شاهه جو رسالو

Tuesday, 11 May 2021

شاهه لطيف جي عوامي شاعري ــ ڊاڪٽر تنوير عباسي (Dr. Tanveer Abbasi)


ڊاڪٽر تنوير عباسي


شاهه لطيف جي عوامي شاعري

 


انساني تهذيب جي پرهه ڦٽڻ وقت انسان جو سمورو سرمايو سڀني لاءِ هڪجيترو موجود هو، پوءِ اُهو جسماني محنت جو نتيجو هجي يا ذهني پورهئي جو ڦل. ان تي ڪنهن به هڪ شخص يا ٽولي جو قبضو نه هو، نه ذهني پورهئي جي پرماريت هئي، نه جسماني، محنت جو استحصال ان دور ۾ کاڌو خوراڪ، زمين جي پيداوار توڙي هر قسم جو شڪار سڄي سماج لاءِ هوندا هئا. ان سان گڏ گيت ۽ ناچ پڻ اجتماعي هئا.

اهو دور لوڪ ادب جو دور هو، جڏهن هڪ شخص جا چيل ٻول هر ماڻهوءَ جي زبان تي هوندا هئا، ڇو ته انهن ۾ هر ماڻهوءَ جي دل ڌڙڪندي هئي. اُنهن ٻولن تي ڪنهن هڪ شاعر جو نانءُ نه هو، ڇو ته ٻولن سان ٻول ڳنڍيا ويا. هڪ ٻول هڪ ماڻهوءَ جو ته ٻيو ٻول ٻئي جو، ائين انهن گيتن جي پيڙهين تائين ترتيب هلندي پئي رهي. انهن جي تڪميل ۾ ڪيئي ماڻهو حصو وٺندا رهيا ۽ ڪيئي پيڙهيون انهن کي ڳائينديون رهنديون هيون.

اُهي گيت هر ماڻهوءَ جي چپن تي هوندا هئا، ڇو ته اهي سندس ئي ساديءَ، سٻاجهيءَ ۽ نماڻيءَ ٻوليءَ ۾ چيل هوندا هئا. اُنهن جي لفظن ۾ ڪا ٺاهه ٺوهه نه هئي. انهن جو موضوع هر ماڻهوءَ جو ڏٺل وائٺل ۽ محسوس ڪيل هو. ان ۾ بيان ڪيل جذبا به سندس دل وٽان هوندا هئا، ان ڪري اهي گيت عوام ۾ مقبول هئا. ان دور جي اها شاعري ”عوامي شاعري“ هئي.

وقت جو ڦيٿو ڦرندو رهيو، تاريخ جي گاڏي اڳتي وڌندي رهي. جسماني محنت جي پرماريت شروع ٿي ويئي. ناڻو وجود ۾ آيو، موڙيءَ منهن ڪڍيو، ان کان پوءِ قبائلي ۽ جاگيرداري نظام آيا. سڀني تبديلين نه رڳو اقتصادي ۽ سماجي نظام تي اثر ڪيو، پر ذهني دنيا تي پڻ ان جا پاڇولا پيا. ادب، فن ۽ شاعري سڀ ان کان متاثر ٿيا. لوڪ ادب جي اهميت گهٽجي ويئي. جسماني محنت جي پرماريت سان گڏوگڏ ذهني پورهئي جي پرماريت پڻ شروع ٿي ويئي. ادب، فن۽ شاعري عام ماڻهوءَ لاءِ نه پر هڪ خاص ٽولي لاءِ وڃي رهيا. عوامي ٻوليءَ کان هٽي مٿاهين طبقي ٺاهه ٺوهه ۽ فئشن واري ٻولي ڪتب آڻڻ شروع ڪئي، ۽ جي پرماريت ڪندڙ ٽولا ڌاريءَ قوم جا هئا ته انهن عام ماڻهوءَ ۽ ان جي مقامي ٻوليءَ ۽ شاعريءَ کان هٽي، ان سان سڀ ناتا ٽوڙي، پنهنجي ڌاريءَ ٻوليءَ کي مٿڀرو ڪرڻ شروع ڪيو.

اها پرماريت ڪندڙ ٽولي جي مٿڀري مقامي ٻولي به عام ماڻهن جي سمجهه کان مٿي هئي، ڇو ته ان ۾ هڪ خاص طبقي جا محاورا، اصطلاح، ماحول، جذبا، احساس ۽ امنگ هئا. شاعريءَ جو ماحول هن وسيع دنيا کي پاڻ ۾ سمائڻ بدران ويڙهجي سيڙهجي درٻارن ۾ وڪامڻ لڳو. قاتلن ۽ خونين کي فاتح ۽ سورمو سڏيو ويو، سندن شان ۾ قصيدا لکيا ويا. عوام جا شاعر ڀٽ ۽ ڀان وڃي رهيا، جن کي گهٽ نظر سان ڏٺو ويو. ان جي برعڪس خوشامدڙين ۽ چاپلوسن کي لقب ۽ خلعتون عطا ڪيون ويون.

ان سموري نظام ۾ سنڌ به سڄي دنيا سان بدلبي رهي. انهن تاريخي تبديلين جي شڪنجن ۾ سنڌ به جڪڙيل رهي. سنڌ تي عربن، ارغونن ۽ ترخانن جي حملن ۽ مغلن جي هلائن سنڌي ٻوليءَ کي چيڀاٽي ڇڏيو. سنڌي ٻوليءَ ۾ شعر چوڻ وارا سرڪاري ۽ درٻاري سرپرستي نه هجڻ سبب گمنام ٿيندا ويا. پهرين عربي ۽ پوءِ فارسي زبان ۾ شعر چوندڙن جو نانءُ نمود ٿيڻ لڳو. سنڌي ٻوليءَ جي عظيم شاعر قاضي قاضن، شاهه ڪريم بلڙيءَ واري، شاهه لطف الله قادري ۽ ميين شاهه عنات جو ڪلام گم ٿي ويو.

ان وقت جي تذڪره نگارن سنڌ جي فارسي شاعرن جو ذڪر ته وڏي طمطراق سان ڪيو، پر سنڌي ٻوليءَ جي شاعرن کي ان جي لائق نه سمجهيائون. جيڪڏهن سنڌي شاعرن جو ذڪر ڪيائون به ته تمام ٿورڙن شاعرن جو، جيڪي ان وقت تمام گهڻو مشهور هئا. فقط ڪجهه جملا لکي انهن جي ڳالهه مختصر ڪري ڇڏيائون، ڄڻ ته اهي شاعر مناسب ذڪر لائق ئي ڪين هئا.

مير علي شير قانع پنهنجي ڪتاب ”مقالات الشعراء“ ۾ سنڌ ۾ رهندڙ فارسي شاعرن جو ذڪر ڪيو آهي، پر ان وقت جي سنڌي شاعرن مان تمام ٿورن کي ذڪر جي لائق سمجهيو اٿس. ان وقت جي حالتن جي باري ۾ ڊاڪٽر سارلي لکي ٿو ته، ”مغلن يقيني طور فارسي طرز جي شاعريءَ کي همٿايو ۽ ان وقت اهو لازمي هو ته شاعريءَ جو موضوع توڙي قالب پارسيءَ جي عظيم شاعرن جهڙو هجي. اهو مغلن جو ئي دور هو، جڏهن اردو شاعري گهڻي  انداز ۾ لکي ويئي ۽ اردوءَ ۽ پارسيءَ جي فارم ۽ موضوع ۾ هڪجهڙائي آهي.“

مولانا دين محمد وفائي لکي ٿو ته، ”سنڌ سرڪار جي دفتري زبان ورهين کان فارسي هئي. ويچاريءَ سنڌيءَ لاءِ چيو ويندو هو ته ’سنڌي وائي قلم نه آئي، ان رنگ ۾ سنڌي زبان کي هڪ علمي زبان بنجڻ کان روڪيو ۽ رنڊيو ٿي ويو.“

شاهه لطيف جي دور ۾ مغل حاڪمن جي ٻوليءَ فارسيءَ کي همٿايو ويو ته هندستان ۾ وري اردو شاعريءَ ۾ فارسي شاعريءَ جي روايتن کي داخل ڪيو ويو. ڊاڪٽر سارلي لکي ٿو: ”ان وقت مشڪل هو ته مقامي ٻوليءَ جا شاعر پنهنجي ٻوليءَ لاءِ جاءِ پيدا ڪن، ڇو ته فارسي قالب ۽ فارسي طرز ايترا ته پختا ٿي ويا هئا جو انهن کي ڪڍي نه پئي سگهي ويو.“

پر ٽي. ايس. ايليٽ جي لکڻ موجب ”هر قوم کي لازمي طور تي ’پنهنجي شاعري‘ هوندي آهي.“ هو لکي ٿو ته: ”قوم جي ٻولي کسي ۽ ان کي دٻائي مٿانئس اسڪولن جي ذريعي ٻي ٻولي مڙهي سگهجي ٿي، پر جيستائين ان قوم کي ان نئين ٻوليءَ ۾ محسوس ڪرڻ نٿو سيکاريو وڃي، تيستائين اوهان پراڻي ٻولي ڪڍي نٿا سگهو. اها شاعريءَ جي ذريعي وري وري پيئي اڀرندي، ڇو ته شاعري احساسن جو ذريعو آهي. مون هاڻي هاڻي چيو آهي ته نئين ٻوليءَ ۾ محسوس ڪرڻ_ ان مان منهنجو مطلب آهي احساس جي اظهار کان به وڌيڪ، ڌاريءَ ٻوليءَ ۾ ظاهر ڪيل خيال هوبهو ساڳيو خيال ٿي سگهي ٿو پر جذبايا احساس نه آهي. هڪ مٿانهين زبان کي تيستائين ختم نٿو ڪري سگهجي، جيستائين ان جي سڀني ڳالهائيندڙن کي صفا نابود ڪيو وڃي.“

شاهه لطيف جي زماني ۾ مڪتبن ۾، پڙهيل طبقي، ورسايل طبقن، توڙي انهن جي شاعرن وٽ فارسيءَ جوعام رواج هو، پر تڏهن به مٿي ڏنل ايليٽ جي حوالي موجب فارسي، سنڌ جي ماڻهن جي جذبن ۽ احساسن جي ترجمان ٿي نه سگهي. سنڌ جا ماڻهو پنهنجا جذبا فارسيءَ ۾ محسوس ڪرڻ نه سکيا. فارسي مڪتبن تي مڙهي ويئي، پر سنڌي ٻولي شاعريءَ ۾ وري وري اڀرڻ لڳي. ڪڏهن قاضي قاضن، ڪڏهن شاهه ڪريم ته ڪڏهن شاهه لطيف جي صورت ۾. اهو سج ڪاپار تي چڙهي آيو.

شاهه لطيف جي دور ۾ ڊاڪٽر سارلي جي لکڻ موجب: ”فارسي طرز ايتري پختي ٿي ويئي هئي جو ان کي ڪڍي نه پئي سگهيو ويو.“ ”پارسي گهوڙي چاڙهسي“ چوڻ واري دور ۾ شاهه لطيف چيو ته:

جي تون فارسي سِکيو، گولو تان غلام،

اُڃيو تان آب گهري، بُکيو تان طعام،

عامن سندو عام، خاصن منجهان ڪين ٿئي.

(آسا _ 4_23)

جنهن وقت فارسي شاعرن جي رسائي دربارن تائين ٿي هلي، ۽ سنڌ سميت سڄو هندستان فارسي شاعريءَ جي اسلوب توڙي موضوعن کي پنهنجو ڪري رهيو هو، تڏهن شاهه لطيف نه رڳو ان روايتن کي ٽوڙيو پر پنهنجون روايتون قائم ڪري پنهنجي ٻوليءَ جون پاڙون هميشه لاءِ پختيون ڪري ڇڏيائين.

”لهوارو لوڪ وهي، تون اچو وهه اوڀار.“

وانگر وهندڙ درياهه جي سير ۾ اوڀارو هلي سارلي جي لکڻ موجب، ”پنهنجي دور ۾ قائم ٿيل ذهني سامراجيت کي ٽوڙڻ ۾ ڪامياب ٿيو.“

شاهه لطيف پنهنجي دور ۾ رائج فارسي زبان ۽ فارسي قالبن کي ڇڏي پنهنجي مقامي ٻوليءَ ۾ ۽ پنهنجي روايتي قالبن بيت ۽ وائيءَ ۾ اظهار ڪيو. اهو وڏي ۾ وڏو ڪارنامو هو.

شاهه لطيف جي عوامي ٻولي ۽ عوامي لهجو:

شاهه جي دور ۾ عربي ۽ فارسيءَ جو سنڌي ٻوليءَ تي ڪافي اثر ٿي چڪو هو. ڪيترائي عربي ۽ فارسي لفظ سنڌيءَ ۾ اچي چڪا هئا، ان ڪري سنڌيءَ جي شاعرن اهي لفظ پنهنجي شعر و شاعريءَ ۾ استعمال پئي ڪيا، جيڪي عام ماڻهوءَ ۽ سندس ڳالهه ٻولهه تائين پهچي چڪا هئا.

جيئن ته هر ٻولي ڌاريءَ ٻوليءَ جي لفظن کي پنهنجي لهجي ۽ مزاج موجب قبول ڪندي آهي، ان ڪري سنڌي ٻولي پڻ ائين ڪيو. ڪيئي عربي ۽ فارسي لفظ پاڻ ۾ جذب ڪري انهن جي اُچارن کي پنهنجي مزاج مطابق موڙي ڇڏيائين. عربن کي سنڌ ۾ آئي تيرهن سو سالن کان به مٿي عرصو گذريو آهي پر تڏهن به سنڌ جو عام ماڻهو اڃا تائين سنڌي ٻوليءَ ۾ سمايل عربي لفظن جو اچار هوبهو عربن جهڙو ڪڍي نٿو سگهي، خاص ڪري اُهي لفظ جن ۾ ص، ث، ط، ظ، ع ۽ ق جهڙا حرف آهن، انهن لفظن جو اُچار تمام ٿورا ماڻهو ڪوشش ۽ استعمال بعد ئي ڪڍي سگهن ٿا.

شاهه لطيف، قرآن شريف جون آيتون، حديثون، توڙي عربيءَ جون چوڻيون پنهنجن بيتن ۾ استعمال ڪيون آهن، اهڙيءَ ريت جو پڪ سان چئجي سگهجي ٿو ته هو عربي چڱيءَ طرح ڄاڻندو هو. هي به روايتون عام آهن ته هر وقت مولانا روميءَ جي مثنوي ساڻ هوندي هئي. ان مان ثابت ٿيو ته هو فارسي پڻ ڄاڻندو هو، پر تنهن هوندي به هن پنهنجن بيتن ۾ عربي ۽ فارسي لفظ انهيءَ ئي ڦريل صورت ۾ استعمال ڪيا آهن، جنهن صورت ۾ عام ماڻهو اچاريندا آهن. شاهه لطيف عالمن ۽ ورسايل طبقن جي غير فطري ۽ متڪلف اچارن وار ٻولي ڇڏي عام پسند جي ۽ ڳالهايل ٻولي ۽ اُچار ڪتب آندا.

هن عام ماڻهوءَ سان سندس ئي ٻوليءَ ۾ ڳالهايو آهي. سر ليلا چنيسر جو هيءُ بيت پڙهو:

مَ ڪر ڍول ڍلو، ناتو نماڻيءَ سين،

ڪونهي ڪميڻيءَ جو، ”بِگر“ تو بلو،

تنهنجو نانءُ نلو، وٺي ويٺي آهيان.

(ڏهر_3_22)

مٿئين شعر ۾ اصل لفظ ”بغير“ بدران ان جي سنڌيءَ ۾ عام رائج بگڙيل صورت ”بگر“ استعمال ڪئي ويئي آهي. ”غ“ جو اُچار سنڌي ماڻهن کي نٿو آئڙي، تنهن ڪري هو اڃا تائين ”غ“ کي ”گ“ اُچاريندا آهن.

چئي چنيسر ڄام سين، ليلا تون نه لکاءِ

”دوس“ تنهنجو داسڙو، کاند وڏيائي کاءِ،

ته ڍولو ڍڪ سندياءِ، عيبن کي آڏو اچي.

(ليلا چنيسر 2_17)

مٿئين شعر ۾ لفظ ”دوس“ فارسي لفظ ”دوست“ جي بگڙيل صورت آهي. سنڌيءَ ۾ ”ج“ کي ڦيرائي ”ز“ ڪرڻ به عام آهي.

سونا ونئن صراف سين، ڀڃي ڇڏ بازي،

چاندي ڪئو چلائيين رپو ”روازي“،

جت ٿيندو قاضي، ات توريندا تجويز سين.

(سريراڳ _4_8)

هن بيت ۾ ”رواجيءَ“ جي ”ج“ کي ”ز“ سان مٽائي سنڌيءَ جي عام ماڻهوءَ واري ڳالهايل صورت ”روازي“ ڪم آندي ويئي آهي. اڄ تائين ”رواجي“ بدران ”روازي“ جو اُچار ڳوٺاڻن ۾ هلندو اچي.

هڪ ٻيو بيت:

دُنگي منجهه درياهه، ڪين ٻڏي ڪين اُپڙي،

معلم ماڳ نه اڳئين، ”ڦلنگي“ منجهه ڦريا،

ملاح تنهنجي مڪڙيءَ اچي چور چڙهيا،

جتي ڍينگ ڍريا، تتي تاري تنهنجي.

(سريراڳ 3_11)

هن بيت ۾ لفظ ”فرنگي“ مٽائي ”ڦلنگي“ ڪم آندو ويو آهي.

رسالي ۾ ڪي اهڙا به بيت ملن ٿا جن ۾ ڪن لفظن جو اصلي عربي فارسي توڙي بگڙيل سنڌي ٻئي اُچار موجود آهن، جنهن مان پتو پوي ٿو ته شاهه لطيف اصلي اچارن کان اڻ واقف ڪونه هو. هن ڄاڻي واڻي شعر جي رواني، سلاست ۽ موسيقيت قائم رکڻ لاءِ، توڙي عام ماڻهوءَ جي لهجي کي استعمال ڪرڻ جي خيال کان اِهي بگڙيل صورتون ڪتب آنديون آهن. ان لاءِ هي ٻه بيت مثال طور ڏسو:

سڙهه سنوان لاڄو نوان، اولا سندن عاج،

ساٿي سفر هليا، ڀري جُنگ ”جهاج“،

حاصل ڪرين حاج، واحد وڻجارن جي.

(سريراڳ _ 1_12)

لڙ لهريون لس ليٽ جتي انت نه آب جو،

الله! اتِ مَ اوليين ٻيڙا مٿي ٻيٽ،

جوکو ٿئي نه ”جهاز کي، ڦرهي اچي مَ ڦيٽ،

لڳي ڪا مَ لپيٽ، هن غاريبي غوراب کي.

(سريراڳ _ 1_11)

مٿين ٻن بيتن ۾ ”جهاز“ (اصلي اچار) ۽ ”جهاج“ (بگڙيل اُچار) ٻيئي موجود آهن. هي ٻه بيت پڙهو:

مان پڇنـئي سپـرين، چت ۾ رکـج چيت،

سـڙهه ڌئاري صاف ڪـر، صابـڻ ساڻ ”سپيت“،

سامونڊي سچيت، ٿيءُ ته پهچين پار کي.

سريراڳ 1_ 3)

سرمو سفيديءَ جو، جڏهن پاتو جن،

تڏهـــن ڏٺي تن، اڇـائي عــالـم جــي.

(آسا: 4_42)

مٿين بيتن ۾ به ”سفيد“ ۽ ”سپيت“_اصلي فارسي اچار ۽ بگڙيل سنڌي اچار ٻئي موجود آهن. رسالي ۾ اهڙا ڪيترائي بيت ملندا، جن ۾ شاهه لطيف عام ماڻهوءَ جو اچار ۽ لهجو استعمال ڪيو آهي. هتي ڪي مثال ڏجن ٿا:

ميي ماڪائي، وڌووات ولن کي،

خبر ٿي کيت ڌڻن کي، وڏوڻا واهي،

ڪرهي ”ڪاڪت“ ڇڏيي، وريس نه وائي،

چانگي چرائي، وئي ويچاري وسري.

(کنڀات 2_ 3)

هن بيت ۾ لفظ ”طاقت“ بدران ”ڪاڪت“ ڪم آندو ويو آهي.

چت چڙن چوريون، ”جونڪ“ ٿئڙم جوءِ. (سهڻي 4_8)

لفظ ”ذوق“ بدران ”جونڪ“

وارو ور وٺي ويا، جيڏيون ڪري ”جور“. (ديسي 4_2)

”زور“ بدران ”جور“.

مران جي هن هنڌ وڃي ”مئٿ“ ملير ڏي. (مارئي 6_9)

”ميت“ بدران ”مئٿ“.

ٽي. ايس. ايليٽ لکيو آهي ته ”شاعريءَ ۾ هر انقلاب، عوامي ٻوليءَ ڏانهن موٽڻ آهي هن جي نظر ۾ احساس جو اظهار عام طبقن جي ٻوليءَ ۾ ٿي سگهي ٿو.

شاهه ان خيال کان سنڌي شاعريءَ ۾ وڏو انقلاب آندو، جو پنهنجي وقت جي سرڪار ۽ ان جي ورسايل طبقن جي ٻوليءَ کي ڇڏي ان وقت جي عام ماڻهن جي ٻوليءَ ۽ لهجي ۾ شعر چيو.

شاهه لطيف جا عوامي ڪردار:

شاهه لطيف کان اڳ وارا دنيا جا عظيم شاعر، ٻوليءَ توڙي محاورن ۽ ماحول جي خيال کان عام ماڻهوءَ کان گهڻو پري هئا. شاعري فقط ورسايل طبقن جي ميراث هئي. شعر ۾ فقط انهن ئي طبقن جي ماحول ۽ امنگن جو اظهار ڪيو ويندو هو. عام ماڻهوءَ جي ٻولي توڙي جذبا گهٽ اهميت وارا هئا ۽ ”عظيم“ شاعرن انهن کي ڌيان لائق ئي نه ٿي سمجهيو. ”عظيم“ شاعرن جي شاعريءَ جا موضوع، سورما توڙي سورميون يا ته ورسايل طبقي جي انسانن  مان هوندا هئا يا ته ماڳهين انسان کان به مٿانهان ديويون ۽ ديوتا هوندا هئا.

تلسيداس جي رامائڻ ۾ عام ماڻهن جو ذڪر گهٽ، ديوتائن، ديوين، انهن جي محبوبائن، راڻين ۽ فوجي سالارن جو ذڪر وڌيڪ آهي. هنن شاعرن وٽ عام ماڻهوءَ جو يا ان جي زندگيءَ جو ذڪر يا بيان آهي به، ته ان کي ثانوي حيثيت آهي. عام ماڻهو يا ته فوجي جرنيلن جا سپاهي آهن يا ته ديوين ۽ ديوتائن جا پوڄاري. هنن کي ڪابه اهڙي حيثيت ناهي جو هو پاڻ وهيڻا هجن؛ يا هنن کي پنهنجا احساس يا امنگون هجن.

شيڪسپيئر وٽ، اسان کي ايلزبيٿ جي دؤر جي زندگيءَ ۾ پڻ شائلاڪ پاري ظالم يهوديءَ جو، توڙي مٿاهين طبقي جي اميرن، شاهوڪارن ۽ لارڊن جو ذڪر ملي ٿو. هن جي تاريخي ڊرامن ۽ شعرن ۾ هينري 4، هينري 5 اوٿيلو ۽ شاهه ايليا جهڙا بادشاهه، سيزر ۽ ائنٽوني جڙا فوجي جرنيل هن جو موضوع آهن، جن جا ڀڀڪيدار لباس، جن جي چٻيل چٿيل گفتگو ۽ جن جو رعبدار ماحول ئي شيڪسپيئر جي شاعريءَ جي سونهن آهي.

شاهه لطيف جو زمانو سترهين صديءَ جي آخري ڏهاڪي کان وٺي ارڙهين صديءَ جي وچ تائين آهي. شاهه ان دؤر ۾ پنهنجي شاعريءَ جو موضوع پنهنجي ملڪ جي عام ماڻهن کي بنايو. هن فارسي زبان جي روايتي ماحول کي ڇڏي، پنهنجي چوڌاري وسندڙ ماحول ۾ اونهو وڃي ان جي چٽسالي ڪئي. علامه آءِ. آءِ. قاضي لکي ٿو ته، ”هو (شاهه لطيف) مهاڻن، ماڇين، هارين، چرخي ڪتيندڙن ۽ شهزادن، سڀني کي ساڳيءَ سهوليت سان بيان ڪري ٿو. هو اهڙي جامع نموني ۾ انهن جي محاوري ۽ اصطلاح کي استعمال ٿو ڪري جو ائين ٿو لڳي ڄڻ هو سندن ئي طبقي سان واسطو رکي ٿو.“

(ٽماهي مهراڻ 1995ع)

No comments:

Post a Comment