اعجاز ممنائي
شاهه
جي شاعريءَ ۾ اُٺَ جو احوال
شاهه عبداللطيف ڀٽائي اهڙو شاعر آهي، جنهن
جي نگاهه وسيع، سندس لب و لھجو ماکيءَ کان به مٺو ۽ سندس منظر نگاري حيران ڪندڙ
آھي. توڙي جو سندس شاعري روحاني راز سان سلھاڙيل آھي پر ھر ڪو ان کي پنھنجي اندر
جو آواز سمجھي ٿو، اھا ئي فطرتي شاعر جي خوبي ھوندي آھي ته ھو ڪائنات جي ھر منظر ۽
ھر شيءِ تي نظر رکندڙ ھوندو آھي. ائين شاهه سائينءَ اُٺ جھڙي ڊگهي ۽ بيڊولي جانور
کي به پنھنجي شاعريءَ ۾ آڻي وڏو ڪمال ڪيو آھي. اٺ جي ڪٽنب جون دنيا ۾ ڪُل چار
جنسون آھن جن ۾ ڏکڻ آمريڪا جي وڪونا جي ڪُل ڊيگهه ۱.۵ يعني پنج فوٽ، لاما جي ڪُل
ڊيگهه ھڪ کان ۲.۱ ميٽر يعني ۳ کان
ست فوٽ ٿئي ٿي، انھن جنسن کي ٿوھا ڪونه ٿا ٿين، البته باختري اُٺ کي ٻه ٿوھا ٿيندا
آھن. ھن وقت ھيءُ دنيا ۾ واحد اُٺ آھي، جيڪو اڃا به جهنگلي ماحول ۾ ملي ٿو. ٻن
ٿوھن وارو اُٺ سڀ کان پھرين ۳۵۰۰ سال
اڳ پاليو ويو ھو پر اڃا به ڪي باختري اُٺ جهنگلي آھن ان کان سواءِ باقي سڀ جنسون
پالتو ٿي چڪيون آھن. ھڪ ٿوھي وارو اُٺ ھندستان ۾ راجستان جي صحرا کان وٺي سنڌ
بلوچستان ايران، عرب دنيا ۽ آفريڪا جي اوڀر ۽ اترين علائقن ۾ پالتو جانور طور ملي
ٿو. اهو اُٺ صحرا ۾ جهنگلي جيوت طور باقي نه بچيو آهي. هن جانور صحرائي زندگيءَ
مطابق پاڻ کي مڪمل طرح ٺهڪائي ڇڏيو آهي. اُٺ جيڪو چوپايو جانور آھي، ھيءُ عام طور
سواريءَ لاءِ ڪارائتو ھجي ٿو، خاص طور وارياسن علائقن ۾ اُٺ کي استعمال ڪيو ويندو
آھي، جنھنڪري کيس “خشڪيءَ جو ٻيڙو” به انکي چئبو آھي. سنڌ ۾ ڊيلٽا واري علائقي ۾
اٺن جي وڏي پئماني تي پالنا ٿئي ٿي، جنهن ۾ ۲۰۰ کان ۵۰۰ تائين جا وڳ نظر ايندا. لطيف
سرڪار اُٺ جي خامين ۽ خوبين کي گڏائي تمام سھڻو ۽ ڪارائتو نتيجو ڪڍيو آھي ۽ انکي
سسئيءَ جي پنجن ئي سُرن (سسئي آبري، معذوري، ديسي، ڪوھياري ۽ حسيني) کان سواءِ سُر
مومل راڻو، سر مارئي، سر کنڀات ۽ سر رپ ۾ پڻ تذڪرو ڪيو آھي. ان کان به وڏو ڪمال
اھو آھي ته انھن سڀني سُرن ۾ اُٺ کي مختلف نالن سان سڏيو ويو آھي، جيئن اُٺ، توڏو،
موڏو، مَيو، متارو، مهري، موڏ، توڏ، ڪَرهو، ڪنواٽ، ڪَڪو، ڪيڪاڻ، ڳوڌو، ٻُهاڻ،
چوسالو، دوڪ، دايو، ليڙو، چانگو، پانگُر، گئونرو، گُنگو، ڏاگهو، بوتو، ٻُور، ڀُور،
ڀٽارو وغيره.
شاهه سائينءَ اٺ کي پنھنجي شاعريءَ ۾ امر
ڪري ڇڏيو آھي. سُر کنڀات ۾ ان ساڳئي اُٺ کي نفس طور استعمال ڪيو آھي، جيئن مولانا
روم فرمايو
نفس ڪشي باز رسي اعتذار
ڪس ترا دشمن نماند در ديار
شاهه سائينءَ به سُر کنڀات جي پھرئين داستان
۾ اُٺ کي طرحين طرحين لالچون ڏيئي منٿ ميڙ به ڪئي آھي پر ان کي نفس اماره سان به
ڀيٽيو آھي. ڇوته الله ۽ بندي جي تعلق وچ ۾ نفس اچي ٿو، اھو ڇڙواڳ اُٺَ وانگر آھي،
جيڪو عقل کان خالي آھي، انڪري سنڌي پھاڪي ۾ ڊگھي کي بيوقوف چيو ويندو آھي، اھا
تشبيهه به اُٺ سان مناسبت رکي ٿي
ميا! محبوبن جي ھلي وانءُ حضور
جي چڻڪن چت ۾ سي ڪنءَ سڄڻ ڏور؟
اللّٰه لڳ اسور، ائان ئي ٿي آءُ
تون
شاهه سائين مايوس نه ٿو ٿئي پر اٺ کي گڻائتو
بڻجڻ جو تاڪيد ڪندي وري ھيئن چوي ٿو ته بڇڙا افعال ترڪ ڪر، ان مان ڪوبه فائدو
ڪونھي
ڪرھي کي ڪيئن وڌم پيند پلڻ جا
ليڙو لاڻيءَ کي چري نيئر ساڻ نئين
چانگي سندي چت ۾ صاحب! وجهه سنئين
اوباھيونس ائين لطف ساڻ لطيف چئي.
ائين ئي وري داستان ٻئي جي شروعاتي بيتن ۾
اُٺَ کي منٿ ميڙ ڪرڻ سان گڏ تڪڙو ھلي رات ئي رات ۾ پرينءَ سان ملاقات ڪري ھڪ ٿيڻ
جو سبق ھن ريت ڏئي ٿو
ڪرھا! ڪسر ڇڏ وک وڌندي پاءِ
منھنجو ھلڻ اتھم، جتي جانب جاءِ
توکي چندن چاريان ٻيو وڳ لائي
کاءِ
ايھم اٺ! اٺاءِ جنءَ ھوندي رات ھت
مڙون.
سُر مارئيءَ ۾ عمر بادشاهه الھڙ اُٺ تي چڙھي
مارئيءَ جھڙي مسڪين عورت کي کنڀي وڃي عمر ڪوٽ جي بند ۾ رکيو، جتي مارئي زاروقطار
روئڻ لڳي، کيس پنھنجا مارو، ويس وڳا، لوئي، لڄ گولاڙا ۽ گاهه ايتري تائين جو
پنھنجي ديس جو مال متاع ۽ پکي پکڻ به ياد اچڻ لڳا ھئا، اھي ان ارڏي اُٺَ جون
ڪارگذاريون ھيون جن مارئيءَ کي منجھائي وڌو ھو. ائين مومل ماڻڻ لاءِ راڻو به اُٺ
تي چڙھي اچي ڪاڪ محل جون مڙئي منزلون طئي ڪري مومل ماڻي ٿو ۽ ھر روز مومل سان ملڻ
لاءِ مھري اٺ تي چڙھي اچي ٿو، پر جڏھن ٿوري دير ڪري ٿو ته شاهه سائين خاموشي
اختيار نه ٿو ڪري سُر رپ ۾ اُٺَ جي اھميت کي عاشق جي سورن، ڏکن، دردن غمن ۽ وڇوڙن
سان سمجھايو ويو آھي. اي منھنجا سورن ستايل ھينئڙا پنھنجي محبوب کان سواءِ ڪنھن وٽ
به سور ظاھر نه ڪجانءِ ازلي امتحان ۾ ڪاميابي ماڻجانءِ، مان ڄاڻان ٿو ته اُٺَن جي
وڳ وانگي تون بي آرامي ۽ بيقراريءَ جي عالم ۾ آھين پر مون پرينءَ سان محبت ٽوڙڻ
لاءِ يا چند لمحن لاءِ نه ڪئي آھي
جاءِ نه سڄو ڏينھن، ھينئڙو اوٺي
وڳ جيئن،
مون پريان سين نينھن، ڇنڻ ڪارڻ
ڪونه ڪيو.
سسئي سورن ۾ گهيريل آھي. ھُوءَ پنھونءَ جو
پيرو کڻي نڪتي آھي. سندس من ۾ سوين وسوسا لھن ۽ چڙھن پيا. پاڻ پُنھونءَ جي پنڌ کان
واقف به نه آھي، ڪيئن پوءِ به پنھنجا پير پٿون پئي ڪري، جبل جي تپش کيس ساڙي پئي،
جھنگ جا خوفناڪ جانور سندس راهه روڪڻ جي ڪوشش پيا ڪن، پر ھوءَ اڪيلي بي سھارا ۽
ڪمزور عورت ڪنھن جي ڪاڻ نه ٿي ڪڍي، ھُوءَ ھمت ۽ مردانگيءَ سان بي خوف ٿي پنھنجا
دشمن بيان ڪندي چوي ٿي،
اٺ ويري، اوٺار ويري، ويري ٿيڙم
ڏير
چوٿون ويري چنڊ ٿيو جو کڙيو نه
وڏي وير
پنجون ويري واءُ ٿيو جنھن لٽيا
پنھونءَ پير
ڇھون ويري ڇپر ٿيو جنھن سنوان نه
ڪيا سير
ستون ويري سج ٿيو جنھن الھي ڪئي
اوير
اٺون ويري اوٺي ٿيا جنھن پنھل
نيائون ھير
نائون ويري ننڊ ٿي جو آئي پئي
سوير
ھيءَ ڪميڻي ڪير، جا امر کي آڏو
ڦِري.
No comments:
Post a Comment