شاهه جو رسالو

Tuesday 23 October 2018

ڪوڙين ڪايائون ـــ ارشاد ڪاغذي (Irshad Kaghzi)

ارشاد ڪاغذي
 ڪوڙين ڪايائون


ڪوڙين ڪايائُون تنهنجون، لِکَن لَکَ هَزار... ( شاه لطيف)
شاهه لطيف (جنم: 1102 هجري بمطابق1689ع ــ وفات: 14 صفر 1165 هجري بمطابق 1752ع) سنڌ جو سدا حيات شاعر سنڌ ۽ سنڌي قوم جو ترجمان ۽ ڪامل رهبر آهي. شاه لطيف پنهنجي شاعري ۾ ڏاهپ جا ڏس ۽ پيار جو پيغام ڏيئي سنڌين کي اڳواٽ ئي تيار ڪيو هو ۽ سوين سال گذرڻ بعد بـ شاه جو سنيهو سچائي، سونهـ جو ساکي ۽ امين آهي. شاه لطيف پنهنجي دور ۽ سنڌي سماج کان بغاوت ڪئي، ان جو مطلب هي آهي تـ ڏاها ۽ انقلابي  پنهنجي سماج سان بغاوت ڪندا آهن ۽ مروج چالو ريتن رسمن جي خلاف باغي بنجي لوڪ کان الڳ پنهنجي واٽ اختيار ڪري سماج ۽ عوام  جي ذهن  ۾ نئون روح ۽ ساه ڦوڪي مئل، مرڻينگ ۽ ويساه وسوڙيل دل، ذهن، ضمير ۾ نئين توانائي، جوش ۽ جذبو پيدا ڪندا رهندا آهن.
اکِ اُلٽِي ڌارِ، وَنءُ اُلٽو عام سين؛
جي لَهِوارو لوڪُ وَهي، تون اُوچو وهُ اوڀارِ؛
منجهان نُوچَ نِهارِ، پُرُ پُٺيرو پرينءَ ڏي.
لطيف سائين بـ اهڙو ڪم ۽ ڪرت ڪيو ۽ اک الٽي ڌاري سموري سنڌي سماج کي بدلائڻ لاءِ پنهنجي پوري حياتي ارپي ڇڏي، ۽ سماج جي غلط ريتن رسمن ۽ رواجن جي خلاف بغاوت جو جهنڊو بلند ڪيو ۽ قوم جي تقدير بدلائڻ لاءِ ڪمر ڪشي هڪ اهڙي واٽ ورتي جيڪا اڳ مروج ڪانـ هئي. مسڪين، پورهيت پنهوارن، ماروئڙن، جانگيئڙن ۽ سانگيڙن جو ڀرجهلو ٿي بيٺو ۽ عوام دوست جي روپ ۾ ظاهر ۽ نروار ٿيو، نـ فقط سماج کي بدلائڻ جو گس ڏنو پر ان جي خلاف جدوجهد ۽ جاکوڙ ڪرڻ، ڄمي مقابلو ڪرڻ ۽ توڙ تائين ويڙه ڪرڻ جو پيغام پڻ ڏنو. اهڙيءَ ريت شاه لطيف سنڌي سماج ۾ نئون ساه وڌو. شاه لطيف املهـ ۽ بي بدل شخصيت ۽ تاريخ جو ست ۽ عرق ۽ نچوڙ آهي. اهڙن مهان ماڻهن جي ساٿ، سنگت، صحبت ۽ اڳواڻي جي ڪري انقلاب جا رستا ۽ راهون روشن ٿيو وڃن.

سُرمون سُرخيءَ جو، جڏهن پاتو جن؛
تڏهن ڏٺي تن، رونق ريٽي جهڙي.
ڪنهن ملڪ، قوم يا سماج ۾ ڪي اهڙا شاه لطيف جهڙا اڻ موٽ ۽ اڻ لڀ انسان پيدا ٿين ٿا جيڪي پنهنجي قوم ۽ سماج کي نئون فڪر ۽ فلسفو ڏين ٿا ۽  آزادي جي مشعل ٻاري جڳ ۾ سوجهرو ۽ ڪاري ٻاٽ ۾ لاٽ جا ڏيئا ٻاري سُهائي ڦهلائين ٿا. شاه لطيف جي شاعري، فن، فڪر ۽ فلسفو آزادي، انقلاب ۽ خوشحالي جو سبق سيکاري ٿو. شاه لطيف پنهنجي عمر ۾ سنڌ ۽ سنڌين کي غلامي واري زندگي گھاريندي ڏٺو ۽ ان سان گڏوگڏ آزادي لاءِ جنگيون ڪندي ۽ ڪسندي  پڻ ڏٺو ۽ ان سموري داستان کي پنهنجي شاعري ۾ قلمبند ڪيو آهي. ان  جدوجهد ۾ سنڌ جا بهادر سرواڻ ۽ عام ماڻهو سر جو سانگو لاهي پرمارن سان ويڙه ڪئي هئي، ۽ شهادت ماڻي سنڌ تان گھورجي ويا. لطيف سائين ان سموري وارتا کي پنهنجي تخيل ۽ تخليق ڪيل ڪردارن واتان علامتي ۽ تمثيلي نموني پنهنجي شاعري ۾  پيش ڪيو آهي، شاه سائين مجازي ۽ حقيقي عشق جي پنڌ ۽ واٽ ۾ ڪٺن ڪشالن کي  پار پوڻ جي همت ۽ حوصلو بخشي ٿو.
”رسالي ۾ جيڪا عام تمثيل آهي، سا پرين جي پار ڏي ويندڙ ”پنڌ“ يا ”واٽ“ سان جدوجهد ڪرڻ آهي، جنهن ۾ مسافريءَ جا خوف ۽ خطرا آهن ۽ پنهنجي مقصد سان چهٽيو رهڻ بـ آهي. اهو عڪس وري وري ڪيترين شڪلين ۾ آڏو اچي ٿو ۽ اها سڀني وڇڙيل محبوبن جي عشقيـ داستانن جي مکيـ علامت نگاري آهي. انهن مان ڪي علامتون، بي ساختگي ۽ سادگيءَ جي ڪري بي انتها خوبصورت آهن. انهيءَ خيال جي اظهار لاءِ رستي تي واريءَ، ۽ پيچرن تان ڌوڙ جو اڏامڻ، لڪن تان گذرڻ جا خطرا، جبلن جا آڏا ترڇا پٿر پار ڪري پوءِ پرينءَ سان ملڻ ۽ پنڌ پوري ٿيڻ جو تصور آهي“. (ڀٽ جو شاه: سورلي. سنڌيڪار: عطا محمد ڀنڀرو)
کامان پچان پڄران لڇان ۽ لوچان،
تن ۾ تئونس پرينءَ جي پيان نـ ڍاپان،
جي سمنڊ منهن ڪريان، توءِ سُرڪيائي نـ ٿئي.
شاه لطيف سنڌين کي آزادي جي امنگ ۽ اُتساه جي جذبي سان جوش ۾ آندو، ۽ کين نئون انسان بنائڻ جي ڪوشش ڪئي. لطيف جهڙو مرد مجاهد پنهنجي پورهئي ۽ ڪم کي سڦل ڪرڻ لاءِ وچ ميدان ۾ ڪڏي ڪاهي پيو ۽ ڌارين سان گڏ پنهنجي ديس ڀائين جي ڪلور ۽ ڪٺورتا تي زبردست حملا ۽ وار ڪيا ۽ آجپي ۽ خوشحال سماج لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهيو. شاه لطيف وطن دوست، عوام دوست ۽ غريب پرور هو. حب الوطني جي اعليٰ ظرف، ضمير ۽ ذهن جو مالڪ هو. هميشهـ سنڌ ۽ سنڌين جي دک درد ۾ تڙپي ۽ ڦٿڪي پوندو هو ۽ سور جي سٽ سان جيڪي سِٽون سِرجي ويو سي شاهڪار بنجي رسالي جي روپ ۾ پڌريون ٿيون. شاه لطيف ڏکن ۽ سورن کي مردانگي سان سهڻ  جو سبق ڏئي ٿو.
ويهـُ مَ وِساري، پڇا ڪر مَ پنڌَ جي؛
نِرملُ نِهاري، هلندن تان هٿ ڪيو.
ــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــ
کُهِي جا کنيائين، وکَ تنهين ويجهي ڪئي؛
ڇڪيءَ ڇنائين، پنڌُ مڙوئي پَٻَ جو.
شاه لطيف پنهنجي شاعري ۾ لفظن جي سٽاءُ ۾ معنيٰ، مقصد ۽ مطلب جو خزانو آڇيو آهي. سندس اثرائتي لفظن جي طاقت ۽ اظهار، معنيٰ ۽ مفهوم مان لڳائي سگھجي ٿو. لطيف سائين جو رسالو پرمعنيٰ ۽ مقصد سان ڀريو پيو آهي. لطيف جي شاعري ۾ سادگي، حسناڪي ڀرپور ملي ٿي. سموري رسالي ۾ جدوجهد، پيرن پنڌ هلڻ ۽ هلندو رهڻ... ورچي نـ ويهڻ... منزل جي حصول تائين... وچ ۾ ڪٿي بيهي ڊاٻو نـ ڪرڻ ۽ توڙ تائين نباهڻ. ان خوبين جي ڪري آزادي ۽ انقلاب آڻي سگھجو ٿو. پرين ڏانهن/ منزل جي طرف پنڌ ڪندي ٿڪجي بيهي نـ رهجي جيڪو ٿڪجي ٿو، بيزار ۽ ڪڪ ٿئي ٿو اهو پنهنجي مقصد سان سچو ناهي اهو ڪوڙو آهي،  جي محبوب ۽ مقصد لاءِ رُلن ٿا سي آساني سان جبل جهاڳي منزل ماڻين ٿا،  توڻي جو رستي ۾ درندن جو بک بنجي وڃن، ڳڀا ڳڀا۽ ٻوٽيون ٻوٽيون ٿي وڃن پر پوئتي هٽڻو ناهي!
هَلندي هوت پنهون ڏي، کُهجَنِ ڪي کوٽِيُون؛
سڀُ سهيليون سِڪَ کي، چُنجُهون ۽ چُوٺِيُون؛
ٻانڀَڻِ! ٿِيُ ٻُوٽيُون، تـ ڪتا کِيَنِئِي ڪيچَ جا.
شاه لطيف چئي ٿو تـ اعليٰ مقصد جي خاطر جرئت سان ميدان ۾ ڪڏي ڪاهي پئو تـ جيئن منزل مقصود آساني سان ماڻي سگھو. اهو آهي جدوجهد جو سڏ، جيڪو لطيف جي پيغام ۽ رسالي ۾ هرهنڌ موجود آهي.
سَڀ ننگيون ٿي نڪريو، لالچ ڇڏي لوڀ؛
سُپيريان سين سوڀ، ننڊون ڪندي نـ ٿئي.
شاه عبد اللطيف ڀٽائي پنهنجي ڪلام ۾ سنڌ جي هيٺئين طبقي کي گھڻي اهميت ۽ اوليت ڏني آهي، هن جي شاعري جو خاص پهلو هي آهي تـ هو ڌڪاريل، بي پهچ، مسڪين ۽ دلتن کي ڳائي وڄائي عزت، احترام ۽ محبت ڏني آهي ۽ سنڌي زبان، ثقافت، ۽ روزمره جي زندگي کي اجاگرڪيو آهي. هن پورهيت پنهوارن جي باري ۾ سريلي انداز سان سر پيش ڪيا آهن. شاه سائين پکي پرندن جي ڳالهـ بـ ڪري ٿو، هڪ بيت ۾ پکين جي گڏجي اڏامڻ ۽ انسانن کان وڌيڪ محبت ۽ ٻڌيءَ سان گڏجي رهڻ جو ذڪر ڪن ٿا:
وَڳر ڪيو وَتن، پِرِتِ نـ ڇِنن پاڻ ۾،
پسو پَکيئڙن، ماڻهنئان ميٺ گھڻو
پکين جو پاڻ ۾ پريم ۽ مٺ محبت جي اظهار بابت شاه لطيف هڪ انوکو مثال ۽ پيغام ڏيئي انسان کي سمجهاڻي ڏئي ٿو.  ان کان علاوه  عام ماڻهن ملاحن، ٻيڙاتن، مهاڻن جي عظمت جا ڳُڻ ڳايا آهن:
سِڙهَ سَنوان، لاڄُون نوان، مُهاڻا سندن مِيرَ؛
ساٿِي سفر هَليا، ٿِيا سَڻاوا سِيرَ؛
جي اچن ساڻُ اُڪير، سي ٻيڙا رکن ٻاجَهـ سين.
ـــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــ
بندر جان ڀَئِي تـ سُکاڻِيا مَ سمهو؛
ڪَپَرُ ٿو ٿو ڪُنَ ڪري، جِئن ماٽي منجهـ مَهِي؛
ايڏو سُورُ سَهِي، ننڊ نـ ڪجي ناکئا!
شاه لطيف اعليٰ نموني سان پنهنجي آفاقي پيغام جي معرفت سنڌ جي ثقافتي رنگ، ڍنگ ۽ زندگي کي علامتي انداز سان اظهاريو آهي، اهو سنيهو سندس فلسفي جي اخلاقي ۽ پاڻ ارپڻ واري پهلو کي نروار ڪري ٿو. هو پنهنجي وطن، وطن واسين، پوري جهان ۽ سموري انسانيت سان محبت ڪري ٿو، هوجيڪو سرحدي حدن ۾ محدود ناهي پر سرحد کان بـ ٻاهر پوري ڪائنات تائين وڃي دنگ ڪري ٿو. ان ڪارڻ شاه عبد الطيف سموري سنسار جو ڪوي آهي.
سائينم! سدائين ڪري سنڌ مٿي سڪار؛
دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين.
شاه لطيف ملڪي جاگرافيائي حدن کان مٿانهون هو ۽ هن جي سوچ ۽ فڪر عالم انسانيت سان سلهاڙيل آهي. جڏهن اسان شاه سائين جو ڳوڙهو اڀياس ڪريون ٿا تـ پروڙ پئي ٿي تـ هن علمي، ادبي، سياسي، سماجي ماحول جو گھرو مطالعو ۽ مشاهدو ڪيو ، تنهن ڪري شاه جي فڪر ۾ ايتري پختگي آهي. هن پنهنجي دور ۽ ان کان اول واري عرصي جي   فارسي، سنڌي، هندي شاعري کان علاوه مذهب، تصوف، وحدانيت، ويدانيت، سياسي اٿل پٿل تي نظر رکي،  ان کان متاثر ٿيو ۽ ردعمل ۾ ان کي بيان ڪيو. شاه سائين هڪ الڳ رستو اختيار ڪيو، اهو هي تـ هتي سنڌ ۾ فارسي ۾ شاعري ڪئي ويندي هئي يا فارسي زبان جا شاعر سنڌ ۾ موجود هئا. پر هن ايئن نـ ڪيو پر ڪٿي ڪٿي شاعريءَ جي هڪ صنعت تضمين، ٻئي جو شعر يا مصرع پنهنجي شعر ۾ حوالي طور آڻڻ جو استعمال ڪيو آهي. مثال طور:
آگي ڪيا اڳِهين، نسورو ئي نُور؛
لاخُوف عَليهم ولا هم يحزنون، سچن ڪونهي سُور؛
موليٰ ڪيو معمور، انگ ازل ۾ ان جو
ـــــــــــــــــــــــــــــــــــ
سو ئِي راه رد ڪري، سو ئي رهنماءُ؛
وَتُعِزُ من تشآءُ، وتذل من تشآءُ
ــــــــــــــــــــــــــ
گھڙو ڀَڳو تـ گھورِيو، آسرو مَ لاهيج!
لا تقنطو من رحمة الله، تُرهي اِنَ تَريج!
شاه لطيف جن کان متاثر ٿيا تن کي پنهنجي ڪلام ۾ ڳايو. ڪيترا محقق، مورخ ۽ عالم شاه لطيف کي مولانا رومي جي ڌڳ جو پانڌيئڙو سمجهن ٿا ڪيترا تـ کين مولانا رومي کان متاثر ٿي شاعري ۾ داخل ٿيڻ جو انڪشاف بـ ڪن ٿا ۽ ثبوت ۾ ڪيئي بيت برميچڻ جي لاءِ پيش ڪن ٿا. مرزا قليچ بيگ گويا ان قسم جي ڳالهـ ڪئي تـ شاه جي شاعريءَ تي مولانا روميءَ جي شاعريءَ جا پاڇاوان پيل آهن. انهن عالمن سڳورن ڪيئي بيت ثبوت ۾ پيش ڪيا آهن:
بشنو از ني چون حڪايت ميڪند،
از جدائي ها شڪايت ميڪند.
ــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــ
وڍيل ٿي وايون ڪري، ڪٺل ڪوڪاري،
هن پڻ پنهنجا ساريا، هو هنجون هڏهن لاءِ هاري
ــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــ
مثنوي مولوي معنوي،
هست قرآن در زبان پهلوي
ــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــ
جي تو بيت ڀانئيان، سي آيتون آهين،
نيو من لائين، پريان سندي پار ڏي
ان کان علاوه شاه سائين پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪيترن هنڌن تي مولانا رومي جو نالو آندو آهي. شاه سائين سنڌي شاعرن کان پڻ گھڻو متاثر ٿيا هئا. عالمن جي تحقيق مطابق شاه لطيف جي دور ۾ ننڊي کنڊ ، ايران، سنڌ ۽ ٻين هنڌن تي ادب ۽ شاعري عروج تي هئي. ان وقت ۽ ان کان اول عظيم شاعر ٿي گذريا هئا ۽ ادبي تحريڪون بلوغت جي حد کي ڇُهي رهيون هيون.  اهو دور سنڌ جو سنهري دور سڏجي ٿو. سنڌ ۾ اساسي شاعرن جو اثر شاه سائين جي شاعري تي پيو اهو گمان غالب آهي تـ هو انهن شاعرن کان متاثر ٿيو ۽ سندس شاعري ۾ ان قسم جا مثال ملن ٿا. عالمن جي اونهي اڀياس جي نتيجي کي مڃيندي شاه سائين جي عظمت جي خبر پئي ٿي. پر هڪ طرح سان شاه سائين انهن مڙني شاعرن کان مٿانهون ۽ نيارو هو، هن مقامي شاعري، هندي، سرائڪي ۽ فارسي شاعري کي پڙهي، پروڙي ۽ پُرجهي ڌار خاصيت ۽ اسلوب جي ڇاپ سان  سنڌي شاعريءَ کي پنهنجي نانءُ جي مهر هڻي دائميت بخشي آهي.
جهڙا گل گلاب جا، تهڙا مٿن ويس؛
چوٽا تيل چنبيليا، هاها! هو! هميش؛
پسيو سونهن سيد چئي، نينهن اچن نيشَ؛
لالَنَ جي لبيس آتڻ اکر نـ اُڄَهي.
شاه عبد الطيف جي شاعري جي هڪ ٻي نمايان خوبي هيءَ آهي تـ هو ٻين شاعرن وانگر داستان گوئي جي پٽاڙ ڪونـ ٿو ڪري پرهو مختصر نموني سان  شاعري ۾ مصوري جا رنگ ڀري  ۽ منظرنگاري جي جهلڪ پسائي عظمت جي آسمان تي رسيو آهي. مختلف ٻولين جي ٻين گھڻن شاعرن پنهنجي ڪلام ۾ حڪايتن، نصيحتن جوتفصيلي ذڪر ڪيو آهي پر شاه لطيف جي شاعري ۾ علامتي فنڪاري جو تاثر عام جام ملي ٿو، ۽ پنهنجي مطالعي ۽ مشاهدي جي آڌار تي احساسن کي حسين پيرائي ۾ بيان ڪري عام آڏوپيش ڪيو آهي. خوبصورت ۽ دل کي لڀائيندڙ خيالن، لفظن ۽ مفهوم کي چٽو ۽ واضح ڪيو آهي، ڄڻ تـ سمنڊ کي ڪوزي ۾ بند ڪري ڇڏيو آهي:
آئون ڪِ نـ ڄاڻان اِيئن؟ تـ جَرَ گِهڙِي جوکو ٿئي؛
قضا جا ڪريم جي، تنهن کان ڪنڌ ڪڍبو ڪيئن؟
هڪُ لکئي، ٻئي نينهن، آڻي اوليس آب ۾.
ـــــــــــــــــــــــــــــــــــــ
اڄ رسيلا رنگ بادل ڪڍيا برجن سين،
ساز سارنگيون سرندا، وڄائي برجنگ،
صراحيون سارنگ پلٽيون رات پڊام تي.
ــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــ
محبت پائي من ۾ رنڍا روڙيا جن
تن جو صرافن، اڻ توريو اگھائيو.
ـــــــــــــــــــــــــــــــ
پائي ڪان ڪمان ۾ ميان! مار مَ مون
مون ۾ آهين تون، متان تنهنجو ئي توکي لڳي.
ــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــ
دهشت دريا ۾ جت جايون جانارن
نڪو سنڌو سير جو مپ نـ ملاحن
درندا درياءَ ۾ واڪا ڪريو ورن
سڄا ٻيڙا ٻار ۾ هليا هيٺ وڃن
ڪو پرزو پيدا نـ ٿئي تختو منجهان تن
ڪو جو قهر ڪنن ۾ ويا ڪين ورن
اتي اڻ تارن ساهڙ! سير لنگھاءِ تون
شاه سائين جو پيغام آفاقي ۽ لاثاني آهي، شاه لطيف اسان جو اڳواڻ، مرشد ۽ رهبر آهي. شاه اسان کي جيڪا هدايت ۽ پيغام ڏنو آهي اهوئي ڪارائتو آهي جنهن جي ذريعي اسان پاڻ کي ۽ پنهنجي سنڌڙي کي آزاد ۽ خوشحال بنائي سگھون ٿا. پر ان لاءِ جدوجهد، انقلاب ۽ مستقل هلچل ۽ جاکوڙ ڪرڻ لازمي آهي. مرڻ، مارڻ ۽ ايذاءَ ۽ عذاب سهي بـ رڙهندو ۽ وڙهندو رهڻ ضروري آهي تڏهن تـ منزل ۽ سوراج جو سج اڀاري سگھون ٿا! لطيف سائين چئي ٿو تـ اهي خوشنصيب آهن جيڪي منزل ڏانهن وڌندا هلن ٿا ۽ اهي خوش رهن ٿا جن جي ڏيٺ ويٺ تلوار سان آهي، انهن جي تلوار ڪڏهن بـ زنگجي نٿي ڇاڪاڻ تـ هو وڙهندا رهن ٿا ۽ انهن جون ترارون تازيون رهن ٿيون ۽ انهن کي تيز ڪندا رهن ٿا.
اَڄ آڳَڙيا آئيا، سُڌا سِراڻِي؛
پياري پاڻِي، تيغُون ڪندا تکيون.
سَرها ڏٺم سي، جنِ ساڃاءَ سِراڻِ سين؛
تيغَ تِنين جي کي، ڪَٽُ نـ لڳي.
شاه لطيف امن، محبت ۽ پيار جو پيغامبر آهي، سنڌ جي سرزمين درگذري، رواداري ۽ متڀيد کان مٿانهين رهي آهي پر ان کان انڪار نٿو ڪري سگھجي تـ هتي ڪيئي اهڙا امن، سڪون ۽ رواداري جا دشمن بـ موجود رهيا آهن جن هتي ماڻهن کي ويڙهائي نفرت پيدا ڪئي هئي. امن جي ويرين پنهنجي پليت ۽ غليظ حرڪتن سان هن ڌرتي کي تباه ۽ برباد ڪري ڇڏيو آهي. اڄ بـ صوفين جي ڌرتي تي دهشت گردن جا ٽولا دهشتگردي ۽ ماراماري ڪندا انسانيت جا قاتل رت سان ڌرتي کي رڱي ڇڏيو اهي. سنڌ ڌرتي کي امن، محبت ۽ رواداري جي ضرورت آهي انتها پسندي ۽ دهشتگردي جي هتي گنجائش ناهي، لطيف سائين جي پيغام کي عام ڪري صوفين جي ڌرتي کي شدت پسندي جي خطري کان پاڪ ڪري سگھجي ٿو ۽ معاشري ۾ برداشت جو ٻج ڇٽڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. شاه لطيف محبت جا مينهن وسائي امن ۽ آشتي جي آبياري ڪئي. اچو تـ لطيف سائين جي پيغام سان انهن جو مقابلو ڪريون ۽ سنڌ ڌرتي کي امن ۽ شانتي جو  گھوارو بنايون.          
بَرَ وٺا، ٿر وٺا، وَٺو جيسر مير؛
پرِهَ جو پَٽنِ تي، ڪَن ولوڙا وايُون؛
مَکڻَ ڀَريِن هٿڙا، سَنگَھاريُون سايُون؛
ساري ڌُهن سامُهُيون، ٻولايُون، رانيُون؛
ٻانِهيون ۽ ٻايُون، پکي سنهَنِ پانهنجي.
ـــــــــــــــــــــــــــــــــــــ
آگَمَ ڪيو اَچنِ، سَڄڻَ سانوڻَ مِينهَن جئن؛
پاسي تِنِ وسن، جي سَڀُ ڄَماندُر سِڪِيا.
شاه عبد الطيف سنڌ جي عورت جي وفاداري، اطاعت ۽ همت کي ساراهيو آهي، هن جو درس آهي تـ عورت وفا جو پتلو آهي، عورت حياتي کي جنمي ٿي، ان جي عزت ڪريو ڇاڪاڻ تـ اسان جي معاشرو جنهن ۾ مردن جي بالادستي آهي، تنهن سماج ۾ عورت کي حقير سمجهيو وڃي ٿو. تنهن ڪري عورت جي بنيادي حقن کي لطيف جي پيغام ۽ اصول پٽاندڙ لاڳو ڪيون ۽ نسلي اڻ برابري جو انت آڻيون.
تون سمون، آءٌ گندري، مون ۾ عيب اپار،
پَسي لِيءِ لغار، متان ماڱر مٽئين
ــــــــــــــــــــــــــــــــ
وَرَ وَراڪا وچَ ۾، لکين آڏا لَڪَ؛
هو جي آڏا حَقَ، سي ڪندا ڪوهُ ڪَنديُنِ کي؟
شاه عبد الطيف ڀٽائي جو تعلق سيد گھراڻي سان هو ۽ سندس خاندان جا واسطا حاڪمن، امرا شرفا سان هوندا هئا. پر شاه مٿين طبقي سان تعلق رکندي بـ ان طبقي کان بغاوت ڪئي ۽ هيٺئين طبقي جي ڏکن، سورن ۽ ايذائن کي ظاهر ڪيو ۽ ان لاءِ آواز بلند ڪيو. سنڌ جي تاريخ ۾ لطيف جو ڪلام ماريل ۽ پيڙهيل طبقي جي ترجماني ڪري ٿو ۽ لطيف سائين مسڪين پورهيتن جو ساٿي ۽ حامي آهي. مغل ۽ ڪلهوڙا دور ۾ لطيف سائين پنهنجي ڪلام سان ڪمال ڪاريگري کان ڪم وٺندي علامتي انداز سان سنڌ جي ماڻهن کي سجاڳ ڪيو هو. ڪلهوڙن ڪيئي دفعا لطيف سان کونس ڪئي، ڇاڪاڻ تـ هو سمجهن پيا تـ لطيف جي شاعري ۽ پيغام سندن لاءِ موت آهي ۽ لطيف جو مشهور ٿيڻ ۽ اڀري اچڻ سان ڪلهوڙن پنهنجي لاءِ خطرو محسوس ڪيو هو، چون ٿا تـ شاه سائين کي مارڻ جو سَعيو پڻ ڪيو ويو هو.
شاه سائين جي باري ۾ لکيو ويو آهي تـ هو محبت ۾ گرفتار ٿيو هو ۽ هن مرزا مغل بيگ کي نياڻي پرڻائڻ جي وينتي ڪئي هئي پر هن نـ مڃيو ۽ شاه صاحب رڻ جو راهي ٿي جوڳين ۽ سنياسين جهڙي ڪفني پائي رلندو رمندو رهيوساڻن جوڳ ۽ تپسيا ۾ مشغول ۽ مصروف رهيو.
اڄ ملنديس ماءِ، ڌاڄا ڪنديس ڪپڙا؛
جيجان جوڳياڻي ٿيان، مون کي جهل مَ ٻاءِ؛
هوت ٻروچي لاءِ، ڪنين ڪنر پائيان.
ـــــــــــــــــــــــــــــــــــــــ
سدائين سفر ۾، رمن مٿي راه،
پُرِنِ پُورب پنڌ ڏي، منجهـ موالي ماهَ،
جن الک سين آگاهَ، هلو! تڪيا پيون تن جا.
ـــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــ
جي ڀانئين جوڳي ٿيان، تـ سَڱَ سڀيئي ٽوڙِ،
جي ڄاوا نـ ڄاپندا، جِيُّ تِنين سي جوڙِ،
تـ تون پهچين توڙِ، محبت جي ميدان ۾
ـــــــــــــــــــــــــــ    ــــــــــــــ
نِسورو ئي نيهن جو دل ۾ دُودُ دُکاءِ؛
آڻي آڳ عشق جي، ٻاري جان جلاءِ؛
جِندا! ايئن جُڳاءِ، جئن آتشان آبُ ٿئي.
شاه لطيف جو ڪلام  وطن جي حب سان ڀرپور آهي، هو ڏاڍ، ڏمر ۽ ظلم جي خلاف جدوجهد ۽ آزادي جي امنگ جو درس ڏئي ٿو. هن جي شاعري ۾ 18 صدي جي سياسي، سماجي، معاشرتي ۽ معاشي حالتن جي عڪاسي نظر اچي ٿي، ان دور ۾ سنڌي قوم غلامي جي پنجوڙ ۾ ڦاٿل هئي ۽ اندروني انتشار جي ور چڙهيل هئي. ان دور ۾ شاه سائين سنڌ جي پيڙهيل طبقي جي اڳواڻي ڪندي ظلم، زورزبردستي جي خلاف شاعري جي ذريعي جنگ جوٽي، سنڌين کي آزادي ۽ پاڻ تي ڀاڙڻ جي تلقين ڪندي ڪجهـ ڪرڻ ۽ ڪتڻ لاءِ چيو آهي:
سي تون وڃائيا، جي ڪتڻ سندا ڏينهن؛
اَرٽ اوڏي نـ ٿئين، ڀوري! ڀوري سِيئَين؛
ڪنڌُ کڻندينءِ ڪيئن، اڱڻ عجيبن جي؟
ـــــــــــــــــــــــــــــــــــــ
' ڀڳو' آئون نـ چوان؛ ماريو، تـ وسهان؛
ڪانڌ منهن ۾ ڌڪڙا، سيڪيندي سُونهان؛
تـ پڻ لڄ ، مران، جي هُوِنِسِ پُٺِ ۾.
سنڌ جي تاريخ ۾ ڪيترن ئي  تاريخ ساز شخصيتن جنم ورتو ۽ پنهنجي ڪم ۽ عمل سان سنڌ جي سينڌ سنواري ويا آهن. سنڌ جي سرزمين تي شاه عبد الطيف جهڙو مهان شاعر، فيلسوف ۽ اڳواڻ پيدا ٿيو جنهن سنڌ جي سماج کي بدلائڻ جو وچن ڪيو هو. هن هتان جي بدبودار سماج جي ذهني، نظرياتي ۽ روحاني گندگي کي صاف ڪيو ۽ عوام، محروم ۽ پيڙهيل قوم ۽ طبقي کي نئون نياپو، خيال، تصور ۽ نظريو ڏنو. لطيف جو وطن صدين کان جاگيرداري ۽ ڌارين حاڪمن جي تسلط هيٺ رهيو هو. سنڌ جي هن مهان ڪوي، ڏاهي، انقلابي ۽ روحاني اڳواڻ جگيردارن ۽ سامراجي قوتن جي خلاف جهاد ڪيو. هن پرماري نظام،جهالت، بي انصافي، تعصب، زور ۽ زبردستي سان مهاڏو اٽڪايو. وطن دوستي ۽ انسان دوستي جي نظرئي سان سنڌين کي سجاڳ ڪرڻ جو ذمو کنيو ۽ پنهنجي شاعري جي ذريعي ڏيهي توڙي پرڏيهي ڦورو حاڪمن کي للڪاريو. ۽ پنهنجي مظلوم قوم کي وطن دوست، انسان دوست انصاف ڀريو سچو پچو انقلابي فڪر ڏنو. سندس فڪر ۽ فلسفو آسان، زوردار ۽ اثرائتو آهي. وڏيرن، جاگيردارن ۽ سامراجين سان جنگ جو هنر سيکاريو ۽ پنهنجي ديس جي مظلوم ماڻهن کي وطن جي واڳ ورائڻ جي راه ڏيکاري. لطيف سائين جي ڪهڙي ڳالهـ ڪجي!

ڪوڙين ڪايائَون تنهنجون لِکَن لَکَ هَزار
جيءُ سڀ ڪنهن جيءَ سين درسن ڌارون ڌار،
پِريَمَ تنهنجا پار ڪهڙا چئي ڪيئن چوان.


No comments:

Post a Comment