شاهه جو رسالو

Thursday 2 November 2017

لطيف انسانيت جو شاعر ـــ واحد پارس هيسباڻي (WAHID PARAS HEESBANI)

واحد پارس هيسباڻي

 لطيف انسانيت جو شاعر

هن تنگ نظري، مفادپرستي، نفسانفسي واري دور ۾ اسين جڏهن لطيف سائين جي شاعري پڙهون ٿا ته ان ۾ انهن سمورين خرابين ۽ منافقتن جو رد ملي ٿو. لطيف اسان جي اڳيان انسانيت جي شاعر جي صورت ۾ سامهون اچي ٿو، جنهن وٽ صرف ۽ صرف پيار جي ٻولي آهي، هن وٽ صرف ۽ صرف ڳنڍڻ جي ڳالهه آهي، ڪٿي به ڇنڻ جي ڳالهه نه ٿو ڪري:
هلو هلو ڪورئين، نازڪ جنين جو نينهن،
ڳنڍين سارو ڏينهن ڇنڻ مور نه سکيا.
هو نهائين کان نينهن سکڻ جي ڳالهه ڪري ٿو:
نهائينءَ کان نينهن سک منجهان سپرين،
سڙي سارو ڏينهن ٻاهر ٻاڦ نه نڪري.
ڀٽائي پوري رسالي ۾ انسانيت سان پيار جي ڳالهه ڪري ٿو. هي جڏهن دعا لاءِ هٿ کڻي ٿو ته سنڌ سان گڏ پوري عالم لاءِ دعا ڪري ٿو، جيڪا ڳالهه کيس عالمي سطح جي شاعر واري صورت ۾ سامهون آڻي ٿي.
سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار،
دوست تون دلدار عالم سڀ آباد ڪرين.
لطيف جي شاعري ۾ ڪٿي به تنگ نظري جو هڪ اکر به نظر نه ٿو اچي بلڪه هن جي سٽ سٽ تنگ نظري کي نندي ٿي. ان کان وڌيڪ سندس ڪشاده دلي جو ٻيو ڪهڙو مثال ٿي سگهي ٿو ته سهڻي سندس سورمي آهي، جنهن کي هن دل کولي داد ڏنو آهي، اها سورمي جيڪا پاڻ واري سماج جي ريتن رسمن کي ٽوڙي درياهه پار ڪري پنهنجي محبوب سان ملي ٿي.
سياري سه رات ۾ جا گهڙي وسندي مينهن،
هلون ته پڇون سهڻي، جا ڪر ڄاڻي نينهن،
جنهن کي راتو ڏينهن، ميهار ئي من ۾.
هو نه رڳو سهڻي جي جرئت ۽ همت کي ڳائي ٿو، سندس سچي پيار کي سلام پيش ڪري ٿو، پر ان درياهه تي قيامت جي ڏينهن دانهڻ جي ڳالهه پڻ ڪري ٿو، جنهن سهڻي کي ٻوڙيو.
ڪنڌي جهليو ڪانهن، عاشق اڀو آهون ڪري،
تو ڪئين ٻوڙي سهڻي؟ ٻيلي منهنجي ٻانهن،
درياهه توتي دانهن، ڏيندس ڏينهن قيام جي
.
لطيف سائين عام شاعرن کان بلڪل ئي مختلف ۽ منفرد آهي، سندس شاعري روايتي ناهي پر اها روايتن کي ٽوڙيندڙ آهي، اهڙو دور جنهن ۾ اڪثر شاعر درٻاري ٿيڻ لاءِ اتاولا نظر اچن ٿا ۽ وڌ کان وڌ وظيفي جي چڪر ۾ رهن ٿا، اهڙي دور ۾ لطيف سائين اسان کي جهرجهنگ ۾ ماڻهن کي جاڳائيندي نظر اچي ٿو، مزاحمت ڪندي نظر اچي ٿو، روايتن کي رد ڪندي نظر اچي ٿو.
مر ته موچاري ٿئين ويهي جي مَ جوءِ،
مُنڌ! مرڻان پوءِ پهچندينءَ پنهونءَ کي.
لطيف سائين جي مشاهداتي اک ڪمال جي آهي، هو جيڪا به ڳالهه ڪري ٿو ائين لڳي ٿو ڄڻ هن اهي سڀ منظر پاڻ پنهنجي اکين سان ڏٺا آهن، هي جڏهن سسئي جي ڳالهه ڪري ٿو ته ائين لڳي ٿو ڄڻ هي جبلن، برف ۽ جهنگن ۾ سسئي سان گڏوگڏ هليو آهي ۽ ان جي تڪليفن کي پنهنجي اکين سان ڏٺو اٿائين:
هي گِسي، هي گُس، هي پهڻ، هي پيچرو،
ويچاري وڏو ڪيو، ويندين پني وس،
ليڙن جو لطيف چئي، ڏونگر اٿئي ڏس
جڳ ۾ رهيس جس، سڳر ٿي سردار جي.
سسئي جي عشق جي حد کي بيان ڪرڻ به لطيف کانسواءِ ٻئي ڪنهن به شاعر جي وس ۾ نه ٿو ٿي سگهي، ان حد کي هنن سٽن ۾ بيان ڪرڻ جو ڪٿي مثال ٿي سگهي ٿو:
منڪر ۽ نڪير کي جڏهن ڏٺائين،
اڳيان اٿي ان کي، پنهون پڇيائين،
ادا! اتائين، ڪو ويو ساٿ سڄڻ جو.
يا وري
اچي عزرائيل ستي جاڳائي سسئي،
ٿي ڊوڙائي دليل ته پنهون ماڙهو موڪليو.
اهڙي مشاهداتي اک ڪنهن جي ٿي سگهي ٿي؟ ڀٽائي جڏهن سهڻي کي ڳائي ٿو ته هو ڄڻ ته درياهه جي ڪنڌي تي بيٺل نظر اچي ٿي، لهرن جي وچ ۾ محسوس ٿئي ٿو، هي جڏهن مارئي تي لکي ٿو ته ائين لڳي ٿو هي خود عمر جي ڪوٽ ۾ موجود هو. مارئي جي ڪيفيتن، احساسن کي لطيف جنهن خوبصورت انداز ۾ بيان ڪيو آهي، اهڙو ڪو شاعر بيان ئي نه ٿو ڪري سگهي:
واجهائي وطن کي آئون جي هت هُياس،
گور منهنجي سومرا، ڪج پنهوارن پاس،
ڏج ڏاڏاڻي ڏيهه جي منجهان ولڙين واس،
ميائي جياس، جي وڃي مڙهه ملير ڏي.
پنهنجي ماروئڙن، پنهنجي اباڻي ڪکن سان، پنهنجي لوئي ۽ لڄ سان پيار جي جنهن انتها تي مارئي بيٺل نظر اچي ٿي ان جي احساسن کي ان ئي انداز ۾ بيان ڪرڻ جو ڏانءُ صرف لطيف سائين وٽ ئي نظر اچي ٿو. هن جي شاعري جو ڪمال اهو آهي ته ان ۾ ڪٿي به مصنوعيت نظر نه ٿي اچي، اها حقيقتن جي بلڪل ئي ويجهو نظر اچي ٿي. هن مارئي جي جذبي سان گڏ وطن جي حب کي به انتهائي خوبصورت انداز ۾ بيان ڪيو آهي. هن ان سان گڏ مارئي جي ديس ٿر جو هڪ ڀرپور تعارف به ڪرايو آهي، اتي واري جي دڙن، ڪچن ڪکاون گهرن، اتان جي غربت، اتي ٿيندڙ ڀاڄين ۽ گاهن کي به خوب بيان ڪيو آهي. ڀٽائي جو سُر مارئي پڙهڻ کانپوءِ مارئي جي وطن جي حب سان گڏ سندس وطن جو سمورو نظارو پڻ سامهون اچي وڃي ٿو:
آڻين ڪي چاڙهين ڏٿ ڏيهاڻي سومرا!
سٿا ڪيو، سيد چئي سائون سڪائين،
منجهان لنب لطيف چئي چائر ڪيو چاڙهين،
پلاءُ نه پاڙين عمر! آراڙي سين.
يا وري
جيها جي تيها مون مارو مڃيا،
مون جيڏيون ملير ۾ چونڊن موڪ مها،
منهنجي آهه اها، ڪڏهن ڪيرائيندي ڪوٽ کي.
ساڳئي نموني ڀٽائي جو سُر سامونڊي پڙهڻ کانپوءِ هي اسان کي سمنڊ تي بيٺل، ٻيڙن سان گڏوگڏ هلندڙ محسوس ٿئي ٿو، وڻجارن جي ونين جي درد کي ان ساڳي ئي ڪيفيت ۾ بيان ڪري ٿو، جيڪو اهي محسوس ڪن ٿيون ۽ جنهن جي شدت وچان هو دانهون ڪن ٿيون:
نه سي تڙ هوڙاڪ، نه وايون وڻجارن جون،
سرتيون! سامونڊين جا اڄ پڻ چڪيم چاڪ،
مارينم فراق، پاڙيچئون! پرين جا.
مطلب ته ڀٽائي جا سمورا سُر سندس مشاهداتي اک جي ڪمال کي ظاهر ڪن ٿا، پوءِ اهو سُر ليلا چنيسر هجي، مومل راڻو هجي، گهاتو هجي، سورٺ هجي، کاهوڙي هجي، پرڀاتي هجي، ڏهر هجي يا رامڪلي هجي. سُر ڪيڏاري ۾ سندس احساسن کي پڙهي ائين محسوس ٿئي ٿو ڄڻ شاهه سائين پاڻ ڪربلا جي ميدان ۾ بيٺل هجي ۽ اهي دردناڪ منظر هن اتي بيهي ڏٺا هجن:
ڪامل ڪربلا ۾ آيا جنگ جوان،
ڌرتي ڌٻي، لرزي، ٿرٿليا آسمان،
ڪرهه هئي ڪان، هو نظارو نينهن جو.
ڀٽائي سائين جي رسالي تي هينئر تائين خبر ناهي ڪيترا محقق تحقيق ڪري چڪا آهن ۽ تحقيق ڪري رهيا آهن، پر ڪوبه ڀٽائي جي شاعري جي سڀني پاسن کي سمجهي نه سگهيو آهي. سندس شاعري جي گهرائي ايتري ته اونهي آهي، سندس خيال ايترا ته وسيع آهن جو ڪيڏي به ڪوشش باوجود هر تحقيق اڌوري ۽ اڻپوري رهجي وڃي ٿي. لطيف سائين پنهنجي سوچ ۾، پنهنجي سمجهه ۾ ۽ پنهنجي پيغام ۾ انتهائي اوچو نظر اچي ٿو. سندس شاعري دنيا جي مختلف زبانن ۾ ڌڙا ڌڙ ترجمو ٿي رهي آهي ۽ پوري دنيا اهو اعتراف ڪرڻ تي مجبور آهي ته شاهه سائين دنيا جو وڏو شاعر آهي، اصل ۾ لطيف سائين انسانيت جو شاعر آهي.

1 comment:

  1. بھترين لکڻي ـ بيشڪ شاہ صاحب انسانيت جو شاعر آھي ـ

    ReplyDelete