ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي
شاهه لطيف جي شاعريءَ جا
محرڪات
۽ ڄيٺمل
پرسرام جو مطالعو
1947ع
۾ اعلانيل ننڍي کنڊ جو ورهاڱو سنڌ جي قومي وجود لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿيو، جنهن ڪري
آزاديءَ جي فضا ۾ ساهه کڻندڙ ثقافت پابند سلاسل بنجي ويئي. خود اختياريءَ جي راهه
ڏانهن ويندڙ رياست يڪايڪ ”والاريل سنڌ“
۾ تبديل ٿي ويئي ۽ اسان جي البيلي ٻولي جيڪا وطن جي تخت تي براجمان هئي، تنهن کان
وارثيءَ جو حق کسيو ويو. اوچتي ۽ غير متوقع تبديليءَ سنڌي علم و ادب کي ته ڪاپاري
ڌڪ رسايو ، ويتر سنڌي هندن جي لڏپلاڻ ڪري اسين لطيفي ڪلام جا به نُڪته دان ۽ پارکو
وڃائي ويٺاسون، جن مان هڪڙي نمايان شخصيت ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻيءَ جي به هئي. ان
زماني ۾ سنڌ جي علمي ايوانن ۽ سماج جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ سندس تحريرن ۽ تقريرن جو چرچو عام
هوندو هو. هو هڪ اعليٰ ظرف انسان ۽ تهذيبي ۽ انساني قدرن جو ڄاڻو عالم هو، جنهن شاهه لطيف
جي جدت طرازي ۽ انسانيت نوازيءَ کي صحيح طور پرکيو ۽ سندس شاعرانه رنگ ۾ ڍڪيل فن
کي آشڪار ڪيو. ڄيٺمل پنهنجي تنقيدي مطالعي ۾ لطيف جي واٽ جا اهڙا نوان دڳ ڏيکاريا،
جنهن کان اڪثر ٻيا نقاد اڻ سونهان هئا، جنهن ڪري مون کيس “تجديد پسند نقاد” جي
خاصيت سان موسوم ڪيو آهي. لطيفي ڪلام ۾ ڊرامائي عنصر ۽ گهري شعور جي ڳولا سندس
زندگيءَ جو دلپسند موضوع بڻيل رهيو. هن جي جائزي مطابق شاهه لطيف هڪ اهڙو جينيس
تخليقڪار آهي، جنهن جي ڪلام جي روح ۽ ماهيت کي سمجهڻ لاءِ فن جي فطرت شناسيءَ مان
بهره مند هجڻ بنيادي شرط آهي. شاهه جو ڪلام عالمگير سوچ مان جنم وٺي ٿو، جيڪو ايترو
ئي تحيرانگيز آهي، جيترو شاهه جي شخصيت جهان ديد ۽ فن رسا لڳي ٿي.
عمومن هندو نقادن شاهه لطيف جي شاعرانه ڪينواس ۾ جهاتي پائيندي، ڊرامائي
فن ۽ سورما پرستيءَ (Mythology) جي پذيرائي ڪئي آهي، جنهن جي سڀ کان چٽي جهلڪ ڄيٺمل
گلراجاڻيءَ جي ڪاوش ۾ نظر اچي ٿي. شاهه جي فن تي آڳاٽو لکيل
ڪتاب لالچند امر ڏني مل جڳيتاڻيءَ جو ”شاهاڻو شاهه“
آهي،
جو 1914ع ۾ شايع ٿيو. ان ۾ شاهه لطيف جي ڪلام جا مستحسن پهلو تلاش ڪيا ويا
آهن. ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جو ”روح رهاڻ“
به ان
سلسلي جو اهم ڪتاب آهي، جيڪو اٽڪل هڪ ڏهاڪي بعد ادبي ميدان ۾ آيو، جنهن جو روح توڙي رِهاڻ
چارلس ليمب جي ڪتاب ”ٽيلس فرام شيڪسپيئر“
تان
حاصل ڪيل معلوم ٿين ٿا. ٻنهي ڪتابن ۾ ڪهاڻين جي طرز ادا، ٻوليءَ جي سلاست ۽
تهذيب جي حلاوت کان علاوه ڪلاسڪ ۽ رومان جو سهائيندڙ ميلاپ نظر اچي ٿو، جنهن ڪري
ٽيلس فرام شيڪسپيئر انگلينڊ جي جان بنيل آهي ته روح رهاڻ ۾ وري سنڌ جي جند پيل
آهي. پروفيسر نارائڻداس ڀمڀاڻيءَ جو ڪتاب ”شاهه جون سُورميون“
ويهين
صديءَ جي چوٿين ڏهاڪي ۾ شايع ٿيو، جو به پنهنجو مٽ پاڻ آهي. ڪو به ليک چسُ
۽ رسُ کان خالي ڪونهي، پر ڄيٺمل جو انداز بيان هڪ قسم جي وجداني ڪيفيت رکي
ٿو. هن شاهه جي تمثيلن کي نثر۽ نظم جي گڏيل عبارت ۾ جڙي، هڪ بلڪل نئون روپ بخشيو
آهي، ان ڪري هر قصي جو مرڪزي نُڪتو پنهنجي دلپذير ڪلائيميڪس (عروج) تي پهچي، دل کي
ڇهيو وٺي. هو شاعر جي علامتي ۽ اصطلاحي اشاري مطابق ڪردار جي شخصيت اُڀاري ٿو، ۽ ٻوليءَ
جي قديم ڍنگ کي به جديد آهنگ ۾ بدلائڻ ۾ ڪامياب ويو آهي. هندو اديبن جي ڪاوشن جو
اهو نتيجو نڪتو جو اوڻيهين صديءَ جي پڄاڻيءَ کان اڳيئي لطيفي داستانن کي اوپيرا (ڊرامائي
روپ ۾) اسٽيج تي نماءُ ڪرڻ جي رواج زور ورتو ۽ رنگ منچ تي اداڪاريءَ جا ڀرپور
نظارا ٿيڻ لڳا.
سنڌي
مسلمان اديب به شاهه لطيف جي انهيءَ جوهر شناسيءَ کان نا آشنا نه هوندا، پر هنن
شايد ان کي اهم نه ڄاتو، ان ڪري اڪثر لکندڙ پنهنجي اسلوب ۾ هندو اديبن وانگر شاهه جي
محاوري جو حسن پيدا ڪري نه سگهيا. ورهاڱي کان اڳ جا ئي نقاد هئا، جن شاهه لطيف کي
پنهنجي نوعيت جو يگانو شاعر ظاهر ڪري، سندس فن جا عميق ۽ نرالا ڍنگ روشن ڪيا.
انهيءَ
ڳالهه کان ڪو به انڪار ڪو نه ڪري سگهندو ته ڪلاسيڪي شاعري پنهنجي رنگ و بُو ۾
هميشه کان ئي صوفياڻي رهي آهي، جنهن ۾ هيڪڙائي حق يا وحدانيت جو بلند بانگ پرچار
ڪيو ويندو رهيو آهي. ان ۾ دراصل صلح ڪُل جهڙو انسانيت جي ڀلائيءَ جو خيال موجود
آهي. تصوف ويدانت سان مشابهه آهي، جيڪا اصل ۾ ويدن جي ڪَليءَ مان ڦٽي نڪتل آهي. ان
جو ارٿ آهي ته فطري اصولن مطابق زندگي گهارڻ سان آسودگي ۽ امرتا ماڻي سگهجي ٿي.
ڀارت ۾ پيدا ٿيل هر مذهب جي شروع ۾ اها ئي تعليم هئي. ويدانت جي ڦل ماڻڻ لاءِ وري
ايڪانتي عمل يا رياضت کي اختيار ڪرڻ ضروري سمجهجي ٿو ، ان ڪري ته انسان جون
اِندريون سگهاريون ٿي وڃن يعني منجهس لُدني قوتون جاڳي، سندس زندگيءَ ۾ مشعل راه
بنجي وڃن. ٻُڌ ڌرم ۾ به تخليق جو مرڪز وايو منڊل کان ٻاهر ٻي ڪا به هستي نه پر خود
بشر آهي ۽ ان جي سڄي شڪتي سندس من ۾ آهي، ۽ من جون شڪتيون اڀارڻ سان دنياوي ۽
جسماني روڳ ختم ٿي وڃن ٿا. شڪتيءَ جي پيدا ڪرڻ لاءِ وري ڪٺن تپسيائون ۽ ايڪانتي
مشقون ڪرڻيون پونديون آهن، جن جي ڪاميابيءَ سان سالڪ بامُراد ٿيندو آهي. يوگا جو
عمل به انهن مان هڪ آهي. ڏکڻ ايشيا ۾ جڏهن مسلمانن جون فتوحات ٿيڻ لڳيون ته خود
اسلامي مذهب جا مبلغ ويدانت کان متاثر ٿيڻ کان سواءِ رهي نه سگهيا. ان ڪري هندن ۽ ملسمانن کي هڪ
ٻئي جي قريب آڻڻ يا غير مذهب وارن کي اسلام جي حلقي ۾ آڻڻ لاءِ اسلامي عبادات ۽
تقويٰ مان ويدانت سان مماثل تصوف کي تشڪيل ڏنو ويو ۽ اهڙا درويش ۽ فقرا “صوفي” جي
عالمگير نالي سان معروف ٿي ويا. هنن ڀارتي ڌرمن جي ويدانتي عمل ۽ جوڳ تپسيا کي
مراقبي ۽ گوشه نشينيءَ جو رنگ ڏنو ۽ تصوف جي ڪڙين کي ديني محرڪات سان جوڙڻ لاءِ
بنياد ڳولي ڪڍيا. تصوف جي تعليم به اها ئي قرار ڏني وئي ته جسم فاني، روح باقي آهي
۽ فقط تصوف جون چاڙهيون اُڪرڻ سان انسان بقا جي منزل ماڻي سگهي ٿو. 18هين صديءَ
دوران لکيل فارسي تذڪرن ۾ شاعر جي معيار جو تعين به سندس روحاني درجي يا صوفيانه
منزل مطابق ڪيو ويو آهي.
برٽش
راڄ شروع ٿيڻ سان سنڌي ادب ۾ گهڻي ترقي ٿي، جنهن ڪري لطيفي رسالي جي تدوين ۽ تشريح
به وسيع انداز ۾ ٿيڻ لڳي، پر وري به سنڌ جي ذهين طبقي صديون پراڻن روحاني قدرن سان
پنهنجو ڳانڍاپو مضبوط جوڙي رکيو، تنهنڪري سنڌي هندو توڙي مسلمان نقادن جي ورتانت (treatment) ۾ ڪو به
وڏو فرق نٿو ڏسجي. هنن شاهه جي شاعريءَ کي فقط تصوف جي آئيني ۾ ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي ۽
ڪلام جي جستجو ڪندي رڳو عشق حقيقي يا معرفت جا باريڪ نُڪتا بيان ڪرڻ تي اڪتفا ڪئي
اٿن، جنهن کي عام معنيٰ ۾ روحاني رمزون چيو وڃي ٿو. دراصل ان وقت جون معروضي
حالتون به اهڙيءَ سوچ کي اُڀارڻ ۾ مددگار رهيون. خاص ڪري ايني بيسينت جي ٿياسافي (THEOSOPHY) (مذهب
گاڏڙ فلاسافي) کي سنڌ جي باشعور طبقي دل و جان سان قبوليو ۽ ساڳي تحريڪ هندن ۽
مسلمان ليکڪن ۾ هم خيالي يا يڪ رنگي پيدا ڪرڻ جو ڪارڻ بني. ڄيٺمل پرسرام جيتوڻڪ
سچو ٿياسافسٽ ۽ ان هلچل جو پُرجوش روح روان هو، تنهن هوندي هن جي تنقيد جو محور
ڪنهن هڪ نُڪتي جي چوڌاري گردش نٿو ڪري. هن شاهه جي ڪلام جي تشريح ڪندي، وحدانيت جي
خيال کي جيتوڻڪ پروان چاڙهيو آهي، پر سندس جمالياتي نگاهه تمام دور کيس اهڙي هنڌ
وٺي وڃي ٿي، جيڪو ويدانت ۾ نا معلوم آهي. ائين لڳي ٿو ته نقاد جي سوچ يوناني فلسفي
جي سرحدن ۾ داخل ٿي وڃي ٿي. فلسفو تصوف يا ويدانت کان هڪ بلڪل جداگانه وشيه آهي.
مذهب جي جڙ اعتقاد ۽ يقين تي ٻڌل آهي. ويدانت ۾ آتما پرماتما جي ماتحت هلي ٿي،
ساڳيءَ طرح تصوف ۾ ”فنا في الله“
جو خيال سمايل آهي، پر انهن ٻنهي جي برعڪس فلسفو انڪار ۽ شڪ مان جنم وٺي ٿو، جنهن
مان اڳتي هلي سائنس جهڙو لاڀدائڪ علم وجود ۾
آيو، جنهن جو بنياد تجربي ۽ سچائيءَ تي رکيل آهي. ان جي عالمگير تصور ۾ بلا تفريق
انساني ڀلائيءَ جو تصور سمايل آهي. ڄيٺمل پرسرام جو ذوق جمال، شاهه جي ڪلام کي
نفسياتي سيما جي باريڪين ۾ ڳوليندي، هڪ ظاهرانه نگاهه وجهي ٿو، جنهن ڪري شاهه جي
شعر جي منورتي ٻين صوفي ۽ ويدانتي شاعرن کان بلڪل مختلف نظر اچي ٿي. هن سنڌ جي
سُورما پرستيءَ کي ڳايو، پر ان ۾ سندس مقصد صرف انسان جو آزاد جيئاپو، عوام دوستي
۽ وطن جي قومي روايتن ۾ روح ڦوڪڻ آهي. لطيفي ڪردار نيم تاريخي هوندي به ذهني تخيل
جي پيداوار لڳن ٿا، جي اهڙي يوٽوپيائي وطن جي جستجو ۾ آهن، جنهن ۾ هو انساني قدرن سان
آزاد زندگي گهاري سگهن. انهيءَ نُڪتي کي نگاهه ۾ رکندي، ڄيٺمل شاهه جي سُرن ۾
سمايل MYTH جي روايتي
تصوف کان هٽي ڪري وسيع تناظر ۾ کول ڪئي آهي ۽ ان کي هڪ جاودان معنيٰ بخشي آهي.
اسان
جي شاعر ڪائناتي تخليق جو اگهاڙيءَ اک سان مشاهدو ڪيو ٿو ڏسجي، جنهن جو رنگا رنگ
عڪس نقاد “شاهه جون آکاڻيون” ۾ چٽيو آهي. هن کي لطيف جا ڪردار به قديم يوناني ادب
جي ديو مالائي ڪردارن وانگر محسوس ٿين ٿا. تمثيلون پڙهڻ سان جمهوري روح جو اٿاهه
بحر من ۾ ڇوليون هڻڻ لڳي ٿو. نه رڳو ايترو پر باطن ۾ اندر جو آواز آنڌ مانڌ مچايو
ڇڏي. هر آکاڻيءَ جي انت مان اهو ئي احساس ملي ٿو ته عورت ۽ مرد جي هڪ ٻئي ڏانهن
ڪشش فطري جبلت آهي، جنهن ۾ ڪائنات جو حسن سمايل آهي. سسئي هجي يا سهڻي، مومل هجي
يا سورٺ، سڀئي فطرت طور مائل هجڻ باعث هيجان ۾ مبتلا آهن. هر ڪردار باوجود آنهن ۽
نانهن (being
and nothing ness) جي، گرداب مان وڏي آزمائش جي بعد آجو ٿئي ٿو. اڪثر بيتن ۾ روح ۽
جسم جي تڙپ اڀاريل آهي ڄڻ ته ٻن صنفن جي ميلاپ سان تخليق انجام پائي ٿي ۽ انسانيت
۾ سُونهن ۽ نکار ڀرجي پوي ٿو. ڄيٺمل جي قلم سان چٽيل فني دنيا ۾ جهاتي پائڻ سان
معلوم ٿيندو ته شاهه لطيف جي شعري اُڏام سورمين جي خيال ۽ ڪردار سان ٻڌل آهي ۽
لطيفي ڪلام جي معنويت ۾ تخليق جي آغاز ۽ ابد جي جستجو آهي، جنهن جو ادراڪ عورتا
زاد (FEMINISM) مان
اڀاريو ويو آهي. ڪلام جو سمورو ويچار واد عالم نسوانيت سان گردش ڪندي پسجي ٿو.
ڪائنات جي اوسر هميشه کان ئي ”حوادث“
سان سلهاڙيل رهي آهي ۽ هر ڀيري گرم ۽ سرد جي ٽڪراءَ مان زندگيءَ جو نئون روپ صورت
پذير ٿيندو رهيو آهي. ساڳيءَ ريت ازل کان ديوي سمان عورت به پنهنجي هم دوش پويان
سرگردان رهندي اچي، ۽ سندس عشق جي تڪميل به تڏهن وڃي ٿئي ٿي، جڏهن سُور جو احساس
سُرور ۾ بدلجي وڃي ٿو.
ڄيٺمل
جي مطالعي مان ظاهر ٿئي ٿو ته شاهه جي ڪلام ۾ تصوف کان وڌيڪ جمهوريت جو لقاءُ (PHENOMENAN) آهي. ننڍي
کنڊ ۾ صدين کان عوام جو ذهن توڙي عمل فقط تصوف جي کوکلي نقاليءَ ۾ غلطان رهندو آيو
هو ۽ انهيءَ راهه جا سالڪ فنائيت جي خوابي لذت ۾ پاڻ کي مبتلا رکڻ ۽ پنهنجي وجود
کي وساري ڇڏڻ لازم سمجهندا هئا. الله لوڪ درويش يا صوفي فردي روح رباني روح سان وصل کان بي
سُرت ٿي ويندو هو. البت صوفيت ڪڏهن ڪڏهن مذهب جو جنوني روپ به اختيار ڪري وٺندي
هئي. مگر شاهه لطيف پهريون ڀيرو رائج الوقت روايت کان هٽي ڪري، هڪ نئين تصوف کان
واقف ڪرايو، جنهن ۾ تهذيبي روح ۽ جمهوري اسپرٽ اُڀاريل هو. هن وٽ تصوف وجوديت جي
لذتيت کان آگاهي ڏيندڙ حقيقي امر هو.
شاهه
جو ڪلام فقط تصوف جي رچنا ناهي ۽ نه وري ان کي ويدانت تسخير ڪيو آهي، پر اهو ذوقي وجدان جي تصوير ضرور آهي.
شاهه لطيف جي شاعري تاريخي، واقعاتي ۽ افسانوي پس منظرن مان جنم وٺي ٿي، جنهن ۾ هڪ ئي وقت مشرقي ۽ مغربي
جُزئيات جو رنگ شامل آهي. ان ۾ ايراني ۽ هندي افڪار جو رنگ هڪ طرف چٽيل آهي ته ٻئي
طرف مغرب جي اوپيرا ڊراما جو عڪس نمايان نظر اچي ٿو. ڀٽائي حقيقي معنيٰ ۾ هڪ فنڪار
هو. تمثيل نگار هو،. موسيقار هو. سندس موسيقيءَ جي مهارت جي تصديق ڊاڪٽر بلوچ به
ڪئي آهي ته ”شاهه لطيف پهريون شاعر هو،
جنهن ڏکڻ ايشيا اندر سڀ کان اول ڀٽ شاهه ۾ موسيقيءَ جو باقاعدي ادارو قائم ڪيو.“
شاهه لطيف رومانوي ۽ بهادرانه نيم تاريخي قصن کي من موهيندڙ تخيل ۾ تبديل ڪيو آهي،
جن ۾ شاعر جي تخيل جو عڪس چٽيءَ طور نظر اچي ٿو. شاهه لطيف في نفسه ڪو تاريخدان ڪو
نه هو، ۽ نه وري سندس مقصد تاريخ نويسي هو. سندس ڪردار فقط جذبات تي نغمه زن آهن ۽
شاعرانه تخيل جو پيش خيمو آهن. شاهه يوناني مفڪرن وانگر خواب ڏٺو، جنهن لاءِ هن
پنهنجي تمثيلن لاءِ آزاد نفوس تخليق ڪيا، جن ۾ هن پنهنجي ڌرتي، پنهنجي وطن ۽
پنهنجي ماڻهن لاءِ روح ڦوڪيو. اسان جو شاعر ڄڻ لوڪ تاريخ جو نگاهه بين هو، جنهن
حال تي هٿ رکي، ماضيءَ ۾ جهاتي پائي، پيڙائن جا احساس جهٽيا آهن. هو ڄڻ ته سنڌ جي
دردن جو اوتار ٿي اڀريو. ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته ارڙهين صديءَ ۾ شاهه لطيف جي شاعري مڪمل
طور ادبي روح جي ترجمان ثابت ٿي. شاهه لطيف جو شاعراڻو تجربو ڄڻ ته ماضيءَ جي لطيف
فنن جي تجديد هئي، اهو ئي سبب آهي جو لطيف جو تصوفانه خيال، عوامي جذبات نگاري ۽
رومانس جي مليل جليل عڪس ۾ جهڪو ٿيل آهي.
سوال
ٿو پيدا ٿئي ته شاعرِ سنڌ آخر به احساس ۽ جذبات کي اظهارڻ لاءِ فقط صنف نازڪ کي
پنهنجي فڪر جو مرڪز ڇو بنايو؟ ان لاءِ مفڪرن جو خيال آهي ته انساني نفسيات يا اندر
جي لوڙ ۽ ڪشمڪش عورت جي واتان زياده اثرائتي انداز سان نروار ٿئي ٿي! ڄيٺمل پرسرام
جي مطالعي جو به اهو ئي تت آهي ته تمثيلن جي ذريعي شاعر دراصل فرد جي نفسيات ۾
جبلتي حقيقت جو انڪشاف ڪيو آهي، جنهن ڪري شاهه لطيف زبردست فطرت شناس فنڪار ڪري
ليکيو ويو آهي. جيئن آسمان ۽ ڌرتي کليل آهن، تيئن عورت توڙي مرد ڍڪيل نٿو رهي
سگهي. دراصل شاهه لطيف جا ڪردار پنهنجي مڪالمن ۾ انساني وجود جي دٻيل خواهشن کي
عيان ڪن ٿا. اهو ئي سبب آهي ته لطيفي ادب ۽ آرٽ کي ڊرامائي روپ ۾ آڻڻ جو رواج
ورهاڱي کان اڳ عام ٿي ويو ۽ رسالي جي ڪنهن به سُر جي بيتن سان نثري مڪالما ڳنڍي،
ان کي اوپيرا جي روپ ۾ اسٽيج ڪيو ويندو هو. ان ڪري فن جا
دلداده هڪ ته لطيفي ڪلام جي روح مان محظوظ ٿيندا هئا، ٻيو ته نئين نسل ۾ شاهه جو
ڪلام به مقبول پئجي ويو.
No comments:
Post a Comment