي سمجھن ٿا ته ڪن جو خيال آهي ته حسن موضوعي آهي. ڪي وري حسن ۽ سونهن کي موضوعيت Subjectiveity ۽ معروضيت Objectivity جو حسين ميلاپ سمجهن ٿا. داخليت ۽ خارجيت ۾ حسن جي موجودگي پڻ بحث هيٺ رهي آهي.
بحرحال حسن جي علم يعني جماليات کي ڪا به هڪ يا گڏيل طور تي تسليم ڪيل تشريح ڏيڻ کان اڄ تائين سڀ ڏاها قاصر آهن. ڇو ته جماليات هڪ اهڙو همه گير موضوع آهي، جنهن جون سرحدون مقرر ڪرڻ خود جماليات جي عالمن ۽ ڏاهن لاءِ هڪ چيلينج کان گهٽ ناهي. مختصر طور تي سونهن جي فيلسوفياڻي اڀياس کي جماليات چئي سگهجي ٿو.
سونهن جو تصور هر دور ۾ ڌار رهيو آهي. يعني هر دور ۾ سونهن کي پنهنجي نگاھ ۽ وقت جي نزاڪتن، حالتن ۽ گھرجن پٽاندڙ ڏٺو ويو آهي. يونانين وٽ سونهن جو تصور نيڪي يا ڀلائي سان مشروط هو؛ بقول ارسطو:
“The beautiful is that good which is pleasant because it is good”
ان کان علاوه ارسطو پوئٽڪس ۾ جيڪو اڻويھ ڀيرا سونهن جو ذڪر ڪيو آهي، ان مان سندس مقصد فني سونهن هو. يونان جي عظيم ڏاهپ جي دور کان پوءِ ابيقيورين جو دور اچي ٿو. جن جي ڏاهي ابيقيورس جو خيال هو ته روح به جسم وانگر مادو ئي آهي؛ جيڪڏهن ائين نه هجي ها ته روح کي ڏک ۽ خوشيءَ جو احساس نه ٿئي ها. جماليات بابت سندس خيال هو ته حسن مادي جي ان هڪجھڙائي جو نالو آهي، جيڪو اسانجي حواسن کي سٺو لڳي ٿو فنون لطيفه جو اصل ڪم اهڙي سونهن کي پيدا ڪرڻ آهي، جنهن سان انسان کي حظ يا تسڪين حاصل ٿئي ٿي.
ابيقيورين کان پوءِ رواقين جو دور اچي ٿو، جنهن جو مک ڏاهو زينو هو. هو افلاطون ۽ ارسطو جي خيالن سان متفق هو ۽ سونهن کي اخلاقيات ۽ نيڪي سان ڳنڍي پيش ڪندو رهيو. رواقيت جو دور فنون لطيفه جي لاءِ لاڀائتو ثابت نه ٿيو. رواقيت کان پوءِاشراقيت جو دور اچي ٿو، هن دور جو عظيم ڏاهو فلاطيونس هو. فلاطيونس مصر جو رهواسي هو، هن نه صرف افلاطون ۽ سقراط جي فلسفي مان لاڀ حاصل ڪيو، پر هن ننڍي کنڊ (هندستان ) ۽ ايران جي فلسفين جا ويچار پڻ غور هيٺ آندا. هن جو خيال هو ته تخليقي تجربي يا ڪاريگري جو واسطو مادي دنيا سان نه بلڪه روحاني ۽ ماروائي دنيا سان آهي. فلاطيونس جي خيال کي تصوف ۾ تمام گھڻي اهميت جي نگاھ سان ڏٺو وڃي ٿو. فلاطيونس جو خيال هو ته هي دنيا اصل ۾ هڪ پاڇو آهي، جنهن دنيا جو هي ظاهري دنيا پاڇو آهي اها اصل ۾ خدائي ذات آهي. هن جو خيال هو ته فنون لطيفه اصل ۾ هڪ اهڙي وجداني دنيا جو نقل آهي، جنهن جي ساراھ کان اسان کي انڪار نه ڪرڻ گھرجي. ائين سندس فلسفي کي تصوف جو روح پڻ مڃيو وڃي ٿو. اشراقيت جي دور کان ويندي نئين جاڳرتا جي دور تائين ٻين علمن ۽ نظرين وانگر جماليات جي لاءِ پڻ هڪ ڪارو دور هو. ريني ڊيڪارٽ کي جديد فلسفي ۾ پيڙھ جي پٿر جي حيثيت حاصل آهي. ٻين علمن سان گڏ هن جماليات تي پڻ ڪم ڪيو. اصل ۾ سندس ڪم سڌو سنئون جماليات سان واسطيدار نه هو پر جيئن ته هن موسيقي جي اهميت کي واضع ڪرڻ لاءِ هڪ ڪتاب لکيو، ان ڪري کيس ماهر جماليات جي حيثيت سان پڻ ساريو وڃي ٿو.
“Rene Descartes produced treatise m music, although it contains little that would be recognized as aesthetics in the modern sense.”