شاهه جو رسالو

Saturday 30 April 2016

لطيف لڄپال ۽ اسان جون لاپرواهيون ــــ فقير نظير لغاري (Faqeer Nazeer Laghari)



فقير نظير لغاري


لطيف لڄپال ۽ اسان جون لاپرواهيون


سُونهاري سنڌ جي سُورهيه سپوت ۽ ”لدني علمجي روشن مُناري صوفي اولياءالله ۽ آفاقي شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ کي فقيري رندي رمز سندس وڏڙن کان مليل هُئي. وقت جا وڏا وڏا مذهبي اسڪالر ۽ شريعت جا صاحب پڻ ڀٽائي سائينءَ کي جتي انساني اصلاح ۽ فلاح لاءِ آخري آسماني ڪتاب قرآن مجيد جو عرق نوش ڪيل هو، اُتي شاهه عبدالڪريم بُلڙيءَ واري جو فڪر، پيغام ۽ ڪلام ورثي ۾ مليل هو، جڏهن ته لطيف گهوٽ وٽ مولانا روميءَ جي مثنوي به مطالعاتي خيال سان گڏ هُئي. ڀٽائي سائين هڪ اعليٰ معيار جي منظوم مصور هُئڻ سان گڏ انساني حقن، آزادين ۽ احترام جي پڻ کُليل ڳالهه ڪئي آهي. فرقيپرست مذهبي تنگ نظري، ”مان“ ۽ ”آڪڙ“ کي رد ڪيو اٿس. روزي ۽ نماز کي چڱو عمل قرار ڏيندي اهو ڪو ٻيو ”فهم“ ڏَسيو اٿس جيڪو پرينءَ کي پسائي. ان اعليٰ فهمي ادراڪ جي منزل ۽ مرتبت ڪهڙي ٿي سگهي ٿي؟ غالبن ٽن صدين کان عالم، فاضل، علمي اڪابر پنهنجي پنهنجي علمي گنجائش ۽ ماپي آهر پنهنجي اهليت جو مظاهرو ۽ تشريح ڪندا آيا آهن. تاريخي حوالا ۽ سينه بَسينه عِلمي تسلسل مان به چڱيءَ طرح پروُڙ پوي ٿي ته شاهه لطيف دين اسلامَ ۾ انسان کي ڏنل آزادين جو کليل ۽ بي ڊپي انداز ۾ اظهار ڪيو آهي، پر ”ڪُجههمذهبي اڪابرن ۽ اسڪالرن (تڏهوڪن توڙي اڄوڪن) آفاقي صُوفي درويش ڀٽائيءَ جي ڪلام کي سمجهڻ، روح جي نظر سان ڏسڻ بدران شاعريءَ جي ڪن حصن کي ڪُفر جي دائري ۾ هجڻ جي ڳالهه ڪئي آهي، جيڪا حقيقت بدران چِٽي تنگ نظري ۽ هڪ آفاقي صُوفيءَ جي ڪلام ۽ سندس ”لدني علم“ کي نه سمجهڻ جي شاهدي آهي. جيڪو عالم فاضل شاهه لطيف کي ڪُفر جي دائري ۾ بيهاري اهو پاڻ ڇا هوندو؟ دين ۾ جيڪي قاعدا ۽ ضابطا طئه ڪيل آهن، انهن موجب رهڻي ڪهڻي ئي اصل صراط مستقيم يا سڌي راهه آهي، جنهن سان پرينءَ کي پسي سگهجي ٿو. شاهه لطيف کي هڪ صُوفي خيال سمجهي سگهي ٿو ٻيو ساڻس سچو عشق ڪرڻ وارو، باقي اکرن جي آڙ وٺندڙ ۽ هڪ دم ۾ شاهه جا پنج ڏهه بيت پڙهڻ وارو تڪڙ ۾ لطيف سائينءَ جي فڪر کي پروڙي نه سگهندو. پاڻ فرمائي ٿو ته:

اکر پڙهه الف جو، ورق سڀ وسار،
اندر تون اُجار، پنا پڙهندين ڪيترا

شاهه لطيف جي شاعريءَ جا محرڪات ۽ ڄيٺمل پرسرام جو مطالعو ـــــ ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي (Dr. Shams ul Deen Ursani)



ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي

 شاهه لطيف جي شاعريءَ جا محرڪات
۽ ڄيٺمل پرسرام جو مطالعو


1947ع ۾ اعلانيل ننڍي کنڊ جو ورهاڱو سنڌ جي قومي وجود لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿيو، جنهن ڪري آزاديءَ جي فضا ۾ ساهه کڻندڙ ثقافت پابند سلاسل بنجي ويئي. خود اختياريءَ جي راهه ڏانهن ويندڙ رياست يڪايڪ والاريل سنڌ ۾ تبديل ٿي ويئي ۽ اسان جي البيلي ٻولي جيڪا وطن جي تخت تي براجمان هئي، تنهن کان وارثيءَ جو حق کسيو ويو. اوچتي ۽ غير متوقع تبديليءَ سنڌي علم و ادب کي ته ڪاپاري ڌڪ رسايو ، ويتر سنڌي هندن جي لڏپلاڻ ڪري اسين لطيفي ڪلام جا به نُڪته دان ۽ پارکو وڃائي ويٺاسون، جن مان هڪڙي نمايان شخصيت ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻيءَ جي به هئي. ان زماني ۾ سنڌ جي علمي ايوانن ۽ سماج جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ سندس تحريرن ۽ تقريرن جو چرچو عام هوندو هو. هو هڪ اعليٰ ظرف انسان ۽ تهذيبي ۽ انساني قدرن جو  ڄاڻو عالم هو، جنهن شاهه لطيف جي جدت طرازي ۽ انسانيت نوازيءَ کي صحيح طور پرکيو ۽ سندس شاعرانه رنگ ۾ ڍڪيل فن کي آشڪار ڪيو. ڄيٺمل پنهنجي تنقيدي مطالعي ۾ لطيف جي واٽ جا اهڙا نوان دڳ ڏيکاريا، جنهن کان اڪثر ٻيا نقاد اڻ سونهان هئا، جنهن ڪري مون کيس “تجديد پسند نقاد” جي خاصيت سان موسوم ڪيو آهي. لطيفي ڪلام ۾ ڊرامائي عنصر ۽ گهري شعور جي ڳولا سندس زندگيءَ جو دلپسند موضوع بڻيل رهيو. هن جي جائزي مطابق شاهه لطيف هڪ اهڙو جينيس تخليقڪار آهي، جنهن جي ڪلام جي روح ۽ ماهيت کي سمجهڻ لاءِ فن جي فطرت شناسيءَ مان بهره مند هجڻ بنيادي شرط آهي. شاهه جو ڪلام عالمگير سوچ مان جنم وٺي ٿو، جيڪو  ايترو ئي تحيرانگيز آهي، جيترو شاهه جي شخصيت جهان ديد ۽ فن رسا لڳي ٿي.

شاھ جي رسالي ۾ تحريفون ـ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو (Dr. Umar Bin Muhammad Daodpoto)



ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو

      شاھ جي رسالي ۾ تحريفون


شاهه جي رسالي جي گڏ ڪندڙن، شاهه جي ڪلام سان جنسي ڪِيسُ ڪيو آهي ۽ ان ۾ ديده دانستہ پنهنجا پراوا بيت ملائي ڇڏيا آهن. مثلاً، شاه ڪريم جا بيت جي گنج ۽ مير عبدالحسين واري نسخي ۾ ضميمہ طور ڏنل آهن، تن کي ڄاڻي واڻي مناسب يا غير مناسب جاين تي رسالي جي وچ ۾ ٽنبي ڇڏيو اٿن. پوءِ وري ڪي مت جا موڙهل چون ته انهن کي تضمين طور ڪم آندو ويو آهي، اگرچه حقيقت ان جي بالڪل ابتڙ آهي، ۽ شاه صاحب مورڳو انهن جو تتبع ڪيو آهي.
شاه ڪريم جا بيت ۽ انهن سان گڏ قاضي قاضن جا بيت گهڻو وقت اڳي مرحوم شمس العلماء ميرزا قليچ بيگ صاحب غلط نموني ۾ ڇپائي پڌرا ڪيا هئا،۽ 1927ع ۾ مون انهن کي درست ڪري، شاه ڪريم جي روحاني گفتن سان گڏ هڪ زياده مفصل ڪتاب جي صورت ۾ ڇپايو هو. تنهن هوندي به اوائلي غلطيون اديبن جي اندر ۾ ايتري قدر گهر ڪري ويون آهن، جو جو انهن مان ڪيترا ڏسڻا وائسڻا راهه گذارو شاهه ڪريم جا ڪيترائي مشهور بيت، شاه لطيف ڏانهن منسوب ڪندا آهن. مثلاً:
تون چئو الله هيڪڙو، وائي ٻي مَ سک
سچو اکر من ۾، سو ئي لکيو لک.
_______
مروئان موران پکڻان، وائي ٻي مَ ڀُل
هو هلاچو هُل، بالله سندو سڄڻين.
_______
تو کي توڙائون ”لا“ سين لاٿائون
اڃا پڻ ”آئون“، واريو وجهين وچ ۾.