اياز عالم ابڙو
شاهه جي رسالي جو بلوچي ترجمو،
نسب نامو ۽ آڳاٽا ماخذ
(ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ' فورم ۾ TAHIR SINDHI طرفان آندل موضوعَ 19 فيبروري 2011۔)
شاهه رحه جي رسالي مان چونڊ ڪلام جو بلوچي ترجمو ٿي چڪو آهي، ان سلسلي ۾ گل محمد ”گل مليرائي“ رسالي مان سر يمن ڪلياڻ، رپ، بروو سنڌي، ڪوهياري، معذوري، سسئي ۽ ديسي مان هڪ هڪ بيت، سر آسا جا ٻه بيت ۽ سر مارئيءَ جا ٽي بيت (ڪل 9 سرن مان 12 بيت چونڊي) بلوچي ترجمو ڪري شايع ڪرايا، جيڪي ڪراچيءَ جي آرٽ اڪيڊمي طرفان ”لعل لطيف“ سوينئر 1991ع ۽ شاهه لطيف چيئر ڪراچي يونيورسٽيءَ جي ”ڪلاچي“ تحقيقي جرنل (ڊسمبر 1999ع) ۾ ڇپجي چڪا آهن. بلوچي زبان جي نامور اديب، شاعر ۽ ترجمانگار پير محمد ”پيرل“ زبيراڻيءَ شاهه سائينءَ جي رسالي مان ڪجهه بيت مثنوي انداز ۾ ترجمو ڪيا. بلوچي ٻوليءَ جي شاعر، ترجما نگار ۽ تاريخِ بلوچستان جي مصنف مير گل خان ”نصير“ شاهه جي رسالي مان ”سر سسئي“ جي ڪجهه چونڊ بيتن جو بلوچي زبان ۾ ترجمو ڪيو. ان سلسلي ۾ هن شيخ اياز جي اردو ترجمي وارو ”شاهه جو رسالو“ آڏو رکيو ۽ خاص ڪري رسالي مان انهن بيتن جو ترجمو ڪيو، جن ۾ ”خان بلوچ“، ”ٻروچ“، ”ٻاروچو“، ”ٻاروچل“، ”ڪيچي“، ”ڪيچ“ (مڪران)، ”ڪوهيارل“ ”آري“، ”ڄام“، ”آرياڻي“، ”هوت“، ”پنهون“، ”پنهل“، ”ڪلات“ (قلات) جو ذڪر آهي. مير گل خان ”نصير“ جو ڪيل بلوچي ترجمو ”لطيف گُشيت“ جي عنوان سان 1983ع ۾ بلوچي اڪيڊمي ڪوئيٽا طرفان شايع ڪيو ويو. هي 60 صفحن جو ڪتاب آهي، جنهن جي پندرنهن صفحن تي شاهه سائينءَ جي سوانح حيات بابت مهاڳ ڏنل آهي، جنهن ۾ هن شاهه سائينءَ کي ”ڪهيري بلوچ“ ڄاڻائيندي لکيو ته: ”لطيف جي شاعريءَ ۾ گهڻائي ”پنهون“ جي نالي ”بلوچن“ سان واڳيل ۽ واکاڻيل آهي. شاهه جو پڙ ڏاڏو ”مير علي“ به بلوچ هو، ان لاءِ اهو ثبوت ڪافي آهي ته لفظ ”مير“ رڳو بلوچ پنهنجي نانءُ اڳيان لکندا يا استعمال ڪندا آهن“. مير ”نصير“ جو اهو ڪتاب جيئن ته گردش ۾ آهي، ڪيترن ئي پڙهندڙن جي مطالعي هيٺ رهيو آهي، ان لاءِ ضروري ڄاتو ويو ته: حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جي شجري بابت اُهي ڇڙ وڇڙ، آڳاٽا، مستند ۽ بنيادي ماخذ هڪ جاءِ ڪري لکيا وڃن ته جيئن پڙهندڙ ان طرف به ڌيان ڏين ۽ شاهه سائين رحه جي نسب نامي ۽ حياتيءَ بابت رڪارڊ درست رهي. ”بيان العارفين“: هي ڪتاب 1038هه/1629ع ۾ لکيو ويو. فارسي متن سميت سنڌي ترجمي سان مختلف دستخط ڊاڪٽر عبدالغفار سومري پاران تحقيق ڪري، سوڌي سهيڙي، علامه قاضي تحقيقي رٿا هيٺ 2002ع ۾ شايع ڪيو ويو (محقق پاران لکيل مهاڳ ۽ مقدمي کان علاوه منصوره ڪتبخاني وارو اصل فارسي متن شايع ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ شاهه ڪريم رحه کان ويندي شاهه عبداللطيف جي پيڙهيءَ بابت 467 شعرن سان منظوم احوال قلمبند ٿيل آهي). ”مقالات الشعراء“: هي ڪتاب 1147هه/1761ع ۾ لکيو ويو. مير علي شير قانع جو ترتيب ڏنل فارسي دستخط 1885ع ۾ دهلي (انڊيا) ۾ شايع ٿيو، سنڌي ادبي بورڊ پاران ان جا سنڌي ۽ اردو ڇاپا پڌرا ٿيا. هن ۾ شاهه سائينءَ بابت مختصر احوال ڏنل آهي. ”طور مار سلاسل“: هي 1202هه/1787ع ۾ لکيو ويو. مير علي شير قانع جي ترتيب ڏنل ان فارسي دستخط ۾ شاهه عبداللطيف رحه سميت صوفياءِ ڪرام جي طريقت جا سلسلا ۽ شجرا ڏنل آهن (اهو ناياب دستخط اڻ ڇپيل آهي) ۽ سنڌالاجي ڪتبخاني ۾ سانڍيل آهي. ”معيار سالڪانِ طريقت“: هي ڪتاب 1203هه/1787ع ۾ لکيو ويو. مير علي شير قانع جي ترتيب ڏنل هن دستخط کي ٻن پرڏيهي عالمن رچرڊ برٽن 1851ع ۾ ۽ ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ 1854ع ۾ (شاهه سائينءَ جي حياتيءَ جي سلسلي ۾) تحقيق جي دائري ۾ رکيو. ٻنهي پرڏيهي محققن طرفان شاهه سائينءَ جي حياتيءَ بابت مضمون ان دور جي مشهور رسالي ”جرنل آف رائل ايشيائڪ سوسائٽي“ جي شمارن ۾ شايع ٿيا. ”سلڪانِ طريقت“ جو واحد ”قلمي متن“ برٽش لائبريري لنڊن ۾ شماره (589,ADD.21)طور تحقيق ڪري ڊاڪٽر سيد خضر حيات ”نوشاهي“ پي ايڇ ڊي لاءِ مقالو ”معيارِ سالڪان طريقت“ لکي، بيت الحڪمت همدرد يونيورسٽي ڪراچيءَ مان 1994ع ۾ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي. هي ڪتاب 2000ع ۾ اداره معارف نوشاهيه (ساهن پال شريف) پنجاب مان شايع ٿيو. شيخ محمد حسن يحيٰ القريشي ٿر بچاڻوي پڻ ۽ ترجمو ڪيو، سنڌي ادبي بورڊ 30 آگسٽ 2010ع تي ڇپائي پڌرو ڪيو
.Greatest Poet of Sindh
ديا رام گدو مل پاران هي ڪتاب 1882ع ۾ حيدرآباد سنڌ ۾ ڇپيو، جنهن ۾ شاهه سائينءَ جي حياتي ۽ دور بابت ذڪر ڪيل آهي.
Life of Shah Abdul Latif Bhitai
مرزا قليچ بيگ مرحوم، شاهه سائين رحه جي حياتي، فن ۽ فڪر بابت انگريزيءَ ۾ تذڪرو پهرين سيپٽمبر 1887ع ۾ لکي پورو ڪيو، جنهن جو پهريون ڇاپو ڀٽ شاهه ڪلچرل ڪاميٽي پاران لطيف سائين رحه جي 228 هين عرس جي موقعي تي ڇپائي پڌرو ڪيو ويو. هن ئي ڪتاب جو سنڌي ترجمو ”احوال شاهه عبداللطيف ڀٽائي“ جو ٽيون ڇاپو پوڪر داس ٿانور داس پبلشر شڪارپور پاران 1910ع ۾ ڇپيو، جنهن بعد 2006ع ۾ ان جو نئون ڪمپيوٽر ڪمپوزنگ ڇاپو مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور وارن شايع ڪيو. ”لطائف لطيفي“: 1305 هجريءَ ۾ لکيو ويو. مير عبدالحسين خان ”سانگيءَ“ شاهه سائينءَ جي حياتيءَ بابت تفصيلي تذڪرو 19 جولاءِ 1888ع تي لکي پورو ڪيو. ان فارسي متن کي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي نظر داريءَ هيٺ ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز حيدرآباد پاران 1967ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ويو، جنهنجو سنڌي ترجمو عبدالرسول قادر بلوچ 1986ع ۾ ڪيو. لطائف لطيفي جي فارسي نسخي تان آڌاريل چونڊ سنڌي ترتيب ”ڳالهيون ڳڻ لطيف جا“ حڪيم خليفه عبدالحميد چانڊيو پاران شاهه لطيف ڪتاب گهر حيدرآباد طرفان 209ع ۾ شايع ڪئي وئي، جنهن ۾ شاهه سائينءَ جي حياتيءَ ۽ حڪايتن کي سوڌي سهيڙي يڪجا ڪيو ويو آهي.
The Life, Religion and Poetry of Shah Latif
شاهه جي مذهب، شاعري ۽ حياتيءَ بابت انگريزي ۾ ڪتاب ليلا رام وطڻمل 1890ع ۾ لکيو، سو 1892ع ۾ حيدرآباد مان شايع ٿيو، سئو سال بعد اهو ڪتاب 1992-93ع ڌاري ڪراچيءَ ۾ ڇپيو. ”نسب نامه ساداتانِ متعلوي:“ آڳاٽي ۽ ناياب دستخط تان مٽياري ساداتن جي پيڙهيءَ وار شجرو، سيد مٺن شاهه اجناڻيءَ ڪاتب حافظ محمد هارون ٽکڙائيءَ کان 1342هه/1923ع ۾ نقل ڪرايا، جنهن ۾ شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري کان شاهه عبداللطيف رحه تائين شجرو پڻ ترتيب ڏنل آهي. هن نسب نامي کي مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ (مرحوم) مستند ڄاڻايو ۽ سندن ايامڪاريءَ ۾ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشوري پاران 1991ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. هن نسخي کي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پڻ پنهنجي تحقيق جي دائري ۾ رکيو.
No comments:
Post a Comment