رضوان گل
شاهه لطيف جي ڪلام ۾
جاگرافيائي علامتون ۽ اهڃاڻ
شاهه
لطيف جي ڪلام جو مطالعو ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته سندس سمورو ڪلام مختلف علمن جو
ڀنڊار آهي، ڀٽائي جي رسالي ۾ جتي ڏاهپ جا ڏس ملن ٿا اتي سندس شاعريءَ مان ڪيترائي
اهڙا مثال پيش ڪري سگهجن ٿا جن جو تعلق سائنس جي مختلف علمن ۽ ان جي شاخن (Branches) سان سڌي يا اڻ سڌي ريت
ضرور ملندو. هتي سائنس جي صرف هڪ شعبي جاگرافيءَ سان لاڳاپيل بيتن جو ذڪر ڪجي ٿو.
جيتوڻيڪ شاهه سائين ڪو سائنسي علمن جو ڄاڻو يا طالبِ علم نه هو پر ان هوندي به
سندس مشاهداتي اک جو اهو ڪمال آهي جو هن ڪائنات جي اسرارن کان وٺي سنڌ جي
جاگرافيائي بيهڪ تائين ڪيترن ئي موضوعن کي بلڪل ان ئي ريت بيان ڪيو آهي جيئن انهن
جو سائنسي تصور پيش ڪيل آهي. اهو محض اتفاق به نه چئبو ڇاڪاڻ ته ڀٽائي زميني خدو
خال جي بيهڪ (Topographical Features)
۽ پاڻيءَ واري حصي (Hydrosphere) کان ويندي سنڌ جي جن جاگرافيائي خطن کي الڳ الڳ ڪري بيان ڪيو آهي
سو ڪنهن ٻُڌل ڳالهه يا تصور جو ڪمال نه آهي پر اهو سندس ڳوڙهي مشاهدي ۽ عملي جاکوڙ
جو نتيجو آهي.
ڀٽائي
جي رسالي مان انيڪ بيت پڙهي اسانکي شاهه سائين جي علم جاگرافيءَ سان فطري شناسائي
۽ ويجھڙائي جو اندازو ٿي سگھندو. هن مقالي ۾ شاهه سائين جي اهڙن بيتن کي حوالي طور
پيش ڪري رهيو آهيان جن ۾ مختلف جاگرافيائي علامتن ۽ اهڃاڻن جو ذڪر آهي. جن ۾ ماڳ مَڪان،
مختلف جاگرافيائي مرحلا، الڳ الڳ وِٿون ۽ ڌاتو وغيره شامل آهن. ڀٽائي پنهنجي ڪلام
۾ ڪٿي انهن ۽ اهڙين شين جي اهميت ۽ افاديت کي اجاگر ڪيو آهي ته ڪٿي وري انهن جاين
۽ وِٿن جو صرف نالو کنئيون آهي.
جاگرافي
تمام وسيع علم آهي جنهن ۾ ڪائنات، نظامِ شمسي، گرهه، سج، چنڊ ۽ تارن کان ويندي
جبلن، ميدانن، ڍنڍن، درياهن، ٻوٽن، گاهن، جانورن ۽ ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي ۽ آبهوا وغيره
جھڙا انيڪ موضوع اچي وڃن ٿا جن جو ذڪر شاهه سائين پنهنجي رسالي جي مختلف سُرن ۾
ڪيو آهي. انهيءَ حوالي سان هن مقالي ۾ مثال طور صرف چند بيت ئي پيش ڪيل آهن، جن
مان اسان کي اهو اندازو چڱيءَ ريت ٿي سگھندو ته ڀٽائي جاگرافي جي موضوعن بابت
بنيادي ڄاڻ رکندڙ شخص به هيو. ان جو هڪ وڏو سبب اهو به ٿي سگھي ٿو ته هن پنهنجي
حياتي جا ڪيئي قيمتي سال سيلاني طور سير سفر ۾ گذاريا ۽ سنڌ جي جاگرافيءَ کي اکين
پسيو. هن مقالي ۾ مون شاهه جي ڪلام منجھان جاگرافيائي اهڃاڻن ۽ علامتن کي اجسامِ
فلڪي، سنڌ جي طبعي جاگرافي، ڌاتن ۽ پٿرن جو ذڪر، درياهن ۽ واهن جو ذڪر، درياهن جي
جانورن، گاهن ۽ ٻوٽن جو ذڪر، ڍنڍن جو ذڪر، ماڳ مڪانن، شهرن ۽ ملڪن جو ذڪر وارن
عنوانن ۾ظاهر ڪيو آهي.
اجسامِ فلڪي:
علم
جاگرافيءَ کي سمجھڻ لاءِ فلڪيات هڪ اهم ۽ بنيادي موضوع آهي. فلڪيات ۾ سج، چنڊ،
تارن، ڪَتين، کيرَ پٽن (Galaxy) کان
علاوه مختلف گرهن (Planets) بابت
بنيادي ڄاڻ ڏني ويندي آهي. انهيءَ حوالي سان شاهه سائين پنهنجي ڪلام ۾ سج جي اڀرڻ
۽ لهڻ کان علاوه ستارن جو پڻ ذڪر ڪيو آهي. جيئن هيٺين بيت ۾ آهي:
اڀي اڀارئام، نکٽ سڀ نيئي ويا
هڪ ميو ٻيو مينڌرو،
رات سڄي سارئام
ڳوڙها ڳل ڳاڙئام، سورج شاخون ڪڍيون
.......................
کَڻِي نيڻَ خُمارَ مان، جان ڪيائون نازُ نَظَرُ؛
سُورجَ شاخُون جَھڪِيُون، ڪُوماڻو قَمَرُ؛
تارا ڪَتِيُون تائِب ٿيا، ديکِيندي
دِلبَرُ؛
جَھڪو ٿيو جَوهَرُ، جانِبَ جي جَمالَ سين.
آسمان
جيڪو اسانکي نظر اچي ٿو اصل ۾ اهو نائٽروجن ۽ آڪسيجن گئسن جو مجموعو آهي. ڀٽائي ان
اڀَ تي نظر ايندڙ تارن جي جُھرمٽ ڏانهن به غور ڪري نهاريو آهي ۽ هيٺين بيت ۾ ٽيڙن
۽ ڪَتين جو هن ريت ڪيو ذڪر آهي:
ڪَتين ڪرَ موڙيا، ٽيڙو اُڀا ٽيئي،
راڻو رات نه آئيو، ويل ٽري ويئي
کوءِ ساکاڻي راتڙي، جا پرينءَ ريءَ پيئي
مونکي ڏنءُ ڏيئي، وڃِي ڍولئو ڍٽ قرارئو.
شاهه
عبداللطيف ڀٽائي ڪائنات جي رازن کي سائنسي انداز ۾ سمجھڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، سندس
مشاهداتي اک ايڏي ته تيز آهي جو هن چنڊ جي مختلف شڪلين کي به پنهنجي شاعريءَ جو
موضوع بڻايو آهي. چوڏهين جو چنڊ جڏهن ڀرپور روشني سان نڪري آڪاش تي اڀري اچي ٿو ته
چوي ٿو:
چوڏهِينءَ چَنڊَ! تون اُڀِرين، سَهسين ڪَرِي سينگارَ؛
پَلَڪَ پِريان جي نه پَڙِين، جي حِيلَنِ ڪَرِئين هَزارَ؛
جهڙو تون سَڀَ ڄَمارَ، تهڙو دَمُ دوست جو.
.......................
چوڏهين ماهه چنڊ جئن، ڪيو ساميءَ سهائو.
فلڪيات
جي علم ۾ چنڊ جي ڪلائن بابت پڻ ڄاڻ ملندي آهي. چنڊ ڪڏهن چوڙيءَ وانگر سنهڙو ٿئي ٿو
ته ڪڏهن وري مانيءَ وانگر گول. اهو عمل ڪيئن ٿئي ٿو، ان لاءِ فلڪيات جي علم ۾ دليل
موجود آهي. ڀٽائي پڻ پنهنجي بيت ۾ چنڊ جي مختلف ڪلائن جو ذڪر ڪندي فرمائي ٿو:
چَنڊَ! چوانءِ سَچُ، جي مَٺِي نه ڀانئِئين؛
ڪَڏهن اُڀرِين سَنهڙو، ڪَڏهن اُڀرِين ڳَچُ؛
مُنهَن ۾ ٻَريئِي مَچُ، تو ۾ ناھِ پيشانِي پِرِينءَ جِي.
ان حوالي
سان شاهه جي شاعريءَ منجھان ٻيا به کوڙ سارا بيت مثال طور ڏئي سگھجن ٿا جن ۾ الڳ
الڳ گرهن ۽ تارن توڙي سج ۽ چنڊ جي اڀرڻ ۽ لهڻ جي لقائن ۽ خلائن جو پڻ ذڪر ٿيل آهي.
سنڌ جي طبعي جاگرافي:
شاهه
سائين پنهنجي ڪلام ۾ سنڌ جي جاگرافيائي حدن (Geographical
Regions)، طبعي
حالتن (Physical Features) زميني خدو خال (Topography) جبلن (Mountains)، ميدانن (Plains)، ريگستانن (Deserts)۽ ساحلي علائقن (Coastal Regions) کي الڳ الڳ حصن ۾ ورهائي بيان ڪيو آهي. مثال طور شاهه سائين پنهنجي
شاعريءَ ۾ سنڌ کي ميداني، ريگستاني، ڪوهستاني ۽ ساحلي علائقي ۾ تقسيم ڪري بيان ڪيو
آهي. ميداني علائقو درياهه جي ذريعي رِڙهي آيل مٽيءَ (Alluvial Soil) وارو آهي ان علائقي جي مٽي تمام گھڻي زرخيز ٿئي ٿي، ان علائقي جو
ذڪر ڪندي شاهه سائين ”مئي متي مهراڻ“ جو لفظ ڪتب آندو آهي يعنى ”مست لهرن“ وارو
علائقو.
ڪارا ڪُن، ڪارِي تُڳِي، جت ڪارِيهَرَ ڪَڙڪا؛
مَئي مَتي مِهراڻَ ۾، اَچنِ دُپارا دَڙڪا؛
وِيندي
ساهَڙَ سامهان، جھولَ ڏِنسِ جَھڙڪا؛
کرِڪِنِ جا کَڙڪا، سُونهان ٿِيَڙَسِ سِيرَ ۾.
اوائلي
دور کان وٺي اڄ تائين انهيءَ ”مئي متي مهراڻ“ جي اتر اوڀر سنڌ وارن علائقن ۾ فصل
جھجھا ٿيندا پيا اچن جو هتي مهراڻ جون موجون هميشه موجزن رهيون آهن. اهو ئي سبب
آهي جو اهو علائقو زرخيز مٽيءَ (Fertile Soil) سبب خوشحال آهي، ٻين فصلن سان گڏوگڏ وونئڻ جو فصل ان ترَ جي خاص سڃاڻپ
آهي. ڀٽائي پنهنجي شاعريءَ ۾ مختلف سرن ۾ وونڻن ۽ ڪپهه جو ذڪر ڪيو آهي:
·
نه سي وونئڻ وڻن ۾، نه سي ڪاتاريون.
·
ڪامِلَ! ڪَپاھُنَ ۾، پيئِي ٺارَ ٺَران
·
کوءِ ڪتڻ ٻن ڪپاهه، کوءِ آتڻ ٻن جيڏيون
·
ڪامِلَ! ڪَپاھُنِ ۾، جَھپَ نه اچي جھاتِ
شاهه
لطيف پنهنجي ڪلام ۾ ٿر جو خاص ذڪر ڪيو آهي، جيڪو هڪ وڏو ريگستان آهي. ريگ معنى
واري ۽ ستان معنى جاءِ. مطلب اها جاءِ جتي واري ئي واري هجي. آبهوا جي ٿوري ٿوري
فرق سان ان ريگستاني علائقي ۾ ڪيئي ننڍا ننڍا خطا موجود آهن جن ۾ ڍٽ، پائر، ملير ۽ کائر وغيره اچي وڃن ٿا. لطيف کي انهن خطن جي آبهوا
بابت پوري ڄاڻ هئي. اهي اڪثر اهڙا علائقا آهن جن جي آبادي فقط برسات جي پاڻيءَ تي
ئي ٿئي ٿي. ٿر جي صحرا جي حوالي سان ڀٽائي پنهنجي رسالي ۾ ٻه سُر شامل ڪيا آهن.
پهريون سُر مارئي ۽ ٻيو سُر سارنگ. ٻنهي سُرن ۾ ٿر جي الڳ الڳ علائقن جو ذڪر ملي
ٿو پر خاص طور سُر مارئي جي مختلف داستانن ۾ مٿين علائقن جو ذڪر ٿيل آهي.
·
ڪَنھِين ڀُڄُ ڀِڄائِيو، ڪَنھِين ڍَٽَ مَٿي
ڍارَ
·
آهِسِ پائُرَ پارَ جو، کِجَڻُ ۽ کَــپَتِ
·
وينديس وطن سامهين، ملير منهنجو ماڳ.
· مُيائِي جياسِ، جي وَڃي مَڙهُ مَلِيرَ
ڏي.
ريگستاني
علائقن جا ماڻهو جڏهن ڪڪر ايندي ڏسندا آهن ته خوش ٿيندا آهن انهن لاءِ برسات رحمت
بڻجي ايندي آهي. برسات جو پڻ طبعي جاگرافيءَ سان گھرو لاڳاپو آهي، ڇو ته ان سبب ان
علائقي جي موسم تي پڻ گھرو اثر ٿيندو آهي ۽ گڏوگڏ زمين جون طبعي حالتون پڻ تبديل
ٿينديون آهن. جنهن علائقي ۾ جھجھيون بارشون ٿينديون آهن، ان علائقي جي مٽي جلدي
زرخيز ٿي ويندي آهي. ٿر فطري طور باراني علائقو آهي ان ڪري مينهن اتي جي زمين کي
زرخيزي بخشي ٿو. ڀٽائي سر سارنگ جي هيٺئين بيت ۾ ٿر مٿان وسندڙ برسات جو ذڪر ڪندي
فرمائي ٿو:
اڄ پڻ اتر پار ڏي، ڪڪريون ڪاريون
وسي ٿو وڏ ڦڙو،
ٽهڪن ٿيون ٽاريون
لٿين لک لطيف چئي،
ڍايون تاساريون
ڀڄنديون ڀٽاريون،
وري وٿاڻن آئيون
مٿئين
بيت ۾ سوڪهڙي کانپوءِ برسات وسڻ جي منظر نگاري ڪندي شاهه سائين ڪارين ڪڪرين يعنى (Cumulonimbus Clouds) جو ذڪر ڪيو آهي، اهي ڪڪريون
اڪثر ڪاري رنگ جون ٿينديون آهن ۽ پاڻ سان گڏ تيز برسات کڻي اينديون آهن. ڀٽائي پنهنجي
شاعريءَ ۾ ڪڪرن جي مختلف قسمن ۽ وڄ جو پڻ ذڪر ڪيو آهي. رسالي ۾ ڪڪرن لاءِ بادل،
جُھڙ، ڪڪر، ڪڪريون ۽ آگم جا لفظ استعمال ٿيل آهن. ڪجهه بيت مثال طور پيش ڪجن ٿا:
اَڄُ پڻ اُتَرَ
پارَ ڏي، ڪارا ڪَڪَرَ ڪيسَ؛
وِڄُون وَسَڻَ
آئِيُون، ڪَري لَعلُ لِبيسَ؛
پِريِن جي
پَرِديسَ، مُون کي مِينھَن ميڙِيا.
.......................
مِينھان ۽ نِينھان،
ٻَئي اَکَرَ ھيڪِڙي؛
جي وَسَڻَ جا ويسَ
ڪَري، ته ڪَڪَرَ ڪَنِ ڪيِھان؛
بادَلُ ٿي بيِھان، جي آگَمَ اَچَڻَ جا ڪَرِين.
.......................
اَندَرِ جُھڙُ
جُھورِ وَھي، ٻَھَرِ ڪَڪَرُ نه ڪوءِ؛
وَسائِيندي وِڄُڙي،
حُبَّ جنِين کي ھوءِ؛
لالَنُ جنِين لوءِ،
تن اوڪاڻِين نه اَکــيُون.
.......................
ڪَڪَرَ مَنجِھ ڪَپارَ، جُھڙُ نيڻَنئُون نه لَهي؛
اَڄُ مُنھنجي چِتَ
۾، اُٺا پِرِين اَپارَ؛
آءُ سَڄڻ! لَـھُ
سارَ، وِرِھَ ويڙھِي آھِيان.
اهڙي ريت
سنڌ جي ان جاگرافيائي خطي، ٿر ۾ وري جڏهن برسات وسي سڄو خطو سيراب ڪري وڃي ٿي ۽
آبادي ۽ سرسبزي ٿيڻ شروع ٿئي ٿي ته پوءِ ڪهڙا منظر رونما ٿين ٿا شاهه سائين ان جو
به ذڪر هن ريت ڪيو آهي:
بَرَ وَٺا، تَرَ وَٺا، وَٺِيُون تَرايُون؛
پِرِهَ جو پَٽَنِ تي، ڪَنِ وِلوڙا وايُون؛
مَکَڻَ ڀَريِن ھَٿَڙا، سَنگھارِيُون سايُون؛
ساري ڏُھن سامُھِيُون، ٻولايُون، رانيُون؛
ٻانِھِيون ۽ ٻايُون، پَکي سُنھَنِ پانھنجي.
.......................
ٻاجھر پڪي ٻاجهه ٿي، لٿو ڏکائو.
ٿر وانگر
ڪوهستاني علائقي ۾ پڻ پاڻيءَ جي سخت اڻاٺ ٿئي ٿي انهيءَ ڪري هتان جي زمين کي (Barren Land) به چيو وڃي ٿو. ڪوهستان کي ڏڪار
جو ڏيهه به چيو ويندو آهي. شاهه سائين هتان جي ڏڪار سان گڏو گڏ ڪوهستاني علائقي جي
ارد گرد وارن جبلن(Mountains) ۽ ٽڪرين (Hills)جو پڻ ذڪر ڪيو آهي، جبل
لاءِ رسالي ۾ ڏونگر، ٽڪر، ڇپر ۽ ڪوهه جا لفظ پڻ استعمال ڪيل آهن. مختلف بيتن ۾ وري
الڳ الڳ جبلن جا نالا پڻ ملن ٿا جيئن گنجو، ڪانڀو، پٻ ۽ ڪارو وغيره.
پيئي جن پرک، گنجي ڏونگر گام جي
واري سڀ ورق، لوچي
لاهوتي ٿيا
.......................
ڇپر ڇمر ڀائيان، ڪانڀو ۽ ڪارو
پٻ وجھنديس پٺ تي، صبح سوارو
وڃڻ مون وارو، ڪونه
ويهنديس وچ تي
.......................
کُهِي جا
کَنيائِين، وِکَ تَنهين ويجھي ڪئِي؛
ڇِڪيءَ ڇِنائِين،
پَنڌُ مِڙوئِي پَٻَ جو.
.......................
پُنهونءَ ڇڏيو پوءِ،
جانِبُ جَبَلُ ڳولئين
شاهه
سائين پنهنجي ڪلام ۾ سنڌ جي ساحلي علائقي (Coastal
Region) ۽ ڊيلٽا جي قريب موجود ٻيلن جو پڻ ذڪر ڪيو آهي.
ڪينجھر ڍنڍ جي ڪناري جيڪو وڻراهه يا ٻيلو آهي ان جو هيٺين بيت ۾ ذڪر ملي ٿو:
هيٺِ جَرُ مَٿي مَڃَرُ، پاسي ۾ وَڻَراهَ؛
اَچي وَڃي وِچَ ۾، تَماچِيءَ جي ساءَ؛
لَڳي اُتَرَ واءَ، ڪِنجُهرُ هِندورو ٿِئي.
ڌاتن ۽ پٿرن جو ذڪر:
لطيف
سرڪار پنهنجي ڪلام ۾ مختلف معدني زخيرن، ڌاتن ۽ قيمتي پٿرن جو پڻ ذڪر ڪيو آهي، جن
۾ لوڻ، رُڪ، ماڻڪ، پارس، لوهه، سون، فيروزو، ياقوت، شامل آهن.
·
جي لوڻ لڱين لائين، چيري چيري چم.
·
عليءَ پٽ امير، ڪندا راڙو رُڪ سين.
·
تون پارس آنءُ لوهه، جي سڃين ته سون ٿيان
·
فيروزان، فقيرن تان گھوري سڀ گھوريائون
·
ڳل ڳانا ياقوت، جا موتيءَ منجهه ميهار
·
سوين وهن سيرَ ۾، ماڻڪ موتي لال.
درياهن ۽ واهن جو ذڪر:
شاهه
سائين پنهنجي ڪلام ۾ سنڌو درياهه جي دهشت ۽ هشمت کي بيان ڪندي تفصيلي طور ان ۾
موجود ڪُنَن، ٻار، سير ۽ اهڙن ٻين مرحلن جو به ذڪر ڪيو آهي. ڀٽائي وڏو عرصو ملاحن
جي صحبت ۾ به گذاريو، تنهن ڪري هن کي ڄاڻ هئي ته درياهي پاڻيءَ اندر هوائن جي گھٽ
وڌائي سبب مختلف قسم جا وهڪرا جنم وٺندا آهن جن سبب پاڻيءَ ۾ چاڙهه اچي ويندو آهي
۽ وڏين ڇولين (High Tides) جي ڪري درياهه
۾ دهشت اچي ويندي آهي.
·
دهشت دم درياهه ۾، جت جايون جانارن
نه ڪو سنڌو سير جو، مپ نه ملاحن
درندا درياهه ۾، واڪا ڪئو ورن
سڄا ٻيڙا ٻار ۾، هليا هيٺ وڃن
پرزو پئدا نه ٿئي، تختو منجھان تن
ڪو جو قهر ڪنن ۾، وئا ڪينَ ورن
اتي اڻ تارن ساهڙ! سير لنگهاءِ تون
شاهه
جي رسالي ۾ واهن يا ننڍڙن وهڪرن (واهڙن) جي حوالي سان به ذڪر ملي ٿو:
·
آنءُ هيڪلي حٻ ۾ نه مون مٽ نه ڪاڪو
·
واهُڙَ وَهَنِ نَوان، اَڃا وَهُ اَڳي ٿيو
·
جان واهُڙَ ۾ وَهُ، تان تون، مَڇَ! نه موٽِئين
دنيا ۾
جيڪي به پاڻيءَ جي ذريعي وجود ۾ آيل وڏا ميدان (Alluvial
Plains) موجود آهن انهن ۾ سنڌو درياهه وارو ميدان (Indus Plain) پڻ تمام گھڻي اهميت رکندڙ آهي. درياهه پنهنجي وهڪرن جا دڳ هميشه
تبديل ڪندا رهندا آهن انهيءَ حوالي سان شاهه صاحب پنهنجي ڪلام ۾ سنڌو درياهه جي
پراڻن وهڪرن جو پڻ ذڪر ڪرڻ ناهي وساريو:
·
سُڪِي ڍورُ ڍَيُون ٿِيو، ڪنڌِيءَ ڏِنو ڪائو؛
سو پاڻي پَٽِيهَلَ ۾، اَڳِيون نه
آيو؛
ماڙُهنِ ميڙائو، ڪَنهِين ڪَنهِين
ڀيڻـئِين.
·
پٽيهل تون ۾ پورو، اڳيون ناهي آب
درياهن جي جانورن، گاهن ۽ ٻوٽن جو
ذڪر:
شاهه
سائين جي ڪلام جو مطالعو ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته هن درياهن جي اندر رهندڙ جانورن (Marine Animals)، درياهه جي اندر موجود گاهن ۽
ٻوٽن کي به پنهنجي شاعريءَ ۾ ذڪر هيٺ آندو آهي.
·
گِھڙِي گَھڙو هَٿِ ڪري، اِلاهِي تُهارَ!
ڄَنگَھ ڄَرڪي واتَ ۾ سِسِيءَ کي
سيسارَ؛
چُوڙا ٻِيڙا چِڪَ ۾، لُڙَ ۾ لُڙِهيَس
وارَ؛
لَکين چُهٽيسِ لوهِڻـيُون، ٿيلهيُون
ٿَـرَنِئُون ڌارَ؛
مِڙيا مَڇَ هزارَ، ڀاڱا ٿِيندِي
سُھڻِي.
مٿئين
بيت ۾ پاڻيءَ ۾ رهندڙ جانورن ڄرڪي، لوهڻي، ٿيلهي ۽ مڇ جو ذڪر ٿيل آهي. اهڙي ريت
ڀٽائي جي رسالي جي مختلف سُرن ۾ ڪيترن ئي ٻوٽن، گلن ۽ گاهن جو پڻ ذڪر ملي ٿو.
هيٺئين بيت ۾ پاڻيءَ جي ٻوٽن ۽ گاهن جهڙوڪه ٻيلاٽيون، لاڻا، لوت وغيره جو ذڪر ٿيل آهي:
·
واهڙ وهي مَ شال! سڪي ٻيلاٽيون ٿيون
پسان تنهنجي پيٽ ۾، لاڻا، لوت ليار
جي تو سڀ ڄمار، آسائتيون ٻوڙيون
ڍنڍن جو ذڪر:
ڍنڍون
زمين جي خشڪيءَ وارن حصن تي پاڻيءَ جا ذخيرا ٿين ٿيون، جن تي پکين ۽ مڇين جو شڪار
پڻ ٿيندو آهي. اڪثر ڍنڍون پاڻيءَ جي گذر گاهن جي ويجھو هونديون آهن جن ۾ هر سال
ٻوڏ جو پاڻي يا برفاني پهاڙن تان رجيل پاڻي درياهن جي ذريعي وهي ايندو آهي. شاهه
سائين پنهنجي شاعريءَ ۾ خاص طور ٻن ڍنڍن جو ذڪر ڪيو آهي. پهريون ڪينجھر ۽ ٻيو
ڪراڙ.
·
سائِر ٻوڙِي سُهڻِي، نه ڍوري نه ڍنڍِ
·
مئي هٿ ۾ مڪڙي، ڄام هٿ ۾ ڄار
سڄو ڏينهن شڪار، ڪينجھر ۾ ڪالهه هئو.
·
ڀَرِيائِين ڪُنَ ڪِراڙَ جا، وُٺو وارِياسو
·
لَڳي اُتَرَ واءَ، ڪِينجهرُ هِندورو ٿِئي.
·
ورئي واهوندن، ڪينجھر ڪٿوري.
ماڳ مڪانن، شهرن ۽ ملڪن جو ذڪر:
لطيف
سائين ڇاڪاڻ ته پاڻ هڪ سياح پڻ هو جنهن ڪري هن سنڌ کان ٻاهر پڻ سفر ڪيا ۽ علائقن
بابت جذيات ۾ ڄاڻ حاصل ڪئي انهيءَ ڪري سندس ڪلام ۾ نه فقط انهن جا نالا پر انهن جي
Proper Location ۽ موسمي حالات کان ويندي اتان جي
ڍنڍن ڍورن ۽ واهن جو پڻ ذڪر ملي ٿو:
·
بر وٺا ٿر وٺا، وٺو جيلسر مير
آگم ڪري آئيون، پائر ڀري پير
لاٿائون لطيف چئي، وانڊين مٿان وير
سرها ڪيائون سير، سرهيون سنگاريون ٿيون.
مٿئين
بيت ۾ ”جيلسر مير“ علائقي کان علاوه ”پائر“ لفظ پڻ استعمال ڪيل آهي جيڪو ٿر جي
وچولي لاءِ ڪتب آندو ويو آهي. ساڳي ريت هيٺين بيتن ۾ ڪيترن ئي ملڪن ۽ شهرن جا نالا
ڏنل آهن جنهن مان ڀٽائي صاحب جي ملڪن، شهرن ۽ آس پاس وارن ٻين خطن بابت چڱيءَ ريت
ڄاڻ هئڻ جو ثبوت ملي ٿو.
·
موٽِي مانڊاڻِ جِي، واري ڪَيائِين وارَ؛
وِڄُون وَسَڻ آئِيُون، چَؤڏِس ۽ چَوڌارِ،
ڪي اُٿِي ويئِيُون اِسِتَنبولَ
ڏي، ڪي مَڻِـيُون مَغرَبَ پارَ؛
ڪي چِمِڪَنِ چِينَ تي، ڪي لَهَنِ سَمَرِقَندِيُنِ
سارَ؛
ڪي رَمِي ويئِيُون رومَ تي، ڪي ڪابُلَ،
ڪي قَنڌارَ؛
ڪي دَھلِيءَ، ڪي دَکَنِ،
ڪي گُڙَنِ مَٿي گِرِنارَ؛
ڪَنھِين جُنبِي جيسَلمِيرَ تان،
ڏنا بيڪانِير بَڪارَ؛
ڪَنھِين ڀُڄُ ڀِڄائِيو، ڪَنھِين ڍَٽَ
مَٿي ڍارَ؛
ڪَنھِين اَچي اَمرَ ڪوٽَ تان،
وَسايا وَلھارَ؛
سانئِيَمِ! سَدائِين ڪَرِين، مَٿي سِنڌُ
سُڪارَ؛
دوسَ! مِٺا دِلدارَ، عالَمُ سَڀِ آبادِ
ڪَرِين.
·
ڀينَرُ! هِنَ ڀَنڀورَ ۾، دوزَخَ جو دُونهون؛
سَوارو سُونهون، پُڇِي پُورِجِ، سَسُئِي!
·
اِيَّ نه مارُنِ رِيتِ، جِئَن سيڻَ مَٽائِنِ سونَ تي؛
اچِي عُمرَڪوٽَ ۾، ڪندِيَسِ ڪانَ
ڪُرِيتِ؛
پَکَنِ جي پرِيتِ، ماڙيءَ سين نه
مَٽِيان.
·
ڀَڄِي جان ڀَنڀورَ کان، ڏُونگَـرُ ڏُورِيو
مُون؛
ڪاهي رَسِيَس ڪيچَ کي، جِتي پاڻَ
پُنهون؛
سَڀَتِ آهئين تُون، قَضا ڪَندين ڪِنِ
سين؟
جيڪڏهن
شاهه سائين جي شاعريءَ ۾ ذڪر ڪيل شهرن ۽ ملڪن جا صرف نالا ئي لکجن ته ڪيتريون ئي
سٽون درڪار هونديون. هتي مٿين بيتن ۾ ذڪر هيٺ آيل شهرن ۽ ملڪن جي نالن سان گڏ ڪجھ
ٻيا نالا جن جو رسالي ۾ تذڪرو آهي ڏجن ٿا. اهڙن نالن ۾ هنگلاج، استنبول، چين،
سمرقند، مدينو، مڪو، لنڪا، ڪربلا، روم، ڪابل، قنڌار، دهلي، دکن، ٻلهيار، گجميل، مڪران،
ڪيچ، جيسرمير، ڪروت، ڪارورتو، ڍٽ، اروڙ، سورت، ڀنڀور، ونگو، سامارو، عمر ڪوٽ،
لڍاڻو، لاهوت، ڀنڀور، لوتڙي، جھونا ڳڙهه، ماڪاڻي، اُچ، گڙنگ، کارو، سامروٽي،
ماڪاڻي وغيره شامل آهن.
هر
هڪ موضوع کي تفصيلي طور بيان ڪرڻ سان ڪيترائي بيت حوالي طور ڏئي سگهجن پيا پر هتي
صرف چند بيتن جون چند سٽون ئي حوالي طور ڏنيون آهن جن مان اهو اندازو ڪري سگھجي ٿو
ته ڀٽائي جي ڪلام ۾ ڪيترا جاگرافيائي اهڃاڻ موجود آهن. هن وٽ جاگرافيءَ سان
لاڳاپيل ڪيترين ئي شين جو ادراڪ هيو ۽ هر هڪ خطي جي آبهوا، ٻوٽن، ڍنڍن، جبلن،
ميدانن ۽ پٿرن جي ڄاڻ کان علاوه پاڻيءَ جي جانورن ۽ گاهن جي به ڄاڻ هئي. هتي ڀٽائي
جي رسالي مان فقط چند جاگرافيائي علامتن ۽ اهڃاڻن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي. اهڙا
ٻيا پڻ ڪيترائي اهڃاڻ رسالي ۾ جابجا نظر اچن ٿا. اهڙي ريت جيڪڏهن انهن سڀني اهڃاڻن
بابت مفصل انداز ۾ لکجي ته ان موضوع تي هڪ مڪمل ڪتاب پڻ تيار ٿي سگھي ٿو.
مددي ڪتاب
1.
شاهه جو
رسالو غلام
محمد شهواڻي
2.
شاهه جو
رسالو ڊاڪٽر
نبي بخش خان بلوچ
3.
شاهه جو
رسالو ڊاڪٽر
گربخشاڻي
4.
مقالاتِ
عزيز عزيز
جعفراڻي
5.
عرفانِ
لطيف ڊاڪٽر
بشير احمد شاد
6.
جامع لغات
ڊاڪٽر
نبي بخش خان بلوچ
7.
جاگرافيءَ
جي لغت رضوان
گل
No comments:
Post a Comment