فقير حاجن نظاماڻي
جنين سندو آهين، سي جي چونئي هڙ
شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي پيغام جو انداز
انتهائي ڏکيو به آهي ۽ تمام آسان به آهي. سائين جي ڪلام ۾ مثال طور پکين جون
عادتون، جيتن جون جبلتون، جانورن جي نسلن جو مثال، انساني حيات سان ملائڻ جو انداز
تمام گهڻو خوبصورت آهي. جيئن سائين جو پيار ۽ محبت سان سمجهائڻ آهي ان کي انساني
جبلتن ۽ عادتن سان ملائي سمجهائين ٿا. جيئن سائين هن بيت ۾ نانگ جي باري ۾ فرمائين
ٿا ته.
ڪاريهر ڪر مهڻون، اڻ لتاڙيون
نه کاءِ
جي ڏمرجي ڏنگ هڻي جهاڙو ڌلي
نه جاءِ
مادر تنهن مٿاءِ هڻي هٿ ڳلن
کي
ڪاريهر يعني ڪاري نانگ جي باري ۾ سائين جن
فرمائين ٿا ته ڪاري جي ڪر يعني خاندان کي مهڻون آهي ته هو ڪنهن کي لتاڙڻ کانسواءِ
ڏنگ نه هڻندو آهي. جيڪڏهن ان کي ڪنهن لتاڙيو يا تنگ ڪيو ته ڦيڻن وارن جي جاءِ
ناهي، يعني علاج جي حاج کان هو ناقص ئي ويندو، يعني هو لاعلاج ٿي ويندو. مري
ويندو. پوءِ صرف ماءُ ان جي ڳلن کي هٿ هڻي ٿي سگهي. يعني اولاڻو ڏئي روئڻ کان
سواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي ٿي سگهندو.
لطيف سائين جن جانور جي جبلت جي باري ۾
ٻڌائي ٿو ته جانور گڏهه جي ڪهڙي حالت آهي. اُن جي عادت ڪهڙي آهي. اوهان جو سلوڪ ان
سان ڀلي ڪهڙو به ڇو نه هجي اُن جي عادت تي اوهان اثرانداز نٿا ٿي سگهو. جانور ته
جانور پر لطيف سائين جيتن جي خصلتن جو پڻ پيارو مطالعو ڪيو ۽ اسان کي سڌو رستو ڏنو
آهي.
کر کي کستوري، ٻانهون ٻڌي چار
پنهنجي پسوري، ليٽي ڏيکاريندو
لِڏ ۾
کر يعني گڏهه جي باري ۾ لطيف سائين جن
فرمائين ٿا ته گڏهه کي کستوري به ٻانهون ٻڌي يعني عزت سان کارائيوس پر پوءِ به هو
پنهنجي عادت کان هرگز نه مڙندو. پنهنجي اصليت ضرور ظاهر ڪري ڏيکاريندو. لِڏ ۾ ليٽي
گڏهه انهي عادت جو مظاهرو ڪندو آهي. اگر اها ڳالهه اسان انسان ڏانهن کڻي وڃون ته
احسان فراموش انسان، مڪار ماڻهو، منافق انسان ڏانهن هي بيت پورو بيهي ٿو. احسان
فراموش انسان تي ڪيترو به احسان ڪريو، ٿورو ڪريو، پيار ڏيو، ڪم اچو پر هو پنهنجي
عادت کان نه مڙندو. ٻين کان پاڻ کي اعليٰ ۽ افضل سمجهندو. اڳئين انسان جو ٿورو هو
هرگز نه مڃيندو. منافق انسان ۽ ٻيون بريون خصلتون رکندڙ ماڻهن لاءِ هي بيت چيل
آهي. اوترو ئي بيت جانورن جي طبيعت ۽ خصلت لاءِ پڻ چيل آهي. جيترو برين خصلتن واري
انسان لاءِ هي بيت آهي. ان حساب سان سائين جي بيتن ۾ ڪمال جو رنگ ڀريل آهي. هر
انسان پنهنجي طريقي سان بيتن کي استعمال ڪرڻ جو ماهر لڳي ٿو.
پهرين ڪاري نانگ جي، ڪو ڇڙڪيل
ڇيڙ ڪري
جي هڻي ڏنگ ڏسائيو، ته ويجهو
تان نه وري
جيڪي پيٽ مري، جيڪي سڪي صحت
کي
ڪاري نانگ جي عادت ۽ ان ۾ طاقت جو لطيف
سائين جن بهترين عڪس بيان ڪيو آهي. ڪو ڇرڪيل ته ڇيڙ ڪري سگهي ٿو پر جنهن کي طاقت
جو احساس هوندو اُهو ويجهو به نه ويندو. ايتري وڏي طاقت هن نانگ جي زهر ۾ موجود
آهي جو گهڻو ڪري هن جي ڏنگ هڻڻ سان ئي مري ويندو يا هميشه جي لاءِ معذور ۽ بيمار
رهندو.
لطيف سائين پنهنجو ڪلام انساني سوچ جي فطري
خيال سان ملائي ٻڌايو آهي. قدرت جي رنگن ۾ رنڱيل انسان عام جانورن وارن جبلتن ۾
ڪيئن ڦاسي پيو آهي. اسان اڄ مختصر ڳالهه ڪنداسون ته سائين جن جي ڪلام ۾ ڪُتي جي
وفاداري ۽ انهي جي حقيقي سوچ جو مطالعو ڪنداسون. سائين جن جي خاتفاهي نظام ۾ ٻه
ڪُتا به رهندا هئا. موتي ۽ گهنيون جن جي سار سنڀال لاءِ ونهيون فقير مقرر ٿيل
هوندو هو. هر فقير کي پنهنجو ڪم ورهاست ۾ مليل هو. سائين جن جو هڪ ڪُتو سفر
جيسلمير ۾ گذاري ويو. جنهن کي فقيرن جي سينه به سينه روايت موجب ڪفن سان دفن ڪيو
ويو. هڪ ڏينهن ڪنهن فقير جي دل ۾ خيال آيو ته ڪُتو ته سائين جن جو ٻئي ولايت ۾
رهجي ويو. سائين جن چون ٿا ته هو پنهنجي فقيرن کي هميشه ساڻ رکندو آهي. الهامي فڪر
جي مالڪ سائين جن ان فقير جي راز کي پروڙي ورتو ۽ چيائين حجري جي ڀر واري کٻڙ کي
کوٽي اچو. جنهن تي فقيرن کوٽڻ شروع ڪيو. واري کي ٿورو ئي پري ڪيو ويو ته اُهو ئي
ڪُتو ظاهر ٿيو. جيسلمير وارو ڪتو هُتي ڪيئن پهتو اهو ڏسي سڀ حيران ٿي ويا. انهي
ڳالهه جو جواب هو ته فقير دوست ته پري پر اسان پنهنجو ڪُتو به نه ڇڏيندا آهيون.
انهي ڪتي جي قبر ڀٽ شاهه ۾ حجري جي ڀر ۾ آهي.
ڪارائيان قريب، ”ونحن“ ويجهو
گهڻو
دارون سڀ درد جو، طبع جو طبيب
انهي حال حبيب، ساهه اوڏا
سپرين
پنهنجي ويجهڙائپ جو احساس ڏيندي سائين جي
انهي واقعي فقيرن جي دلين کي کٽي ورتو. سائين جن جي ڪلام ۾ ڪٿي ڪُتو نفس لاءِ چيل
آهي. ڪٿي ڪو ٻيو مثال ڏئي ڪُتي سان ڪا ٻي ڳالهه سمجهايل آهي.
ڪُتي جو ذڪر لطيف سائين پنهنجي ڪلام ۾ سُر
معذوري، سُر سسئي، سُر کاهوڙي، سُر رام ڪلي ۽ ٻين سُرن ۾ به ڪٿي ڪٿي ڪيو آهي. مڪمل
ڳالهه ڪبي ته ان لاءِ وقت درڪار آهي.
ڪُتا کنئين ڪيچ جا، سدا جي
پنهون
اڳهين هوندا تونهن، جاٺارن
ياد پئي
لطيف سائين جو هي بيت عبرتناڪ حقيقت جي
نشاندهي ڪري ٿو يا وري ٻئي بيت ۾ نفس جي باري ۾ سائين جن فرمائين ٿا ته
ڪُڇ ڪُتي سين ڪينڪي، ماٺ سين
مارين
پائي ڳٽ ڳچي ۾، در دوستن
ڌارينس
ساپر سيکارينس، جيئن ڀونڪڻ
کان بس ڪري
ڪُڇ نه ڪُتي سان، ماٺ ۾ مارينس، اهڙو ڳٽ ڳچي
۾ وجهينس ته هو دوستن جي در تي ڌارجي وڃي. اهڙي ڪيرت ۾ رکئينس ته هو ڀونڪڻ کان بس
ڪري وڃي.
انسان ۾ نفس جو عملي ڪردار تمام گهڻو آهي.
انساني لالچ، لوڀ، حسد، ساڙ کي پيدا ڪندڙ انساني نفس آهي.
ڪم قرابت جن جي، هتي آيم هيئن
رفاقت راڱن جي، پهتس پاهڻ سين
هن بيت ۾ سائين ڪتي راڱي جي رنگ جو به ذڪر
ڪيو آهي. ڪٿي وري سائين فرمائي ٿو ته.
ڪتو ڪونئي، پانهنجو ڪر ڪتن جي
ڪار
ڪن ڪپئي ڪڇ ڪينڪي، پر ڪتن جي
پار
صباح منجهه شڪار، ڪو ٺي ڪئي
پانهنجو
اگر پنهنجو ڪتو ڪري چون ته ڪتن جي ڪار ڪر،
جيڪڏهن ڪن به ڪپنئي ته به انهن سان ڪڇ نه هرگز. سڀاڻ شڪار ۾ پنهنجو ڪري سڏيندئي.
سائين جي ڪلام تي مڪمل دسترس ناممڪن ئي نظر ايندي آهي. هرڪو پنهنجو خيال ته ڏئي
سگهي ٿو پر ان تي مڪمل ڪم نه ٿيو آهي.
جي ڀانئين جوڳي ٿيان، ڪُتا
ڪين نه بهاءِ
مڙهي ۾ ماٺ ڪري، ويهي تند
وڄاءِ
ته سوامي تو سنديا، گُر وٽ
گلا نه ٿئي
سائين جن فرمائين ٿا ته اگر جي تون فقير ٿيڻ
ٿو چاهين در در تي سين هڻي، رُلڻ جي ضرورت ناهي. اندر ئي اندر ۾ مشاهدو ماڻ ته
تنهنجي گلا مرشد وٽ ڪان ٿيندي. هي هڪ راز واري ڳالهه آهي جيڪا سائين پنهنجي ڪلام ۾
ڪئي آهي. انسان کي دردر تي رلڻ جي گهمڻ جي ضرورت ناهي. هو پنهنجي پاڻ جو مشاهدو
ماڻي ته اهو ان لاءِ ڪافي آهي.
نه ڪُتا نه ڪوڪار، نه سي سڏ
شڪارين
پٽيو کڻي پار، جهنگل آهيڙين
کي
يا
ڪُتو ڪوٺائين، ڪرين نه ڪار
ڪُتن جي
ٽڪر کائين سائين جو، بهڪندي
ڪُسائين
سائين ڪيئن سيبائين، اولهيڙ
انهي عادتين
ڪُتي جانور جي هڪ نشاني آهي ته هو جنهن جو
آهي. انهي جو وفادار سڏبو آهي. جنهن جو ماني جو ٽڪر کائيندو آهي انهي سان وفا ڪندو
آهي پر جيڪڏهن اسان انهي ڳالهه کي انسان تي آڻيون ته اشرف المخلوقات سڏائيندڙ
انسان، الله تعاليٰ جو رزق کائي ٿو پوءِ به هو مالڪ سان وفا نٿو ڪري ته ان لاءِ ته
سزا آهي. اگر هو وفاداري سان پنهنجا ڪم سرانجام ڏئي ٿو ته ان جي بقاداري ٿي وڃي
ٿي.
سائين جن جو فطرتي قدرت سان تمام گهڻو پيار
هو. پاڻ هميشه جهنگلن، پهاڙن، ٿرن، جو سفر ڪندا رهيا. سائين مرشد سرڪار جو ڪمال
ايترو ته وسيع آهي. انهي جمالياتي مظهر تائين ڪنهن ٻئي شاعر جي رسائي نه آهي.
ٿر جي پکين جو حال موسمي پکين جون تنوارون
ائين ٿيون لڳن ڄڻ ته هينئر هن موسم لاءِ چيل ۳۰۰ سال اڳ وارا بيت آهن. رنڱين نشانين سان بيت موجود آهن.
وڏا وڻ وڻڪار جا، جت نانگ سڄن
نيلا
اُتي عبداللطيف چئي ڪيا،
هيڪلي حيلا
جت ڪڙم نه قبيلا، اُت رهبر
رسج راهه ۾
هر بيت عڪس نگاري ۽ جماليات جي انيڪ خوبين
سان ڀرپور آهي. جنهن تي جيترو به ڳالهائجي اوترو گهٽ آهي. بس اسان پنهنجي فهم آهر
انهي ڳالهه جي وضاحت ڪري سگهون ٿا. باقي خبر ته ڌڻي ٿو ڄاڻي. انهي ڳالهه جو اهو به
مطلب ڪونهي ڪو. اسان کي خبر ناهي. تنهن ڪري اسان اها ڳالهه هن فڪري سوچ تي ئي ختم
ڪري ڇڏيون ٿا پر الهامي پيغام کي عقلي دليلن ۾ آخر ڪيئن سمائي سگهجي ٿو؟ ڪهڙو حتمي
فيصلو ڏئي اسان خاموش ٿيون.
جنين سندو آهين، سي جي چونئي
هڙ
ڪُتا قريبن سين، دعويٰ وجهي ۾
دڙ
جنين وڌ ئي وڙ، ٿو ڏند
ڏيکارين تن کي
سائين جن فرمائين ٿا ته جنهن جو آهين تن سان
ڪهڙي دعويٰ ڪندي نڀائيندين؟ جنين تو کي ڪوٺي پنهنجو ڪيو آهي انهن کي ڏند ٿو
ڏيکارين. بيوفائي جي انتها ٿو ڪرين. انساني سوچ ۾ اڄ جو انسان احسان فراموشي ڏانهن
مائل آهي. هو هميشه انهي سان وڙهندو آهي جنهن جو هو ٽڪر کائيندو آهي. انسان ۾
روحانيت جي کوٽ جي نشاني موجود آهي ته احسان کي فراموش ڪري ٿو. جيڪڏهن هن ۾ ٿورڙي
به انسانيت موجود آهي ته هو هرگز ائين نه ڪندو. لطيف سائين جي ڪلام تي اهڙي ريت
تحقيق جي ضرورت آهي. جنهن سان انسان جي ڀلائي ٿي سگهي. انسان ڪڌن ڪمن کان بچي
سگهي. انسان جي خلقت الله تعاليٰ جي ذڪر لاءِ آهي پر هو انهي ڳالهه کان غافل ٿيل
آهي. انسان ۾ انسانيت اچي سگهي ٿي. جيڪڏهن لطيفي پيغام کي عام ڪيو وڃي ته ان ۾ ڪا
به تڪليف نه ٿيندي. پيار جو هي پيمانو ڀريل آهي. سڪ جو سڏ ڏيئي محبتي ڳوٺ ٻڌجي
سگهجي ٿو.
No comments:
Post a Comment