شاهه جو رسالو

Wednesday 21 January 2015

وِهين ۽ ويلا ڪرين، پڇين ٿي پانڌي ــ نصير مرزا Nasir Mirza



نصير مرزا

وِهين ۽ ويلا ڪرين، پڇين ٿي پانڌي،
هارِي هيڪاندِي، ڪنهن پَرِ ٿيندينءَ هوت سين؟

لطيف“ لفظ جو لطف ڀريو اچار، اول ڪهڙي هستيءَ جي مبارڪ لبن تي آيو؟ سرڪار سخي هاشم شاهه جرار پوٽي جي مهربان ۽ مبارڪ چپن تي، ۽ اها ڳالهه هتي آئون پنهنجي پاران ۽ دليون جوڙي ڪونه پيو لکان، سرڪار ڀٽائي گهوٽ جو اهو اسم مبارڪ، سندن ولادت باسعادت کان اڳ ئي سخي هاشم شاهه تجويز فرمائي ڇڏيو هو ۽ اهڙي تذڪري سان تاريخ جا ڪتاب ڀريا پيا آهن، فرمائيندا هئا جيئن ”حبيبلفظ ۽ ”محبت“ ۾ چار حرف آهن، اسان انهن ئي چئن حرفن وارو اهو لفظ ”لطيفشاهه حبيب جي نومولود فرزند لاءِ محبت سان چونڊي رکيو آهي، چون ٿا، هر جمعي جي رات سرڪار شاهه حبيب، هالا حويلي مان هلي سخي هاشم شاهه جي خدمت ۾ اچي حاضر ٿيندا هئا ۽ پٽ لاءِ کين دعا لاءِ عرض ڪندا هئا، روايتن ۾ آهي ته شاهه حبيب سائين، سخي هاشم شاهه جي قدم بوسيءَ لاءِ ايندا هئا ته، پاڻ کين ويٺي ويٺي ئي حب مان هٿ ڏيندا هئا، پر روح رهاڻ بعد کانئن موڪلائي جڏهن شاهه حبيب سائين اٿي روانا ٿيندا هئا ته سندن پويان سخي هاشم سرڪار، يڪلخت ادب سان اٿي بيهي رهندا هئا، تڏهن پڇڻ واري کانئن معلوم ڪيو ته سرڪار !! هيءَ ڇا ماجرا؟ تنهن تي پاڻ فرمائيندا هئا شاهه حبيب جي پٺ مان جيڪو ”لطيفاچڻ وارو آهي، اسين ان جي ئي آجيان لاءِ اٿي ٿا بيهون، چون ٿا ته پهرئين رجب سن 1102 هجري تي، ڀٽ ڌڃاڻيءَ جي هنج ۾ هالا حويليءَ اندر شاهه لطيف جڏهن اکيون کوليون ته شاهه حبيب سائين، راڄن تي پتاشن جا مينهن وسايا ۽ مريدن، مشڪ عنبر جا مهڪندڙ ٻڙا ملڪان ملڪ ورهايا، گويا:
کٿوري خوشبوءَ سين، هاريائون هٽ هٽ ميان
.
هتي اهو سڀ مٿيون مذڪور لکڻ جو حاصل مطلب هي به ته ڪائنات اندر ڀٽائي صاحب جي مبارڪ نالي جو ”لطيف“ اچار سڀ کان اول سخي هاشم شاهه صاحب اچاريو هو، ائين لطيف سرڪار جڏهن آخوند نور محمد جي مڪتب ۾ ويهاريا ويا ته ”الف“ لفظ اچارڻ کان پوءِ ”ب“ اچار کان اصل نابري واري بيهي رهيا، ان حوالي سان ڀانئجي ٿو ته ڪنهن بيت جي پهرئين پهرئين سٽ جيڪا سندن پاڪيزه خيالن ۾ جڙي آئي هوندي، اها به ڪا ٻي نه، هيءَ ئي ٿي سگهي ٿي:
اکر پڙهه ”الف“ جو، ورق ٻيا وسار،
اندر تون اجار، پنا پڙهندي ڪيترا.
هونئن سوچجي کڻي ته ڀٽائي صاحب، سڀ کان اول اول ڪهڙي سٽ سرجي هوندي!؟ ۽ اهو ڪيئن چئجي !! البت سندن درگاهه جي صحن اندر ڪنڊيءَ جي وڻ ڀرسان ڪنڊ ۾ شيشي جي شو ڪيس اندر، جيڪو رسالي جو ڪهنو نسخو ”گنج“ رکيو آهي، ان جي ابتدا، جن ٻن سٽن سان ٿئي ٿي، اهي هي آهن:
وڍيل ٿي وايون ڪري، ڪٺل ڪوڪاري،
هن پن پنهنجا ساريا، هو هنجون هڏن لئه هاري.
بعد ۾ ڀٽائي صاحب جي سڀني مؤلفن شاهه جي رسالي ۾ پهريون سر رکيو آهيڪلياڻ“، يعني آنند ۽ سڪون، ۽ خود لطيف لفظ جي معنيٰ به ڪجهه اهڙي ئي آهي يعني ”نرم، ڌيمو، نمرتا ڀريو“ ۽ ”سڪون ڏيندڙ“ ۽ رسالي جي ان نئين ترتيب ۾ رسالي جي مهڙ ۾ جيڪو بيت درج ڪيو ويو آهي اهو شروع ٿئي ٿو هن سٽ سان:
اول الله عليم، عاليٰ عالم جو ڌڻي،
۽ چڱو ڀلا، ڀٽائي صاحب، پنهنجي حياتيءَ ۾ آخري سـُر ۽ آخري بيت ڪهڙو لکيو هو!؟ ۽ اهو به هڪ اندازي مطابق ٻڌايل آهي ته ان جو نالو آهي ”سـُر ڪيڏارو، پر پهرئين پهرئين تصديق سان مون وٽان آگاهه ٿيو ته نهايت ڪسٽن ۽ ڪشالن کان پوءِ، جڏهن ڀٽائي سرڪار جو وهانءُ، مرزا مغل بيگ جي نياڻيءَ، سانئڻ سيده خاتون سان ٿيو هو، تڏهن لانئن لهڻ کانپوءِ، پاڻ جيڪا ”وائي“ چئي هوندائون، اها پڪ سان ته هيءَ ئي هوندي:
هو جنهين جو ڏس ڏوراهون
اوڏو اڄ سو آيو،
دوست پيهي در آيو،
ٿيو ملڻ جو سعيو.
سنڌ ۾ هي ميان نور محمد ڪلهوڙي جي بادشاهيءَ جو دور هو، پر ڀٽ شاهه واري غريباڻي ڀٽ تي رهندڙ، ميان نور محمد ڪلهوڙو ڀٽائي صاحب ۽ ان جي تنبوري جي تار جو پڙلاءُ جڏهن ٻڌو ته سندس بادشاهي، واءُ ۾ ڪنهن وڻ جي لام جئن لڏڻ لڳي، ڀٽائي صاحب کي لالچون ڏنائين، تحفا موڪليائين، پر اسانجو شاهه لطيف انا پرست ايڏو هو جو پنهنجي للاٽ جي لاٽ جي لاٽ کي هميشه اوچو رکيائين ۽ نه فقط بادشاهه کان ڪنهن ”طلب“ جي ”تنوار“ نه ڪيائين پر ڏينهن قيامت تائين طلب جي طالبو انسانن کي تنبيهه ڪندي چئي به ڇڏيائون ته:
طلب جي تنوار، متان ڪرين مڱڻا،
ڌڪي ڪندئي ڌار، موتي ڏيئي مٺ ۾.
۽ جڏهن دنيا ۾ هر طرف کان مظلوم ۽ محڪوم ماڻهن لاءِ هند کان سنڌ تائين، وقت جا قهار قهار حاڪم قهر جا ڪوڙڪا انسان ذات لاءِ اڏي رهيا هئا. تڏهن پاڻ، ڀٽ تان، اوچي سڏ آواز اٿاري، انهن کي هيئن للڪاريائون:
متو آهين مڇ، ٿلها ٿو ٿونا هڻين،
تو جا ڀانئين اڇ، تنهن پاڻي پنا ڏينهڙا.
ڀٽائي صاحب جي سنيهي جو اهو آواز، اڄ به اوئين ئي اڇو اجرو ۽ اوچو آهي، جهڙو ٽي سئو ورهيه اڳي بلند تر هو ۽ شيخ اياز صاحب انهيءَ ٽي سئو ورهيه ڪهني شاعريءَ لاءِ هي ڪيڏو نه سچ لکيو آهي ته ”سچي شاعريءَ جي منهن ۾ ڪڏهن به جهريون نه پونديون آهن ۽ صديون ان جي معصوميت کي هميشه برقرار رکنديون اينديون آهن“. ڀٽائي صاحب ۽ سندن اهڙي سدا حيات شاعري جو لکت ۾ پهريون پهريون تذڪرو، خبر اٿو ته سڀ کان اول تاريخ ۾ ڪنهن رقم ڪيو هو!؟ مير شير قانع ۽ ان يادگار ڪتاب جو نالو هو ”تحفته الڪرام“! تنهن بعد سندن مطلعق، فارسي ٻولي ۾ سندن يگاني مريد ۽ غزل جي عظيم شاعر مير عبدالحسين خان سانگيءَ، سوانحي ڏانءُ جو پهريون ڪتاب لکيو ”لطف الطائف“، جڏهن ته، سنڌي ٻولي ۾ ڀٽائي صاحب ۽ سندس امر ڪلا جي ”ذڪر“ ۽ ”فڪر“ بابت پهريون پهريون عظيم الشان ڪتاب تحرير ڪيو، شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ! پاڻ ان ڪتاب جو نالو پاڻ رکيائين ”احوال شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح“، مرزا صاحب ان ئي ڪتاب کي انگريزي ٻولي ۾ پڻ ترجمو ڪيو ۽ ان تي نالو رکيائين ”لائيف آف شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح“. کانئن اڳ ڀٽائي صاحب جي گنج کي شاهه جي رسالي جهڙو املهه اسم ڏئي، جرمنيءَ مان ليٿو تي شايع ڪرائيندڙ ڀٽائي صاحب جي پهرئين مداح ۽ مولف جو نالو آهي ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرپ صاحب ۽ اهڙي رسالي جي شايع ٿيڻ جو سن هو 1860ع، ڊاڪٽر ٽرپ ۽ قليچ بيگ جي اهڙن شاندار ڪار نامن آڌار هاڻي ڀٽائي صاحب جي هڪ يگاني مداح ۽ محقق ڊاڪٽر ٽي ايڇ سورلي جو نالو سامهون آيو، جنهن 1940ع ڌاري انگريزي ۾ ڀٽائي صاحب بابت زبردست ۽ شاهڪار اڀياس تحرير ڪيو ۽ ان جو عنوان تجويز ڪيائين. ”شاهه آف ڀٽ“ يعني ”ڀٽ جو شاهه، اهڙي ريت سنڌي ٻوليءَ ۾ چيل ڀٽائي صاحب جي ڪلام جو هڳاءُ جڏهن سنڌين ماڳين پکڙيو ته ان کي سڀ کان پهرئين مڪمل صورت ۾ اردو ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيو ويو، جيڪو شيخ اياز صاحب ڪيو. انگريزيءَ ۾ رسالي جو مڪمل ترجمو آغا محمد يعقوب صاحب ڪيو، پنجابيءَ ۾ ڪرتار سنگهه صاحب ۽ فارسيءَ ۾ نياز همايوني صاحب ۽ ائين ٻين دنيا جي ٻولين ۾ به ترجمي جو اهڙو ڪم ٿيڻ شروع ٿيو ۽ هاڻي ڀٽائي صاحب بابت نثر ۾ تحقيق جو آغاز ٿيو ۽ ائين هزارين مقالا، سوين ڪتاب لکجي ويا، ان ڏس ۾ مٿن هونئن ته هن وقت تائين مختلف رسالن جا پڻ هڪ کان هڪ خاص نمبر شايع ٿي چڪا آهن پر تازو ”امرتا“ پبليڪيشن ٽنڊي الهيار پاران جيڪو شاهه لطيف نمبر فقيرمحمد ڍول مرتب ڪري شايع ڪرايو آهي، ان جي حيثيت تاريخ ۾ پڪ سان ته ”مائل اسٽون“ ڀٽائي نمبر واري رهندي. سنڌ جي ڪمشنرن مان ڊاڪٽر ايڇ ٽي سورلي کان پوءِ 1980ع ڌاري ڀٽائي صاحب جو قدردان هڪڙو ٻيو سنڌ جو ڪمشنر پيدا ٿيو، جنهن وري لطيف ايوارڊ جو بنياد وڌو ۽ اهڙو پهريون پهريون ايوارڊ سنڌ جي بي مثل فنڪار استاد محمد يوسف کي ڏنو ويو ۽ اهو سلسلو اڄ تائين جاري و ساري پڻ آهي ۽ هاڻي ته راڳيءَ سان گڏ سال به سال ڀٽائي صاحب جي بهترين محقق سان گڏ بهترين وڄتي کي به لطيف ايوارڊ سان نوازيو ويندو آهي. ڀٽ شاهه تي سرڪار لطيف جي ميڙي واري ادبي ۽ موسيقي وارين محفلن جو ذڪر ڇيڙبو ته اول اول سائين جي ايم سيد صاحب کي سلام پيش ڪرڻو پوندو ۽ ساڻن گڏ جن ٻين هستين ڀٽائي صاحب جي هن چمن کي پنهنجي صلاحيتن، عقيدتن ۽ محبتن سان جديد تر انداز ۾ گل و گلزار ڪيو، انهن جا نالا آهن سائين ميران محمد شاهه، مخدوم سائين طالب الموليٰ، پيرزادو عبدالستار، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، شيخ محمد اسماعيل، ظفر ڪاظمي، ممتاز مرزا، حميد آخوند ۽ هاڻ محترمه سسئي پليجو صاحبه، انهن سڀني هستين گذريل سٺ سالن دوران ڀٽائي صاحب جي حوالي سان جيڪو تحسين لائق ۽ بي مثل ڪم ڪيو آهي، ان ۾ نمايان ترين ڪارنامو آهي شاهه لطيف جي گنج واري نسخي جو شايع ٿيڻ، درگاهه جي احاطي ۾ رکيل شاهه صاحب جو اهو ”گنج“ وارو رسالو پراڻي سنڌي صورت خطي ۾ لکيل آهي ۽ ان کي پڙهي، پرجهي، موجوده سنڌي صورت خطي ۾ آڻڻ وارو هو جناب ممتاز مرزا، جنهن کي سنڌ ثقافت کاتي شايع ڪرايو ۽ جنهن جو مهورت ڀٽ شاهه ۾ وزيراعظم محترمه بينظير ڀٽو صاحبه ڪيو هو. سن 1165هجريءَ يعني 1752ع ۾، صفر مهيني جي چوڏهين تاريخ، شاهه صاحب وصال ڪيو ته سندن ڄمار ٽيهٺ ورهيه هئي، پاڻ ان وقت پنهنجي حجري ۾ مراقبي ۾ هئا ۽ ٻاهر سماع جاري هو جو سر ۽ ساز جي فضا ۾ سندن دم پرواز ٿيو، محققن لکيو آهي ته سندن وصال ۾ باقي مهينو کن وڃي بچيو هو ته اهڙو اچي خيال ٿين ته زيارت ڪرڻ لاءِ ”ڪربلا معليٰ“ ڏي وڃان، سو نسبت ڪري نڪتا ۽ ونگي ”ولاسيي“ تي ڳوٺ ۾ اچي منزل ڪيائون،، جتي سندن عزيز رهندا هئا، سيد جمال شاهه سندن ڀائٽي جو پٽ هو، تنهن سندن تمام گهڻي خدمت ڪئي، تڏهن ڳالهين ئي ڳالهين ۾ چيائين، منهنجي پٺيان تون منهنجيءَ گادي تي ويهندين ۽ اهو به چيائون ته ابا پاڻ ٻنهي جي نيٺ هڪڙي هنڌ جاءِ آهي. تڏهن اتي ئي کين ”ونگي ولاسيي“ ۾ هڪ ڪامل فقير اشارو ڏنن ته اوهان جو وصال قريب آهي، تڏهن موٽي ڀٽ شاهه تي ويا، ڪارو ويس ڪيائون ۽ امام سڳورن جي چهلم دوران ماتم ۾ ڪيڏارو ويهي چيائون. ڀٽائي سائين جي وصال بعد يڪراءِ صلاح بيٺي ته شاهه صاحب جي ڀائٽي جي پٽ سيد جمال شاهه کي سجاده نشين ڪجي. سيد جمال شاهه ان وقت ولاسيي ۾ رهندو هو، جنهن کي اڳ ئي شاهه صاحب سجاده نشيني جو اشارو ڏئي ڇڏيو هو. تنهن کي فقير اتان وڃي وٺي آيا ۽ آڻي گادي تي ويهاريائون. چون ٿا ته سيد جمال شاهه جا مهانڊا اهڙا ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح سان مشابهه هئا جو پري کان لڳندا هئا جهڙا خود پاڻ ڀٽائي صاحب جن ويٺا آهن. چون ٿا صاحب جيگهوڙي“ جنهن جو نالو چنگل هو، ڏاڍي سهڻي ۽ ناز واري هئي، ان کي سنبرائي جڏهن سواري لاءِ کيس وٺي آيا تڏهن سيد جمال شاهه جي ويجهو آئي ۽ خوشي مان ناز ڪرڻ لڳي، ان ڳالهه مان به ڄڻ اشارو مليو ته جمال شاهه لاءِ ڀٽائي صاحب جو روح راضي آهي، سيد جمال شاهه يعني ڀٽائي سرڪار جي ان پهرئين سجاده سيد جمال شاهه 1203هجريءَ بمطابق 1789ع ۾ وصال ڪيو ته کين ڀٽائي صاحب جي تربت ڀرسان جاءِ ملي، ائين هن وقت درگاهه جو موجوده سجاده نشين قبله سيد نثار حسين شاهه لطيفي، ان ئي محترم هستيءَ سائين سيد جمال شاهه جي خانوادي منجهان آهي ۽ هن وقت درگاهه جو سجاده نشين آهي.

No comments:

Post a Comment