شبنم گل
ڀٽائي جي تصوراتي سگهه!
شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعريءَ ۾ حواس
خمسه جي بهترين مشاهدن تي مشتمل زندگي ۽ سنسار جو ڳوڙهو اظهار آهي، فن ۽ فڪر جون مختلف
صورتون لاشعور جي وسيع دنيا جو عڪس آهن. اها دنيا مخفي، پراسرار ۽ حيرت ۾ مبتلا ڪندڙ
آهي. تصوف جي حوالي سان روحانيت جو مظهر پڻ، شعوري سطح تي ٿيندڙ ڄاڻ، مشاهدو ۽ تجربو
آهي. اهڙي مشاهدي لاءِ ضروري آهي ته جسم، ذهن ۽ روح ۾ ويجهڙائي هجي. ان خيال کي ڀٽائي
پنهنجي مختلف شعرن ۾ ورجائي ٿو. اخلاقي فلسفي جا ماهر جوزف بٽلر ۽ جي اي مور جي خيال
مطابق سوچ جو صحيح رخ، خاص انساني اخلاقي صلاحيت تي دارومدار رکي ٿو. سندن خيال آهي
ته مشاهداتي سگهه ئي وجداني ۽ منطقي اصولن جو مجموعو آهي، جنهن لاءِ ذاتي تجزيو ۽ خالص
پرک جو معيار گهربل آهي. ساڳئي نموني ڪانٽ مطابق ڄاڻ کي وجداني ڪيفيت وسيلي سمجهي سگهجي
ٿو. ان خيال جي ڀرپور ترجماني شاهه سائين جي هن شعر ۾ بيان ٿيل آهي.
اکر پڙهه الف جو، ورق سڀ وسار،
اندر تون اجار، پنا پڙهندين ڪيترا.
اندر جو اجارڻ هڪ واجداني ڪيفيت آهي. وجدان
جو مطلب اهو آهي ته اڳواٽ شين جي حقيقت جي پروڙ پئجي وڃي، يا ماڻهوءَ کي اڳواٽ مستقبل
۾ ٿيندڙ واقعن جو علم ٿئي. اها علم ۽ عمل جي هڪجڙائي آهي. علم کي عمل جي پهچ گهرجي،
جنهن لاءِ علم کي صحيح نموني سمجهڻ جي ضرورت آهي. جديد نفسيات ۽ مابعداز نفسيات جو
بنياد پڻ ان سوچ تي ٻڌل آهي.
Intuition يا وجدان خوابن
جو هڪ اهم حصو ٿئي ٿو، انهن خوابن جي ترجماني جديد نفسيات بخوبي ڪئي آهي. مثال البرٽ
آئنسٽائن پنهنجي جڳ مشهور ٿيوري آف ريليٽوٽي کي ننڍپڻ جي خواب سان منسوب ڪري ٿو. اها
ان وقت جي ڳالهه آهي جڏهن هو رياضيءَ جي مضمون ۾ فيل ٿيو هو، ۽ سندس والدين کيس پلمبر
جو ڪم سکڻ لاءِ زور ڀرڻ لڳا. اهو دور آئنسٽائن لاءِ ڏکيو هو، انهن ڏينهن ۾ هن خواب
ڏٺو ته هو ۽ سندس دوست رات جو برف سان ڍڪيل پهاڙ تي ترڪي رهيا هئا، وري مٿي چڙهي هيٺ
لهڻ لڳا. ان مهل کيس اندازو ٿيو ته سندن رفتار روشنيءَ جي رفتار کان تيز ٿيندي پئي
وڃي. ان گهڙيءَ هن مٿي نهاريو، جتي ستارا مختلف رنگن ۾ ويڙهيل هئا، جيڪي کيس اڳي ڪڏهن
به نظر نه آيا. آئنسٽائن جو چوڻ آهي ته ”منهنجو سمورو سائنسي ڪيريئر ان خواب جو ثمر
آهي، جنهن تي مان مستقل غور و فڪر ڪندو رهيس.“ جديد نفسيات جي باني ماهرن فرائڊ، ڪارل
يونگ، جيمز هلمين ۽ ميڊراڊ باس ان ڏس ۾ وجداني خوابن تي اهم ڪم ڪيو آهي. مثال طور ڀٽائيءَ
جي شاعريءَ ۾ پاڻيءَ جو ذڪر جابجا ٿيل آهي، اهي درياهه يا سمنڊ پنهنجي وسعت ۾ گهري
تمثيلي معنيٰ رکن ٿا.
انهن علامتن تي سائيڪولوجي ۽ پيرا سائيڪولوجي جو مشاهدو ۽ نتيجا
ويجهو تعلق رکن ٿا. جيئن ماهر نفسيات هلمين خوابن ۾ پاڻيءَ کي ڏسڻ واري مشاهدي کي هن
ريت بيان ڪري ٿو: پاڻيءَ ۾ جڏهن اسان داخل ٿيون ٿا ته اسان پرسڪون حالت ۾ پاڻ کي محسوس
ڪيون ٿا، ذهن جون رڪاوٽون دور ٿي وڃن ٿيون ۽ ذهن کي سوچ جا نوان رستا ملي وڃن ٿا. خواب
۾ پاڻي ڏسڻ جو مطلب آهي ته هڪ نئون ماحول، عقيدو، سوچ جو نئون رخ، نئين رشتي جي شروعات
جنهن ۾ اسان جون پراڻيون بنا لچڪ سوچون جذب ٿي وينديون. سندس خيال مطابق انساني روح
پاڻيءَ ڏانهن ڇڪ ان ڪري محسوس ڪندو آهي، جو کيس ان جي ڀوائتي ڄار کان نفرت هوندي آهي.
ڀٽائي وٽ ڪمال جي تصوراتي سگهه، خيال جي گهرائي ۽ وجداني صلاحيت موجود آهي، جنهن سندس
شعر کي امرتا بخشي آهي. ڀٽائي امن، محبت، برابري ۽ ڀائيچاري جا خواب ڏسي ٿو. ساڳيءَ
ريت وليم بليڪ جا خوابن جا ذاتي مشاهدا آهن، جن کي هن پنهنجي شاعري ۽ تصويرن جو موضوع
بڻايو آهي. سندس فن ۽ ذڪر ذاتي مشاهدن تي ٻڌل آهي. چيو وڃي ٿو ته وليم بليڪ جڏهن ننڍو
ٻار هو ته ڪڏهن سامهون ته ڪڏهن خوابن ۾ فرشتا ڏسندو هو. جوانيءَ ۾ کيس روحاني وجود
هوا ۽ مٽيءَ جي خوشبوءِ ۾ ساهه کڻندي محسوس ٿيندو هو. سڄو لحظي جي سوچ جي عرفان جو
ڪمال آهي. جيئن شاهه سائينءَ جي شاعريءَ جو فلسفو سچ، سونهن ۽ ساڃهه جي ان نرالي رمز
جي چوڌاري ڦري ٿو، جيڪا اڄ جديد اخلاقي فلسفي، ميٽافزڪس ۽ پيراسائيڪولوجي جو نچوڙ آهي.
ڀٽائيءَ جي وجداني ساڃهه صديون اڳ ان سچ جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي هئي، جنهن اڄ جديد دنيا کي
سوچ جا نوان دڳ عطا ڪيا آهن.
پڙاڏو سو سڏ وَرُ وائيءُ جو جي لهين،
هئا اڳهين گڏُ، ٻڌڻ ۾ ٻه ٿيا.
ساڳيءَ ريت وليم بليڪ دنيا کي واريءَ جي
ذري ۾ پسي ٿو ۽ آسمان کيس جهنگلي گل جيان ڀاسي ٿو. لامحدوديت مٺ ۾ سمائجي سگهي ٿي
۽ دائميت چند گهڙين ۾. شاهه ڀٽائيءَ ۽ وليم بليڪ خيال کي زمان و مڪان جي حدبندين کان
آزاد سمجهن ٿا،. توڙي ڀٽائي وليم بليڪ کان هڪ صدي اڳ پيدا ٿيو هو، پر سندس سوچ، خيال
۽ احساس جي اڏام ايندڙ صدين تائين ڦهليل آهي. ان جو سبب اهو هو ته ڀٽائي لمحي جي الهامي
ڪيفيت کان واقف هو. ڌرتيءَ جا مختلف ڪيمائي اثر، لهرن جي قوت، مختلف وقتن جي طبعي
۽ روحاني ردعمل جي مشاهدي ڀٽائيءَ کي هن زندگي ۾ سنسار جي سچ آڏو اچي بيهاريو، ڇو ته
فطرت جي زندگيVibrational
force (متحرڪ لهرن) جي قوت سان ڀرپور آهي. انساني حساسيت يا ڏاهپ زمين
۽ آسمان جي مخفي قوتن سان رابطي ۾ رهي ٿي، ڇو ته توانائي جو محرڪ انساني جسم به آهي،
جيڪو فطرت ۽ ڪائناتي لهرن کي پنهنجي اندر جذب ڪندو رهي ٿو. اهو انساني رابطي جي سگهه
تي منحصر آهي ته هو طبعي توانائي کي فطري توانائيءَ سان ڪئين ٿو يڪجا ڪري. ڀٽائيءَ
جي شعر ۾ زمين کان آسمان تائين بظاهر فطرت جا انيڪ مثال موجود آهن. انهن فطري مثالن
کي انساني زندگيءَ سان ملائڻ جو هنر شايد ئي ڪنهن ٻئي شاعر وٽ موجود هجي. فطري تمثيلون
هن ريت آهن، ”وليون واس ورنيون“ (خوشبودار وليون) کٿوريءَ ڏار (مهڪندڙ شاخ) سڄڻ ماکيءَ
منڌ (ماکيءَ جهڙو مٺو سڄڻ) چوٽا ڀرَي ڪَپوُر (چندن سان واسيل وار) کاري کيڙائو (کارو
سمنڊ جهاڳيندڙ) تازي ڦُلَن هيرَ (تازن گلن جي عادت) سَرَ نِسِرِيا پاندَ (سر جي سلن
جو ڳڀ) عشق عميق جو (سمنڊ جهڙو گهرو عشق) وغيره جهڙيون منفرد تشبيهون موجود آهن.
صوفي داخلي دروازي ذريعي زندگي ۽ هن وايومنڊل
جي حقيقت پرکي ٿو زندگي جي مشاهدي ۽ تجربن جو انحصار داخلي روين تي منحصر ٿئي ٿو. کوجنا
جي ان سفر ۾ زمان و مڪان جي ڪا به اهميت نه آهي، بقول شاهه صاحب جي: ”سڀ سڀوئي حال،
منجهان ئي معلوم ٿئي“. ڀٽائي پنهنجي شاعريءَ وسيلي خيال جي جنهن طاقت جي ڳالهه ڪري
ٿو، اها پيراسائيڪولوجي جي مختلف شاخن جو بنياد آهي. اڄ ريڪي، فينگ شوئي، ڪوانٽم فزڪس،
ٽيلي پيٿي ۽ مائنڊ پاور سائنس به اهو ئي ڪجهه پئي ٻڌائي، جيڪو سنڌ جي هن عظيم شاعر
ڪجهه صديون اڳ پيغام ڏنو. اهي سمورا علم انساني وجود جي وحدت جي چوڌاري ڦرن ٿا. روشني
جيڪو سفر سال ۾ طئي ڪري ٿي، (ٻين لفظن ۾ هڪ لک ڇهاسي هزار ميل في سيڪنڊ جي رفتار طئي
ڪري ٿي) سج کان زمين تائين ڏيڍ سئو ميل فاصلو طئي ڪرڻ ۾ ان ڪرڻي کي اٺ منٽ لڳن ٿا.
جڏهن ته ڀٽائي جنهن احساس جي ڳالهه ڪري ٿو، اهو روشنيءَ جي ان رفتار کان به وڌيڪ تيز
آهي، ڇو ته ان خيال وٽ مشاهداتي سگهه آهي، جيڪا ڏات کان ڏاهپ جي منزلن ڏانهن سفر ڪرڻ
جي صلاحيت رکي ٿي. اها ڏاهپ جنهن وٽ اجتماعي شعور ۽ عام ماڻهن جي ڀلائيءَ جا خواب نسرن
ٿا. اڄ جڏهن يورپ جا روحاني ماهر آرٽ آف باڊي ايڪسپيرينس جي ڳالهه ڪن ٿا ته ٻئي پاسي
طبعيات جا ماهر انسان جي ڪوانٽم ٽيلي پورٽيشن (جسم جي بنا سفر جي ٻي جاءِ تي منتقلي)
تي تجربا ڪري رهيا آهن. اهڙي صورتحال ۾ ڀٽائيءَ جي پيغام کان غافل ماڻهو علم ۽ عمل
۾ صديون پوئتي نظر اچن ٿا.
No comments:
Post a Comment