شاهه جو رسالو

Tuesday 23 October 2018

شاهه لطيف رحه جي شاعريءَ ۾ درد جو ڪارج ڊاڪٽر شازيه سفير (Dr.Shazia Safeer)

ڊاڪٽر شازيه سفير

شاهه لطيف رحه جي شاعريءَ ۾ درد جو ڪارج
          هيءَ ڪائنات مخالف قوتن تي مشتمل آهي ۽ شايد ان ڪري ئي توازن ۾ آهي. ڪُل ڪائنات سان گڏ هڪ انسان جي ننڍڙي ڪائنات ۾ به اها ساڳي رنگا رنگي نظر اچي ٿي، سندس جذبن، احساسن ۽ عملن ۾ هڪجهڙائي نه ٿي هجي. ڪڏهن من ماڪوڙي آهي ته ڪڏهن ڪيهر شينهن! جتي اميد آهي اُتي اناميد نه آهي، محبت، نفرت، ڪاميابي ناڪامي سڀ هر ماڻهوءَ جا تجربا آهن. ساڳي وقت خوشي ۽ غم يا ڏک ۽ سُک به زندگيءَ سان وابسته آهن. درد ڇا آهي؟
تجربا آهن. نفسيات جي ماهرن ان کي اڻ وڻ وڻندڙ احساس چيو آهي جيڪو جسماني به هوندو آهي ته جذباتي به بهرحال درد حقيقت آهي، ان حقيقت جو مقابلو ڪرڻ جو رويو هر ڪنهن جو مختلف هوندو آهي. ڪي ڏيهه کي ڏيکاريندا آهن ته ڪي وري لوڪان لڪي پيا سهندا آهن. اهو ته عام ماڻهن جو درد جو مقابلو ڪرڻ جو طريقه ڪار آهي، پر دنيا جي ڏاهن، عالمن، اڪابرن ۽ اديبن به ان حوالي سان مختلف رايا ڏنا آهن، ڪن ”سر وم دکم دکم“ جي ڳالهه ڪئي آهي، ڪن زندگيءَ کي سزا ڪوٺيو آهي، ته ڪن لاءِ وري ڏک سکن جي سونهن آهن، اسان جو ڀٽ ڌڻي اميد جو شاعر آهي. سندس اک خوبصورت آهي جيڪا حُسن ئي حُسن پئي پسي، سندس لاءِ راڻو ئي راڻو آهي. ريءَ راڻي ٻيو ڪجهه به نه آهي، هو اسان کي درد ۾ پريشان يا مايوس ٿيڻ بدران ان جي دوا ڪرڻ سيکاري پيو، ڇاڪاڻ ته ان مان ئي چڱائي حاصل ٿئي ٿي.
اگهي اگهائي، رنج پريان کي رسئو،
چکيم چڱائي، سورانگهي سُوري تان.
(ڪلياڻ_ د: 2)

انگريزيءَ ۾ چيو ويندو آهي، “No Prim, no gain” اها حقيقت آهي ته زندگي ۾ ڪجهه به حاصل ڪرڻ لاءِ انسان کي محنت ڪرڻي پوندي آهي، تڪليفون برداشت ڪرڻيون پونديون آهن، جڏهن جر جاٽون ڏبيون، ڏيئا موهبا، تڏهن ئي ته سڄڻ ملندا. تڏهن ئي منزل مقصود حاصل ٿيندي ۽ ڏک سُونهان بنجي پوندا.
ڏيکارئس ڏکن، گُندر گَسُ پرين جو،
سُهائي سُورن، ڪي هيڪاندي هوت سين.
(حسيني _ د:6)
جيڪو سُور هوت سان ملائي، اهڙو ته سو سُک ڏيئي به وٺجي.
سو سکن ڏيئي، وره وهايم هيڪڙو،
مون کي تنهن نيئي، پير ڏيکاريو پرينءَ جو.
(حسيني _ د : 6)
ڇاڪاڻ ته ”ڏک رڳو ڊاهيندڙ ۽ ناس ڪندڙ نه پر ڪيترين حالتن ۾ اڏيندڙ ۽ تخليق ڪندڙ به آهي. هر عظيم ۽ پياري شئي ۽ ڳالهه، مسئلن ۽ مونجهارن، ڏکن ۽ پيڙائن سان مقابلي ۽ ويڙهه مان پيدا ٿي آهي. ڏک انسانيت جا گهڻا اعليٰ ترين گُڻ پيدا ڪن ٿا. انسان ۽ انسان جي وچ ۾ ويجهي ۾ ويجها ناتا، گڏيل ڏک، گڏيل پيڙائون پيدا ڪن ٿيون. ماڻهوءَ جي آزمائش سُکن ۾ نه، ڏکن ۾ ٿئي ٿي. ڏک ۽ پيڙائون ئي انسانن کي صحيح معنيٰ ۾ انسان بڻائين ٿا.“ (پليجو: 2012)
ڏکيون جان نه مڙن، تان تان ڀنڻُ نه ٿئي،
ٻيون هُونهين هٿ هڻن، رُنديون رئڻ واريون.
(حسيني _ د : 6)
اچو سُورن واريون، ڪرئو سور پچار،
مٺ مٺ سورن سڀ ڪنهن، ڪانهي سوران ڌار،
ڏنم جي ڏاتار، مون جهوليءَ پائي جهليا.
(حسيني _ د : 5)
ڏک کي اڏيندڙ ان ڪري چيو ويندو آهي جو ”محرومي ۽ ڏک ڪجهه عرصي کانپوءِ محروم ۽ ڏکويل ماڻهن، قوتن ۽ طبقن ۾ ڪيترين ڪمزورين سان گڏ سهپپ، جفاڪشيءَ، دورانديشيءَ، بي خوفيءَ ۽ قربانيءَ جون قوتون به پيدا ڪري ٿو. سُکين ماڻهن، طبقن ۽ قومن کان اهي ڳالهيون آهستي آهستي ڪري نيٺ موڪلايون وڃن. ان ڪري نيٺ ڪنهن ڏينهن محروم ۽ ڏکيا ماڻهو، قومونن ۽ طبقا سُکين کان زور ٿيو وڃن، سندن ڏک سُک ۾ بدلجيو وڃن.“ (فهميده حسين : 2012)
ڏک انسان جي دل کي نرم ڪن ٿا، منجهس انا ۽ هٺ کي ختم ڪن ٿا، کيس حساس بنائين ٿا، جنهن سان هو ٻين جي تڪليف کي سمجهڻ لڳي ٿو، ظالم نه ٿو بڻجي. اهي درد کيس سڀني سان جوڙين ٿا، پوءِ هو سڀ جي ڏک کي پنهنجو سمجهي ٿو. جڏهن ماروئڙا بي آرام هجن ته هن لاءِ سيج سمهڻ ڏکيو ٿي وڃي ٿو. ڊاڪٽر فهيمده حسين، شاهه جي شاعريءَ ۾ ڏک جي فلسفي جي حوالي سان لکيو آهي:
”ڏک جي باري ۾ شاهه سائينءَ جو هيءُ هڪ نهايت اهم فڪري نُڪتو آهي ۽ پنهنجي دور جي سماجي نفسيات ڏانهن اشارو ٿو ڪري ۽ حقيقت اها آهي ته جڏهن ماڻهوءَ ڏکويل هوندا آهن ۽ سڀني جا سور ساڳيا هجن، سڀني جي تڙپ ۽ تمنا ساڳي هجي ته پوءِ ئي ڪو سُک جو سج اڀارڻ جي ڪوشش ڪري ٿي سگهي، ڪا منزل حاصل ٿي سگهي ٿي.... ورهايل ۽ ٽڙيل پکڙيل ماڻهو ڪجهه به نٿا ڪري سگهن، پاڻ ۾ ايڪي ۽ اتحاد سان ئي منزل مقصود حاصل ڪري ٿي سگهجي، غم جو يڪسان احساس، انسانن ۽ ٻڌيءَ جو ڪارڻ ٿي ٿو سگهي. هم غم کان وڌيڪ غمگسار ٻيو ڀلا ڪير ٿيندو!“
دل ڌوتائين ڏک سين، ڌاڳا هڏ نه ڌوءِ،
لاهوتي لطيف چئي، روحان اندر روءِ،
ڪونه ڏٺوسون ڪو، سناسي سُور ري.
(رام ڪلي _ د : 8)
اهڙا شناسي ئي صحيح رهنمائي ڪري سگهن ٿا، ان ڪري ئي اسان جو رهبر لطيف انهن جا تڪيا پسڻ جي ڳالهه ڪري ٿو:
ڪنهن جنهن سناسي سور جي، وتن ۾ وهلور،
ٻهر ٻولي ٻيءَ ڦرن، گهٽ ۾ گهايل گهور،
چت جني جا چُور، هلو تڪيا پون تن جا.
(رامڪلي _ د : 3)
درد ۽ سور انسان جي اندر کي ائين اُجرو ڪن ٿا جيئن سون کي باهه، باهه نه هجي ته سون خالص نه ٿئي، ساڳيءَ طرح رت پت جو پُتلو / انسان تڏهن ٿو بڻجي جڏهن ڏکن جي بٺيءَ مان پچي تيار ٿي نڪري ٿو:
”حقيقت جو عرفان تڏهن حاصل ٿي سگهي ٿو جڏهن ماڻهوءَ جو اندر اُجرو ٿئي. اندر جي اُجري ٿيڻ کي انگريزيءَ ۾ ڪيٿارسس (Catharses) چوندا آهن ۽ شاهه ان کي ”نجس جو نکرڻ“ ٿو چئي. شاهه جو خيال ۾ اندر جي اُجري ٿيڻ جا ٽي وسيلا آهن، غم، حُسن ۽ موسيقي!“
شاهه سائين سُر سسئي آبريءَ ۾ چيو آهي:
صدا وڌيم سُور جي، اڳئا ڪوهياري،
جو نجس نکاري، سو پنهون وڌم پاند ۾.
(ابيات متفرقه)
حوالا:
1.       آغا سليم، 2008، لات جا لطيف جي، ڄامشورو، سنڌي ادبي بورڊ، ص_17
2.       پليجو، رسول بخش، 2012، تخليقي ۽ تنقيدي ادب، جامي چانڊيو (سهيڙيندڙ)، حيدرآباد، سي.پي.سي.ايس، ص 167
3.       ايضا _ ص _ 167
4.       فهميده حسين، ڊاڪٽر، 2012، اديونآءُ اڄاڻ ڪراچي، ثقافت کاتو حڪومت سنڌ، ص _ 25،24

No comments:

Post a Comment