شاهه جو رسالو

Tuesday, 23 October 2018

لطيف سائين جي فلسفي کي ڪيئن سمجھجي؟ غلام رسول چانڊيو (Ghulam Rasool Chandio)

غلام رسول چانڊيو

لطيف سائين جي فلسفي کي ڪيئن سمجھجي؟

حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو سمورو ڪلام سون آھي، جنھن ۾ ڪائنات جي سمورين حسناڪين سميت انساني سماج جي اھڙي ته خوبصورت اڏاوت ٿيل آھي جو جيڪڏھن ان تي عمل ڪجي ته ھوند ھي دنيا حسين بڻجي پوي، پر بدقسمتي سان اسان لطيف سائينءَ کي ”ڏکيو“ چئي جڏھن پڙھڻ کان ئي پري آھيون ته پوءِ لطيف سائين کي سمجھڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ ته ماڳھين ڏکي ڳالهھ ٿي وئي. اھڙي صورتحال جو نتيجو اھو نڪتو آھي جو اڄ اسان جنھن سماجي حالت تي بيٺل آھيون، اھا انتھائي شعوري ڏڪار جو شڪار آھي ۽ ظاھر آھي ته جنھن سماج ۾ شعور جو ڏڪار ھجي ته پوءِ ان سماج جا ٻيا پاسا به ابتريءَ جو ڏيک ڏيندا ۽ اھو سچ آھي ته اسان پنھنجي جُملي معنائن ۾ تنزليءَ طرف وڌي رھيا آھيون.
لطيف سائين تي جيترو به ڪم ٿيو آھي، اھو مختلف ڌارائن ۾ ٿيو آھي. ظاھر آھي اھڙي صورتحال ۾ ڀٽائي صاحب جو اصل سچ سامھون نه اچي سگھيو آھي ۽ ھر ڪنھن لطيف سائين کي پنھنجي تناظر ۾ ڏٺو آھي يا وري پنھنجون طاويلون ۽ معنائون ڏئي محدود ڪرڻ يا ڪنھن خاص ڌارا ۾ رکڻ جي ڪوشش ڪئي آھي، نتيجي ۾ لطيف سائين جو پنھنجو اصل سچ ماڻھن تائين نه پھچڻ جي ڪري،  ڀٽائي صاحب عقيدن تائين محدود رھجي ويو آھي ۽ ھر ڪنھن ان کي پنھنجي مقصد لاءِ پئي استعمال ڪيو آھي جو اسان وٽ تحقيق جا جديد رجحان اڃان پيدا نه ٿي سگھيا آھن ۽ ٻيو ته سماجي سائنس جي علمن ۾ اسان تحقيق جي سلسلي ۾ غيرجانبدار ٿيڻ ۾ ناڪام ويا آھيون، جنھن جو لازمي نتيجو اھو ئي نڪرڻو آھي جو لطيف سائين يا ته اسان وٽ انقلابي اڳواڻ آھي يا وري ڪنھن خاص مذھبي ڌارا جو ترجمان شاعر بڻيل آھي ۽ ان صورت ۾ اسان جي سماج تمام گھڻو نه رڳي ڀوڳيو آھي، پر لطيف سائين جي سلسلي ۾ گھڻن مونجھارن جو شڪار ھوندي، ماڳھين ڀٽائي کان پري ٿيندو ٿو وڃي، نتيجي ۾ سماجي سطح تي اسان ھڪ خوفناڪ شعوري ڏڪار جي ور چڙھي ويا آھيون
.
دراصل اسان وٽ لطيف سائين لاءِ ڪنھن  علمي اڃ بجاءِ عقيدي وارا رجحان وڌيڪ سگھارا آھن، ھونئن به جن سماجن ۾ فڪري بحران ايندا آھن ته پوءِ اتي عقيدا پنھنجي جاءِ جوڙي ڇڏيندا آھن ۽ پڙھيو لکيو طبقو وري پنھنجي علمي ھستيءَ واري نفسيات جو شڪار ھوندي، پنھنجو پاڻ کان اڳتي سوچڻ لاءِ تيار ئي ناھي ھوندو، نتيجي ۾ ”آءٌ سڀ ڪجھه“ واري رجحان سبب اسان پنھنجا بنيادي فڪري مرڪز وڃائي رھيا آھيون، جنھن جا ڀيانڪ نتيجا نڪري رھيا آھن ۽ نڪرندا رھندا جو ڪو به سماج يا ڪابه قوم ايستائين ترقي توڙي تبديلي نه ٿي آڻي سگھي، جيستائين ان وٽ پنھنجو ڪو نج فڪري مرڪز نه ھجي ۽ جيڪڏھن ٿورو غور ڪيو وڃي ته سنڌ جو سمورو فڪري مرڪز لطيف سائين کان سواءِ ٻيو ڪو به نه آھي ۽ جي ڪو آھي ته اھو ڏئي وٺي لطيف سائين جو ورجاءُ ئي آھي. ان سلسلي ۾ جن سھڻو ۽ تخليقي ورجاءُ ڪيو آھي، اھي اسان جا ھر شعبي ۾ اڳواڻ رھيا آھن ۽ جن کان لطيف سائين جو سھڻو  ورجاءُ نه ٿي سگھيو آھي، اھي ڪھڙي به شعبي سان تعلق رکندڙ ھجن پر تاريخ جي دز ۾ لَٽجي چڪا آھن. جيڪڏھن آئون غلط آھيان ته پوءِ سنڌ جي نج سياسي سماجي پنڌ ۾ اھا ڪھڙي نئين ڳالهھ ٿيل آھي، جيڪا لطيف سائين نه ڪئي آھي!؟ منھنجي ھن گذارش تي غور ڪرڻ جي ضرورت آھي ۽ آئون ان ڪري به ھن ڳالھه تي زور ڏيان ٿو ته جيڪڏھن اسان غور ڪنداسين ته نتيجا سامھون اچي ويندا ۽ سمجھي وٺنداسين ته اسان ڪھڙو ۽ ڪيئن لطيف سائين جو ڄاڻائي يا اڻ ڄاڻائي ۾ ورجاءُ ڪيو آھي، ان ورجاءَ ۾ ڪھڙيون ڪوتاھيون ڪيون اٿئون ۽ اھڙا ٻيا کوڙ سارا سوال ۽ جواب سامھون اچي ويندا، جنھن سان لطيف سائين جي حقيقي اھميت جو احساس ٿيندو ۽ پوءِ اسان جو پنڌ ڪنداسين، ان پنڌ ۾ ڪٿي به ٿاٻڙجي نه ڪرنداسين ۽ نه ئي اسان پنھنجن منزلن تي پھچڻ کان اڳ ٿڪجي ٽٽجي گمنامين ۾ وينداسين.
منھنجي ڳالھه سان اختلاف جو ھر ڪنھن کي حق آھي پر ان کان اڳ لطيف سائين کي چڱي طرح پڙھڻ ۽ سمجھڻ جو لازمي شرط رکڻ منھنجو به حق آھي. ان سلسلي ۾ ڪجھه بنيادي ڳالھين کي سمجھڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ جي اشد  ضرورت آھي، بلڪه ائين کڻي چئجي ته لطيف سائين کي پڙھڻ لاءِ جيڪڏھن انھن ڳالھين کي اصول طور وٺجي ته اسان جا ڪيئي مونجھارا ختم ٿي سگھن ٿا ۽ اسان لاءِ نيون راھون ۽ رستا کلي سگھن ٿا. ھي ڳالھه ان ڪري به منھنجي نظر ۾ اھم آھي جو اڄ جي سماجي حالتن ۾ سنڌ فڪري طور پاڻ کي نڌڻڪو سمجھي رھي آھي ۽ سياسي ڀڃ ڊاهه سماج ۾ تمام گھڻيون مايوسيون پيدا ڪيون آھن، جنھن جو وري لازمي نتيجو اھو نڪتو آھي جو اسان انفراديت جو شڪار ٿيندي، پنھنجن اجتماعي صلاحيتن جي اظھار ۽ ڪارج کان پري ٿيندي ڄڻ ته ھڪ خوفناڪ ويڳاڻپ ۾ وڪوڙجي ھلي رھيا آھيون، جنھن ڪري اسان وٽ باصلاحيت ماڻھو به اجتماعي عوامي، قومي ۽ سماجي ڪردار بجاءِ ذاتي ترقيءَ جي سفر تي ھلندي، پنھنجي قوم لاءِ بي لاڀ بڻيل آھن. جيڪڏھن سولي نموني ھن ڳالھه کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪجي ته سنڌي سماج بنا ڌراڙ جي ھڪ اھڙو ڌڻ بڻجي پيو آھي، جنھن جو شڪار گدڙ به آساني سان ڪري رھيا آھن ۽ ڇا اھو سچ ناھي ته اسان وٽ پنھنجي نجات جا رستا يا ته آصف زرداري وٽ آھن يا وري عمران کان ويندي نوازشريف ۽ شيخ رشيد ۾ به اسان پنھنجي سماجي اھنجن جو آسرو ڪري ويٺا آھيون!؟ ظاھر آھي ان جو اصل سبب اسان جو پنھنجي بنيادي فڪري مرڪز کان منھن موڙڻ يا ان مرڪز کي نه سڃاڻڻ آھي ۽ اھو عظيم فڪري مرڪز فڪر لطيف آھي...
منھنجي نظر ۾ فڪر لطيف اندر ھڪ اھڙي سماج جي اڏاوت جون ھدايتون ٿيل آھن، جنھن سماج جي اڏاوت لاءِ سموري انسانيت ھزارين سالن کان خواب کڻي جيئندي رھي آھي، پر اھي خواب ساڀيان نه ٿي سگھيا آھن جو اسان فڪر لطيف کان پري ھوندي  ھڪ اذيت واري سماج ۾ جي رھيا آھيون. ” نه ڪا جھل نه پل، سڀ ڪا پسي پرينئن کي“ جھڙو سماج ڪنھن کي گھربل نه آھي!؟ ٿورو به غور ڪجي ته فرد کان وٺي سماج تائين ھر ڪنھن جي تمنا ھڪ اھڙي حسين سماج واري تمنا آھي جنھن ۾ ڪا به جھل پل نه ھجي، ڪا به رڪاوٽ نه ھجي، ڪوبه ڪنھن کي روڪڻ ٽوڪڻ وارو نه ھجي، سڀ ڪو پنھنجي پرينئن کي آزاديءَ سان پسي ۽ پوڄا ڪري. ھاڻ اھڙي شاندار سماج جھڙي ڳالھه ڪنھن کي قبول نه ھوندي!؟ پر اسان ڪڏھن اھا ڳالھه ٻڌڻ جي ڪوشش ڪئي آھي يا وري اسان ان ڳالھه جي حقيقت کي پنھنجي جملي معنائن ۾ سمجھڻ چاھيو آھي!؟ ظاھر آھي ان سوال جو جواب نه ۾ آھي ۽ ان جو نتيجو به انساني غلامي جي شڪل ۾ سامھون آھي جو ”سڀ ڪا پسي پرينئن کي“ جو مطلب ئي انساني آزاديون آھن ۽ دنيا جي ڪھڙي فلاسافي آھي، جيڪا انساني آزادين ۽ وقار جي مخالف ھجي!؟
سو پاڻ انساني آزادين واري لطيف سائين جي ان نقطي کان پوءِ اصل ڳالھه ڏانھن ايندي انھن اصولن تي ڳالھايون ٿا، جن اصولن تحت لطيف سائين کي پڙھڻ ۽ سمجھڻ گھرجي. لطيف سائين جي ڪلام تي تمام گھڻو ڪم ٿيڻ باوجود تخليقي ۽ نج تحقيقي ڪم نه ٿيڻ جي برابر رھيو آھي، جنھن جو ھڪڙو ڪارج اھا سماجي عقيدت ۽ رياستي خوف به آھي، جنھن ۾ ڀٽائي جي اصل سچ ظاھر ٿيڻ سان ڪيترا ئي مسئلا پيدا ٿي سگھن ٿا، تنھنڪري گھڻي قدر لطيف سائين تي جو ڪم ٿيو آھي، اھو ھڪ مخصوص قيد ۾ رھي ڪري ٿيو آھي، ظاھر آھي اھا قيد عقيدن جي قيد سميت اھا رياستي قيد آھي، جنھن مان آجو ٿي جيڪڏھن لطيف سائين جو فڪر ماڻھن تائين پھتو ته پوءِ گھڻو ڪجھه بدلجي سگھي ٿو ۽ ان تبديلي واري خوف سبب لطيف سائين کي ئي محدود پئمانن ۾  قيد رکڻ جي ھر دور ۾ ڪوشش ٿيندي رھي آھي، نتيجي ۾ لطيف سائين جي ڪلام جي ترتيب جيئن جو تيئن رکي لطيف سائين کي سچ به اسان لاءِ ڏکيو بڻايو ويو آھي، ان سلسلي ۾ صرف ھڪ ننڍڙو مثال عرض رکجي ته سُر ڪلياڻ ۽ يمن ڪلياڻ شانتي جا سر ٻڌايا وڃن ٿا پر ان ۾ موجود ڪلام ۾ ڪٿي سِر اڏين تي رکيل آھن ته ڪٿي وري پتنگ ٿي آڳ کي اُجھائي پچڻ کي به پچائي ڇڏڻو آھي ته وري ڪٿي مائي موکي متارن جا سِر کنيو بيٺي آھي ته اھڙي صورت ۾ ڇا اھو سوال نه ٿو اٿي ته اھا ڪھڙي شانتي آھي جو ڪلال جي ھٽ تي ھڪڙا اڏين تي سِرُ ڏيو بيٺا آھن ته ٻيا سِرُ ڏيڻ لاءِ قطار ۾ آھن....!!!؟ ھاڻ اتان کان پاڻ اصل مقصد تي اچون ٿا ته جيئن گھڻي ڊيگھه کان بچي سگھجي.
لطيف سائين کي پڙھڻ ۽ سمجھڻ لاءِ اھو انتھائي لازمي آھي ته ھنن نقطن کي سامھون رکجي ۽ انھن تي تحقيق ڪجي (1) لطيف سائين پنھنجي عمر  جي مختلف مرحلن توڙي حصن ۾ ڪھڙو ۽ ڪھڙين حالتن ۾ڪلام چيو (2) لطيف سائين کان اڳ ۽ سندس دور جون ڪھڙيون سياسي، سماجي، حڪومتي، علمي، ادبي ۽ جنگي حالتون ھيون يا ايندڙ دور ۾ ڪھڙا معاملا درپيش آيا ھئا (3) لطيف سائين جي دور ۾ ڪھڙا مذھبي رجحان ھئا ۽ ان وقت رابطي جي دائري ۾ ايندڙ دنيا ڪھڙن فڪري مرحلن مان گذري رھي ھئي؟ (4) لطيف سائين جي دور ۾ سندس ھم اثر يا کانئس ٿورو اڳ شاعري جون ڪھڙيون صورتون ھيون (5) سندس ڪردارن ۾ اڪثريت غير مسلم ڪردارن جي ڇو آھي (لطيف سائين جون ست ئي سورميون غير مسلم ٻڌايون وڃن ٿيون) (6) لطيف سائين جي ڪلام تي ٻين ڪھڙن مفڪرن جو اثر آھي جو چند بيتن کي مثال بڻائي چيو ٿو وڃي ته لطيف سائين تي مولانا رومي ۽ ڀڳت ڪبير جو اثر ھيو ۽ ان سلسلي ۾ لطيف سائين جي اڪثريتي يا عددي ڪلام کي نظر انداز ڪيو وڃي ٿو (ھن نقطي ۾ منھنجو مقصد اھو ناھي ته ڪو شاعر يا خود لطيف سائين ڪنھن جو اثر وٺي نه ٿو سگھي، بلڪه منھنجو مقصد ڪيترو، ڪيئن ۽ ڪھڙو اثر ورتل آھي)، (7) لطيف سائين رڳي سنڌ ۽ ھند جي جاگرافيءَ تائين سير سفر يا مشاھدا ڪيا يا ان کان ٻاھر به ويو ھيو؟ (8) اھو طئي ٿي چڪو آھي ته لطيف سائين اُمي نه ھيو، بلڪه تمام وڏو پڙھيو لکيو ھوندي ڪيترين ئي ٻولين تي عبور رکندڙ ھيو ته پوءِ اھو معلوم ڪرڻ نھايت لازمي آھي ته ان وقت ڪھڙي قسم جو ڪتابي توڙي مشاھداتي علم لطيف سائين حاصل ڪيو ھوندو ۽ ڪنھن ڪنھن سان سندس ڪچھريون ٿيون ھونديون؟ (9) آخر ڇا سبب ھئا جو لطيف سائين جا ان وقت مخالف به ھئا ( نالا نه ٿا کڻجن جو سڀن کي ڄاڻ آھي) (10) ڇا لطيف سائين جي موجوده رسالن ۾ جا ترتيب آھي اھا پنھنجي ڪلام جي جوھر موجب درست آھي؟ يا ان جي ترتيب سندن ئي ڪلام جي جوھر موجب نئين سري ساڻ ٿيڻ جي ضرورت آھي؟ (11) اھڙي طرح فرد، سماج، قوم، وطن ۽ عالميت کان ويندي لطيف سائين ڪھڙي قسم جي رياست، حڪومت ۽ نظام جي گھُر ڪري ٿو؟ (12) سندس تصوف ڪھڙي قسم جو آھي؟ ڇا اھو سندس کان اڳ واري تصوف جو تسلسل آھي يا وري ان ۾ ڪا نواڻ يا جداگانه نظرياتي بيھڪ يا بنياد موجود آھن؟
ان کان سواءِ به ٻيا کوڙ سارا نقطا آھن، جن کي سامھون رکي لطيف سائين تي نئين ۽ جديد طريقي سان ڪم ڪري سگھجي ٿو، پر منھنجي ننڍڙي عقل موجب مٿيان بنيادي نقطا کڻي جيڪڏھن لطيف سائين تي ڪم ڪيو وڃي ته لطيف سائين موجوده دور جون نه رڳي گھربل شعوري ۽ فڪري تقاضائون پوريون ڪندو پر اسان جي مايوسين جي ور چڙھيل سماج ۾ يقين جھڙيون اميدون به جاڳنديون.


No comments:

Post a Comment