ڊاڪٽر شير مهراڻي
شاهه ۽ جماليات
ڪنهن به شيءِ جي
خوبصورت هجڻ يا خوبصورت لڳڻ کي ان شيءَ جي سونهن
يعني Beauty ڪوٺجي ٿو. لفظ “بيوٽي” اينگلو لفظ “بيوٽ” مان نڪتل آهي، جيڪو پراڻي
فرانسيسي لفظ “بيلٽ” يا “ بيلٽٽ” مان ورتل آهي يا ڪجهه
ڏاهن موجب لفظ ‘بيوٽي’ لاطيني لفظ “بيليٽاس” مان ورتل آهي؛ جنهن مان “حسين
حالت” جي معنيٰ ورتي ويندي هئي. يا وري لاطيني لفظ “بيلس” ‘بيوٽي’
جو اصل اوريجن سمجهيو وڃي ٿو، جنهن جي معنيٰ آهي خوبصورت يا وڻندڙ. اهو لفظ
ڪلاسيڪي لاطيني ٻولي ۾ ٻارڙن ۽ عورتن جي سونهن لاءِ ڪتب آندو ويندو هو. بيوٽيشن جو
اصطلاح پهريون ڀيرو 1924ع ۾ عورتن کي وڌيڪ خوبصورت بڻائيندڙن لاءِ استعمال ڪيو
ويو.
“... This term (beautiful) was used in classical Latin
especially for women and children…The term “beautician” were first recorded in
1924.” [1]
سونهن Beauty بابت
فلسفياڻن ويچارن ۽ انهن ويچارن تي بحث مباحثي ۽ اڀياس کي جماليات Aesthetics چئجي ٿو.
“ايسٿيٽڪس” جو اصطلاح پهريون ڀيرو بام گارٽن نالي ڏاهي 1935ع ڌاري پنهنجي هڪ
مضمون “احساسن وسيلي شين جو
ادراڪ” ۾ استعمال ڪيو.
”The term ‘aesthetic’ was first used in the eighteenth century by
the philosopher Alexander Baumgarten to refer to cognition by means
of the senses, sensuous knowledge.“[2]
جماليات پنهنجي
گوناگون علميت ۽ حقيقت سبب فلسفي توڙي نفسيات جو تمام وڏو عنوان بڻجي چڪو آهي.
سونهن کي معروض ۽ موضوع سمجهڻ ۽ سمجهائڻ فلسفي جو هڪ تمام وڏو بحث آهي، جنهن جو
نبيرو اڃا تائين ناهي ٿي سگهيو. ڪن ڏاهن جو خيال آهي ته سونهن واڌو حيثيت ۾ مجازي
هجڻ سان گڏ شين جي خارج ۽ ظاهر ۾ موجود هوندي آهي ۽ جسم وانگر سونهن پڻ فنا ٿي
سگهي ٿي. اهڙا ڏاها سونهن کي معروض سمجهن ٿا. فلسفي ۾ معروض کي ڪا شيءَ، هستي يا
وجود سمجهيو وڃي ٿو.
”An object is anything that can be subject to action. An object is
something perceptible as a unit by one or more of the senses. In philosophy, an
object is a thing, an entity, or a being.“[3]
جڏهن ته سونهن کي موضوع سمجهندڙ ڏاهن جو خيال آهي
ته سونهن پنهنجي ازلي حيثيت ۾ داخلي، ۽ حقيقي هجڻ سان گڏ روح وانگر لافاني ٿئي ٿي.
جيئن موت کان پوءَ صرف جسم فنا ٿئي ٿو ۽ روح پنهنجي مطلق ڏانهن وڃي ٿو اهڙي طرح
سونهن پڻ روح وانگر فنا ٿيڻ بدران پنهنجي ازلي سونهن سان وڃي ملي ٿي.
ڪجهه ڏاهن پنجن احساسن سان محسوس ڪئي ويندڙ سونهن ۽ روحاني سونهن۾ فرق واضع ڪندي، روحاني سونهن کي ڪي قدر عالمي مڃتا
ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
“The lowest form of beauty is a pure
«sensorial beauty» … A higher kind of beauty is a beauty of the «second
potency»… This is a spiritual quality of beauty… this kind of beauty is a mixed
perfection.”[4]
ان ساڳي خيال جي پيروي فلاطيونس سميت بين ڪيترن ئي ڏاهن
ڪئي.
“ Plotinus
considered art to be a way of
reproducing or capturing the beauty and truth of the invisible world in visible
form.”[5]
روحاني سونهن جو جلوو پسندڙن جو خيال آهي ته دنيا خوبصورت آهي ۽ ان ۾ ڪابه
شيءَ بدصورت ناهي. جان ڪانسٽيبل لکي ٿو.
“There
is nothing ugly; I never saw an ugly thing in my life: for let the
form of an object be what it may,-light, shade, and perspective will
always make it beautiful.”[6]
پر مختلف دورن ۾ سونهن بابت مختلف تصور عام رهيا آهن،
يعني مختلف سماجن ۽ ثقافتن ۾ سونهن کي پنهنجي پنهنجي انداز سان ڏٺو ۽ قبول ڪيو ويو
آهي. يونانين وٽ سونهن نيڪيءَ سان لاڳاپيل رهي. سقراط توڙي افلاطون سونهن کي نيڪي،
فائدو رسائيندڙ ۽ اصلي سونهن (خدائي حسن ) سڏيو آهي. هنن وٽ فنون لطيفه جي لاءِ ڪا
به اهميت جوڳي جاءِ نه هئي. جڏهن ته سقراط کان اڳ جيئن ته يوناني فطري سونهن جي
مڃتا کي مذهبي رنگ ۾ قبول ڪري چڪا هئا، ان ڪري هنن وٽ شاعري، موسيقي، سنگ تراشي يا
رقص صرف ۽ صرف مذهبي عقيدن جي تسڪين جو سبب هئا. جڏهن ته ارسطو الميي جي نظرئي Doctrine of tragedy ۾ جماليات تي هڪ خاص بحث ڪري سونهن جي اهميت کي نروار ڪيو. هن جو
چوڻ هو ته الميي سان انسان جي خيالن، تصورن ۽ جذبن ۾ گھرائپ ۽ پاڪيزگي پيدا ٿئي
ٿي. ۽ الميي تحت انسان خدا سان ربط ڳنڍي ٿو المييTragedyجي سري هيٺ ارسطو
پنهنجي فلسفياڻي ڏاهپ کي تمام سهڻي نموني
بيان ڪيو آهي.
مجموعي طور يونانين وٽ هڪ پاسي سونهن
نيڪي آهي ته ٻي پاسي فنون لطيفه. فنون لطيفه سان جماليات جو تعلق اڄ سوڌو قبول ڪيو وڃي ٿو البته
سونهن کي نيڪيءَ سان ڳنڍڻ وارو تصور جديد ڏاهن وٽ قابل قبول ناهي. جڏهن ته نئين
جاڳرتا واري دور ۾ فنڪارن سونهن جي قديم تصور کي ٻيهر تخليق ڪري مصوري توڙي شاعري
۾ ساڳي خيال کي بيان ڪيو.
“The idealized figures of Florentine art are a composite of perfect
and symmetrical features, inspired by classical statues and humanist
philosophy. By recreating classical beauty, the Renaissance artist was not only
aiming to impress and flatter his patrons, he was also striving
to enhance his own reputation, as well as elevating his discipline
compared with the other artistic professions.”[7]
بنيادي طور سونهن کي موضوعي ڪري مڃيو ويو آهي. ڇاڪاڻ ته سونهن جي پرک جو گهڻو مدار ان راحت ۽
تسڪين تي آهي جيڪا سونهن جي ڏسڻ کانپوء محسوس ڪجي ٿي. اها ٻي ڳالهه آهي ته مختلف
دورن ۾ سونهن جو معيار مختلف رهيو آهي.
ادبي، فيلسوفياڻن توڙي سماجي حوالن سان هلندڙ دور مابعد جديديت جو دور آهي
جنهن جي خاصيت اها آهي ته هن نظرئي تحت سچ ڪو دائمي قدر ناهي ۽ نه ئي وري عالمي
سطح تي هڪجيترو ۽ هڪجهڙو قبول ڪيو ويندڙ قدر آهي. مابعد جديديت تحت هر معاشري ۽
سماج جو پنهنجو سچ آهي. ساڳي طرح سونهن بابت پڻ هڪ ڳالهه طئي ٿي چڪي آهي ته سونهن
جو ڪو طئي شده معيار ناهي، نه ئي اهڙو معيار طئي ڪري سگهجي ٿو. ڇاڪاڻ ته جهڙي ريت
مختلف ماڻهن کي مختلف قسم جا کاڌا وڻن ٿا، جيئن ڪو ماڻهو مصالحيدار کاڌا کائي ٿو
ته ڪو وري مصالحن کان ونئون وڃي ٿو. کاڌن جي پسند ماڻهوءَ جي طبيعت تي مدار رکي
ٿي. ائين ئي جيڪڏهن ايشيائي ماڻهن کي ڳاڙهن ڳٽن ، لال لبن ۽ نازڪ انگن واري دو
شيزه لڀائي ٿي ته آفريڪي ماڻهن کي ڪاري رنگت ۽ مضبوط لڱن واري عورت وڻي ٿي ۽ چينين
۽ جاپانين کي وري بيني نڪ ۽ چنجهين اکين واري ڇوڪري سٺي لڳي ٿي. نتجي طور “ هيء
شيءَ سٺي آهي”، جي بدران “هيءَ شيءَ
منهنجي لاءِ سٺي آهي ” جهڙا اصطلاح عام ٿيا آهن.
يعني هر خطي ۾ سونهن جو پنهنجو معيار آهي. ۽ ان معيار جو لاڳاپو اتان جي
ڪلچر سان جڙيل آهي. يعني اڄوڪي دور ۾ اڳ وانگر سونهن جو ڪوبه هڪجهڙو قبول ڪيو
ويندڙ تصور ناهي.
“To day there is no fixed concept of beauty
as there was in antiquity, or the relationship of the beautiful to the good.”[8]
توڙي جي
اڄ سونهن جوڪوبه هڪ مڃيل پيمانو يا معيار مقرر ناهي؛ پر اڄ جي دور ۾ فنڪار کي اها
حيثيت حاصل آهي ته هو مختلف فطري منظرن ۽ انساني جسمن ۾ موجود سونهن کي هڪڙي پيرائي ۾
کڻي اچي ٿو ۽ ان ۾ خوبصورتي سان گڏ هم آهنگي پيدا ڪري ان کي دلڪش بڻائي ڇڏي ٿو.
“Painters (POETS) gather beauty from
every detail of every human body, they collect them artistically from different
bodies into one representation and in this manner they create one beauty which
is healthy, fitting and internally harmonized.”[9]
فيلسوفن جو خيال آهي ته خدا پهريون فنڪار آهي جنهن زمينن ۽ آسمانن ۾ سونهن
پيدا ڪئي. آرٽسٽ خدا جي پيروي ڪندي فن جي وسيلي سونهن پيدا ڪن ٿا.
“God was (thus) the first and best artist, creator of the
richness and beauty of the earth and skies. Human artists were engaged in work analogous to God’s, and used their reason in their
work just as God used His.”[10]
جماليات کي فلسفي سان گڏ نفسيات ۾ پڻ ساڳي اهميت سان ڏٺو وڃي
ٿو، ڇاڪاڻ ته اسان جڏهن به ڪو فنپارو ڏسون ٿا ته اسان ان مان جمالياتي حض حاصل ڪرڻ
سان گڏان فنپاري جي انهن تخليقي محرڪن تي
پڻ سوچيون ٿا؛ جن جي ڪري اهو فنپارو وجود ۾ آيو آهي. ڇو ته فن جتي احساسن کي نرم ۽
لطيف بڻائڻ جي سگهه رکي ٿو اتي سوچن جي هڪ نه کٽندڙ سلسلي کي پڻ پيدا ڪري ٿو. فرد
جڏهن ڪنهن جمالياتي فنپاري جي سونهن مان حض حاصل ڪر ٿو ته اهو ڄڻ ته پنهنجي
نفسياتي گهرج جي تشفي ڪري ٿو ۽ جڏهن هو ان جي تخليقي محرڪن تي سوچي ٿو ته هو ڄڻ ته
سونهن جي فلسفياڻين جهتن کي اندر ئي اندر۾ بحث هيٺ آڻي ٿو.
جماليات ۾ نه صرف فن ۽ فن جو اڀياس اچي ٿو بلڪه قدرتي منظر،
جهڙوڪ سج جو اڀرڻ، اڇن، ڪارن، ڀورن ڪڪرن
جون قطارون،
سرنهن جي ڦولار، گلن جي خوشبوءِ، صبح جي نرم احساس جاڳائيندڙ هير، ندين ۽ جھرڻن جا وهڪرا، آسمان تي چمڪندڙ چند
ستارا، ۽ کير ڌارا، هرڻين جا ڇال، پکين جون ٻوليون، مور جو ناچ ، خوبصورت چهرا۽
انساني جسم جي حسين جوڙجڪ جماليات جي زمري ۾ اچي وڃي ٿي. ضرورت صرف ان
ڳالهه جي آهي ته انسان ۾ جمالياتي مشاهدي ۽ محبت جي ديد هجڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته حسن ۽
جمال محبت جي ديد جا محتاج ۽ طلبگار هوندا
آهن. جيڪڏهن ڪنهن به شيءِ کي پيار ڀري نظر سان ڏسبو ته اها پياري ۽ وڻندڙ لڳندي ۽
جيڪڏهن ان کي نفرت جي نگاه سان ڏسبو ته اها شيءِ دل توڙي دماغ کي نه آئڙندي.
شاهه عبداللطيف ڀٽائي اهڙو عظيم شاعر آهي جيڪو نه صرف خوبصورت
منظرن ۽ ماڻهن کي پيار جي نگاهه سان ڏسي ٿو بلڪه هو پنهنجي عظيم شاعري ۾ انهن
منظرن ۽ ماڻهن جي سونهن ، سوڀيا ، جمال ۽ جلال
کي امر ڪري ڇڏي ٿو.
نازَ مَنجھاران نِڪرِي، جَڏھِن پِرِين ڪَري ٿو پَنڌُ؛
ڀُون پڻ “بِسِمِ اَلله” چئِي، راهَ چُمي ٿِي رَندُ؛
اُڀِيُون گَھڻي اَدَبَ سين، حُورُون حَيۡرَتَ ھَنڌُ؛
سائِينءَ جو سَوڳنڌُ، منهنجو ساڄَنُ سَڀَنِئان سُھڻو.
(بروو سنڌي) 2:6
ڀُون پڻ “بِسِمِ اَلله” چئِي، راهَ چُمي ٿِي رَندُ؛
اُڀِيُون گَھڻي اَدَبَ سين، حُورُون حَيۡرَتَ ھَنڌُ؛
سائِينءَ جو سَوڳنڌُ، منهنجو ساڄَنُ سَڀَنِئان سُھڻو.
(بروو سنڌي) 2:6
هن بيت
۾شاھ صاحب پهريان پنهنجي پرينء جي هلڻ جي انداز جو منظر ڏيکاريو آهي، ۽ اهو منظر
لفظن جي روپ ۾ ايڏو ته ڪاريگريءَ سان چٽيو آهي جو اهو منظر بيت جي پڙهندڙ ۽ ٻڌندڙ
جي اڳيان هڪ حسين پرٽريٽ جي صورت ۾ اچي وڃي ٿو. جنهن کانپوءِ ڀونءِ کي “بسم الله”
چوندي ڏيکاريو آهي ۽ پوءِ حورن کي تعظيم لاءِ بيهندي ڏيکاريو آهي ۽ آخر ۾ شاھ صاحب
قسم کڻندي چوي پيو ته سندس محبوب سڀني کان وڌيڪ سهڻو آهي. شاھ صاحب جي اها حسين
ڀيٽا يقيناَ سرور ڪائنات ﷺ جن جي ذات اقدس کي آهي. آفاقي سونهن جو هي مظهر به من
موهيندڙ آهي.
کڻِي نيڻَ خُمارَ مان، جان ڪيائون نازُ نَظَرُ؛
سُورجَ شاخُون جَھڪِيُون، ڪُوماڻو قَمَرُ؛
تارا ڪَتِيُون تائِب ٿيا، ديکِيندي دِلبَرُ؛
جَھڪو ٿيو جَوهَرُ، جانِبَ جي جَمالَ سين.
(کنڀات) 1:9
سُورجَ شاخُون جَھڪِيُون، ڪُوماڻو قَمَرُ؛
تارا ڪَتِيُون تائِب ٿيا، ديکِيندي دِلبَرُ؛
جَھڪو ٿيو جَوهَرُ، جانِبَ جي جَمالَ سين.
(کنڀات) 1:9
ڀٽائيءَ پنهنجي ڪمال آرٽسٽڪ اک سان پنهنجي محبوب (حضور ﷺ) جو تخيلاتي درشن
ڪندي ڇا ته حسين تصور جوڙيو آهي! سندس محبوب جي خماريل اکين جي نگاه سان سج جو
تاءُ جهڪو ٿي ويو آهي، چنڊ ڪومائجي چڪو آهي، تارا ۽ ڪتيون نمائجي ويون آهن ٻيو ته
سڀ ڪجهه پر فطرت جو سمورو حسن سندس محبوب
جي جمال ۽ سونهن جي اڳيان ماٺارجي ويو آهي. سونهن جو اهڙو دلفريب ۽ دلربا تصور
شايد ئي ٻي ڪنهن شاعر وٽ ملي.
شاھ صاحب آفاقي سونهن سان گڏ مجازي حسن جي جلون جي پڻ ڳالھ ڪئي آهي. هو چوي
پيو ته مجازي سونهن پڻ پنهنجي پاڻ ۾ اهو جوهر رکي ٿي جو جنهن ان سونهن جو جلوو
پسيو آهي اهو ان کي بيان ئي نٿو ڪري سگهي بس صرف ان جي اکين مان ڳوڙها ٿا وهن.
آءُ لانگوٽيا لال، ڪنهن پر ڏٺئي گجريون
آبُ اَرتو اکِيين، لُڙڪَ وَهائِيين لال؛
ڏِٺَءِ جي جَمالَ، سامِي! ڪنهن نه سَلئِيين؟
(مومل راڻو) 2:1
ڏِٺَءِ جي جَمالَ، سامِي! ڪنهن نه سَلئِيين؟
(مومل راڻو) 2:1
شاهه
صاحب لانگوٽيي لال کان مومل ۽ سندس ساهيڙين جي سونهن جا پار پتا پڇي ٿو پر جوڳيءَ
جيڪو جمال جو جلوو ڏٺو اهو نه ٿو ٻڌائي سگهي ڇاڪاڻ ته هو نفسياتي طور سونهن جي
وجداني اثر جو شڪار ٿيو آهي. سونهن جو وجداني اثر قبول ڪندڙ فرد ڪڏهن به انجو
اظهار يا احاطو نه ٿو ڪري سگهي ڇاڪاڻ ته سونهن سندس دل سان گڏ دماغ تي پڻ حاوي ٿي
وڃي ٿي ۽ نتيجي طور سندس حواس جائتا نٿا رهن ۽ هو صرف اکين مان ڳوڙها وهائي سگهي
ٿو پر سونهن جو احوال ۽ پار پتا نٿو ڏئي سگهي.
شاھ
صاحب جتي انساني جمال ۽ سونهن کي بيان ڪيو آهي اتي فطري منظرن جي حسناڪين کي پڻ
تمام سهڻي نموني قلمبند ڪيو آهي.
اَڄُ رَسِيلا رَنگَ، بادَل ڪَڍِيا بُرجَنِ سين؛
سازَ، سارَنگِـيُون، سُرَندا، وَڄائي بَرُ چَنگَ؛
صُراحِيُون سارَنگَ، پَلِٽِـيُون راتِ پَڌامَ تي.
(سارنگ) 2:5
سازَ، سارَنگِـيُون، سُرَندا، وَڄائي بَرُ چَنگَ؛
صُراحِيُون سارَنگَ، پَلِٽِـيُون راتِ پَڌامَ تي.
(سارنگ) 2:5
شاهه سر
سارنگ ۾ مينهن جي جهڙي نموني عڪاسي ڪئي آهي ان جو مثال شاعري ءَ جي تاريخ ۾ ملڻ
مشڪل آهي.
اُتران ٿي آئِــيُون، ڪَري ھَڪَلَ ھُوءِ؛
ڀَري تَلَ تَرائِيون، جوڙي ھَلِيُون جُوءِ؛
پَسو جا پَٽَنِ ۾، کَٿورِيءَ خوشِبُوءِ؛
اَچي رُوبرُوءِ، اُٺِـيُون روضي تان رَسُولَ جي.
(سارنگ)1:8
ڀَري تَلَ تَرائِيون، جوڙي ھَلِيُون جُوءِ؛
پَسو جا پَٽَنِ ۾، کَٿورِيءَ خوشِبُوءِ؛
اَچي رُوبرُوءِ، اُٺِـيُون روضي تان رَسُولَ جي.
(سارنگ)1:8
بَرَ وَٺا، ٿرَ وَٺا، وَٺِيُون تَرايُون؛
پِرِهَ جو پَٽَنِ تي، ڪَنِ وِلوڙا وايُون؛
مَکَڻَ ڀَريِن ھَٿَڙا، سَنگھارِيُون سايُون؛
ساري ڏُھن سامُھِيُون، ٻولايُون، رانيُون؛
ٻانِھِيون ۽ ٻايُون، پَکي سُنھَنِ پانھنجي.
(سارنگ)1:13
پِرِهَ جو پَٽَنِ تي، ڪَنِ وِلوڙا وايُون؛
مَکَڻَ ڀَريِن ھَٿَڙا، سَنگھارِيُون سايُون؛
ساري ڏُھن سامُھِيُون، ٻولايُون، رانيُون؛
ٻانِھِيون ۽ ٻايُون، پَکي سُنھَنِ پانھنجي.
(سارنگ)1:13
سر
سارنگ ۾ ڀٽائي جتي ٻانهين ۽ ٻاين جي خوش ٿيڻ جي ڳالهه ڪري ٿو اتي ماروئڙن
جي خوشحالي پڻ کيس عزيز آهي. هو هڪ پاسي سنڌ جي سونهن ۽ سک جو تمنائي آهي
ته ٻي پاسي “عالم سڀ آباد ڪرين!” جهڙي آفاقي سٽ چئي؛ سڄي عالم لاءِ سهنج ۽ سک جي
خواهش ڏيکاري ٿو ۽ ائين ڪري ڀٽائي پنهنجي
شاعري ۽ فلسفي کي لامحدود ڪري ڇڏيو آهي. ڀٽائيءَ جو سر سارنگ ميهوڳي موسم جي تصوير
آهي. جنهن ۾ مينهن جي پهرئين ڦڙيءَ جي وسڻ کان
وٺي گاهن جي ڦٽي سائي ٿيڻ ۽
مالوندن جي خوشحال ٿيڻ جو احوال آهي. پنهنجي پر ۾ سر سارنگ جو هر بيت هڪ پورٽريٽ
آهي جنهن ۾ مينهن جا منظر سمايل آهن. فطري حسن جي اهڙي واکاڻ، بيان ۽ تصوير ڪشي
ڀٽائيءَ جي عظيم مهارت جو ئي نتيجو ٿي سگهي ٿي.
ڀِرِي ڀِٽَ تي آئِيو، سارَنگُ سُھِجَ مَنجھان؛
کِڙِيُون کَٽَڻَ ھارَ جِئَن، وِڄُون اُتَرَ واءِ؛
سُرَھا سَبِزا ٿِيا، ڊامَڻَ ڊِٻَ ڪَيا؛
پَھرِي پَٽَنِئان، ڀَرِيائِين ڪُنَ ڪِراڙَ جا.
(سارنگ) 2:2
کِڙِيُون کَٽَڻَ ھارَ جِئَن، وِڄُون اُتَرَ واءِ؛
سُرَھا سَبِزا ٿِيا، ڊامَڻَ ڊِٻَ ڪَيا؛
پَھرِي پَٽَنِئان، ڀَرِيائِين ڪُنَ ڪِراڙَ جا.
(سارنگ) 2:2
شاھ
صاحب وٽ جمالياتي جو هڪ ٻيو انوکو تصور اهو به آهي ته هن وٽ فطري سونهن عشق ۽ محبت
سان مشروط آهي. هو چوي پيو ته بيشڪ سوين سج ۽ چنڊ روشن هجن پر جيڪڏهن محبوب کان
جدائي آهي ته روشنين جي سمونڊن ۾ به اوندھ انڌوڪار آهي.
سهسين سِجَنِ اُڀري، چوراسِي چَنڊَنِ؛
بالله ري پِرِيَنِ، سَڀَ اُونداهِي ڀانـئِيان.
(کنڀات) 1:6
بالله ري پِرِيَنِ، سَڀَ اُونداهِي ڀانـئِيان.
(کنڀات) 1:6
ڀٽائيءَ
جو جمالياتي تصور نه صرف انوکو ۽ ڇرڪائيندڙ آهي بلڪه سونهن جي واکاڻ ۽ ان جي اثر پذيري جو جيڪو نقشو ڀٽائي ڪڍي ٿو
لڳي ائين ٿو ته سونهن کي اهڙي ئي ڪاريگر فنڪار جي گهرج آهي. هو سونهن جو صحيح حق
ادا ڪندڙ ڏاهو آهي. ڇاڪاڻ ته هو پاڻ چوي ٿو. حسن جو اصل حق نابين نٿو ادا ڪري
سگهي.
حوصِلو حَيرَتَ ۾، ڪَري ڪِينَ دَرَڪُ؛
جو حُسُنَ سَندو حَقُّ، سو ڪُورُ پَرُوڙي ڪِينَ ڪِي!
( آسا) 3:9
جو حُسُنَ سَندو حَقُّ، سو ڪُورُ پَرُوڙي ڪِينَ ڪِي!
( آسا) 3:9
شاهه
صاحب پنهنجي جمالياتي حس وسيلي پنهنجي سورمين جي حسن ۽ عشق جي خوبصورتي کي
اهڙي نموني بيان ڪيو آهي جو سندس سڀئي
ڪردار اکين جي اڳيان گهمندي ڦرندي محسوس ٿين ٿا.
“سسئيءَ
کان وٺي سهڻي تائين سڀ ڪردار باوقار ۽ لازوال سونهن جا طالبو نظر اچن ٿا...اسين سڀ
انهي ازلي سونهن جي اساٽ ۾ اچي اهڙا آديسي بڻجي پئون ٿا جن جو مارڳ فقط ئي فقط
“سونهن ديس” بڻجي پوي ٿو... سهڻي لاءِ ڪاري رات ڪشش جو باعث بڻجي ٿي، مارئي لاءِ
ملير جنت جو درجو حاصل ڪري وٺي ٿو، سسئيءَ لاءِ جبل ۽ لڪ منزلن جي طرف راهون بڻجي
وڃن ٿا... سونهن ۽ سوڀيا ڏانهن لطيف جي انهيءَ رويي جي وڌيڪ ڪهڙي تعريف ڪجي جو
شيون پنهنجا تاثر مٽائي ٿيون ڇڏين.”[11]
ڪيڏانهُن ڪاهِيان ڪَرَهو؟ چَؤڏِسِ چِٽاڻو؛
مَنجِھين ڪاڪِ ڪَڪورِي، مَنجِھين لُڊاڻو؛
راڻو ئي راڻو، رِءَ راڻي ٻيو ناهِ ڪو.
(مومل راڻو)9:4
مَنجِھين ڪاڪِ ڪَڪورِي، مَنجِھين لُڊاڻو؛
راڻو ئي راڻو، رِءَ راڻي ٻيو ناهِ ڪو.
(مومل راڻو)9:4
شاهه
جون سموريون سورميون حسن جو شاهڪار آهن. سندن ويس وڳا ۽ خوبصورتي مثالي آهي. سندن
سونهن جو جلوو پسندڙ ايترا ته حيران ٿي وڃن ٿا جو سندن ڄڀ مان ڪو اکر به نٿو نڪري.
جَهِڙا گُلَ گُلابَ جا، تَهِڙا مَٿِنِ ويسَ؛
چوٽا تيلَ چَنبيلِيا، هاها! هُو! هَميشَ؛
پَسيو سُونهَن سَيَّدُ چئي، نِينهَن اچَنِ نيشَ؛
لالَنَ جي لِبيسَ، آتَڻِ اَکَرُ نه اُڄَهي.
(مومل راڻو) 3:1
چوٽا تيلَ چَنبيلِيا، هاها! هُو! هَميشَ؛
پَسيو سُونهَن سَيَّدُ چئي، نِينهَن اچَنِ نيشَ؛
لالَنَ جي لِبيسَ، آتَڻِ اَکَرُ نه اُڄَهي.
(مومل راڻو) 3:1
”مومل
جيڪا سونهن جو اهڃاڻ (symbol) آهي. ان جو
هار سينگار به اهڙوئي هجڻ گهرجي. ۽ انجي لاء لفظن جي گهڙت_جڙت به منڊيءَ تي ٽڪ
واري هئڻ گهرجي ۽ سٽ_سٽاءُ به اهڙوئي سهڻو هئڻ گهرجي. رنگ، سڳنڌ، سونهن ۽ سينگار
کي چئن سٽن ۾ ايئن سموهڻ جو اڄ به سون سالن جي وقفي کانپوءِ به اهو ڏيک ويک اسان
جي اکين آڏو آهي ته اهو هڪ معجزو ئي ته آهي ۽ اهڙو معجزو لطيف جهڙو شاعر ئي ڏيکاري
سگهي ٿو.“ [12]
جَهِڙا پانَنِ پَنَّ، تَهِڙِيون سالُون مَٿِنِ سائِيون؛
عَطُرَ ۽ عَنبِيرَ سين، تازا ڪَيائُون تَنَّ؛
مَڙهيا گَھڻو مُشڪَ سين، چوٽا ساڻُ چَندَنَّ؛
سُنهَنِ رُپي سونَ سين، سَندا ڪامَڻِ ڪَنَّ؛
ڪَيائِين لال لَطِيفُ چئي، وڏا ويسَ وَرَنَّ؛
مَنجِھ مَرڪِيَسِ مَنَّ: “سوڍي سين سَڱُ ٿِيو.
(مومل راڻو)3:2
عَطُرَ ۽ عَنبِيرَ سين، تازا ڪَيائُون تَنَّ؛
مَڙهيا گَھڻو مُشڪَ سين، چوٽا ساڻُ چَندَنَّ؛
سُنهَنِ رُپي سونَ سين، سَندا ڪامَڻِ ڪَنَّ؛
ڪَيائِين لال لَطِيفُ چئي، وڏا ويسَ وَرَنَّ؛
مَنجِھ مَرڪِيَسِ مَنَّ: “سوڍي سين سَڱُ ٿِيو.
(مومل راڻو)3:2
ڀٽائي
جيتري خوبصورت ٻولي ڪتب آندي آهي اوترو ئي فني مهارتن جو استعمال ڪيو آهي. هن جي
جمالياتي حس ۽ جمالياتي پرک ڪمال جي آهي. هو سونهن جو فنڪار ٿو ڀاسي جنهن جي آڱرين
۽ اشارن تي سونهن تخليق ٿئي ٿي. هن جي لفظن مان خوشبوءِ ۽ مڌجو احساس اڀري
نروارٿئي ٿو. لاشڪ ڀٽائي حسن جو بهترين عڪاس آهي.
بيکارِيءَ کي بَرَ ۾، وِيو ڪَيفُ چَڙهِي؛
ڳالِهيُون ڪَندي ڪاڪِ جُون، ڳوڙها پِيَسِ ڳَڙِي؛
ڪا جا اَنگُ اَڙِي، جِئَن ڇُٽا ڦَٽَ ڇُڙِي پِيا.
(مومل راڻو) 1:5
ڳالِهيُون ڪَندي ڪاڪِ جُون، ڳوڙها پِيَسِ ڳَڙِي؛
ڪا جا اَنگُ اَڙِي، جِئَن ڇُٽا ڦَٽَ ڇُڙِي پِيا.
(مومل راڻو) 1:5
وجداني ڪيفيت جو ايڏو سگهارو اظهار ڀٽائيءَ ئي ممڪن بڻايو
آهي نه ته اهڙي ڳوڙهي احساساتي ڪيفيت جو اظهار ممڪن ناهي. ڇاڪاڻ ته جڏهن
انسان درد ۽ ڪيف جي انتها تي هوندو آهي ته
ان ڪيفيت جو اظهار ممڪن ناهي هوندو. پر شاهه سائينءَ ڪيف جي ان ڪيفيت کي ايڏي ته
پُر ڪيف انداز سان اظهاريو آهي جو پڙهندڙ تي به اهوئي ڪيف طاري ٿئي ٿو جنهن جي
ڳالهه ڀٽائيءَ ڪئي آهي.
آکُون، ڊاکُون، سِرَکَنڊَ شاخُون، جِتِ چَوکا چَندَنَ ڪَؤنرَ؛
مَيي سيئِي ماڻِيا، جِتِ نه ڀِرَنِ ڀَؤنرَ؛
ڪُنوارِيُون ۽ ڪَؤنرَ، ڪاهِ ته پَسُون ڪاڪِ جا.
(مومل راڻو)2:9
مَيي سيئِي ماڻِيا، جِتِ نه ڀِرَنِ ڀَؤنرَ؛
ڪُنوارِيُون ۽ ڪَؤنرَ، ڪاهِ ته پَسُون ڪاڪِ جا.
(مومل راڻو)2:9
”حسن جو وڏي کان وڏو افادي پهلو اهو آهي ته
اهو خوشي ۽ سرور ڏئي ٿو... شاه سائين جي شاعري ماڻهوءَ کي پهرين ”پڙهڻ“ پوءِ ”ڪڙهڻ“ ۽ آخر ۾ “ٺرڻ” سيکاري ٿي. ليڪن انهن ٽنهي
ڪيفيتن ۾ به جمال ۽ لطف آهي، انتهائي سرور آهي.“[13]
وَٽِنِ ويٺِي آهِيان، ڏِسِيو ڪِينَ ڏِسان؛
جَنهِن جِهوئِي ناهِ ڪِي، سا ڪا سُونهَن سَندِيانِ؛
پَسِيو ڪِينَ پَسانِ، آءٌ نه جِئَندِي اُنِ ري.
(رامڪلي) 1:11
جَنهِن جِهوئِي ناهِ ڪِي، سا ڪا سُونهَن سَندِيانِ؛
پَسِيو ڪِينَ پَسانِ، آءٌ نه جِئَندِي اُنِ ري.
(رامڪلي) 1:11
نتيجو:
شاه
سائينءَ جي شاعري جماليات جو اهڙو ڀنڊار آهي جنهن ۾ سونهن مڙني عنصرن سميت پنهنجي
معراج تي پهتل محسوس ٿئي ٿي. هو حسن جي
معروضيت ۽ موضوعيت جي حسين سنگم جو قائل آهي يعني هن سونهن جي خارجيت ۽
داخليت ٻنهي کي ملائي ان کي پورڻتا عطا ڪئي آهي. ايئن به ناهي ته ڪو شاھ صاحب انهن
نظرين پٽاندڙ يا انهن نظرين کي سامهون رکي شاعري ڪئي آهي، بلڪه سندس الهامي شاعري
۾ نظريا خود بخود داخل ٿي وڃن ٿا. شاه
سائينء حسن ۽ جمال جا اعليٰ آدرش پنهنجي شاعريءَ ۾اظهاري انهن جي اهميت کي ٻيڻو
ڪري ڇڏيو آهي. سندس فطري نقش نگاري ،
انساني تصوير ڪشي ۽ انهن نقشن ۽ تصويرن ۾ ڀريل موسيقيت سونهن جي انتهائي صورت جي روپ ۾ ظاهر ٿئي ٿي. پنهنجي
خوبصورت شاعري جي جوهرن ۾ شاه صاحب سونهن، سچ، حسن ۽ جمال ۾ ڪمال جي درجي تي فائز
نظر اچي ٿو.
[2]
THE ROUTLEDGE COMPANION TO AESTHETICS,
First published 2001 by Rutledge 11 New
Fetter Lane, London , page 182
[4] Is beauty a pure perfection, Raphael Buxton,
International Journal of
Philosophy of Culture and Axiology ed. Nicolai Rambo, Romania: Iasi,
2010.pp.4
[5]
A Companion to Art Theory Edited by Paul
Smith, Carolyn Wilde Blackwell Publishers Ltd. 2002. PAGE 30
[6]
'
John Constable
as quoted in C. R. Leslie, Vlemoirs of the life of John Constable (1873),
Chapter 17.
[8]
History of Aesthetics, wladyslaw tatarkiewicz, J Harrel. Page 298
[9]
A Companion to Art Theory Edited by Paul
Smith, Carolyn Wilde Blackwell Publishers Ltd. 2002. PAGE 25
[10]
Ibid. pp29,30
حيدرآباد، 2002ع صفحو
248_249 سر رپ هڪ مطالعو، ڀٽ شاه ثقفتي مرڪز ڀٽ شاه [11]
حيدرآباد، 2002ع صفحو
210 سر رپ هڪ مطالعو، ڀٽ شاه ثقفتي مرڪز ڀٽ شاه [12]
[13]
Ibid. page 232
ببليو گرافي
·
سر رپ هڪ
مطالعو، ڀٽ شاه ثقافتي مرڪز ڀٽ شاه حيدرآباد، 2002ع
· David
& Cooper Aesthetics: The classic reading, ، Blackwell
publishing 1997
· Berys
Gant and Dominic ML THE
ROUTLEDGE COMPANION TO AESTHETICS, 2001. by Rutledge 11 New
Fetter Lane, London.2001.
· Paul Smith, Carolyn Wilde A Companion to Art Theory Edited Blackwell Publishers
Ltd. 2002.
· Fee-Alexandra
Haase BEAUTY AND ESTHETICS: MEANINGS OF AN IDEA AND CONCEPT OF THE SENSES.
·
wladyslaw tatarkiewicz, J Harrel History of
Aesthetics,.
· Raphael
Buxton Is beauty a pure perfection, ,
International Journal of Philosophy of Culture and Axiology ed.,
Romania: Iassy, 2010.
· Journal
of Cosmetic Dermatology . Blackwell Publishing Ltd
· C. R.
Leslie Vlemoirs of the life of John Constable. (1873).
نوٽ: هن مقالي ۾ ڪتب
آندل شاه صاحب جا بيت ڪلياڻ آڏواڻي جي ترتيب ڏنل شاه جي رسالي تان ورتا ويا آهن.
بيتن جي آخر ۾ پهريون انگ داستان ۽ ٻيو انگ بيت نمبر جي نشاندهي ڪري ٿو.
مهرباني ڊاڪٽر احسان دانش صاحب
ReplyDeleteڊاڪٽر شير مهراڻي صاحب اوهان جو پورهيو نهايت ملهائتو آهي.
ReplyDeleteلطيفي فڪر کي اڳتي وڌائڻ ۾ شالاسان جو ساٿ سدا سلامت رهندو.
tamam behtreen sir
ReplyDeletesir cha tawah asa khe back link de sagho tha
Tamam behtreen sir
ReplyDeletesir asa b new sindhi website start kai aa https://sindhiadabinfo.blogspot.com/ un lae asa g rehnmai kanda