استاد لغاري
سُر بسنت جو فلسفو
”بسنت“ سنسڪرت ٻوليءَ جو لفظ
آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي ”بهار جي موسم“ يا ”گُلابي رُت“. هي شاھ جي رسالي جو
تر و تازه ۽ گل و گلزار سُر آهي، جنهن ۾ کٽڻهار کڙڻ ۽ ڳوريءَ پاران ڳهڻا پائي،
سورنهن سينگار ڪرڻ جو سمو سمايل آهي. اُن کان علاوه انگورين ۽ ڪيتڪين جو ڪرھ ڪڍڻ،
اوڀڙ جو اُڀرڻ، اوڌاڻ جو اُڌمڻ، باغن پاران بوند مڪڻ، ڀئونرن جو ڀنڀولجڻ، ڀئونر جو
وڻن ۾ واس وٺڻ، ٽارڙين جو موڙ ٻڌي مورجڻ، پُراڻن پنن جو ڇڻي پٽ پوڻ، رسيليءَ رُت
جو رسڻ، سڄڻن جو ٻانهُن ۾ ٻکجڻ، سُڪن جو سائو ٿيڻ، ڦڳڻ ماھ ڦلارجڻ، کٿوريءَ
خوشبوءِ ٿيڻ، گئونچن جو گلارجڻ، لال گلن جو لالائجڻ، محبن جو مڙڻ، وڻن مٿي چهن ۽
چوٽين جو چمڪڻ جهڙا، روح کي راحت ۽ من کي معطر ڪرڻ وارا مذڪور محفوظ ٿيل آهن. هن
سُر جي مکيه موضوع ۾ لکيل آهي ته ”رُتيون ته سڀيئي سهڻيون ۽ ڀليون آهن، پر بسنت جي
برابر ڪا ئي رُت ڪانهي. جيڪي وڻ پاري ۽ سِيءُ صفا ساڙي ڇڏيا هئا، انهن جي مٿان گل
ڦٽي نڪتا آهن. کٿوريءَ خوشبوءِ ٿي ويئي آهي ۽ اچي ڀئونر ڀريا آهن. ”ڏتو“ چوي ٿو ته
مون کي محب اچي مليا آهن، هاڻي منهنجا سمورا ڏک ۽ ڏولاوا ڏور ٿي ويا آهن“.
راڳ جي لحاظ سان، هن سُر جو صحيح نالو
”بسنت“ آهي. هي سُر گھڻي عرصي کان وٺي، شاھ جي راڳ ۾ ڪو نه ٿو ڳائجي، البت ”سنڌي
بسنت راڳني“ ۾، ڪي ڪافيون ڳائجن ٿيون.
”بسنت“ شاھ جي رسالي جو 36 هون
نمبر ۽ آخري سُر آهي، جنهن ۾ 16 بيت، هڪ وائي ۽ هڪ داستان شامل آهن. هن سُر جو
پهريون بيت ”آئي رُت بسنت ڪي، کِڙيا کٽڻهار“ ۽ آخري وائي ”اڄ سڄڻ گھر آيم جيڏيون!
الله اُميدون پُڄايم ايڏيون!“ آهي.
بيت ۽
انهن جون سمجھاڻيون
آئي رُت
بسنت ڪِي، کِڙيا کٽڻهار،
اُٿي
ڳوري! ويس ڪر، آئي بسنت بهار.
رُت بسنت جي موٽي آئي آهي، کٽڻهار گل کڙيا ۽
ٽڙيا آهن، چَينچل ڳوري! تون به اُٿي! نوان ويس وڳا پاءِ، ڇو جو بسنت جي رُت موٽي
آئي آهي.
آئي رُت
بسنت ڪي، کٽڻهار کڙيا،
کٿوري
خوشبوءِ ٿي، اچي ڀئونر ڀريا،
مون کي
محب مڙيا، لٿا ڏک ”ڏتو“ چوي.
رُت بسنت جي موٽي آئي آهي، تمام گھڻا کٽڻهار
گل کڙيا ۽ ٽڙيا آهن، کٿوريءَ جي خوشبوءِ، وڻ وڻ واسي ڇڏيا آهن، جتي ڀئونرن اچي اچ
وڃ لاتي آهي، ”ڏتو“ چوي ٿو ته؛ ڏک سڀ لهي ويا آهن ۽ مٺڙا محبوب مون کي اچي مليا
آهن.
آئي رُت
بسنت ڪي، باغن مُڪي مند،
اُٿي
ڳوري! ويس ڪر، آيو بهار بسند.
رُت بسنت جي موٽي آئي آهي، باغن گھاٽي رس
واري مٺي ماکي ۽ خوشبوءِ موڪلي آهي، اي چَينچل ڳوريءَ! تون به اُٿي نوان ويس وڳا
پاءِ! ڇو جو بهار جو جھوٽو گھليو آهي.
آئي
بسنت بهار ڪي، باغن مڪي بوند،
لالي
ويکو لال ڪي، هيڪر وڃي هوند!
اُمت جي
آخوند، اوڀڙ سڀ اُڀاريا.
بسنت رُت جي بهار، ڀرپور جوانيءَ سان موٽي
آئي آهي، باغن سنهي مينهن جي ڇاٽ ۽ خوشبوءِ وسائي آهي، لال گلابي رنگن جي لالائي،
جيڪر هڪ ڀيرو ته باغن ۾ وڃي ڏسي اچو! ساري جڳ جهانَ جي ڌڻي، ڦوٽهڙا سڀ ڦُٽائي ڇڏيا
آهن.
اُڌميا
اوڌاڻ، رُت رساڻي سڄڻين،
لڳي
واءُ وڻن کي، ڇاڻيا پن پُراڻ،
پرهيائون
پهراڻ، سُڪائي ساوا ٿيا.
وڻن جا چها، گوشا ۽ انگور ڦٽي نڪتا، سهڻن
سڄڻن ساوڪ رُت اُماڻي آهي، وڻن کي جو بسنت رُت جي پهرينءَ هير لڳي ته انهن پنهنجا
پُراڻا پِيلا پن ڇاڻي ڇڏيا، ساوا سبزا کڻي اوڍيائون، جيڪي وڻ اڳ سُڪل هئا، هاڻي
اُهي، سراسر سرسبز ٿي پيا آهن.
آئي
بهار بسنت ڪي، ڦُولي سڀ وڻراھ،
ايڪ نه
ڦُولي ڪِيتڪِي، سُڪتي هي مرجاءِ.
بسنت رُت جي بهار، ڀرپور جوانيءَ سان موٽي
آئي آهي، وڻن جي گھاٽن ٻيلن ۽ باغن، ڦُول جھليا آهن، هڪ ڪيتڪي ٻُوٽي ڪو نه ڦُٽي،
جيڪا ويچاري ويتر وڌيڪ سُڪندي ۽ سڙندي پئي وڃي.
انگوري
اور ڪيتڪي، ڦُولي ڦڳڻ ماه،
جي سجن
هو من ماه، ته ڦل پسيو ڦولي هنيون.
انگوري ۽ ڪيتڪي ٻُوٽي، ويتر وڌيڪ ڦوٽهڙو
ڪيو، ڦڳڻ جي مهيني ۾ ڦول جھليائون، جي سهڻو سڄڻ من جي اندر موجود هجي ته گلابي گل
۽ گونچ ڏسيو، هينئڙو ويتر وڌيڪ خوش ٿئي ٿو.
انگوريون
۽ ڪيتڪيون، ڦُوليون ڦڳڻ مانھ،
ريءَ
لالڻ ”لاکو“ چوي، سي آئون ڪريان ڪانھ؟
جي سڄڻ
هُئي مون ٻانھ، ڦُل پسيو ڦُولي هنيون.
انگوريون ۽ ڪيتڪي ٻُوٽيون، ڦڳڻ جي مهيني ۾،
ويتر وڌيڪ ڦُوليون ڦليون، ”لاکو“ چوي ٿو ته ”لاکيڻي لالڻ کان سواءِ، آئون انهن کي
ڇا ڪريان؟ ۽ ڪيڏانهن ڪريان؟“ جي سهڻو سڄڻ منهنجي ٻانهن ۾ هجي ته گلابي گل ۽ گونچ
ڏسيو، هينئڙو ويتر وڌيڪ خوش ٿئي ٿو.
انگوريون
۽ ڪيتڪيون، ڦُوليون ڦڳڻ هيل،
لالڻ
رِءَ ”لاکو“ چوي، سي آئون ڀانيان سيل،
جي سڄڻ
هوئن ٻيل ته ڦُل پسيو ڦُولي هنيون.
انگوريون ۽ ڪيتڪي ٻُوٽيون، ڦڳڻ جي مهيني،
هيل اڳي کان ويتر وڌيڪ اچي ڦُلايون ۽ ڦُٽايون آهن، ”لاکو“ چوي ٿو ته ”لاکيڻي لالڻ
کان سواءِ، انهن سڀنيءَ کي، آئون ڪروپ ڪنڊا ٿو سمجھان“، جي سهڻا سڄڻ گڏوگڏ هجن ته
گلابي گل ۽ گونچ ڏسيو، هينئڙو ويتر وڌيڪ خوش ٿئي ٿو.
رُتيان
سڀ ڀليان، ڪا ئي نه بسنت جوڙ،
جي وڻ
پاري ساڙيا، تني مٿي موڙ.
موسمون ته سڀيئي ڀليون ۽ سهڻيون ٿينديون آهن
پر بسنت جي برابر ڪابه ڪا نه ٿيندي آهي، جيڪي وڻ پاري ۽ سيءَ ۾ سڙي ٿا وڃن، انهن
جي چوٽين تي، چَهَا نڪريو ٿا اچن.
رُتيان سڀ ڀليان، ڪا ئي نه بسنت تُل،
جي وڻ پاري ساڙيا، تني مٿي گُل.
موسمون ته سڀيئي ڀليون ۽ سهڻيون ٿينديون
آهن، پر بسنت جي برابر ٻي ڪابه ڪا نه ٿيندي آهي، جيڪي وڻ پاري ۽ سخت سيءُ ۾ سڙي ٿا
وڃن، انهن مڙنيءَ جي مٿان، گُل ۽ گَونچ نڪريو ٿا اچن.
ڀئونر!
مَ ڀيرو لاه، جيئين واس وڻن ۾،
کاڌُئي
پيتُئي جن سين، سي وڻ سارينداءِ،
ايءَ نه
پر سندياءِ، جئن ڦُل ڏسيو ڦِريو وڃين.
اي ڀلوڙ ڀئونر! تون اچڻ وڃڻ ڇڏي نه ڏي، وڻن
جي واس ۾ پيو حياتيءَ ماڻ، جن سان تو کاڌو پيتو، سي سارا وڻ توکي ساريندا ۽ ياد
ڪندا، اها تنهنجي ريت ۽ رسم آهي ئي ڪا نه، جيئن جو “گُل ۽ گَونچ ڏسيو، وري واپس
وريو وڃين”.
ڀئونر!
ڀرين منجھ باغ، ڪرھ ڪيو گُلن سين،
پل پل
وچڙين، پِين کائين، دن ۽ ماھ دماغ،
اهڙي
درد دماغ، ڪَهَلائي ڪارو ڪئو.
اي ڀلوڙ ڀئونر! شل باغ ۾ پيو گھُمين ڦرين!
گلن جي قطارن ۽ گَونچن سان گڏوگڏ، سدائين پيو وچڙين، کائين ۽ پين، ڏينهن جا ڏينهن
۽ مهينن جا مهينا، دل ۽ دماغ سان، اهڙي دلي ۽ دماغي درد، تو تي ڪهڪاءُ ۽ قياس ڪري،
ڪارو رنگ چاڙهي ڇڏيو آهي.
ڪارو ڪوه ڪيوءِ؟ پاڻ پانهنجو پاڻهين،
ڪو گل
ڪينهين ڪيتڪي، لوچي تان نه لڌوءِ،
ڀئونر!
ڀِرين ٿو جوءِ، راتيون ڏينهان باغ ۾.
(اي ڀلوڙ ڀئونر!) تو پاڻ پنهنجي
پاڻ کي، پاڻهين ئي ڪارو ڇو کڻي ڪيو آهي؟ ڪنهن ڪيتڪي ٻوٽيءَ ۾، شايد ڪو گُل ڪونهي!
جيڪو لوچي پوچي، تو ڳولي ڪو نه لڌو آهي، اي ڀيرا ڏيندڙ ڀلوڙ ڀئونر! تون جو راتيون
ڏينهان باغن ۾ گھُمين ڦِرين پيو.
آئي رُت
بسنت ڪي، ڦڳڻ ڦُلاريو،
پيچرو
پرينءَ جو، مون کي ڏاتر ڏيکاريو،
جڏ نمي
نهاريو، تي ڦُل ڏسيو ڦاٽي هنيون!
رُت بسنت جي موٽي آئي آهي، ڦوٽهڙي واري
مهيني ۾، ڦُول ڦُٽي پيا آهن، پرينءَ جي پسڻ جو پيچرو ۽ گس، مون کي ڏيهن جي ڏاتار
کڻي ڏيکاريو آهي، مون جڏهن هيٺ نمي، نوڙت ۽ نياز سان نهاريو ته گُلابي گُل ۽ گَونچ
ڏسي، خوشيءَ ۾ منهنجو هينئڙو ڄڻ صفا پيو ڦاٽي!
کارا
مائي! کارا، ڪارو ٿهرين ڪيئن؟
عجب
اٿئون ايئن، ڪا سُڻاءِ سُڌ ”صادق“ چئي.
هيءَ ته سمورا (ڦل ۽ ڦُول) رڳو کارا ئي کارا
آهن! تون ڪاري رنگ تي، ڪيئن اٽڪي ۽ اُلجھي بيهي رهيين؟ ”صادق چوي ٿو ته“ مون کي
صحيح سُڌ ۽ سموريءَ سماچار سُڻاءِ، ڇو جو انهيءَ ڳالھ جو، مون کي اڃان تائين عجب
آهي!”.
جهڙيءَ ريت، شاھ جي مستند ڪلام ۾، سُر
”سارنگ“ کي، پيار، محبت، خوشيءَ، خوشحاليءَ، سونهن ۽ سُڪار وارو درجو حاصل آهي،
تهڙيءَ ريت، رسالي جي ڪلام ۾، سُر ”بسنت“ کي، گُلابي رُت ۽ گل و گلزار وارو رتبو
راس آيل آهي. ”کٽڻهار کڙيا آهن، اُٿي ڳوريءَ! ڳاڙها ويس وڳا پاءِ، کٿوريءَ خوشبوءِ
ٿي ويئي آهي، جن تي ڀئونر ڀنڀولجي اچي ڀِريا آهن، وڻن پنهنجا پُراڻا پِيلا پن ڇاڻي
ڇڏيا آهن، سُڪا گاھ سڀ ساوا ٿي ويا آهن، ڦُل پسيو، منهنجو هينئڙو پيو خوشيءَ ۾
ڦُولي ۽ ڦاٽي سُر ”بسنت“ جي شرح، سمجھاڻي ۽ فلسفي سان، شاھ جي رسالي جي ڇٽيھن سُرن
جو، هڪ هڪ تعارف ۽ احوال تمام ٿيو آهي.
No comments:
Post a Comment