شاهه جو رسالو

Saturday, 26 April 2014

ڀٽائيءَ وٽ محبت جو فلسفو -- شبنم گل (Shabnam Gul)

شبنم گل


ڀٽائيءَ وٽ محبت جو فلسفو

شاعري هڪ الهامي ڪيفيت آهي، جيڪا مستقل هڪ شاعر کي پنهنجي اندر محسوس ٿيندي رهي ٿي. شاعر جو انوکو تصور انسان، زندگي ۽ ڪائنات کي هڪ مختلف نقطئه نظر سان ڏسي ٿو. ڪائنات جي سونهن کي اسان لفظن ۽ ذهني تصويرن وسيلي ڏسون ۽ محسوس ڪيون ٿا.
شاهه عبداللطيف ڀٽائي دنيا جو اهو عظيم شاعر آهي، جنهن جي سوچ، خيال ۽ فڪر زمان و مڪان جي قيد کان آزاد آهي، جيڪو دنيا جي شاعرن جي مقابلي ۾ منفرد، مٿانهون ۽ گهڻ رخو آهي. انگريزي جي شاعرن سان جڏهن شاهه لطيف جي ڀيٽ ڪجي ته هو کانئن گهڻو اڳڀرو ۽ مٿانهون نظر اچي ٿو. شاهه سائين جي شاعريءَ جا مختلف رخ آهن، جن مان هڪ اهم رخ محبت آهي. هر ماڻهو وٽ محبت جي پنهنجي تشريح آهي. هڪ مڪتبه فڪر جا ماڻهو پنهنجي ذات کي خوش رکڻ لاءِ محبت ڪن ٿا.
هو محبت کي پنهنجي رنگ ۾ رڱڻ چاهين ٿا، هو محبوب جي انفراديت کي تسليم ڪرڻ بدران کيس پنهنجي سوچ جي دائري ۾ قيد ڪرڻ جا عادي آهن، ان محبت ۾ هڪ شرط آهي، اها سراسر محبت ئي نه آهي. مختلف انداز سان سوچڻ وارا پنهنجي ذات سان پيار ڪرڻ بدران محبوب جي جمال ۾ پنهنجو پاڻ پسن ٿا، هو محبت ۾ پنهنجو پاڻ وساري ٿا ڇڏين. پنهنجي ذات ۽ انا جي نفي ڪندي محبوب جي رنگ ۾ رڱجي وڃن ٿا. اها هڪ غير مشروط محبت آهي، جيڪا انسان جي وس کان ٻاهر نظر اچي ٿي. شاهه سائين ان غير مشروط محبت جو پرچار ڪري ٿو. عشق مجازي کان عشق حقيقي تائين، هر طرف فقط محبوب جي ذات جا رنگ چٽيل آهن. هر طرف فقط هڪ ئي رنگ آهي، جنهن جي سامهون طلب جو رنگ جهڪو آهي. انگريزي جي شاعر جان ڊن پنهنجي شاعري ذريعي محبت جي جذبي جي اپٽار مختلف انداز ۾ ڪئي آهي. جان ڊن 1572ع ڌاري لنڊن ۾ پيدا ٿيو. اسپين ۾ هن قانون، ٻولي ۽ آرٽ جو مطالعو ڪيو. ايلزبيٿن دور سان تعلق رکندڙ ڊن جي ذهني سطح پنهنجي همعصرن کان مختلف نظر اچي ٿي، هن رومانوي شاعريءَ ۾ نوان تجربا ڪيا ۽ روايتي شاعريءَ جي يڪسانيت کي ٽوڙي ڇڏيو. سندس همعصر اسپينسر ۽ پيٽرارچ اطالوي شاعرن کان متاثر هئا. جان ڊن کي ميٽا فزيڪل (مابعد الطبعياتي) شاعريءَ جي مڪتبه فڪر جو انتهائي اهم حصو سمجهيو وڃي ٿو. سندس شاعري ٻن حصن ۾ ورهايل آهي، هڪ حصي ۾ پيار جي شاعري آهي ۽ ٻئي دور ۾ مذهبي شاعري ملي ٿي. هو پنهنجي مشهور نظم The Ecstasy ۾ ان ڪيفيت کي هن ريت بيان ڪري ٿو.
Loves mysteries in soul do grow
But yet the body is his book.
(پيار جا اسرار روح ۾ وڌن ۽ ويجهن ٿا، پر پوءِ به جسم ان جو محور آهي.)
جان ڊن جسم کي اهميت ڏئي ٿو، هو جسم کي هڪ دروازي وانگر سڏي ٿو، جتان لنگهي روح جي دنيا ۾ داخل ٿي سگهجي ٿو. جسم، جذبن جي سونهن جو مرڪز آهي ۽ روح ان جذبن جي گهرائيءَ کي محسوس ڪري ٿو، پر شاهه سائين وٽ بقول مفڪرن جي محبت جو مختلف تصور آهي، اهو تصور حجاب جي پردن ۾ ويڙهيل آهي.

پروس ٿيم پراڻ، پرين وس نه پانهنجي
لڳي ڪيئن لطيف چئي، ڇپر ڇاتيءَ ساڻ
پرين ڏيکاري پاڻ خوش  ڪري  ويا خواب ۾

جيڪڏهن شاهه صاحب پرين جي ڳالهه ڪري ٿو ته فقط ان سڪ جي ڳالهه ڪري ٿو، جيڪا سمنڊ کان به گهري آهي، هي اهو نينهن جو نشو آهي، جيڪو روح مستقل محسوس ڪندو ٿو رهي. جسم سيراب ٿي خالي ٿي وڃي ٿو، پر روح سيراب ٿي ڪڏهن به خالي نه ٿو ٿئي. هي اهو پيمانو آهي، جيڪو سدائين لبريز آهي ۽ مستقل ڇلڪندو رهي ٿو. ساڳي وقت شاهه سائين ”ڳوليان ڳوليان م لهان“ جي ڳالهه به ڪري ٿو، جنهن مطابق محبت جو حصول پيار جي جذبي کي عام بڻائي ٿو ڇڏي. اها ساڳي سڪ، اڪير ۽ طلب قائم نه ٿي رهي، اها سٽ انسان جي نفسيات جي ڀرپور عڪاسي ڪري ٿي. جنهن وٽ حاصل ٿيل شيءِ جو قدر گهٽجي وڃي ٿو ۽ هو اڻ حاصل ٿيل شيءَ جي پٺيان ڀٽڪندو رهي ٿو. نيڻن جي نور جو قدر فقط اهو ڪري سگهي ٿو، جنهن جي دنيا مستقل اونداهي آهي. انسان کان اکين جي نعمت جو هجڻ دنيا جي هر نعمت کان مٿانهون آهي، پر جيڪا شيءَ انسان کي ميسر آهي، هو ان جي قدر نه ٿو ڪري. جڏهن ته جان ڊن پنهنجي ڪيترن نظمن ۾ Platonic idealism ”پليٽونڪ آئڊيلزمواري فلسفي جي نفي ڪندي نظر اچي ٿو. هو پنهنجي اڪثر نظمن ۾ جسماني پيار کي فوقيت ڏئي ٿو. ڊن مطابق پيار باهمي آهي ته اهو هڪ ٻن دلين جي وچ ۾ مضبوط رابطي جو معاهدو آهي، ان ڪري هن وٽ سيڪس هڪ مقدس عمل آهي. مذهبي نقطئه نگاهه کان هٽي هو Extra marital relationship کي (شادي کانپوءِ پيار) جي عمل کي برو نه ٿو سمجهي. جان ڊن جي شاعريءَ ۾ عورت تضادن جو مجموعو آهي. ٻئي طرف شاهه سائين وٽ عورت هڪ مقدس هستي آهي، هو فطرت جيان سائي ۽ زرخيز آهي، شاهه سائين عورت جي نفسيات جي عڪاسي جنهن ڀرپور انداز ۾ ڪئي آهي، ان جو مثال ٻئي هنڌ نه ٿو ملي. عورت جي سهپ، احساس جي نزاڪت، ڏک سور ونڊڻ جي صلاحيت، محبت جي شدت، اباڻن ڪکن سان پيار و عقيدت ۽ حب الوطني جي جذبن جو اظهار شاهه سائين جنهن خوبصورت انداز ۾ ڪيو آهي، ان سنڌ جي عورت جو مان مٿانهون ڪيو آهي
رجعت پرست، مذهبي آڙ ۾ عورت جو استحصال صدين کان ڪندا آيا آهن، جنهن مطابق عورت انسان نه بلڪه جنس جي علامت ۽ مرد جي ملڪيت رهي آهي. اهو تصور قديم زماني کان سفر ڪندو موجوده دور جي پڙهيل ڳڙهيل ماڻهن جي ذهنن ۾ پڻ موجود آهي، جيڪي عورت کي ذهني ۽ جسماني آسائش جو ذريعو ته سمجهن ٿا، پر هن کي انسان واري حيثيت ڏيڻ کان انڪاري آهن. هو سندس ظاهري خوبصورتي جا پوڄاري آهن، پر سندس ذهن کي ڌڪارين ٿا. عورت کي دٻائڻ ۽ هيسائڻ حقيقت ۾ عورت جي احساس جي طاقت کي چيڀاٽڻ جي ڪوشش آهي، جنهن کي ساڻ ڪري هو دنيا فتح ڪري سگهي ٿي. عورت جي تصور، ادراڪ ۽ احساس جي قوت سان ڪو مرد مقابلو نٿو ڪري سگهي. ان خوف مرد کي سدائين عورت جو استحصال ڪرڻ تي مجبور ڪيو آهي، پر سنڌ جي صوفين عورت کي هڪ ماءُ جي روپ ۾ ڏٺو آهي، ڇو ته عورت ڄائي ڄم کان مڪمل ماءُ آهي، زرخيزي، ڇانوَ ۽ محبت جي علامت آهي، جيڪا احساس ونڊڻ جي خوبصورتيءَ سان مالامال آهي. شاهه سائين ان ڪري عورت جي ان احساساتي سگهه ۽ تصور جي طاقت کي پنهنجي اندر محسوس ڪيو آهي، جنهن کي ڪو به ٻيو مرد محسوس نٿو ڪري سگهي. شاهه سائينءَ جي احساس ۾ جذب ٿيڻ جي سگهه آهي، ڪنهن به شيءِ ۾ جذب ٿي وڃڻ هڪ ڪمال جي احساساتي سگهه آهي. ٻئي جي اک سان دنيا کي ڏسڻ، پرکڻ ۽ محسوس ڪرڻ ادراڪ جي قوت آهي، جيڪا شاهه سائين وٽ حيرت انگيز طور تي موجود آهي. هو فطرت جي نظارن، انساني اکين، دلين ۽ ڪائنات جي هر شيءِ ۾ ضم ٿي وڃي ٿو. شاهه سائين وٽ عورت، جان ڊن جي عورت وانگر ڪمزور ۽ خواهش پرستيءَ جو شڪار هڪ عام ڪردار ناهي، بلڪه هوءَ هڪ مضبوط قوت ارادي رکي ٿي. عورت ۽ مرد جي محبت ۾ واضح فرق موجود آهي. عورت روح سان محسوس ڪري ٿي ۽ مرد جسم سان سوچي ٿو، ان ڪري هو وڌيڪ سجاڳ، هوشيار ۽ خواهش پرستي جو شڪار ٿئي ٿو. عورت ڏکن جي ورثي جي اڪيلي وارث آهي. ڏک، سمجهه، پروڙ ۽ ادراڪ عطا ڪن ٿا. مرد جي مٿاڇري ڏک محسوس ڪرڻ ۽ عورت جو درد جي گهرائيءَ ۾ ٻڏي وڃڻ ۾ واضح فرق آهي. عورت جو ڏک برسات جيان آهي، زمين کي زرخيزي عطا ڪرڻ جو هنر آهي. عورت جو ڏک تعميري آهي، مرد جو ڏک تتر کرڙي جي ڪڪر جيان بنان وسڻ جي گذري وڃڻ واري ڪيفيت جو آهي، اهو ئي سبب آهي ته شاهه سائين اظهار لاءِ عورتاڻي احساس جي نزاڪت جو سهارو ورتو آهي.
سر جي تان سور، ساماڻي تان سک ويا
اهي پيئي پور، نماڻيءَ نصيب ٿيا
شاهه سائين جي عورت، محبت ۾ جان ڊن جي ڪمزور عورت کان گهڻي مٿاهين آهي. هوءَ محبت ۾ جسماني تقاضائن کان وڌيڪ ذهن ۽ روح جي سونهن کي ترجيح ڏئي ٿي. جسم، محبت جو مستقل ذريعو ناهي. عورت، محبت جي خوبصورتيءَ کان وڌيڪ، ان جي احساس جي سچائي، فطرت جي خالص پڻي ۽ مڪمل تحفظ فراهم ڪرڻ واري انداز کي وڌيڪ ترجيح ڏئي ٿي. هوءَ احساس جي سونهن هٿان گهائل ٿئي ٿي، جڏهن ته مرد جو جسم خالي ٿي ٻيهر ڀرجڻ لاءِ آتو نظر اچي ٿو. عورت جو روح ڪڏهن خالي نٿو ٿي سگهي. هوءَ پنهنجي محرومين، ڏکن ۽ اڪيلاين ۾ به سيراب آهي. محبت هن لاءِ فقط جسماني تقاضائن جي پوري ٿيڻ جو نالو نه آهي. محبت هن لاءِ زندگي جي سونهن ۽ جيءَ جو جياپو آهي.
شاهه سائين کي مفڪرن پنهنجي انداز ۾ سمجهيو آهي، پر جان ڊن وانگر شاهه سائين وٽ به extra marital relationship شاديءَ کانپوءِ تعلق وارو تصور پڻ موجود آهي، اهو تصور جيتوڻيڪ مشرقي صوفين وٽ موجود ناهي، پر پوءِ به سهڻي ميهار جو قصو هنن جي شاعريءَ جو مرڪز ضرور بڻيو آهي، شايد ان ڪري ته جسم هڪ پڃرو آهي، پر احساس آزاد پکي وانگر آهي. جسم فاني آهي، پر احساس کي بقا به حاصل آهي، جسم فنا ٿي وڃي ٿو، پر محبت لافاني آهي. خراب ۽ سٺي جو تصور اسان جي ذهن جي خانن ۾ موجود آهي. مغرب ۽ مشرق جي وچ ۾ اخلاقي قدرن جو هڪ واضح فرق موجود آهي. جان ڊن جي مابعد الطبعياتي فلسفي جي باوجود شاهه سائين جي روحانيت جو فلسفو مختلف حوالن سان وڌيڪ بامعنيٰ، جامع ۽ مٿانهون آهي.
شاهه لطيف جي محبت سيده بيگم سان ٿي. محبت جي اها ڪيفيت سندس ڪلام ۾ ملي ٿي. سعيده بيگم سان شادي پڻ ڪيائين. شاديءَ کان اڳ رڪاوٽن جو ذڪر سندس شاعري ۾ سڪ ۽ فراق وارين ڪيفيتن ۾ ملي ٿو. جيستائين شاعر جي ذاتي زندگي محبت جهڙي خوبصورت جذبي سان سيراب نه ٿي ٿئي، ان وقت تائين سندس تخليق ۾ گهرائي نه ٿي ملي. شاهه صاحب جي جذبي جي اڻ تڻ ۽ محبت جي لوچ ذاتي تجربي جي حوالي سان هڪ گهرو اثر ڇڏي ٿي.
کامان پچان، پڄران، پڇان ۽ لوچان
تن ۾ توئنس پرين جي، پيان نه ڍاپان
جي سمنڊ منهن ڪريان، ته سرڪائي نه ٿئي
ساڳي طرح جان ڊن جي نظمن ۾ پيار جو تذڪرو سندس ذاتي تجربي جي حوالي سان ملي ٿو. هن اڪثر نظم پنهنجي زال اين مور کي مخاطب ڪري لکيا آهن، جن مان اڪثر هن شاديءَ کانپوءِ لکيا آهن. شادي شده زندگي ۾ حاصل ٿيل پيار کي زندگي جو حاصل سمجهي ٿو. وقت گذرڻ سان جنهن ۾ اضافو ٿيندو رهي ٿو.

If as in water stirred more circled be
Produced by one, love such addition take
(پاڻيءَ جي تحرڪ سان هڪ دائري مان ڪيترائي دائرا ٺهندا وڃن ٿا، پيار ۾ به ائين اضافو ٿيندو رهي ٿو.)
پيار هڪ اتساهه آهي، اتساهه ڪڏهن به ختم نه ٿو ٿئي. شاهه سائين لاءِ مجازي پيار پهريون ڏاڪو آهي، جيڪو حقيقي پيار ڏانهن مائل ڪري ٿو. پيار جي تڙپ، انسان کي هڪ ڏينهن پنهنجي ذات کان غافل ڪري ڇڏي ٿي. مجازي پيار لهرن جو پهريون ارتعاش آهي، اهو محرڪ جنهن مان عشق الاهيءَ جا نه ختم ٿيندڙ دائرا ٺهندا رهن ٿا، ان احساس جي ڪا به پڄاڻي نه آهي. ٻنهي شاعرن جي خيال ۾ هڪجهڙائي ڏسو.
لهرن لک لباس، پاڻيءَ وهڻ هڪڙو
ڪوڙين ڪايائون تنهنجون، لکن لک هزار
جيءُ پنهنجي جيءَ سين، درسن ڌارو ڌار
پريم! تنهنجا پيار، ڪهڙا چئي ڪهڙا چوان
جان ڊن ادبي ڪيئر ٽو جي ٻئي دور ۾ روحانيت ڏانهن مائل ٿئي ٿو. مجاز کان عشق حقيقي تائين سفر طئي ڪري ٿو. مجازي محبت انسان کي پنهنجي وجود کي دريافت ڪرڻ جو ڏانءُ عطا ڪري ٿي. اها خود شناسي کيس خدا شناسي جي منزلن ڏانهن وٺي وڃي ٿي. جان ڊن چواڻي:
Where no one but thee, the eternal root
Of true love I may know.

(جتي ٻيو ڪوئي نه پر فقط هو آهي، محبت جي دائمي جڙ جنهن کي مان سڃاڻان ٿو.)
هڪ ڏينهن طبعي محبت جي سچائي، روحاني محبت جي سچائي ۾ بدلجي وڃي ٿي. جيئن صبح جو هئڻ هڪ دائمي حقيقت آهي، پر ان جا ڪرڻا ان دائمي روشنيءَ جو تسلسل آهن، مرڪز هڪ ئي آهي، پر ان جا رابطا بي شمار آهن. ”جز“ کان ”ڪل“ تائين جي سفر ۾ انسان روحانيت جون منزلون طئي ڪندو، هڪ دائمي سچ تائين پهچڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ٿو.
تصور جون ست منزلون هڪ ڊگهو سفر طئي ڪن ٿيون. (1) طلب (2) عشق (3) معرفت (4) استفنا (5) توحيد (6) حيرت (7) فنا. آخري فنا جي منزل وجود وڃائي دائمي سچ کي پائڻ جو رستو ٻڌائي ٿي. جان ڊن جي محبت جي سفر ۾ مجاز کان حقيقي ڏانهن جو سفر ضرور آهي، پر ان محبت جي منزل محدود آهي، اها محبت زندگي انسان ۽ ڪائنات جي وچ ۾ ربط باهمي کي ان انداز ۾ نه ٿي پيش ڪري، جيئن شاهه عبداللطيف ڀٽائي بيان ڪري ٿو. شاهه سائين جي محبت جو ڪينواس وسيع آهي. اهو فقط ڪنهن هڪ ذات جي چوڌاري نه ٿو ڦري، اهو پوري انسانيت سان جڙيل آهي. سماجي جاڳرتا جي روشني پکيڙڻ ۾ شاهه لطيف جو اهم ڪردار رهيو آهي. اها محبت انسانيت جي ڀلائيءَ واري جذبي سان سرشار آهي. اها هارين، پورهيتن، هنرمندن، مزدورن ۽ عام ماڻهن جي درد جي اظهار جي شاعري آهي. انفراديت کان وڌيڪ اجتماعيت ڏانهن اشارو آهي.
جان ڊن جون تشبيهون ۽ استعارا منفرد پر حقيقت جي ايتري ويجهو نه آهن، جيترا شاهه سائين جي ڪلام ۾ ڀرپور انداز ۾ ملن ٿا. جيئن ڊن محبوب جي ڳوڙهن کي قيمتي سڪي سان تشبيهه ڏئي ٿو، جنهن تي محبت جي مهر آهي، يا سندس ڳوڙهن کي چنڊ سان ڀيٽي ٿو. جيڪو سمنڊ (طالب) کي پاڻ ڏانهن ڇڪي ٿو. هڪ هنڌ محبوب کي مخاطب ٿي چوي ٿو ته، ”منهنجي قبر تي ايندينءَ ته منهنجا هڏا گلن سان ڀريل ٻوٽي جيان ڦٽي پوندا.“ هڪ ٻي تشبيهه مطابق ”منهنجي اکين ڇنڀڻ سان سج جا ڪرڻا اجهامي سج گرهڻ ۾ ويڙهجي وڃن ٿا، پر مان محبوب جي چهري کي بنا اک ڇنڀڻ جي تڪڻ چاهيان ٿو.“ جان ڊن محبت کي دوا سان تشبيهه ڏئي ٿو، جيئن دوا ڪيميائي مرڪب جو مجموعو آهي، ائين محبت فقط لفاظي يا دعويٰ نه آهي، اها سهپ، قرباني، سچائي جي مرڪبن سان جڙيل آهي، ته پوءِ دوا جهڙو اثر رکي ٿي، جڏهن ته شاهه صاحب جي شاعريءَ ۾ تشبيهون ۽ استعارا فطرت جي سونهن ۽ لوڪ ڏاهپ جي نشاندهي ڪن ٿا. جيئن ”ڪنول پاڙون پاتال ۾ ڀونر ڀري آڪاس“ يا وريڪپر ٿو ڪن ڪري جيئن ماٽيءَ منجهه مهي.“ يا ”لهرون لک لباس، پاڻي وهڻ هيڪڙو“ جيئن هي شعر ”صوفي صاف ڪيو، ڌوئي ورق وجود جو“ ورق وجود جو دل کي ڇهندڙ تشبيهه آهي.
شاهه لطيف دنيا جو عظيم شاعر ۽ مفڪر آهي. مختلف ويب سائيٽس تي دنيا جي مختلف صوفي مشرقي/مغربي شاعرن جا نالا ته نظر اچن ٿا، پر ڪٿي به شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو نالو نظر نه ٿو اچي. هو بلاشبه مشرقي و مغربي صوفي شاعرن کان منفرد آهي، جن کي پڙهڻ کانپوءِ احساس ٿيو ته هو ڍنڍون آهن، ته شاهه سائين هڪ وسيع دريا آهي. شاهه لطيف ٻولي جي نج پڻي ۾ يڪتا آهي. دنيا جي ڪنهن ٻئي شاعر ٻولي جو اهڙو استعمال نه ڪيو آهي. تشبيهن ۽ استعارن جي انفراديت، محبت جي ميٺاج، ڪردار نگاري، لفظن جي مصوري، منظر نگاري، داستان گوئي، شعر جي موسيقيت، مرثيه نويسي ۽ الله تعاليٰ جي ثنا جي اظهار ۾ منفرد هجڻ شاهه سائين کي دنيا جي شاعرن کان مٿانهون درجو عطا ڪري ٿو. سندس ڪلام کي پروگرامن ۽ ڪانفرنسن تائين محدود ڪرڻ بدران نئين نسل تائين پهچائڻ جي ضرورت وڌيڪ محسوس ٿئي ٿي، جنهن شاهه سائين جو ڪلام نه پڙهيو، اهو ”سنڌ“ لفظ جي ترجماني ڪيئن ڪري سگهندو!!

1 comment: